3
اهو به تلهار جي 1970ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن جي ڳالهه آهي ته ڪراچي مان نڪرندڙ انهي وقت جي سنڌ جي مقبول سنڌي اخبار هلال پاڪستان جيڪا مشهور اديب سراج الحق ميمڻ جي ايڊيٽري هيٺ نڪرندي هئي. انهي اخبار جي مختلف صفحن ۽ ڪالمن ۾ آءُ به ٻاراڻي ادب جي لکندڙ طور حصو وٺندو هوس هلال پاڪستان ۾ روزانه هڪ ڪالم جهاتيون به شايع ٿيندو هو انهي ڪالم جهاتيون جو انچارج عبدالڪريم سعدي هو انهي ڪالم ذريعي سنڌ جي اڀرندڙ نوجوانن ۾ وڏو ادبي چاهه وڌو هر روز مختلف عنوانن تحت اسان جون لکڻيون به شامل هونديون هيون عبدالڪريم سعدي انتهائي محنت وارو ۽ ٻارڙن ۾ ادبي ذوق ڏيندڙ ماڻهو هو هن پنهنجي ڪالم ۾ ڪيترن ننڍن ٻارڙن ۾ اڀرندڙ نوجوانن ۾ ادبي ذوق وڌو ۽ مختلف ڳالهيون شامل ڪري اسان جي نالي سان شايع ڪيون هفتي ۾ هڪ ڏينهن قلمي دوست جو ڪالم به هوندو هو انهي ڪالم ذريعي سڄي سنڌ جي ٻارڙن توڙي نوجوانن قلمي دوستي ذريعي دوستي ڪئي جئين ته آءُ جهاتيون ڪالم جي هر روز مختلف عنوانن ۾ شامل ٿيندو هوس ۽ تقريبا هر روز انهي ڪالم جو ريگيولر لکندڙ جي حيثيت سان انهن چند ماڻهن ۾ شامل هوس جن جو نالو ڪنهن نه ڪنهن مواد ذريعي شامل ٿيندو هو . قلمي دوستي جو ڪالم ايڏو ته مشهور ٿيو جو سڄي سنڌ ۾ شهرت ماڻي منهنجا به ڪئي قلمي دوست، روبرو ملاقاتون ڪري سٺا دوست ثابت ٿيا ۽ مون به ڪيترن ئي قلمي دوستن سان ملاقاتون ڪيون ۽ دوستي نڀائي.
اڳتي هلي عبدالڪريم سعدي اهي قلمي دوستن جي ميمبر شپ ڪئي ۽ هڪ اليڪشڻ ڪرائي جنهن جي صدارت لاءِ ٺٽي جي مظفر علي وينجهر جو مقابلو ڪيو چند نالا ياد ٿا اچن مون کان سواءِ جهاتيون ڪالم ۾ لکندڙ تلهار جا محمد منير، مجاهد بلوچ، شمشير خواجه، قربان جمالي، عالم جمالي، ٺٽي جا مظفر علي وينجهر ۽ ائين سڄي سنڌ جا نوخيز نوجوان لکندا هئا. سچ پچ مختلف ڪالمن ۽ صفحن ۾ عبدالڪريم سعدي چاه وڌو اها اليڪشن سڄي سنڌ جي تقريبا ٻه اڍائي سو ميمبرن تي مشتمل ووٽن جي حساب سان ڪرائي وئي جيڪا مظفر علي وينجهو مقابلي ۾ صرف ڇهن ووٽن تان هارائي . عبدالڪريم سعدي پنهنجي اليڪشن جو نيتجو ٻڌائيندي چيو ته مظفر علي وينجهو کي صرف ٺٽي مان 50، 60 ووٽ مليا جڏهن ته تلهار جي اقبال بلوچ کي تلهار مان صرف 3 ووٽ (ميمبر ئي 3 هئا) باقي سڄي سنڌ مان ووٽ مليا آهن . بهرالحال نتيجي موجب آءُ ڇهن ووٽن کان هارائي ويس هن جي حلف برداري جي شاندار تقريب هلال پاڪستان اخبار جي آفيس ڪراچي ۾ ٿي تڏهن مون پهريون دفعو ڪراچي ڏٺي هئي .
تلهار جي پوسٽ آفيس
جيئن ته هلال پاڪستان جي جهاتيون ڪالم جو ذڪر ڪندي قلمي دوستي جو ذڪر ڪيم آءُ مختلف اخبارن ۾ لکندو هوس ۽ سڄي سنڌ مان قلمي دوستي جا ڪيترائي خط ايندا هئا انهي حساب سان آءُ تلهار جي پوسٽ آفيس ۾ ڄاتل سڃاتل نالي سان مشهور ٿيس هن وقت تلهار ۾ پوسٽ مين قاسم کٽي هوندو هو ۽ پوسٽ ماسٽر مير حسن جتوئي ۽ پوءِ محمد نواز جتوئي جن هئا جيئن ته آءُ پوسٽ آفيس ۾ هر روز ڪانه ڪا پوسٽ کڻي پوسٽ ڪرڻ ايندو هوس ۽ ڪيترن جا خط کڻي ايندو هوس ۽ ٻي ڏينهن انهن دوستن جي خطن جا جواب پوسٽ ڪرڻ ويندو هوس انهي روز جي اچ وڃ سبب قاسم کٽي ۽ نواز جتوئي منهنجا ته يار ٿي ويا انهي زماني ۾ تلهار ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا جو قيام به عمل ۾ آيو تلهار جي ڪيترائي نوجوان ادبي سنگت ۽ سگا جا ميمبر ٿيا سگا جو پهريون چئيرمين سائين شمس الدين ميمڻ ۽ ادبي سنگت جو پهريون سيڪريٽري سائين نياز محمد جتوئي هو.
تلهار ادبي سنگت جي گڏجاڻي هر هفتي تلهار پوسٽ آفيس جي ڀرسان پوسٽ ماسٽر کي مليل ڪوارٽر ۾ ٿيندي هئي محمد نواز جتوئي هن وقت تلهار پوسٽ آفيس جو انچارج هو جيئن ته آءُ ذڪر ڪري آيو آهيان ته نواز جتوئي منهنجو گهڻگهرو دوست ٿي ويو هو روز ڪچهريون ٿينديون هيون ادبي ڪتابن جو مطالعو آءُ ڪندو هوس وري جو ادبي سنگت جون گڏجاڻيون شروع ٿيون ته لکڻ جو رجحان به ٿيڻ لڳو هر هفتي ڪانه ڪا لکڻي آءُ لکندو هوس ڪڏهن شاعري ته ڪڏهن ڪهاڻي پر ادبي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻي ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ آءُ پنهنجي لکڻي نواز جتوئي کي ضرور ڏيکاريندو هوس ۽ هو شاعري ۾ اصلاح ڪري ڏيندو هو ۽ اصلاح ٿيل مواد کي وري لکي پوءِ پيش ڪندو هوس اهڙي طرح محمد نواز جتوئي منهنجي ادبي لکڻين جو پهريون استاد هو اهڙي طرح مون کي ادبي ميدان ۾ اچڻ جو شوق پيدا ٿيو اڄ آءُ الله پاڪ جي مهرباني سان چار ڪتابن جو لکندڙ آهيان ۽ پنجون هي ڪتاب زيرِ قلم آهي.
ادبي سنگت جو ادبي لڏو (1970_80 جي ادبي ياد)
1970 ۽ 1980ع ڏهاڪي جي وچ واري عرصي ۾ تلهار ۾ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ۽ ادبي ڪچهريون عروج تي هونديون هيون ۽ گڏوگڏ سنڌ گريجوئيشن ايسوسئيشن ۾ تلهار جي نوجوانن ۾ وڏو چاهه ۽ اُتساهه ڏٺو ويو سنڌي ادبي سنگت جي پهرين باڊي ۾ آءُ انفارميشن سڪيريٽري ۽ پوءِ جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجي آيو هوس سگا جي پليٽ فارم تي آءُ جوائنٽ سيڪريٽري ٿي رهيس ساس تلهار جو جوائنٽ سيڪريٽري هوس پر سيڪريٽري جي حيثيت ۾ ڪيترائي سال ڪاروائي مون هلائي جو سائين شمس الدين ميمڻ ۽ سائين نيازمحمد جتوئي سگا جي ڪمن ڪارن ۾ مصروف هوندا هئا. ساس تلهار ۾ جيڪي اديب، شاعر ۽ ادب دوست ماڻهو شامل ٿيندا هئا انهن مان جيڪي نالا ياد پون ٿا اهي هي هئا.مسائين شمس الدين ميمڻ، سائين نياز محمد جتوئي سائين غلام رسول افڪار، ساحر پريمي، ناصر بلوچ، نبي بخش ڪلهوڙو، فتح علي حليم، محمد نواز جتوئي ، حق نواز جوڻيجو، ڌڻي بخش چرياڻ، انور پنجواڻي، شمشير پنجواڻي، پريتم پنجواڻي، فريد چانڊيو، محمد منير بلوچ، قربان جمالي، عالم جمالي، بشير لغاري، حميد جعفري، بابل غلام حيدر، مير حسن جتوئي، فضل حسين عاجز خواجه، مشتاق خواجه، لگڌير هريجن، ٽلو مل چارڻ، سائين عزيز خواجه ، خادم ٽالپر، لياقت علي خواجه ۽ ٻيا به ڪيترائي مون (راقم الحروف) سان گڏ.... باقائده طور هفتيوار گڏجاڻي مختلف جاين تي ٿيندي هئي ۽ هن هڪ دفعو بهترين شاخ جو ايوارڊ به مرڪز مان حاصل ڪيو هو.
سگا جي اکين جي ڪئمپ (1980 جي سُريلي ياد)
تلهار ۾ 1979، 1980ع ڌاري سگا تلهار طرفان پندرهن روزه اکين جي ڪئمپ قائم ڪئي وئي انهي باڊي ۾ آءُ انفارميشن سيڪريٽري هوس مون انهي ڪئمپ ۾ رات ڏينهن ڪم ڪيو هو مون سان گڏ لياقت علي خواجه شايد جوائنٽ سيڪريٽري هو هن وقت ڪم ڪرڻ جو اسان ۾ جنون هو تلهار جي انهي اکين جي ڪئمپ سڄي سنڌ ۾ مشهوري ماڻي هئي افتتاحي ۽ الوداعي تقريب شاندار ٿي هئي جنهن ۾ مرڪزي قيادت محترم سليمان شيخ جي قيادت ۾ شريڪ ٿي هئي .
ڳوٺ علي مراد چانڊيو (1975_76 جي اڻ وسرندڙ ياد)
آءُ مختلف بابن ۾ علي احمد چانڊيو ۽ هن جي فيملي جو ذڪر ڪري آيو آهيان هن جو ڳوٺ علي مراد چانڊيو جيڪو بدين کان ڪڍڻ واري رستي نندو شهر کان اڃان به اڳتي ڪچي ۾ هو سواءِ پنهنجي گاڏي جي هتي پهچي نه سگهبو هو هن فيملي سان اسانجي فيملي جا مرڻي، پرڻي، ڀت ڀائي، وارا گهرا تعلقات هئا تلهار واري گهر ۾ آءُ علي احمد چانڊيو جي گهر سدائين ايندو ويندو هوس هن جي فيملي مون کي دل سان پيار ڪندي هئي آءُ انهن جو پيار ڪڏهن ڪونه وساري سگهندس انهي فيملي مان علي احمد چانڊيو جو ڀائيٽو علي نواز چانڊيو منهنجي هم عمر هو ۽ منهنجو ويجهو دوست به هو هونئن ته چڪر چاڙي يا شادي مرادي جي حساب سان هن جي ڳوٺ ڪيترائي دفعا ويو هوس پر هن دفعي آءُ ۽ علي نواز انٽر ڪري چڪا هئاسين علي نواز مون کي ڳوٺ هلڻ ۽ پندرهن ڏينهن رهڻ لاءِ امان کان اجازت وٺي مون کي وٺي ويو سچ پچ ته انهي ڳوٺ ۾ علي نواز جي ماءُ، ۽ ڀيڻ ، پيءُ جو هن جي سڀني گهروارن جو ايڏو پيار ۽ پنهنجائپ نصيب ٿي .
آءُ هڪ هڪ ڀاتي جو پيار نه ٿو وساري سگهان آءُ هن جي گهر اندر رهندو هوس انهن مون کي پنهنجي ٻچي وانگر رهايو ۽ پيار ڏنو ايترو پيار ۽ پنهنجائپ ملي جو پندرهن ڏينهن جي ٽوئر کي مهيني ۾ بدلايم سڄو مهينو هتي رهيس رات ڏينهن گهمڻ ڦرڻ ۽ ڪچهرين ۾ گذريو ڪنهن جو نالو لکي ڪنهن جو لکان هر ڀاتي هر مرد ۽ هر عورت جي پيار ۽ پنهنجائپ کي سڄي عمر ياد ڪندي عمر گذرندي لک ٿورا مرحوم علي نواز چانڊيو، چاچا ابراهيم چانڊيو، چاچا خان محمد چانڊيو، احمد چانڊيو، عبدالڪريم چانڊيو انهن جا گهر وارا ، سڀ گهر وارا انهن جو مائرون، ڀينرون سڀ مون کي ڀائيندا هئا علي نواز چانڊيو جي امان ۽ هن جي ڀيڻ جو پيار مهمانوازي اڪير سڪ ۽ پنهنجائپ ڪڏهن به وساري نه سگهيو آهيان ۽ ڪڏهن به شايد وساري نه سگهان افسوس هاڻ انهن کي ڏسندي ورهيه گذري ويا آهن جو ڏسي نه سگهيو آهيان ملي نه سگهيو آهيان
وڇڙيا ضرور آهيو پر وسريا مور نه آهيو .
منهنجا عشق (1975_82 تائين جنوني ياد)
جيئن ته آءُ ذڪر ڪري آيو آهيان ته مون کي پيار ڪرڻ هڪ ڇوڪري سيکاريو هن جو تفصيلي ذڪر ڪري آيو آهيان پر آءُ ڪجهه ٻين ڪيترين ئي تلهار ۽ بدين ، ماتلي ۽ ٽنڊي محمد خان جي ڪيترين ئي ڇوڪرين جي زلفن جو اسير رهيس ۽ هنن جي دلين جي ڌڙڪن رهيس تلهار جي ڪيترين ڇوڪرين مون سان نينهن جا ناتا نڀايا ۽ محبتن جا جام پياريا بس ڪجهه مجبوريون آهن جن جا آءُ نالا وٺي ذڪر نه ٿو ڪرڻ چاهيان پر منهنجي جواني جا ڪجهه سال شادي کان اڳ انتهائي رنگين ۽ محبت ڀريا گذريا انهن لمحن انهن اکين ۾ انهن ڇوڪرين جيڪي اڄ نانيون، ڏاڏيون آهن آءُ به عمر جي پڇاڙڪي حصي ۾ پهتل آهيان پر انهن کي ڪڏهن به وساري نه سگهيو آهيان ۽ ڪڏهن به وساري نه سگهندس ڪيترن کي ڏسندي ورهيه ٿي ويا آهن ڪجهه محبتن کي آءُ ڏسڻ چاهيان ٿو هڪ دفعو ڏسڻ چاهيان ٿو الائجي حياتي ۾ هنن کي ڏسڻ نصيب ٿيندو الائي نه...
گڏجي پڙهڻ (ڇهين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين)
پرائمري اسڪول تلهار مان پرائمري پاس ڪري ڇهين ڪلاس ۾ آيس ته ڪجهه وڏو به ٿي ويو هوس آهستي آهستي اڳتي وڌندي ڪلاس به وڌي رهيا هئا ته سمجهه به اچي وئي هئي راندين گهمڻ ڦرڻ کان سواءِ پڙهائي ڏانهن به توجهه وڌي رهي هئي پنجين ڪلاس جي ڪلاس ٽيچر سائين گامون حجام جي ظالمانه ۽ بي رحمانه مار کان نڪري ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيس ته ڇهين ڪلاس جي ڪلاس ٽيچر سائين ملوڪ شاهه جي ظالمانه ۽ بي رحمانه مار جو منهن ڏسڻو پيو ۽ مزو چکڻو پيو ايڏو ظالم طريقي سان ماريندو هو جو دل چوندي هئي ته پڙهائي ڇڏي وڃان يا اسڪول بدلايان اڄ ڪلهه جي ماحول موجب هر ننڍي شهر ۾ به ٽي چار اسڪول آهن تڏهن ته تلهار ۾ اسڪول ئي هڪڙو هو ۽ انگريزي اسڪول جو پهريون درجو اڳتي به وڌڻو اڳتي پڙهڻو به هو سو اسان به ٽي دوست اهڙا هئاسين جن روز شام جو گڏجي پڙهڻ جو سوچيوسين منهنجا هم ڪلاس ٽي چار دوست اهڙا هئاسين جيڪي سٺن خيالن ۽ پڙهائي ۾ سدائين گڏ هونداهئاسين انهن ۾ قابل ذڪر نالا ياد ٿا اچن اهي هئا سيد ذوالفقار علي شاهه، حبيب الله قنبراڻي، فياض علي خواجه، آفتاب خواجه ۽ آءُ گڏجي فيصلو ڪيوسين ته روز گڏجي اسڪول جو هوم ورڪ ۽ ٻي پڙهائي ڪٿي به ڪلاڪ کن ويهي پڙهجي پر ڪٿي پڙهجي انهي ڳالهه منجهي پياهئاسين پوءِ ياد ٿو اچيم ته آفتاب خواجه، هن جي پي جا موجوده الله والا چونڪ کان آفتاب خواجه جيڪو انور پنجواڻي جو ننڍو ڀاءُ هو گهر ڏانهن ويندڙ رستي تي مبارڪ علي شيدي جي گهرن جي سامهون روڊ تي ٽي چار دڪان هئا جيڪي مسواڙ تي ڏنل هئا انهن دڪانن مان هڪ دڪان تي آفتاب قبضو ڪيو يا هن کي ڏنو ويو اتي 5. 6 ڪرسيون ۽ هڪ ٽيبل رکي هر روز گڏجي پڙهندا هئاسين اهڙي طرح ڪجهه شرارتن سان گڏ اسان روز پڙهندا هئاسين ۽ اهو سلسلو مئٽرڪ تائين باقائده هليو. آفتاب خواجه ڪجهه سال گذاري ويو. حبيب الله شيدي هڪ درناڪ حادثي جو شڪار ٿي انتقال ڪري ويو جنهنجو ذڪر اڳتي هلي ڪندس ذوالفقار علي شاهه ، فياض علي خواجه تا حال حياتي آهن تلهار ۾ رهن ٿا آءَ حيدرآباد ۾ رهان ٿو بس ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي ملي وياسين ته ٺيڪ .... نه ته زندگي ائين پري پري ٿي وئي آهي ميل ملاقاتون گهٽجي ويون آهن
شال سڀ خوش هجن آمين
منهنجي ماسي (1974_78 کانپوءِ جي هڪ مٺي ياد)
ماسي جو رشتو ٻن ناتن سان هوندو آهي هڪڙو ماءُ جي سڳي ڀيڻ ۽ ٻيو پيءُ جي ٻي زال.....منهنجي ماءُ جي سڳي ڀيڻ ته ڪائي ڪانه هئي ها البت بابا جي ٻي زال ضرور هئي . بابا جي شادي کان پوءِ هن جي اسان کي ڇڏڻ سبب جيڪا امان اسان ۽ گهر جي صورتحال ٿي هئي اها آءُ بيان ڪري آيو آهيان غالبا بابا 1971 ۾ ٽنڊي محمد خان جي ميربحر خاندان مان هڪ نوجوان ۽ سهڻي عورت سان شادي ڪئي 1971 _ 1972 ۾ غالبا آءُ 15 يا 16 سالن جو هوس هڪ ٻه سال نه اسان ويندا هئاسين نه بابا آيو پر اسان ٽي ننڍا ڀائر آءُ، منير، ۽ ڊاڪٽر ظفر خرچي جي بهاني ويندا هئاسين آهستي آهستي منهنجو اچڻ وڃڻ وڌيڪ ٿيو جو بابا مون کي گهڻو پيار ڪندو هو ۽ ٻين جي نسبت مون کي خرچي به وڌيڪ ڏيندو هو ۽ سدائين ڏيندو هو ڪڏهن ڪڏهن رات به گهر ۾ رهي پوندو هوس. منهنجي ماسي مون کي ڏاڍو ڀائيندي هئي ۽ اڃان تائين ڀانئي ٿي هن جو پيار مون کي راحت بخشيندو هو مڇي سان ٺهيل مختلف قسمن جو ٻوڙ مون کي ٺاهي ڏيندي هئي ۽ پيار مان کارائيندي هئي جڏهن به آءُ ويندو هوس ته هن کان فرمائش ڪري مڇي ٺهرائيندو هوس مڇي جو ٻوڙ هو غضب جو ٺاهيندي هئي جو آءُ آڱريون چٽي ماني کائيندو هوس هن گهر ۾ مون کي ماسي جي پيار بابا جي ڀانئڻ سبب هن گهر جو به ڀاتي ٿي ويو هوس پوءِ اڪثر هن جي گهر وڃڻ لڳس ماسي سان گڏ هن جون ٻه ڀيڻيون ۽ ننڍا ڀائر به گڏ رهندا هئا آهستي آهستي هن گهر سان منهنجي اُنسيت انهي حساب سان به وڌڻ لڳي جو مون کي هن جي ننڍي ڀيڻ (ڀاڳي) به ڀانئڻ لڳي هئي. هوءَ انتهائي سهڻي هئي چند سهڻين عورتن کي منهنجي اکين ڌٺو هجي ته دل اڄ به چوي ٿي ته انهن چند سهڻن عورتن مان ڀاڳي به هڪ سهڻي شڪل جي مالڪ هئي.
جيتوڻيڪ 75، 76 تائين آءُ انٽر ڪري چڪوهوس عمر ۾ انداز ويهه سالن جو ٿي چڪو هوس هڪ عورت سان ملڻ ۽ پيار ڪرڻ ته آءُ سکي ويو هوس پر ڀاڳي سان صرف ڪچهريون ۽ محبتن سبب ويجهو هوس جڏهن به ويندو هوس مون کي ڇڏيندا ڪونه هئا ڀاڳي جي ويجهڙائپ هن سان لوڊو راند، نوکڙي راند، گڏجي ويهڻ ڪچهريون ڪرڻ ڪيڏانهن وڃڻ ته گڏجي وڃڻ هوٽل اسپتال ته مون کي گڏ وٺي ويندا هئا هنن جي خاص ڪري ڀاڳي جي ويجهڙائپ منهنجي زندگي ۾ نئون روح بخشي ڇڏيو هو . هو منهنجو انتظار ڪندي هئي ۽ آءُ به هفتو ڪو نه گذرندو هو ته وڃڻ لاءِ پر پيو سوريندو هوس اسان جي پيار ڀري ويجهڙائپ ۾ منهنجو بابا ۽ منهنجي ماسي خوش هئا شايد هنن اهو پئي چاهيو ته اسان ٻنهي جي شادي ٿئي هن جي ايتري ويجهڙائپ سبب آءُ به سمجهي ويو هوس ته ڀاڳي جي نيت به شادي ڪرڻ واري آهي پر مون شادي پنهنجي سوٽ سان ڪرڻ پئي چاهي ائين کڻي چوان ته ڀاڳي جي مون سان جنوني محبت هئي ۽ منهنجي جنوني محبت منهنجي سوٽ سان هئي سو انهي ڪري آءُ گهڻو نه رهندو هوس پر گهڻو ويندو به هوس ائين اسان جي محبت قائم و دائم رهندي پئي اچي ته اچانڪ هڪ ٻيو ڦيرو زندگي ۾ آيو جيڪو ايندڙ باب ۾ بيان ڪندس.
تنهنجي وهانءُ جي رات (1980 جي ڏک ڀري ياد)
اڄ هن جي وهان جي رات هئي. جيڪا منهنجي چاهت هئي منهنجي محبت هئي مون هن سان عبادت ڪئي هئي هن کي حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪئي هئي هن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ اعمال ڪيا هيم هر دعا ۾ هن کي حاصل ڪرڻ جي دعا هئي نمازن ۽ اعمالن ۾ مون هن کي چاهيو هو منهنجي دعائن ۾ صرف هڪڙي دعا هئي پوءِ منهنجي اها دعا پوري نه ٿي ته مون دعائون گهرڻ ڇڏي ڏنيون. مون کي هن تي يقين هو ته آخري ويڙهه تائين هو منهنجو ساٿ ڏيندي مون کي الله پاڪ تي اعتماد هو ته منهنجي دعا ضرور قبول ڪندو ۽ هن تي اعتبار هو هو ٻي ڪنهن جي نه ٿيندي هن جو پيءُ جيڪو گذاري ويو ۽ هن پنهنجي ماءُ اڳيان شڪست کاڌي شايد هن ڌمڪي کان ته منهنجي ڀاءُ جي پٽ سان شادي نه ڪندين ته آءُ خودڪشي ڪري ڇڏينديس شايد پوءِ هن شڪست کاڌي هجي نه ته مون کي يقين هو ته هو ڪڏهن به شڪست نه کائيندي.
بهرحال هن جو اڄ وهان هو. هڪ پاسي دهل دماما مينڌي جي خوشبو ۽ رات جو شيدڻين جو ناچ هلي رهيو هو ۽ آءُ سڄي رات رنو هوس منهنجو ڪمرو ۽ منهنجي روئڻ شايد مائٽن کي کٽڪي ۾ وجهي ڇڏيو هو امان ۽ منهنجون ٻئي ڀيڻون منهنجي غم ۾ شريڪ ٿيندي آٿت ڏيئي رهيون ته منهنجي سهڻي ڀاءُ لاءِ ڪا ڪنوارن جي کوٽ آهي ڇا .....؟ پر منهنجي دل رنو پئي چاچي حبيبا مرحوم سوٽ جواد حسين مون وٽ آيا آڌي رات جو هڪ پلان جوڙي آيا. سڄي رات روئي روئي گذاريم ۽ ٻي ڏينهن پنهنجو سوٽ ڪيس ٺاهي ٽنڊي محمد خان روانو ٿيس پهچڻ سان آءُ ڏاڍو رنو هوس روئي روئي پنهنجو پاڻ کي بي حال ڪري ڇڏيو هو تڏهن مون کي بابا ، ماسي ۽ ڀاڳي کڻي ڀاڪرن ۾ وڌو پوءِ ڇا ٿيو ٻي باب ۾ تفصيلي ذڪر ٿو ڪريان.
هاءِ ڙي منهنجا ڀاڳ ( 1980 جي ڀاڳ ڦٽل ياد)
هن جي وهان جي رات سڄي رات رنو هوس چاچي حبيبه ۽ جواد به مون سان جاڳي گذاري هئي هن جي خوشي جا گيت منهنجي لاءِ نوحه هئا خير ٻي ڏينهن آءُ پنهنجو سوٽ ڪيس ٺاهي جنهن ۾ ٻه ٽي وڳا ۽ ڪجهه روز مره جو سامان وجهي پنهنجي ڪمري کي تالو لڳائي صرف امان کي ٻڌايم ته بابا وٽ وڃان ٿو ٻه ٽي ڏينهن ڪونه ايندس امان سڀ ڪجهه سمجهي وئي منهنجي اداسي، منهنجا غم منهنجو ڏک ۽ درد سو خوشي سان چيائين ٺيڪ آهي بدين پنهنجي ڊيوٽي تي ويس شام جو سڌو ٽنڊي محمد خان بابا وٽ ويس منهن جي هٿن مان سوٽ ڪيس وٺندي هو ته گلن جيان ٽڙي پئي هئي هو سوٽ ڪيس وٺي هڪ پاسي رکندي خوش ٿي هئي ته آءُ ٻه ٽي ڏينهن رهندس پر آءُ هتي به روئي ويٺو هوس منهنجي ڳاڙهين اکين ۽ رُنل چهري کي سڀ سمجهي ويا هئا بابا کي سڀڪجهه ٻڌايم سڀني مون کي سيني سان لاتو هن منهنجي اکين جا ڳوڙها اگهندي چيو ”
آءَ آهيان ته تنهنجا سڀ ڳوڙها آءُ پي ڇڏيندس تنهنجا سڀ غم آءُ ختم ڪري ڇڏينديس ڀاڪر ۾ ڀري مون کي چميائين پيار منجهان دل منجهان بس اها چمي ۽ اهوئي ڀاڪر پوءِ ته هن منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي مون کي هن بي انتها پيار ڪيو بي انتها پيار ڏنو بس هو منهنجي هئي ۽ آءُ هن جو ٿي چڪو هوس 24 ڪلاڪن مان وس پڄندي هڪ منٽ به مون کان الڳ نه ٿيندي هئي هن مون کي مزاجي خدا سمجهي ڇڏيو هو ۽ آءُ هن کي پنهنجي محبت سان پنهنجو ڪري چڪو هوس رهڻ ته ٻه ٽي ڏينهن آيو هوس پر پندرهن ڏينهن ٿي چڪا هئا آفيس ڊيوٽي لاءِ روزاني بدين ويندو هوس روزانه آئوٽ بئڪ ڪندو هوس ٽنڊي محمد خان کان بدين واپس تلهار بجاءِ ٽنڊي محمد خان ايندو هوس هاڻ آءُ به هن جي پيار کان هڪ منٽ لاءِ به جداٿيڻ لاءِ تيار نه هوس واقعي هن دنيا جي اُملهه ترين محبت سان نوازيو هو واقعي هن منهنجا ڳوڙها اگهي ڇڏيا هئا واقعي منهنجا غم مٽائي ڇڏيا هئا آفيس مان ڊگهي موڪل هڪ مهيني جي ورتم هن جا ته ڀاڳ کلي ويا پر منهنجا به هن ڪري دل نه پئي چاهيو ته هن جي پيار محبت ۽ هن جي چاهت کان هڪ منٽ لاءِ به جدا ٿيان انهي وچ ۾ مون وٽ منهنجو ننڍو ڀاءُ ٽي دفعه آيو ته توهان لاءِ امان روئي ٿي امان سڏي پئي ٻه ٽي دفعا هن کي واپس ڪيم پر جيئن هڪ ڏينهن وڃڻ جي ڪيم ته هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا هن کي ڀاڪر ۾ ڀري واعدو ڪيم ته آءُ سڀاڻي واپس ايندس هن مون کان سوٽ ڪيس کسي ورتو ته سڀاڻي واپس اچجو سوٽ ڪيس کڻي وڃڻ جي ضرورت نه آهي اسان ٻنهي جي ايڏي محبت ڏسي بابا ۽ ماسي فيصلو ڪري ورتو اسان جي شادي ڪرائيندا بس شادي لاءِ آءُ به راضي ٿي ويس اها ڳالهه امان ۽ وڏي ڀاءُ تائين پهچائي راضي ڪرڻو هو .
بس پوءِ جيئن هڪ ڏينهن تلهار پهتس ته امان مون کي چنبڙي پئي روئي روئي مونکي نه وڃڻ جا ايلاز ڪري رهي هئي ۽ هوڏانهن مونکي هن جي محبت جو پل پل ياد اچي رهي هئي جڏهن به وڃڻ جي ڪريان امان جي واسطن ۽ منٿن مون کي منهنجي پيرن ۾ زنجير پئي وڌا هوڏانهن هن جي حالت خراب ٿي پئي هئي هو بيمار ٿي پئي هئي مون کان سواءِ اداس هئي پريشان هئي. هوءَ بجارڻي حيدرآباد جي مصطفىٰ ڪلينڪ ۾ داخل هئي. آءُ حيدرآباد ويس ڇاڏسان منهنجوپيار منهنجي محبت هڏائون پڃرو ٿي پئي هن مون کان سواءِ روئي روئي پنهنجا حال بي حال ڪري ڇڏيا. شادي جي ڳالهه امان سان ڪيم امان وڏي ڀاءُ ناصر بلوچ سان ڪئي هو ته ڄڻ تپي باهه ٿي ويو ته اسان هن خاندان ۾ تنهنجي شادي نه ڪرائينداسين حيدرآباد آيس پئي ته امان مون کي ٿڃ نه بخشڻ جو چوندي چيائين ته هن سان شادي ڪئي يا تلهار موٽي نه آئين ته تنهنجي ٿڃ نه بخشينديس بس مون کي ٿڃ نه بخشڻ واري ڳالهه الائي ڇو خوف ۽ حراس واري لڳي ته ماءُ نه بخشيندي آهي ته قيامت ۾ الائي ڇا ٿي ويندو جي هن وقت اها ڳالهه ڪا ماءُ پنهنجي اولاد سان ڪري ته ڪير به انهي ڳالهه کي ڪونه مڃيندو امان جي ٿڃ بخشڻ واري ڳالهه منهنجي دل ۾ خوف ۽ حراس وجهي ڇڏيو ڊپ وجهي ڇڏيو ايڏو ڊپ ۽ خوف قيامت جو ، قبر جو، حساب ڪتاب جو ، جو وري ٽنڊي محمد خان نه ويس اڄ هن کي ڏسندي 35 سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي صرف ڏسڻ جي ڏاڍي اُڪير اٿم سڪ اٿم پر هاڻ ڪجهه نه پيو ٿي سگهي اڄ به هن جو پيار محبت پنهنجائپ سڪ اڪير ۽ ويجهڙائپ کي ياد ڪندي وري اکين مان ڳوڙها ٿا نڪرن ته شايد ڀاڳي جي ڀاڳن ۾ آءُ نه هوس يا منهنجي ڀاڳن ۾ هوءَ نه هئي هر وقت هو منهنجي لاءِ چاڪر چانڊئي جو ڪلام ڳائيندي هئي ۽ آءُ هن کي کڻي ڀاڪرن ۾ وجهندو هوس
هي ڪو خبر ميڏي سهڻي نون سڻاوي
پڇي ڀاڳ ميڏا دلبر آوي نه آوي...؟
منهنجي شادي (14 آڪٽوبر 1982 جي ياد)
تلهار ۾ مختلف ڇوڪرين سان منهنجي لاڳاپن ۽ دوستين جي گهڻي خبر منهنجي مائٽن کي خبر پئجي وئي هئي ويتر جو تلهار ۾ شادي نه ٿي. منهنجي ماءُ ۽ وڏي ڀاءُ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون هڪ ته منهنجي کري وڃڻ جو خدشو ٻيو بيمارين جو خطرو ٻيو منهنجي عمر به 26 سال ٿي چڪي هئي مختلف گهرن ۾ پاڙي ۾ ۽ ڪراچي تائين هڪ سال اندر 15 ، 20 رشتا ڏٺاسين ڪٿي اسان پسند نه اچون ڪٿي هو پسند نه اچن منهنجي وڏي ڀاءُ جي دوست فيملي جي گهر ڪنهن دوست معرفت رشتو طئي ٿيو حيدرآباد جي تعليم جي پروفيسر حاجي خدا ڏنو بلوچ حيدرآباد جا رهاڪو هئا انهن جي گهر وڃي ڳالهه پڪي ٿي منهنجا مائٽ به ڇوڪريون ڏسي ڏسي ٿڪجي پيا هئا اها ٿڪ اچي هتي لٿي منهنجي شادي وڏي ڌام ڌوم سان 14 آڪٽوبر 1982 ع حيدرآباد جي لطيف آباد جي صديق پلازه ۾ خيرن سان ريحانه بلوچ سان ٿي جيڪا هن وقت تائين مون سان گڏ آهي.
شادي کان پوءِ (1982_1984 تائين)
منهنجي شادي 14 آڪٽوبر 1982 ع ۾ حيدرآباد مان ٿي جنهن جو ذڪر ڪري آيو آهيان شادي کان پوءِ مون پنهنجو پاڻ سان وچن ڪيو هو عزم ڪيو هو ته پنهنجو گهر وسائيندس سڄي توجهه گهر کي ڏيندس انهي ڪري مون شادي کان اڳ واريون جيڪي به دوستيون هيون عشق هئا يا محبتون هيون سڀ هڪدم ختم ڪري ڇڏيم هونئن به خبر ته سڀني کي پئجي وئي هئي منهنجي شادي جي جو اهي عشق ۽ محبتون سڀ ختم ٿي رهيون هيون ۽ ڪجهه مهينن ۾ ته سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هو ايتري قدر جن به هڪ ٻن سان مون سان نڀائڻ جا واعدا ڪيا هئا انهن کي به ڏسڻ ڇڏي ڏنم منهنجي سڄي توجهه سڀ محبتون گهر سان ۽ گهر واري سان وابسته ٿي ويون ائين سڀ ڪجهه وسري ويم گهر جو گاڏو محبت منجهان اڳتي وڌي رهيو هو.
نوڪري جي بدلي (1984 جي هڪ ياد)
شادي کانپوءِ منهنجو گهر پيار ۽ محبت سان هلي رهيو هو منهنجي سهريجاڻي فيملي حيدرآباد ۾ رهندي هئي ۽ سڀ جا سڀ پڙهيل لکيل ۽ سٺي سوچ رکندڙ ماڻهو هئا مون کي ته ڪيترن سالن کان شوق هو ته شادي ڪري آءُ حيدرآباد نوڪري جي بدلي ڪرائي تلهار مان حيدرآباد شفٽ ٿيندس پنهنجن ٻارن کي حيدرآباد جي بهترين اسڪولن ۾ پڙهائيندس ويتر جو زال حيدرآباد جي ملي ته اهو شوق اڃان به ويجهو ٿيندي نظر پئي آيو شادي جي ٻن سالن بعد 1984 ع ۾ مون حيدرآباد بدلي ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏنم ٿوري گهڻي ڪوشش ڪرڻ بعد ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن منهنجي بدلي بدين ٽريزري آفيس کان حيدرآباد ٽريزري آفيس ۾ ڪئي حيدرآباد جي ٽريزري آفيس مئي 1984 ۾ جوائن ڪيم سال کن حيدرآباد تلهار آئوٽ بئڪ ڪيم پر پوءِ حيدرآباد شفٽ ٿيڻ جو سوچيم اهڙي طرح 1985 ع ۾ باقائده تلهار ڇڏي حيدرآباد روانو ٿيس.
بدين ٽريزري جون ڪجهه يادون (1976_1984 جي بهترين)
بدين جي خزانه آفيس مارچ 1976 ع ۾ اڪائونٽس ڪلرڪ جي حيثيت ۾ جوائن ڪئي هيم مئي 1985 تائين رهيس انهي نوڪري واري حساب سان بدين ۾ اٺ سال رهيس انهن اٺن سالن ۾ بدين جون بي شمار يادگيريون رهيون هڪ سٺو ۽ بهترين دور رهيو تمام گهڻيون يادگيريون لمحا ۽ گذاريل وقت گذريل بابن ۾ لکي آيو آهيان بدين جي تفصيلي زندگي جو حال احوال پنهنجي ڪتاب “سروس بخير” ۾ تفصيلي لکي آيو آهيان. پر بدين مان حيدرآباد ٽرانسفر ٿيندي چند بهترين دوست مون ڇڏيا هئا اميد علي لاشاري، محمد رفيق، رزاق گاڏهي، مرحوم منظور خواجه، علي منڌرو، مرحوم غلام حسين جمالي ۽ ٻيا به ڪيترائي بدين جا دوست پر وقت آهستي آهستي سڀني ڳالهين کي محبتن کي پري ڪري ڇڏيو پر اڄ تائين صرف ٽن ماڻهن سان اڃان تائين واسطا رهندا پيا اچن انهن ۾ محمد بخش ڀرڳڙي، اميد علي لاشاري ۽ محمد رفيق شال جيتريون محبتون رهيون آهن اهي ئي قائم رهن.
حيدرآباد جي زندگي جو آغاز (1985 کانپوءِ يادن جي شروعات)
حيدرآباد بدلي ٿيڻ بعد به تقريبا سال کن تلهار کان حيدرآباد هر روز ايندو ويندو هوس پوءِ وڏي ڀاءُ ناصر بلوچ سان جيڪو اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان حيدرآباد ۾ هو هن سان صلاح ڪيم ته گڏجي ڪا جاءِ وٺون آءُ پنهنجي زال سان گڏ شفٽ ٿيان پيو هو ته اڳئي حيدرآباد ۾ رهندو هو پنهنجن دوستن سان گڏ شايد انهي وقت بئراج ڪالوني حيدرآباد ۾ پوءِ اسان سان گڏجي هڪ جاءِ مسواڙ تي ورتي سين هيرآباد م روپ محل جي بلڪل سامهون ڪنهن سمو جي جاءِ هئي آءُ پنهنجا ڪپڙا، ٿانو کڻي هيرآباد واري جاءِ ۾ شفٽ ٿياسين مسواڙ جي انهي جاءِ ۾ آءُ هڪڙي ڪمري ۾ پنهنجي زال سان گڏ ۽ ٻي ڪمري ۾ منهنجو وڏو ڀاءُ ناصر بلوچ، منهنجو ننڍو ڀاءُ مرحوم ڊاڪٽر ظفر حسين ۽ منهنجو سوٽ فيروز علي گڏجي رهندا هئا. جاءِ جي مسواڙ جا ٽي حصا ٿيندا هئا آءُ، ادا ۽ فيروز مسواڙ ڏيندا هئاسين مرحوم ڊڪٽر ظفر حسين ڊاڪٽري پڙهندو هو هو هر ڳالهه ۾ فري رهندو هو ٻنپهرن جي ماني ادا ناصر وٽ اسٽيٽ بئنڪ ۾ کائيندو هوس نيرن ۽ رات جي ماني گهر ۾ ٿيندي هئي حيدرآباد ۾ شفٽ بعد اسان غربت جو وقت گذاريو ايتري قدر جو سمهڻ لاءِ پلنگ به نه هوندو هو پوءِ آهستي آهستي لوهه جو فولڊنگ پلنگ ورتم. ائين وقت گذري رهيو هو هيرآباد ۾ سال کن رهي لطيف آباد 8 نمبر ۾ حبيب بئنڪ جي مٿان وڏي جاءِ ورتيسين اتي به اسان ئي ٽي ڄڻا جاءِ جي مسواڙ ڀريندا هئاسين هن جاءِ ۾ ادا ناصر پنهنجي فيملي به حيدرآباد شفٽ ڪئي جاءِ ته وڏي هئي پر اسان ٻنهي جون زالون هڪٻئي سان نه ٺهيون رڌ پچاءُ جي سلسلي ۾ رڌڻو هڪڙو هوندو. ڏينهون ڏينهن جڳهڙا وڌندا ويا نيٺ مجبور ٿي مون کي جدا ٿيڻو پيو اها جاءِ ڇڏيسين ادا ناصر انهي علائقي ۾ پنهنجي جاءِ ورتي ۽ آءُ لطيف آباد 10 نمبر ۾ شڪيل آفريدي جي جاءِ ۾ شفٽ ٿيس مسواڙ جي جاءِ شايد 800 روپيه مسواڙ هئي ٻه ڪمرا هئا اسان به ٻه ڄڻا جاءِ جا مالڪ آفريدي پٺاڻ هئا انتهائي قربائتا ماڻهو هئا هنن جون زالون ڀيڻون ۽ ماءُ سڄو ڏينهن منهنجي گهر ويٺا هوندا هئا منهنجي زال هنن جي گهر سچ ته جيڪو اڪيلائي جو ڊپ هو اهو ڄڻ هن خاندان ختم ڪري ڇڏيو آفريدي پٺاڻ جون ڀيڻون هيون شڪل و صورت ۾ انتهائي سهڻيون هيون ۽ اخلاق ۾ ته حسين تر هيون مون کي ڏاڍو ڀائينديون هيون گهر ۾ ماني ڪرڻ ڪونه ڏينديون هيون آءُ اڄ به اهو محسوس ڪري رهيو آهيان ته اسان ٻنهي زال مڙسن جو انتهائي پيار وارو وقت جيڪو انهي گهر ۾ گذريو اهڙو وقت ڪٿي به نه گذريو شام جو آفيس مان اچي رات جو لوڊو راند، نوکڙي راند، رات جا 3 ٿي ويندا هئا اهڙي زندگي خوشگوار نموني گذري رهي هئي جي اهي گهڙيون راتيون ۽ ڏينهن پل پل ياد ٿا اچن ته لطيف آباد 10 نمبر ۾ گذاريل زندگي جو پل پل موٽي اچي اهي بهارون اهي قربتون پنهنجون پاڙي وارن جون جاءِ جي مالڪن جون پر اهي قربتون مون ڪڏهن به ڪٿي به نه ڏٺيون ايتري قدر جو پنهنجي گهر ۾ به نه ڏٺم انهي وچ ۾ منهنجي ڪوشش هلي پئي ته مسواڙ جي خرچ کان بچان هڪ ته پهريون دفعو اڪيلو رهڻ لڳو هوس ٻيو پگهار گهٽ ٽيون وري مسواڙ جي جاءِ زندگي ڪا کاڌي پيتي يا ڪپڙي لٽي جي حساب سان ڪا خاص سٺي نه گذري رهي هئي پر هر شي پنهنجي ڪرڻ جو عزم هو منهنجا سهريجا جيڪي لطيف آباد نمبر 8 ۾ رهندا هئا انهن جو پل پل مون سان ساٿ رهيو ۽ منهنجي زال جيڪا پڙهيل لکيل ۽ مڇي ماني واري فيملي سان تعلق رکندي هئي هن جو منهنجي غريباڻي زندگي ۾ ساٿ ڏيڻ سان منهنجا حوصلا به وڌي رهيا هئا ۽ آهستي آهستي جستجو ڪري رهيو هوس ته پنهنجي جاءِ يا فليٽ ئي سهي پنهنجو وٺان. ائين آءُ ڪامياب ويس مون کي ياد آهي ته اسان لطيف آباد ڇڏيو ته پاڙي وارن ۽مالڪن آفريدي ڇوڪرين اسان سان روئي روئي موڪلائي رهيا هئا هڪ پل به جدا ٿيڻ لاءِ روئي رهيا هئاسين ڇوڪرين ايترو به چيو اسان مسواڙ نه وٺنداسين توهان سڄي عمر اتي ئي رهو مون کي اهو آفريد خاندان انهن جون محبتون انهن جا قرب انهن جي سڃاڻپ هڪ پل لاءِ به اڃان تائين وسري نه سگهيا آهن اسان اتان ته لڏي ويا هئاسين پر ڪيترا سال انهن وٽ ايندا ويندا هئاسين شادين ، مرادين، غم ، خوشي يا ائين ئي گهمڻ ڦرڻ جي حساب سان ڪيترائي سال تعلق رهيو. پوءِ آهستي آهستي انهن ٻنهي ڇوڪرين جي شادي ڪوئٽه ٿي وئي هئي انهن جو وڏو ڀاءُ به ڪوئٽه بدلي ٿي ويو هو هنن جي ماءِ گذاري وئي پوءِ آهستي آهستي اسان جا تعلقات ٿورا گهٽ ٿيندا ويا پر انهن جي مردن سان اڄ به آفيس جي ڪم ڪارن سبب ٽيليفون ٽاڪ ڪمين ڪارين اڄ به جاري آهي پر هاڻ زمانه گذري ويا منهنجي اڄ به دل چوي ٿي ته اهي ڇوڪريون اڄ به اسان جي گهر اچن اهي محبتون اهي قربتون اهي ڪچهريون قائم ڪريون پر هاڻ بهت زمانه بيت گيا.......... منهنجو خيال آهي انهن سان دلي پيار سدائين رهندو بس هڪ ٻئي جو منهن ڏسندي ورهيه ٿي ويا آهن.
HDA فليٽ جي زندگي (1987_ 88 کانپوءِ جي گهاريل پياري ياد)
لطيف آباد نمبر10 جي رهائش ڇڏي پنهنجي ورتل پهرين ملڪيت HDA فليٽن ۾ هڪ فليٽ مون ورتو هو اصل ۾ منهنجي سالي شمس الحق بلوچ جو ديرينه ۽ ويجهو دوست اظهر علي هو. هو HDA جو ڊائريڪٽر هو انتهائي خلوص وارو ماڻهو هو اصل ۾ اهي فليٽ HDA جا هئا جيڪي صرفHDA جي ملازمن کي ڏيڻا هئا هڪ فليٽ اظهر صاحب پنهنجي ڊرائيور جي نالي الاٽ ڪرائي ڪچي ايگريمينٽ تحت مون کي قبضو ڏنو فليٽ جي ٽوٽل قيمت 35000 روپيه هئي ماهوار قسط 1200 روپيه هئي ۽ ان وقت پڳڙي طور ايڊوانس مون کان 12000 روپيه ورتا ويا هئا اهڙي طرح فليٽ جيڪو ٿرڊ فلور ۾ هو چاٻي مون کي ڏني وئي بس اسان لطيف آباد 10 نمبر جو انتهائي پيارو ۽ خوشگوار ماحول ، پيار ۽ محبت ڇڏي حيدرآباد جي سائيٽ ايريا ۾ زيل پاڪ سيمينٽ فيڪٽري جي ڀرسان مرشد آباد پهاڙين ۾ شفٽ ٿي ويا هئاسين شهر کان تقريبا 8 يا 10 ميل پري اسان وڃي رهيا هئاسين ۽ وڏو ڀاءُ ناصر بلوچ ۽ هن جي فيملي لطيف آباد نمبر8 ۾ رهندا هئا پنهنجي وڏي ڀاءُ جي فيملي کان جدا ٿي آءُ لطيف آباد نمبر 10 ويو هوس ۽ اتان انهن فليٽن ۾ پهچي چڪو هوس پهرين پهرين اظهر صاحب جي گهر شمس الحق بلوچ سان گڏ ويو هوس هو پنهنجي فميلي ۾ چار ڀائرن سان گڏ گرائونڊ فلور جي لاڳيتو پنج فليٽن ۾ رهندا هئا انتهائي قربائتي ۽ محبت واري فيملي سان اسان پهريون دفعو ملياهئاسين پهرين ملاقات ۾ ڄڻ ائين لڳو ته اسان پنهنجن ويجهن مائٽن سان مليا هجون ائين پهرين ملاقات ۾ اسان ايڏو پري اڪيلا رهڻ ويا هئاسين انهي اڪيلائي ۽ پري هئڻ جو خوف اسان ٻنهي زال مڙس جي دلين ۾ هو اهو پهرين ڏينهن ختم ٿي ويو هو بهرالحال اسان انهي فليٽ ۾ زندگي جو آغاز 1987 ع جي ڪنهن مهيني ۾ ڪيو هو انتهائي مشڪل مرحلن مان گذرڻو پيو مون وٽ ته موٽر سائيڪل به نه هئي آفيس اچڻ لاءِ ٻه ميل پنڌ ڪري (بدين حيدرآباد جي مين روڊ) زيل پاڪ وٽ اچي ويندو هوس. مرشد آباد جي علائقي سان مشهور هو اتان هوسڙي کان حيدرآباد هلندڙ لوڪل بس ۾ چڙهي حيدر چوڪ تي لهي پنهنجي آفيس (ٽريزري آفيس) پهچندو هوس اتان شام جو انهي بس جو روٽ ٽاور مارڪيٽ مان نڪري نئين پل وٽان آءُ چڙهي ساڳئي منزل زيل پاڪ وٽ لهي وري ٻه ميل پنڌ ڪري فليٽ تي پهچندو هوس انتهائي مشڪل ۽ ڏکيو سفر ڪٽيم پر دل ۾ هڪ عزم هو اڳتي وڌڻ جي جستجو هئي فليٽن ۾ آبادي گهٽ هئي 100 فليٽن مان مشڪل سان 10 يا 15 فليٽ آباد هئا بجلي فري جي هئي آهستي آهستي فليٽن ۾ آبادي وڌي رهي هئي آءُ انهن ماڻهن ۾ شامل هوس جيڪي بنيادي آباد ڪندڙن مان هئا پرسڪون ماحول هو هڪ دفعو گهر مان نڪتو ڄڻ فليٽن کان ڪٽجي ويندو هو ۽ هڪ دفعو واپس فليٽن ۾ پهتو ته ڄڻ دنيا کان ڪٽجي ويندو هو ڏسندي ڏسندي اٺ ڏهه مهينن ۾ چڱي خاصي آبادي وڌي وئي هئي 25، 30 ٻيا فليٽ آباد ٿي ويا هئا پر مون جهڙا ٻين ادارن جا گهڻا ڪجهه ماڻهو آباد ٿيا هئا جيڪي ٻارنهن کان پندرهن هزار پڳڙي طور ايڊوانس ڏيئي فليٽن جا مالڪ ٿي رهيا هئا اهو سسٽم هلي رهيو هو آهستي آهستي اتي منهنجي جي ڄاڻ سڃاڻپ ٿي رهي هئي اسان اي بلاڪ ۾ رهندا هئاسين بي ۽ سي بلاڪ به هئا . سي بلاڪ ۾ HDA جو ملازم خليل جيڪو اڪيلو رهندو هو رات جي هن جي فليٽ ۾ ڪچهري مچندي هئي هونئن ته هن جي فليٽ ۾ HDA جا ملازم، جيڪي هڪٻئي جا ڪليگ هئا انهن جي ڪچهري مچندي هئي پر اسان جهڙا جيڪي ٻين ادارن جا ملازم جن جا 8 يا 10 گهر هئا هڪٻئي جي سامهون هيٺ مٿي آمهون سامهون رهندا هئاسين. الله بخش جتوئي جنهن پنهنجي فليٽ جي هڪ ڪمري ۾ ريزڪي دڪان کوليو. سيڌو سامان وٺندي هڪٻئي سان ملاقاتون ٿيون اليڪ سليڪ دعا سلام ته هڪٻئي جا دوست به ٿي ويا هئاسين چند ماڻهو منهنجي به ويجهو ٿيڻ لڳا گهڻن سان ته فيملي واسطا ٿيا هڪٻئي جي ايترو يجهو رهڻ سبب محبتون ۽ قربتون به مليون ماحول ڏاڍو سٺو ۽ وڻندڙ ٿي پيو. هڪٻئي جي گهريلو واسطن سبب هاڻ زندگي آسان ٿي پئي هئي بس مون کي صرف آفيس پهچڻ لاءِ سواري جو مسئلو هو جيڪو پريشان ڪندو هو هاڻ ته فليٽن مان سوزوڪيون به هلي پيون هيون جيڪي نئين پل تائين هلنديون هيون هاڻ ته موٽر سائيڪلن وارا به لفٽ ڏيندا هئا تڏهن به شهر وڃڻ يا مٽن مائٽن وٽ وڃڻ پنهنجي جڳهه تي هڪ اهم مسئلو هو سو ڳالهه پئي ڪيم رات جو خليل جي فليٽ ۾ سڀ مرد اچي گڏ ٿيندا هئا هر ڪو پنهنجي گهران ماني کڻي ايندو هو رات جي ماني سڀ دوست گڏجي کائيندا هئاسين پوءِ تاش پتي جي راند، لوڊو راند، نوکڙي راند، رات جا ٻه اڍائي جو ٽائيم ته نارمل لائيف ۾ شامل ٿي چڪو هو .
انتهائي سڪون ۽ محبتن واري زندگي گذري رهي هئي چند ماڻهو جن سان منهنجو ۽ منهنجي گهر وارن جو فيملي واسطو ٿيو تمام سٺا ماڻهو ۽ بهترين فيمليون هيون انهن ۾ سنڌ سمال انڊسٽري جو ڊائريڪٽر حبيب الله راٺوڙ هو منهنجي ادبي لڏي جو ماڻهو هو آءُ جيڪو ڪجهه لکندو هوس تاهم 1987، 88 ۾ آءُ چڱو خاصو رائيٽر به ٿي ويو هوس پر حبيب الله راٺوڙ کي پنهنجون لکڻيون ضرور ڏيکاريندو هوس پوءِ اها لکڻي سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جي هفتيوار گڏجاڻي ۾ پيش ڪندو هوس راٺوڙ صاحب خود رائيٽر نه هو پر ادب شناس ماڻهو ضرور هو، ناصر حسين جعفري ٽنڊ باگي ضلع بدين جي پهاڙ مري ڳوٺ جو خواجه هو آءُ تلهار جو ته هڪ ٻئي جا ڳوٺائي نڪتاسين هن جي فيملي سان اچ وڃ شروع ٿيو منهنجي فيملي ۾ ته منهنجي هڪ زال هئي پر هن جي فيملي ۾ هن جي زال کان سوءِ هن جي ڀيڻ ۽ ماءُ به رهندي هئي انتهائي قربائتي فيملي هئي لاڙڪاڻي جو رهندڙ عبدالڪريم جاگيراڻي جي فيملي به انتهائي قربائتي فيملي هئي عبدالڪريم جاگيراڻي به منهنجو دوست ٿي ويو حالانڪ هن جي فيملي سخت پرديدار هئي ڪيڏانهن به نه ڇڏيندو هو پر منهنجي گهر ايندا هئا الله بخش جتوئي ماستر هو هن جو فليٽ منهنجي فليٽ جي ڀرسان هو جيڪي مسواڙ تي ويٺل هئا سڀ کان وڌيڪ ويجها ۽ محبتن ڀريا تعلقات هن جي فيملي سان رهيا هن جي نوجوان ڀيڻ ته سڄو ڏينهن منهنجي زال وٽ ويٺي هوندي هئي رات دير تائين ڪچهريون پيون هلنديون هيون . اقبال مستوئي به HDA جو اڪائونٽس آفيسر هو منهنجو دوست هو شادي ڪري آيو هو منهنجي دوست هئڻ سبب هن جي ڪنوار نسيم منگي جو پهرين پهرين اسان جي گهر سان واسطو رکرايو منهنجي فليٽ جي سامهون رهندا هئا انتهائي قربائتا ۽ عزت سان دوستي رهي اهوئي سبب آهي جو انهي فيملي سان جيڪي هينئر قاسم آباد جيجل ماءُ اسپتال ڀرسان رهن ٿا هن سان اڄ تائين اسان جا گهريلو تعلقات آهن هڪٻئي جي گهر ، خوشي، غم ايندا ويندا آهيون غلام حسين شيخ پنهنجي زال سان رهندو هو هن جي زال ڏاڍي سهڻي هئي هن جي فيملي سان منهنجا سٺا تعلقات رهيا .
افتخار شيخ به غلام حسين شيخ جو سنڍو هو انهن سان به سٺا واسطا رهيا اهڙيطرح عبدالڪريم جاگيراڻي جو هڪ مائٽ شايد ارشاد جاگيراڻي ، وڪو فيملي، اظهرصاحب جي فيملي، پنجن ئي ڀائرن سان گهريلو تعلقات انتهائي خوشگوار رهيا اهڙي طرح چار پنج ٻيا به گهر هئا جن جا نالا ياد نه ٿا اچن ڪجهه پنجابي فيملي جا هڪ ٻه گهر آءُ ائين چوان ته زندگي جي چند پرسڪون پنهنجائپ ۽ خوشگوار زندگي جا چند سال گذريا ته HDA فليٽن ۾ گذريا جيڪي مون کي سدائين ياد رهندا.
بابا جي هر هفتي آمد (1988 جي تلخ ياد)
بابا پنهنجي ٻي زال کي ڇڏڻ کانپوءِ بلڪل اڪيلو ٿي ويو چڪو هو. عمر جو وڏو حصو ٽنڊي محمد خان ۾ اڪيلائي هن کي بي حال، هيڻو ۽ بيمار ڪري وڌو هو. جڏهن به حيدرآباد جي ڪورٽن ۾ ڪيس لاءِ ايندو هو ته مون وٽ آفيس ضرور ايندو هو. چوندو هو، پنهنجو حال پيش ڪندو هو ته: ”اڪيلو آهيان، مون سان گڏ رهو. آءُ پنهنجي زاک کي وٺي ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن ڪڏهن ڪڏهن هفتو هفتو به رهي پوندو هوس. هو چوندو هو ته حيدرآباد ۾ مسواڙ تي رهيو پيو آهين مون وٽ ٽنڊي محمد خان آئوٽ بئڪ ڪريان، منهنجي دل چوندي هئي ته ائين به ٿي سگهي ٿو هن عمر ۾ بابا جي اها خدمت ٿي سگهي پر ٽنڊي محمد خان ۾ جاءِ هڪڙي هئي ٻي زال مان هن جو اولاد ڌيئون، پُٽ هئا اهي به رهندا هئا ۽ ايندا ويندا هئا. انهي حساب ڪتاب کي ڏسي آءُ رهڻ لاءِ تيار نه ٿيس ها البته بابا کي چيم ته توهان مون وٽ اچي وڃو گڏجي ٿا رهون. منهنجي زال بابا جو تمام گهڻو خيال رکندي هئي ۽ هوءَ به پنهنجي ننهن کي گهڻو پيار ڪندو هو. پر هو ٽنڊي محمد خان کي ڇڏڻ لاءِ آخر تائين تيار نه ٿيو. ها البته هر هفتي جڏهن کان آءُ سائيٽ ايريا حيدرآباد جي فليٽ ۾ اچي رهيو هوس. منهنجي گهر هر ڇنڇر ڏينهن يا جمعي ڏينهن شام جو اچي ويندو هو ۽ سومر ڏينهن صبح جو هليو ويندو هو. هتي مون وٽ رهي ڪري هو سُڪون محسوس ڪندو هو ۽ امان جون پراڻيون يادون اُٿلي پونديون هيون. ائين هن پنهنجو سلسلو آخري گهڙي تائين جاري رکيو ۽ 1990 ۾ گذاري ويو. اڪثر هر دعا ۾ منهنجي زال کي اولاد ٿيڻ جون بي شمار دعائون ڏيندو هو ۽ يقين سان چوندو هو ته ڏسجانءِ توکي منهنجي دعا سان اولاد ضرور ٿيندو.
آخري وقت ۾ گذاري وڃڻ کان اڳ جڏهن هو اسپتال ۾ داخل هو ته اسان ٻئي زال مڙس هن کي ڏسڻ ويا هئاسين تڏهن منهنجي زال هن کي پنهنجي پيٽ سان هئڻ جي خوشخبري ٻڌائي هئي ته ڏاڍو خوش ٿيندي چيائين ڏس منهنجي دعا سان توکي اولاد ٿئي پيو. ويندي ويندي به اسان کي تمام گهڻيون دعائون ڏنائين. اهڙي طرح هن جو آخري ڏينهن واريون دعائون مون کي هميشه ياد رهنديون. اهڙي طرح 4 آڪٽوبر 1990 مون کي منهنجو پُٽ ڄائو جنهن جو نالو رکيم ”سرواڻ حسن بلوچ“. پنهنجي پُٽ جي نالي بابا جو نالو ”حسن“ شامل ڪيم ته دل جو اطمينان ٿيندو اٿم ته بابا اڄ به مون سان گڏ آهي. هن جون دعائون مون سان گڏ آهن. شال بابا جي دعائن سان آيل ”سرواڻ“ وڏي حياتي ماڻي، پنهنجي ۽ اولاد جون خوشيون ماڻي.