آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

مُرڪون مهڪون ميڙيم !

اقبال بلوچ سنڌي ادب جو هڪ سٻاجهڙو ۽ نفيس ليکڪ آهي. هن پنھنجي يادگيرين جي ڪتاب (مُرڪون مَھڪون ميڙيم) ۾ پنھنجي 61 سالن جي سموري زندگيءَ جا اکين ڏٺا حال، يادگيريون، پنھنجي پوري سچائيءَ سان (بقول اقبال بلوچ جي) اوهان پڙهندڙن جي اڳيان اوريا آهن. هن ڪتاب ۾ موضوعاتي تسلسل کي برقرار رکندي ترتيبوار سال جي واقعن کي قلم بند ڪرڻ جي بدران وقت، واقعا ۽ سال بنھ الڳ الڳ بيان ڪيل آهن.

Title Cover of book مُرڪون مهڪون ميڙيم !

2

خادم جنرل اسٽور (1975)
ها انهي وقت جي ڳالهه آهي جڏهن آءُ باواني شگر مل جي سيزنل نوڪري مان بيزار ٿيو هوس جيسيتائين ٻي ڪا نوڪري ملي تيسيتائين ان وقت اسان جي گهر جي وڏي ناصر بلوچ جيڪو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي. مون کي هڪ جنرل اسٽور کولي ڏنو انهي اسٽور جو نالو هن پنهنجي وڏي پٽ خادم حسين جي نالي پويان “خادم جنرل اسٽور” رکيو اهو جنرل اسٽور تلهار جي ٽنڊي باگي وارو روڊ جيڪو شهر ڏانهن ٿو اچي جنهن کي پراڻي نيشنل بينڪ وارو روڊ به چئبو آهي انهي روڊ تي محمد عثمان کٽي وارن جا چار پنج دڪان هئا. انهن مان هڪ دڪان فوٽو اسٽوڊيو هو ۽ ٻيو منهنجو جنرل اسٽور هو ٻيا به ٽي دڪان هئا جيڪي ياد نه اٿم ته ڪنهن جا هئا. سامهون وارو دڪان تلهار جي بهترين نوحه خوان مقبول خواجه جو دڪان هو.
بابا جي ٻي شادي ڪرڻ کان پوءِ هن اسان مان هٿ جو ڪڍيا هئا ته اسان جا گهريلو حالات اڃان تائين ٺيڪ نه ٿيا هئا انهي حالتن جو اثر اڃان تائين هليو پئي حالانڪه بابا ٻي شادي 1971 ع ڌاري ڪئي هئي پر خير خادم جنرل اسٽور ادا وڏي کولي ڏنو جيڪو منهنجي مزاج موجب نه هيومون يا ته پڙهڻ پئي چاهيو يا نوڪري ڪرڻ پئي چاهي. پر انهي زماني ۾ اسان ننڍڙن ڀائرن جي اها مجال نه هوندي هئي جو وڏي ڀاءُ جي ڪيل فيصلي جي انحرافي ڪريون يا ڪنهن ڳالهه جي نافرماني ڪريون. پوءِ آمنا صدقنا طور قبول ڪندا هئاسين پوءِ هن جا فيصلا ڀلي غلط به ڇو نه هجن ۽ اڄ جڏهن هي احوال لکان پيو ته لڳيم ٿو ته هنجا ڪيترائي فيصلا غلط هئا. بهرحال منهنجي مزاج جي خلاف هي دڪان وارو فيصلو ڪيو ويو انهي وقت منهنجي عمر 19 سال هئي تلهار جا آلا ڀولا ٻار هئاسين ڪا هوشياري ، ڪا چالاڪي، نه ايندي هئي ڪا بهادري به طبعيت ۾ نه هيم ويتر جو گهريلو حالتن هيڪاندو مايوس ، ويڳاڻو ۽ موڳو ڪري ڇڏيو. منهنجي دڪان ۾ مددگار طور مون کان منهنجي ننڍي ڀاءُ محمد منير کي ذميدار ڪيو ويو پر هو مون کان به ٻه سال ننڍو هو صرف منهنجي ايتري مدد ڪندو هو جو ڪجهه دير ويهندو هو جيئين آءُ ماني کائي سگهان يا ڪو ڪم ڪار ڪري سگهان. بهرحال اهو خادم جنرل اسٽور ڏينهون ڏينهن گهاٽي جي صورت اختيار ڪندو ويو مون کي مارچ 1976 ع ۾ بدين جي خزانه آفيس ۾ نوڪري ملي ته اهو اسٽور بند ڪيوسين ۽ مون کي وڏي خوشي حاصل ٿي هئي.


خادم جنرل اسٽور ۾ مستيون (1975)
جيئن ته ذڪر ڪري آيو آهيان ته خادم جنرل اسٽور زوال جو شڪار ٿيو ان جو سبب منهنجي مزاج جي خلاف هو تجربي جي ناهئڻ عمر جو ننڍي هئڻ ۽ سڀ کان وڏو سبب هو دڪان ۾ ڪيل مستيون جيئين دڪان کوليم ته آهستي آهستي واپار ٿيڻ لڳو پاڙي جون چار پنج اهڙيون ڇوڪريون به هيون جيڪي آهاني بهاني ڪا شي وٺڻ يا ڪا ڪريم، پاوڊر، جو اگهه پڇڻ بهاني اينديون هيون آهستي آهستي هنن حجت ڪرڻ به شروع ڪيون حالتن کي مدنظر رکندي انهن جا نالا لکڻ مناسب نه ٿو سمجهان پر ايترو لکان ٿو ته پاڙي جون هيون حجتن سان گڏ دوستي به ٿيڻ لڳي ڪنهن پائوڊر مفت ڏنو ڪنهن کي ڪا شي ، ڪاپي ، پينسل، بال پين، ڪريم وغيره وغيره چمي ۽ ڀاڪر پائڻ جي حد تائين دڪان ۾ ڪري وٺندوهوس انهن سان پر ڪڏهن اهڙي وڏي ڪنهن شيءَ جي نوبت نه آئي ها البت مستيون تمام گهڻيون ٿينديون هيون اهي مستيون اهي ڇوڪريون اڄ به ذهن تي چٽي چانڊاڻ تي نقش ٿيل آهن چنڊ جي چوڏهين رات جيان.


هن جنهن پيار سيکاريو (1975 کان 1982 هڪ مٺي ياد)
ها هو سهڻي، من موهڻي ڇوڪري نئين نئين پرڻجي آئي هئي. پنهنجي مڙس کان گهڻو ننڍي ۽ پنهنجي مڙس جي جونيئر زال هئي. هن جو مڙس شاهوڪار ماڻهو هو ۽ شادين جو شوقين . اڳ ۾ ئي ٻن زالن سان اسان جي پاڙي ۾ پنهنجي گهر ۾ رهندو هو پاڻ لڳ ڀڳ وڏي عمر جو هو. نيئن پرڻجي آيل ڪنوار پاڻ کان 20 سال ننڍي هيس. شوخ، چنچل ۽ رومانٽڪ قسم جي عورت هئي اسان جي گهر اچڻ وڃڻ هوندو هوس. منهنجون ڀيڻون جيڪي هن جون هڪ جيڏيون هيون ۽ آءُ هن جو هم عمر هوس. روز شام جو اچي ويندي هئي آءُ پنهنجي ڪمري ۾ هوندو هوس. امان جي هن سان لڳندي هئي ڪم ڪار، چانهه وغيره ٺاهڻ ۾ گهر ۾ هٿ پئي ونڊائيندي هئي اهو سڀ ڪجهه هن جي شادي کان سال پوءِ شروع ٿيو هو پوءِ آهستي آهستي هن مون سان ڳالهائڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ شروع ڪيو. هن جو مون سان حجت، کل ڀوڳ، پيار سان ڳالهائڻ، کي مون ائين ئي زندگي جو معمول سمجهيو پر پوءِ امان کي چيائين منهنجي نالي ته اقبال کي چانهه آءُ ڏئي اچان ڪمري ۾؟ شام واري چانهه جيڪا سج لٿي مهل ٿيندي هئي، هو مون کي چانهه ڏيئي هلي ويندي هئي پوءِ آهستي آهستي هن چانهه ڏيڻ سان گڏ هٿ کي پڪڙڻ ، ڳلن تي چهنڊڙي پائڻ، پنهنجي جسم تان پوتي هٽائڻ ۽ پنهنجي جسم کي مون سان ٽچ ڪرڻ سان آءُ هن جي ارادن کي سمجهي ويوهوس هيسيتائين مون پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به عورت کي ايترو ويجهو نه محسوس ڪيو هوم اڳين باب ۾ آءُ ذڪر ڪري آيو آهيان ڪن ٻن ٽن ڇوڪرين جو جيڪي خادم جنرل اسٽور ۾ جنن سان چمي، ڀاڪر تائين ماحول ٿيندو هو ته ڪنهن کي چمي ڏيندي منهنجو اڌ ساهه نڪري ويندو هو. پر پوءِ آهستي آهستي ساهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لڳو هوس چون ٿا ته اهو وڻ ئي ڪونهي جنهن کي هوا نه لڳي هجي هن مثال انهي سان آهي ته اهو ماڻهو ئي ڪونهي جنهن کي عشق جي بيماري نه لڳي هجي. سو هن جو به مون سان عشق ٿيڻ لڳو. عشق جي معاملي ۾ آءُ پاڻ کي خوش قسمت ٿو سمجهان ته پهرين پهرين مون سان عشق ڪيو ويو مون پاڻ ڪڏهن به پهل نه ڪئي مرد ۽ عورت جي جنسي ميلاپ بابت هيسيتائين مون صرف ٻڌو هو پر اها مٺي ملاقات ڪيئن ٿيندي آهي مون کي قطعا معلومات نه هئي ۽ نه ئي ڪا خبر هئي. ائين آهستي آهستي هو چانهه جي بهاني منهنجي ڪمري ۾ گهڙي منهنجي ڪتابن ۾ پڙهڻ واري ٽيبل کي ڇنڊ ڦوڪ ڪندي پنج ڏهه منٽ ويهي به رهندي هئي امان کي ٻڌائيندي هئي ته مون ڪمري ۾ ڪتابن ۽ ٽيبلن جي صفائي پئي ڪئي امان جو هن کان وڌيڪ مون تي يقين هون ته آءُ اهڙي ڪابه حرڪت نه ڪرڻ جي طبعيت ئي ڪو نه ٿو رکان.
آهستي آهستي هن مون سان چميون ڏيڻ، ڀاڪر پائڻ، پنهنجي ڇاتي واري حصي کي منهنجي هٿن سان ڇيڙڻ واريون حرڪتون ڪرڻ لڳي ائين هن مون کي پيار ڪرڻ جي ابتدا سيکاري اهڙي نموني هڪ ٻئي کي ڀاڪرن ۽ جسمن کي هٿ سان ڇهڻ جو منهنجو اهو پهريون تجربو هو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ته آءُ به هري ويس ۽ هن جو انتظار ڪندو هوس هن جي اچڻ جو ، چمين جو، ڀاڪرن جو، جسم کي ڇهڻ جو ... الله ! ڪيڏو نه سُڪون مليو هوم هن جي رومانٽڪ ماحول وارن ڏينهن ۾. مون امان کان اهو ڪمرو ورتو هو پنهنجي اڪيلائي واري ماحول ۾ رهڻ لاءِ جتي آءُ ادبي ڪتاب پڙهي سگهان ڪاليج جي پڙهائي به ڪري سگهان جيڪو ڪيترا ئي ورهيه اوطاق لاءِ استعمال هيٺ هو. بابا جي ٻي شادي ڪرڻ بعد هن تلهار اچڻ ڇڏي ڏنو هو ته آهستي آهستي اها اوطاق اُجڙي رهي هئي ڪچهريون ختم ٿي ويون هيون موقعي جو فائد و وٺي مون انهي اوطاق تي قبضو ڪيو جنهن جو هڪ دروازو اسان جي گهر جي وڏي اڱڻ جي پاسي هوندو هو ۽ ٻيو دروازو ٻاهر گهٽي ۾ هوندو هو. جيڪي ڌارين ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ کلندو هو. مون کي هاڻ هن جي اچڻ جو انتظار رهندو هو هن جي چمين جو ۽ ڀاڪرن جو اهو معمول ڪيترا مهينا هليو هڪ ڏينهن چيائين: “آءُ توسان ملڻ ٿي چاهيان، پاڻ ڪهڙي ٽائم ملي سگهون ٿا”
مون چيو مانس: “آءُ ڪڏهن به ڪنهن عورت سان نه مليو آهيان”
چيائين: “اڳي ڪڏهن ڪنهن عورت کي ائين ڀاڪرن ۽ چمين ۾ ڪڏهن ورتو هوئي، ڪڏهن ڪنهن عورت جي جسم کي ائين ملايو اٿئي، جيئن پاڻ ملون ٿا”؟
مون چيو: “نه ....اهڙي ويجهڙائي سان اهڙي نموني پيار ڪرڻ جو منهنجو اهو پهريون تجربو آهي ” ته چيائين: “ تون فڪر نه ڪر آءُ توکي سڀ ڪجهه سيکاري ڇڏينديس تون پيار ڪونه ڪندين آءُ توسان پيار ڪنديس” منهنجي ڪمري ۾ آهستي آهستي هن جو معمول کان وڌيڪ ٽائم گذرڻ لڳو امان کي چوندي هئي ته آءُ تنهنجي پٽ جي بي ترتيب ڪمري کي سنواريان ٿي، پر امان اها ڪسوٽي ڀڃي ورتي هئي. هڪ ڏينهن امان مون کي چيو ته: “ اها ڇوڪري تنهنجي ڪمري ۾ ڇا ڪندي آهي جو ڪجهه دير اندر هوندي آهي، صفائي سٺائي ته هو ڪندي هئي جو بهانو ٺهيل هو پر پنج ڏهن منٽن ۾ گهڻا ڪم ڪري ويندي هئي مون کي امان چيو “ ابا اهڙي ڪا به حرڪت پرائي عورت سان نه ڪجان مون هن کي يقين ڏياريو ته آءُ ڪابه اهڙي حرڪت نه ڪندس جيڪا مون کي ڪرڻ ئي ڪونه ٿي اچي. ائين معمول جا مٺا مٺا ڏينهن گذري رهيا هئا هڪ ڏينهن مون کي چيائين آڌي رات جو آءُ تو وٽ اينديس ٻاهرين گهٽي وارو در ٻيڪڙي ڇڏجان، ڪڙو نه ڏجان بس هن ڏينهن کان منهنجو چين ڦٽي ويو مون کان ننڊ موڪلائي وئي.
ائين هڪ رات اچي وئي اچڻ شرط چيومانس ”پنهنجن گهر ڀاتين کي نشو ڏيئي آئي آهين ڇا جو ايترو بي کٽڪي آهين” مون کي چنبڙي پئي چيائين: “تون فڪر نه ڪر منهنجي سهيلي ٻارن سان جيئن ڪمري ۾ بند ٿيندي آهي سڄي ڏينهن جي ڪمن ڪارن جي ماريل ٿڪي ٽٽي سمهندي آهي ته هوش نه هوندو اٿس ۽ منهنجو مڙس مون سان مليو نه مليو شراب پي سمهندو آهي ته صبح تائين هوش نه هوندو اٿس ايتري قدر جو ڀر ۾ ستل منهنجي به خبر نه هوندي اٿس ته آءُ ستل آهيان يا نه”
مون چيومانس “ڏس اهڙي غلطي نه ڪجان متان ڪير جاڳي پيو ته تون ته مرندينءَ پر مون کي به مارائيندين” تڏهن هن مون کي چيو ته آءُ مري وينديس توکي نه مارائينديس. پهرين رات در کولي آئي مون کي ڀاڪرن ۽ چمين ۾ اچي ورتائين منهنجي جسم جي هڪ هڪ حصي کي چميائين ڪنهن به عورت سان ائين جسماني ميلاپ جو هي منهنجي پهرين واردات هئي جيڪا مون نه ڪئي هئي پر هڪ عورت ڪئي هئي هن پنهنجي ۽ منهنجي جسم کي ڪپڙن کان آجو ڪيو ۽ پوءِ هن مون کي سڀ ڪجهه سيکاريو ائين کڻي چوان ته هن ئي سڀ ڪجهه ڪيو ۽ آءُ سکي ويس ائين هر روز هو ايندي هئي اسان هڪٻئي کي جانورن وانگر چنبڙي پونداهئاسين اهو معمول تقريبا اسان جو هر روز هلندو هو واقعي هن جي گهر وارن کي ڪڏهن به خبر نه پئي. اسان لاڳيتو پنج ڇهه سال هڪٻئي سان ملندا رهياسين، جيسيتائين 1982 ع ۾ منهنجي شادي ٿي منهنجي شادي جون ڳالهيون هلي رهيون هيون ڪيترا ڏينهن مون کي هٿ ٻڌي ، خدا جا واسطا ڏيندي روئندي چوندي هئي مون سان ملڻ بند نه ڪجان منهنجو سچو پيار ختم نه ڪجان تون پنهنجي گهر ۾ نه ملي سهگين ته منهنجي گهر اچجان پر اهو سڀ ڪجهه شادي کان پوءِ ختم ٿي ويو هو منهنجا رستا روڪ ڪري التجائون ڪندي هئي پر اهو سڀ ڪجهه ممڪن نه ٿي سگهيو جيڪو اسان سڄي عمر ساٿ نڀائڻ ، گڏجي رهڻ، ملڻ ۽ پيار ڪرڻ جا وچن ڪيا هئا. 1982ع ۾ شادي ٿي وئي ۽ 1984 ع ۾ آءُ تلهار ڇڏي حيدرآباد شفٽ ٿي ويو هوس پوءِ سڀ ڪجهه پري ٿي ويو هن جا منهنجي ملڻ لاءِ اکين سان ڳوڙها وهندي ڏٺم پر هن جي ڳوڙهن کي اگهي به نه سگهيو هوس.
پري.....پري ۽ پوءِ تمام گهڻو پري ٿي ويا هئاسين.


چوري ڇا پڪڙيم پوءِ ته... (1978_1982 جي هڪ مٺي ياد)
ها هي به انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن مون پيار ڪرڻ سکي ورتو هو جنهن مون کي پيار ڪرڻ سيکاريو جنهن سان آءُ لذت ڀري ۽ مٺي مٺي زندگي گذاري رهيو هوس جنهن جي پيار ڀري زندگي سان اڃان پيٽ به نه ڀريو هو ته هڪ ٻي ڇوڪري جو به ذڪر ڪندو هلان جنهن به منهنجي زندگي جي روح کي تسڪين ڏيئي ڇڏي هئي آءُ هر روز دير سان سمهندو هوس حسبِ دستور سمهڻ کان اڳ ائين هوائي چڪر ڏيندو هوس پنهنجي گهٽي ۾ آس پاس جي ماحول جو ڇا ڏسان ته هڪ ڌاريو ڇوڪرو هن جي گهران نڪتو جيئن هو هن جي گهران نڪتو اڃان هن ڪڙو به نه ڏنو هو آءُ هن جي گهر گهڙي ويس پڇيومانس هي تنهنجي گهران ڪير نڪتو؟ منهنجي پيرن تي ڪِري پئي روئڻ لڳي. چيائين هي منهنجو دوست آهي، آءُ هن کي چاهيان ٿي. هي منهنجو پيار آهي. آءُ هن کان سواءِ رهي ڪونه ٿي سگهان. بس خدا جو واسطو اٿئي، ڪنهن کي نه ٻڌائجان نه ته آءُ مارجي وينديس. انهي کان اڳ جو آءُ ڪجهه چوان! هن چيو جيئن تون چاهيندين ، تيئن ٿيندو هن راز کي راز ۾ رکجان هو مون کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي وئي پنهنجي بستري تي آندائين مون سان پيار ڪرڻ لڳي ڀاڪرن ۽ چمين ۾ ڀري منهنجي رات هن سهاني ڪري ڇڏي اهڙو پيار ڪيائين جو هن جو انهي رات وارو پيار آءُ ڪڏهن به ڀلجي نه سگهيو آهيان هو هڪ ننڍي نيٽي ، تمام گهڻي سهڻي ڇوڪري هئي اڃان شادي ڪيئي ٻه سال ٿيا هوندس ڪجهه مهينن جو هڪڙو ٻار هوس مڙس نوڪري سانگي تلهار کان ٻاهر رهندو هو جيڪو هفتي هفتي ايندو هو گڏ سس رهندي هيس ٻن ڪمرن تي مشتمل گهر ۾ رهندي هئي هڪ ڪمري ۾ سس سمهندي هئي وچ ۾ دروازو ته ٻي ڪمري ۾ پاڻ رهندي هئي هن جي راز کي راز ۾ رکڻ جو مون واعدو ڪيو ۽ هن به مون سان توڙ نڀايو هن سان محبت جو سلسلو منهنجي شادي تائين تقريباً هفتي ۾ هڪ ٻه دفعه ملڻ سان ٿيندو رهندو هو ، هو پنهنجي دوست سان به ملندي رهندي هئي آخرڪار هن جو دوست هن کي ڇڏي ويو پر مون سان هن دوستي ختم نه ڪئي اوسيتائين جو آءَ حيدرآباد 1984 ع شفٽ نه ٿيس ۽ پوءِ به وقت ملندي هن سان محبت جو سلسلو قائم رهيو.


روتي سان رهاڻ (1978_1980 هڪ پيار ڀري ياد)
1976 ع جي مارچ مهيني ۾ بدين جي خزانه آفيس جوائن ڪئي هيم سال ٻن کانپوءِ مون کي آڊٽ گزيٽيڊ جي ٽيبل ملي هئي جنهن ۾ گزيٽيڊ آفيسر جي پگهارن جا بل آءُ پاس ڪندو هوس جيتوڻيڪ آفيس جي حساب سان ڪنهن به اهڙي نازيبا حرڪتن ڪرڻ ۽ ڪنهن گزيٽيڊ آفيسر سان ڳالهائڻ، وڏي همت جو ڪم سمجهيو ويندو هيو پر هن ٽيبل جو ڪم ئي اهڙو هو جو هر آفيسر مون وٽ ايندو هو ۽ پنهنجو پگهار جو بل پاس ڪرائيندو هو مرد توڙي عورتون آفيس ايندا هئا. جنهن ۾ ڊاڪٽر ۽ ليڪچرار وغيره ڪيترن ئي عورتن آفيسرن سان دعا سلام ٿي پر ليڪچرار “روتي” اهڙي آفيسر هئي جنهن مون سان نينهن جا ناتا جوڙيا روتي پهرين ته پنهنجي ڪم سانگي ايندي هئي پر پوءِ پنهنجي ڊيوٽي ڏيئي ڪاليج مان سڌو مون وٽ ايندي هئي ڪجهه عرصو ته آفيس وارن ڏٺو پر پوءِ اسانجي پريم کي هو سمجهي ويا هئا مون کي چوندا هئا ته ”يار ڀلا ڀاڳ تنهنجا آهن، جو هڪ نوجوان ۽ سهڻي ڇوڪري صرف توسان ڪچهري ڪرڻ ٿي اچي” سڀني محسوس ڪري ورتو هو مون هن کي منع ڪيو ته هروز نه اچي پر هڪڙو واعدو هن ورتو ته ٺيڪ آهي آءُ ڪونه اينديس، پر تون منهنجي گهر هر روز ايندين، مون هن سان اهو واعدو ڪيو ته آءُ هن جي گهر روز ايندس. آفيس جي موڪل بعد آءُ هر روز هن جي گهر ويندو هوس. هن جي گهر ۾ هن جي ماءُ، هڪ ننڍي ڀيڻ، ۽ ننڍي ڀاءُ کانسواءِ پيءُ جيڪو نوڪري سانگي صبح جو نڪرندو هو شام جو ايندو هو ٻنپهرن جي ماني هر روز هن گهر کائيندو هوس. هر روز سج لٿي مغرب کان پوءِ هن جي گهران شام واري چانهه پي تلهار ايندو هوس، جو مغرب کانپوءِ سواري گهٽ نڪرندي هئي. مون کي هن جا گهر ڀاتي ائين ڀائيندا هئا، ايترو پيار ڪندا هئا، ڄڻ آءُ به هنن جي گهر جو ڀاتي هجان هر ڪو پنهنجي پنهنجي حساب سان ڪم ڪار کي لڳي ويندو هو، پر هو روئي اچي منهنجي ڀرسان، پينگهي ۾ ويهي ڪچهريون ڪندي هئي هن جي گهر جو ماحول انتهائي پيار ڪندڙ ماحول هو هن جي گهر پاپڙ، هن جي ماءُ ۽ ڀيڻ جوپيار اڄ به ياد ٿا اچن روتي مون کي دل ڏيئي ويٺي هئي ءُ آءُ به هن تان گهور گهور پيو ويندو هوس 22، 23 سالن جي نوجواني، جذباتي ۽ پيار اسان کي هڪٻئي جي ويجهو تمام ويجهو آڻي ڇڏيو هو ايترو ويجهو جو هڪٻئي کان سواءِ هڪ پل به جدا ٿيڻ لاءِ تيار نه هئاسين پر مجبوراً آءُ جدا ٿي پنهنجي ڳوٺ ايندو هوس هن مون سان شادي ڪرڻ پئي چاهي ڪنهن به حال ۾ ڪنهن به صورت ۾ مون کي اڄ به هن جون پينگهي جي لوڏ ۾ ڪيل ڪچهريون، پيار ڀري ماحول ۾ ڪچهريون ڪرڻ ياد ٿو اچيم ته اکين مان ڳوڙها نڪري ٿا پون آءُ هن کي چوندو هوس ڏس روتي پاڻ مذهبي طرح هڪٻئي سان الڳ آهيون پر هن جو پيار اهڙو هو جو آءُ به تيار ٿي ويس هن جو موقف هو ته مون کي پنهنجو ڪر آءُ تنهنجي لاءِ مسلمان ٿيڻ لاءِ به تيار آهيان اسانجي پيار جو سلسلو ائين هڪٻئي کي واعدا وچن ڏيئي ڪيترا سال هليو نيٺ هن جي ڳالهين کان مجبور ٿي مون اها ڳالهه امان سان ڪئي امان ته پڪي مذهبي وري پڪي مولائڻ هئي هو ته غير مسلم جي گهر به نه ويندي هئي هن جا منهنجي جي ڳالهه ٻڌي مون کي هن جي گهر وڃڻ کان روڪي ورتو آءُ هن جي گهر وڃڻ کان نه رڪيس اڳتي هلي والده کي اها ئي اڻ تڻ هئي ته هي پيار جو پرڻو نه ڪن مون کان روز حال احوال وٺندي هئي هڪ ڏينهن چيومانس امان هو منهنجي لاءِ شيعه ٿيڻ لاءِ تيار آهي پر امان هئي جو هڪ وک به اڳتي وڌڻ لاءِ تيار نه هئي، رهندو مون کي پئي جُٺن سان گڏ، قسمون پئي ڏيندي هئي ته ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪجان .
روتي منهنجي دل ۾ وسندڙ پهرين راڻي هئي جنهن سان شادي ڪرڻ لاءِ ايترو سنجيده ٿي ويو هوس پر هڪ ڏينهن منهنجي سنجيدگي منهنجي پيار ۽ منهنجي ڳالهه تان نه هٽڻ واري هوڏ امان پرکي ورتي هئي اچانڪ هڪ ڏينهن چيائين اڄ کان پوءِ روتي جي گهر ويندين ته توکي “ٿڃ” ڪونه بخشينديس بس اها هڪ هڪڙي امان جي ڳالهه منهنجي مٿي کي هٿوڙو هڻي ڇڏيو هو منهنجي دل ۽ دماغ کي سڪتو ڄمائي ڇڏيو هو پر امان جي ٿڃ نه بخشڻ واري ڳالهه کي آخري ڳالهه سمجهي ڇڏي هيم بس شادي واري ڳالهه تان هٽي ويو هوس آهستي آهستي هن جي گهر وڃڻ به گهٽائي ڇڏيم.
هيڏانهن امان ۽ ادا وارا منهنجي شادي ڪرڻ پويان سنجيدگي سان لڳي ويا ۽ پوءِ مون امان جي ٿڃ نه بخشن واري ڳالهه مڃي ورتي هئي هيڏانهن منهنجي شادي جون تڪڙيون تڪڙيون ڪوششون ٿيڻ لڳيون ۽ پوءِ منهنجي شادي به ٿي وئي ۽ بدلي به بدين کان ٿي وئي روتي به شادي ڪري ڪراچي هلي وئي.


جيئڻ جنين ڪاڻ (1974_1975 دل کي چڀندڙ ياد)
هن سان منهنجي جنون جي حد تائين محبت انهي ڪري هئي جو مون هن سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي هو هر روز شام جو منهنجي وڏي ڀيڻ جي گهر ايندي هئي اسان ٻئي هر روز شام جو پينگهي جي لوڏ ۾ لڏندي پنهنجي جيون ساٿ گذارڻ جا وچن ڪندا هئاسين واعدا ڪندا هئاسين گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جا قسم کڻندا هئاسين امان روز رات جو چانهه جو هنڊو چاڙهيندي هئي انهي چُلهه جي چوطرف اسان سڀ ويهه ، پنجويهه ڄڻا اسان پنهنجو پاڻ ۾ سوٽ، ماسات، ڀائر ۽ ڀينرون امان جي ٻاريل چُلهه جي چوگرد اچي ويهندا هئاسين ۽ چانهه پينداهئاسين امان ۽ منهنجي وڏي ڀيڻ اهو خرچ برداشت ڪنديون هيون پر اسان سڀني کي هڪ هنڌ ڪچهريون ڪندي چانهه پئيندي، ڳجهارتون ڏيندي، سهرا ۽ گانا ڳائيندي خوشي محسوس ٿيندي هئي منهنجي سوٽ هر روز منهنجي ڀر ۾ منهنجي ٻانهن سان پنهنجي ٻانهه ملائي ويهندي هئي سڀني کي ڏيکاريندي هئي ته آءُ صرف هن جي آهيان ۽ هي صرف منهنجو آهي امان ۽ ادي وڏي اسان ٻنهي جي پيار کي ڏسي ولهور پيون وينديون هيون اسڪول مان موٽندو هوس ته هو گهر جي ٻاهرين دروازي جي سيمينٽ سان ٺهيل ٻن دڪين تي ويهي منهنجو انتظار ڪندي هئي آءُ به ڪتابن جو ٿيلهو گهر رکي ڊريس بدلائي سڌو تلهار جي مشهور واه، لنڊو واه جيڪو ڪهيري بلوچ امام بارگاهه ڀرسان وهندو هو جنهن ۾ بلوچ پاڙي جون سڀ مايون ڪپڙا ۽ ٿانو ڌوئينديون هيون ٻارن جي اسڪول کان پوءِ ٻنپهرن جي ٽائم تي ٻارن کي انهي واهه ۾ وهنجڻ جو ايڏو ته جنون هوندو هو جو اسڪول کان واپسي تي ٻار گهر ۾ ماني به نه کائيندا هئا سڌو لنڊي واهه ۾ وهنجڻ .
آءِ هن سان گڏ سڌو واهه ۾ پوءِ لنڊي واهه ۾ لِڪ لڪوٽي ، هڪٻئي کي جهلڻ، ڪلاڪن جا ڪلاڪ هو واهه ۾ ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندي هئي لِڪ لڪوٽي راند ۾ هن کي ڪير جهلي اها راند هو صرف مون سان ڪندي هئي هي چلولي ڇوڪري جيڪا منهنجي دل ۾ سمايل هئي هن جا سڀ انگل ۽ آرا، آءُ پورا ڪندو هوس ۽ چوندي به صرف مون کي هئي ميرن جي باغ مان ڪچڙيون انبڙيون پٽي هن کي کارائيندو هوس انبڙيون جيتوڻيڪ هن کي وڻنديون هيون پر باغ جي مالهي جا اڪثر موچڙا آءُ کائيندو هوس جنهن ڏينهن موچڙا کائيندو هوس پنهنجا ڪن پڪڙي ، نڪ تي آڱر رکي توبهه توبهه ڪندي چوندي هئي بس هاڻي انبڙيون ڪونه کائينديس پر ٻي ڏينهن اها ڳالهه وسري ويندي هيس هن کي گيدوڙا وڻندا هئا اهي پٽي کارائيندو هوس زيتون، ڄارين جي اوٽ ۾ ويهي کائيندا هئاسين اها سانولي ، منهنجي دل جي ڪنڊ پاسي تي راڄ ڪندڙ پنهنجن مائٽن ۾ پهرين محبوبه هئي جنهن سان شادي جا وچن ڪيا ۽ هن به واعدو ڪيو هو ته ڪنهن به حال ۾ ، ڇا به ٿي پوي آءُ امان جي مرضي موجب هن جي ڀائيٽي سان شادي نه ڪنديس پر بابا جي پسند موجب هن جي ڀاڻيجي يعني توسان شادي ڪنديس ائين اسان جي پاڪ و پوتر محبت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي هئي اسان جي پيار جا چرچا سڄي ڳوٺ ۾ ٿي رهيا هئا اسان به جوان ٿي ويا هئاسين مون کي ڇا پر ڪنهن کي به اهو وهم و گمان ۾ نه هو ته اها بازي هن جي ماءُ کٽي ويندي.
مون باقائده سڱ لاءِ امان کي هن جي گهر موڪليو . هن جو پيءُ ته راضي هو پر ماءُ راضي نه هئي . هاڻ اسان جي روئڻ جا ڏينهن شروع ٿي ويا هئا ڪا باقائده هن جي مڱڻي نه ٿي هئي. ۽ مون کي جواب ڏنو ويو. پر سندس پيءُ مون کي آسرو ڏيئي رهيو هو ته تون دل نه لاهجان آءُ جيئرو رهيس ته پنهنجي ڌي جو سڱ توکي ڏيندس آءُ پنهنجي ڀيڻ جي گهر روز شام جو هن سان پينگهي جي لوڏ ۾ هن سان ساٿ نڀائڻ ۽ هن به ڇا به ٿي پوي مري وينديس شادي صرف توسان ڪنديس نه ته خودڪشي ڪري ڇڏينديس جي قسمن ۽ واعدن سان زندگي جا ڏينهن هڪٻئي جي آسرن ۽ اميدن ۾ پئي گذريا ته هن جي گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي وڌي وئي ۽ آءُ هن جي منهن ڏسڻ لاءِ به سِڪي ويس بس پوءِ ڇا ٿيو ايندڙ صفحن ۾ بيان ڪندس.


ڪهڙي خبر ائين ٿيندو (1975جي هڪ تلخ ياد)
خادم جنرل اسٽور تلهار جي ڳالهه ڪري آيو آهيان اتي آءُ روز ويهندو هوس مون کان ننڍو ڀاءُ محمد منير منهنجي مدد لاءِ ايندو هو ته آءُ ڪجهه گهڙيون گهر ويندو هوس يا ماني وغيره کائڻ گهر ويندو هوس انهي ڏينهن ماما صادق علي جو نياپو آيو ته ماما مون کي پنهنجي ڪپڙي واري دڪان تي گهرايو آهي صبح جو 10 بجه کان شام جو 4 بجه تائين پنج ڇهه دفعه هن جو ننڍو پٽ آيو ته بابا توهانکي سڏي پيو توهان ڇو نه پيا اچو مون چيو ته منير اچي دڪان تي ويهي ته آءُ اچان پيو اتفاق ته ڏسو ته هونئن روز ايندڙ منير انهي ڏينهن نه آيو جو نه آيو مون کي به ايترو عقل نه آيو جو اڌ ڪلاڪ دڪان بند ڪري وڃان ها يقينا مون سان هو اهم ڳالهه ڪري ها ڪو اهم فيصلو ٻڌائي ها پر بدقسمتي سان هي اهو ئي ڏينهن هو شام جو 5 بجه پنهنجي لوفر ڀائٽي جي خلاف دانهن لاءِ تلهار جي پوليس ٿاڻي ويو اتي هن کي دل جو دورو پيو ۽ اتي ئي انتقال ڪري ويو بس اهو ڏک ۽ اها ڳالهه جيڪا مون کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪرڻ جي ڳالهه هئي جيڪا منهنجي ٿوري بي عقلي ڪري نه ٻڌي سگهيس ۽ پوءِ سواءِ پڇتاءُ جي ٻيو ڪجهه به نه رهيو هو.


سنگت سان ڪچهريون (1975کانپوءِ جون يادون)
تلهار هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ذهني پُختگي به اچي وئي هئي ۽ سنگت ۾ ساٿين جو هڪ وڏو ساٿ ٺهي ويو هو انٽر ڪرڻ کانپوءِ ته عمر اڃان به ٿوري وڏي ٿي وئي هئي اسان دوستن جو هڪ وڏو گروپ ٺهي ويو هو هي آءُ مئٽرڪ ۽انٽر ڪرڻ کانپوءِ يعني 1975، 76 کان پوءِ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. دوستن جو هڪ وڏو گروپ هو جنهن ۾ لياقت علي خواجه، محمد صالح جتوئي، سرفراز ، غلام محمد ڪاٺياواڙي، غلام عباس اسين سڀ هر روز شام جو اٽڪل 5 يا 6 کان پوءِ ملندا هئاسين پوءِ گڏجي هر روز تلهار جي ريلوي اسٽيشن تي ويندا هئاسين تلهار جي ريلوي اسٽيشن انهي وقت شاد و آباد رهندي هئي سڄو ڏينهن ريلوي جون گاڏيون هلنديون هيون ۽ شام جو ته تلهار جي ريلوي اسٽيشن ڪچهريون ڪندڙ ماڻهن سان ڀرجي وينديون هيون خاص ڪري گرمي جا اٺ مهينه ته تلهار جي ريلوي اسٽيشن شاد و آباد رهندي هئي ڪيترائي ماڻهو ٽولين جي صورت ۾ اچي تلهار ريلوي اسٽيشن جي بئنچن تي ويهي رات تائين ڪچهريون ڪندا هئا اسان جي سنگتين ۽ ساٿين ۽ دوستن جو هڪ وڏو ٽولو هر روز تلهار جي ريلوي اسٽيشن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ڪندا هئاسين کليل فضا ۾ ٺهيل هي ريلوي اسٽيشن اڄ به تلهار ۾ اجڙيل ۽ ويران نظر اچي ٿي هاڻ نه ريلوي جون گاڏيون هلن ٿيون ۽ نه ئي هاڻ ماڻهن جون ڪچهريون ٿين ٿيون تلهار جي ريلوي اسٽيشن اڄ ته سج لٿي بعد ويران ۽ ڊپ ڏياريندڙ، جنات واري مقام جي حيثيت وٺي وئي آهي گاڏيون بند ٿي ويون ۽ اڄ جي نوجوانن کي ڪمپيوٽر ۽ موبائيل تان واندڪائي نه ٿي ملي اهي ڪچهريون اهي دوستيون اهي محبتون ۽ الفتن جا رنگ تبديل ٿي ويا آهن. موبائيل ۽ ڪمپيوٽر اهي سڀ ڳالهيون ختم ڪري ڇڏيون آهن پر تلهار ريلوي اسٽيشن تي ويهي ڪڏهن به گرمي جو احساس نه ٿيندو هو اتي اڄ به اهائي کليل فضا کليل ۽ بهترين هوا اڄ به انهي انداز سان موجو د آهي پر اسان سڀ هاڻ اتي موجود نه آهيون.


محبوب سئنيما ۽ انجي هوٽل
انهي زماني ۾ تلهار جي واحد محبوب سئنيما ٺهي هئي وڏي رش ٿيندي هئي شروعاتي مهينن ۾ نوجوانن جو وڏو انگ سئنيما جا ٽئي شو ڏسندا هئا اسان جي دوستن جو ٽولو به گڏجي فلم ڏسندا هئاسين شروع شروع ۾ گهڻو ڪري هر هفتي فلم بدلبي هئي ته هر نئين فلم ڏسندا هئاسين پر پوءِ آهستي آهستي هر فلم ڏسڻ جو رجحان گهٽجي ويو ۽ پوءِ محمد علي ، زيبا، نديم، شبنم يا صبيحه سنتوش جون فلمون ضرور ڏسندا هئاسين پر سئنيما جي اندر سئنيما جي ڪينٽين ٺهيل هوندي هئي ننڍڙي پر تمام سٺي هوٽل هئي هوادار ايتري هئي جو پکي جي ضرورت نه پوندي هئي اسان جي دوستن جو سڄو گروپ چاچي خالق شاهه جي هوٽل جيڪا اسان جي ٽولي جي هڪ ساٿي سرفراز اردو ڳالهائيندڙ هاڻ ڪراچي ۾ ٿا رهن انهن جي هوٽل هوندي هئي اتي اسان تقريبا هر روز ويندا هئاسين ريلوي اسٽيشن ۾ ايندي ويندي هوٽل جي چانهه ۽ ٽنڊي باگي جي بس اسٽاپ تي هڪ مشهور ڪئبن تي وڃي پان کائڻ اسان جو معمول هو
هل ڙي اهي به ڏينهن هئا .......!!!؟؟؟


حيدرآباد جا چڪر
تلهار جي سنگت جي پي ڳالهه ڪيم ته بدين جي هڪ سنگت ياد اچي ويم مارچ 1976 ع ۾ مون کي بدين جي خزانه آفيس ۾ نوڪري ملي هئي اتي به سڀ آفيس ڪليگ منهنجا دوست ٿي ويا پر ٻه ڪليگ اهڙا هئا جن سان منهنجي دوستي ڪجهه پڪي ٿي وئي اهي هئا. اميد علي لاشاري ۽ محمد بخش ڀرڳڙي. بدين ۾ نوڪري بعد اسان گهڻو ڪري گڏ ويندا هئاسين پر هڪڙو سيٽ اپ ائين ٺاهيوسين ته پگهار ملڻ بعد هر مهيني حيدرآباد وڃڻ جو پروگرام ٺاهيندا هئاسين بس پوءِ اهو معمول ٿي ويو ته هر مهيني پگهار ملڻ کان پوءِ پهرين آچر تي حيدرآباد هوندا هئاسين ڇنڇر ڏينهن شام جو بدين مان نڪري حيدرآباد ايندا هئاسين هوٽل ۾ ڪمرو وٺي آچر جي رات 6 بجه وارو يا 9 بجه وارو فلم جو شو ضرور ڏسندا هئاسين آچر ڏينهن سڄو ڏينهن بازار مان خريداري ڪري شام جو مارڪيٽ واري علائقي مان ۽ پوءِ گاڏي کاتي حيدر چوڪ مان وار ٺهرائي مغرب ٽائم واپس بدين لاءِ نڪرندا هئاسين آءُ تلهار لهي پوندو هوس ۽ هو بدين هليا ويندا هئا.


فيشن ڪرڻ
انهي دور ۾ فيشن جي دنيا عروج تي هوندي هئي ڪڏهن سلوار جا پاچا وڏا، قميص ننڍي، ڪڏهن قميص وڏي ته ڪالر وڏا ، وار وڏا هپي ڪٽ، رنگين ڪپڙا پائڻ گو گو چشمو پائڻ مون به فيشن جي دنيا ۾ هر رنگ جو فيشن ڪيو مون فيشن ڪرڻ ته مئٽرڪ کان پوءِ ڪيو پر غربت سبب گهڻو نه ڪري سگهندو هوس پر بدين ٽريزري ۾ نوڪري ملڻ بعد مون هر قسم جو فيشن ڪرڻ شروع ڪيو وار وڏا، وار وڏا هپي ڪٽ، ڪپڙن جو ننڍو وڏو هر فيشن ڪرڻ باقده شروع ڪيم وار حيدرآباد مان ٺهرائيندو هوس ته ڪپڙا ۽ بوٽ ۽ سينڊلن جي خريداري به حيدرآباد مان ڪندو هوس اميد علي لاشاري ۽ محمد بخش ڀرڳڙي پنهنجي ضرورت موجب خريداري ڪندا هئا پر آءُ انهن کان گهڻو اڳتي نڪتل هوس. ڪپڙن جي سلائي بدين جي اسان ٽنهي جي دوست ۽ بدين جي بهترين درزي اشرف کان ڪرائيندو هوس مختلف ڊزائنون ٺهرائيندو هوس اهي ڊيزائنون آءُ مختلف رسالن مان ڏسندو هوس ۽ اشرف رسالن جي ڊيزائين موجب انهن بدلجندڙ فيشن موجب ٺاهي ڏيندو هو ۽ آءُ فيشن جي دنيا ۾ پير پائيندڙ پنهنجي خاندان ڇا بلوچ قوم ۾ پهريون شخص هوس انهي ڪري ئي آءُ هر ڪنهن کي پيو وڻندو هوس هر اک مون کي ڏسندي هئي هر راڻي جي دل جو راڻو ٿيڻ لڳس پوءِ ته زندگي ئي بدلجي وئي ڪيتريون ئي عاشقياڻيون فيشن جي ڪري موهت ٿي پيون ۽ پاڻ کي خوش نصيب سمجهڻ لڳندو هوس جو ڪيتريون منهنجي ڳوٺ جون ڇوڪريون مون تي عاشق هيون.

خوفناڪ ڊپ
آءُ اڃان انگريزي اسڪول ۾ هوس ته تلهار ۾ هڪ ڀوائتي شخصيت نمودار ٿي اهو هو لکانو شيدي. آهستي آهستي ٻڌڻ ۾ آيو ته لکانو شيدي سهڻن ڇوڪرن کي اغوا ڪري ٿو ۽ انهن کي کارائي، پياري ٿو پالي ٿو پوسي ٿو ڏسندي ڏسندي منهن جي پويان به لڳو پر مون ڪڏهن هن کي وجهه نه ڏنو آءُ ته هن جي ٻڌل ڪرتوتن کان پوءِ هن جي پاڇي کان ڀڄڻ لڳس پري کان هن کي ڏسندو هوس ته گهٽيون مٽائي ڀڄي ويندو هوس هو تلهار جي سهڻن ڇوڪرن پويان لڳندڙ هڪ وحشي درندي نما انسان طور ظاهر ٿيو هو. هن جو منهنجي دل ۾ ايڏو خوف ويهي رهيو ته آءُ سج لٿي کان پوءِ گهران ڪو نه نڪرندو هوس ۽ هن جي خوف طاري ٿيڻ سبب هن جي ڊگهي قدآوار ۽ وحشتناڪ ماڻهو کان هميشه پري پري رهيس هن جو خوف سڄي تلهار ۾ ڪيترائي سال رهيو پر ڪيترا ئي سهڻا ڇوڪرا هن جي ور چڙهي چڪا هئا ڪيترن سهڻن ڇوڪرن سان هو گڏ گهمندو ، ڦرندو هو کارائيندو ، پياريندو هو پر خدا تعالى مون کي هن جي وحشت کان هميشه محفوظ رکيو پر هن جو طاري ٿيل خوف اڄ تائين ياد اٿم.

مير عبدالقادر جمالي جي اوطاق (1975_76 کانپوءِ جون يادون)
هي به انهي زماني جي ڳالهه آهي جڏهن اسان مئٽرڪ 1973 پاس ڪئي هئي انگريزي اسڪول جا چند دوست هڪٻئي جي ويجهو هئاسين انهن ويجهن ڪلاس فيلوز ۾ مير عبدالقادر جمالي ، ڊاڪٽر نيڪ محمد جمالي، مختيار جمالي ۽ نور حسن جمالي به هوندا هئا. اسان چار ڄڻا هڪٻئي جي قريب انهي ڪري به هئاسين ته اسان گهڻا رلڻ وارا ماڻهو نه هئاسين ڪنهن قسم جي ٽرڙائي يا ڦڏي بازي واري طبعيت نه هئي ۽ نه ئي غير سنجيده هئاسين. انٽر ڪلاس 1975 پڙهڻ کان پوءِ اڃان به عمر ۾ ٿورا وڏا ٿي ويا هئاسين شام جي وقت اڪثر آءُ مير عبدالقادر جمالي جي چوڻ تي هيڏانهن هوڏانهن رلڻ بجاءِ واندڪائي واري ٽائم ۾ آءُ اڪثر مير جي اوطاق تي ويندو هوس سندس جي اها اوطاق انهي ساڳئي گهٽي ۾ شايد انهي ساڳئي جڳهه تي جتي اڄ ڪلهه هڪ محل نما بنگلو (سياسي اوطاق) ٺهيل آهي شام جو آءُ اوطاق تي اچي ويندو هوس مير گهڻو ڪري ٻنپهرن جو آرام ڪري شام واري چانهه سنگت سان اوطاق ۾ پئيندو هو مٿي ذڪرڪيل دوستن کان سواءِ قربان جمالي، عالم جمالي، ۽ ٻيا به دوست گڏ ٿيندا هئا سج لٿي کان پوءِ مير عبدالقادر جو والد صاحب سائين محمد خان جمالي اچي ويندو هو آهستي آهستي سائين جا ساٿي اچي ويندا هئا اسان جو جوڙ ٻاهر اڱڻ يا ورانڊي مان اٿي ڪمري ۾ ويهندا هئاسين بس اهو به منهنجي انهي وقت جي معمولات ۾ شامل هو . مير عبدالقادر جيتوڻيڪ منهنجي حيدرآباد شفٽ ٿيڻ بعد ڪچهرين ۽ ملاقاتن جو سلسلو گهٽجي ويو پر هن جي حياتي تائين جڏهن به عيد برات يا مرڻي پرڻي يا گهمڻ ڦرڻ جي حساب سان تلهار ايندو هوس ته گهڻو ڪري ڪوشش ڪندو هوس ته مير عبدالقادر جمالي سان چار گهڙيون ڪچهريون ڪجن ۽ ملڻ به وڃجيس تازو هاڻ جنوري 2013 ۾ گذاري ويو آهي پر هن جون عزتون هن جو قرب ڪچهريون ملاقاتون ۽ ملڻ جلڻ واري عزتانه انداز کي ڪڏهن به نه وساري سگهندس.


علي احمد چانڊئي جي اوطاق (1976 کانپوءِ جون ڳالهيون)
هي ڳالهه به آءُ غالبا 1976 ع کانپوءِ جي ڪري رهيو آهيان. علي احمد چانڊيو تنهن وقت باواني شگر مل تلهار جو ڪين مئنيجر هو هو انتهائي خلوص ۽ محبت وارو ماڻهو ، غريبن جو هڏ ڏوکي، يارن جو يار هو هن جي راهي رسائي تمام وڏي هوندي هئي دل جو سخي ۽ بادشاهه ماڻهو هو باواني شگر مل تلهار ۾ ڪيترائي ماڻهو هن روزگار سان لڳايا موجوده غريب آباد چونڪ تي جمالي واري گهٽي ۾ سندس گهر هو ۽ گهر جي ٿورو ئي ٻاهران مين روڊ تي سندس اوطاق هوندي هئي اسان جي گهر وارن جا انهن سان گهريلو تعلقات هئا اسان ته ٻار هئاسين يا جوان به ٿياسين ته علي احمد چانڊيو جي گهر ڪنهن به قسم جي پرديداري يا حجاب نه هوندو هو اڳتي هلي هنجو ذڪر ڪجهه تفصيلي ڪندس پر هتي آءُ هن جي اوطاق جو ذڪر ڪندو هلان هن جي اوطاق ۾ هن جي ڳوٺ جا ماڻهو ۽ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو رهندا هئا پر روزانه جي بنياد تي اها اوطاق هر روز پئي وسندي هئي چانهه پاڻي، ماني ٽڪي هنڌ بستري جي ڪڏهن به گهٽتائي محسوس نه ٿي هن جي گهران لنگر پيو ايندو هو.
بهرالحال علي احمد چانڊيو جي اوطاق ۾ ڀان سعيد آباد جو هڪ شاگرد مختيار احمد ميمڻ ۽ بشير لغاري مستقل طور رهندا هئا جيڪي منهنجا پڪا دوست ٿي ويا هن جا ڀائيٽيا علي غلام چانڊيو، ۽ علي نواز چانڊيو منهنجا دوست ٿيا علي غلام چانڊيو نوجواني ۾ گذاري ويو پوءِ علي نواز سان ياري پڪي ٿي آءُ به انهي اوطاق ۾ مختيار ، بشير ۽ علي نواز سان ڪچهريون ڪرڻ ويندو هوس پر جيئن سج لهڻ کانپوءِ اها اوطاق علي احمد چانڊيو ، ناصر بلوچ، غلام قادر کوسو، نبي بخش ڪلهوڙو ، محمد بخش ڀٽي سان ڀرجي ويندي هئي ڏسندي ڏسندي آڌي رات ٿي ويندي هئي جيئن ته انهن روزاني مچندڙ ڪچهري ۾ مون کان عمر ۾ تعليم ۾ ۽ رتبن ۾ سڀ وڏا هئا تنهنڪري آءُ اهڙن معتبرن شخصيتن جي اڳيان ويهي نه سگهندو هوس سو اها علي احمد چانڊيو جي اوطاق سدائين پئي ڪچهرين سان ٽمٽار ۽ سدائين پئي وسندي هئي. افسوس علي احمد چانڊيو جيڪو تازو 5،6 سال اڳ گذاري ويو جنهن دنيا وارن سان ڀلايون ڪيون هن کي ياد ڪرڻ وارو اڄ ڪير به ڪونهي .


خليفو نور احمد جي اوطاق (1970_80 ڏهاڪي جي اڻ وسرندڙ ياد)
هي اوطاق به خليفو نور احمد جي والد صاحب جي هئي جنهن ۾ تلهار جا کوڙ ماڻهو گڏ ٿيندا هئا سڄو ڏينهن اوطاق جو در کليل هوندو هو سخي مرد هو . آءُ شام جو ڪڏهن ڪڏهن نور احمد خليفي وٽ ويندو هوس جتي اسان به ٽي ڄڻا ملندا هئاسين عبداالشڪور کٽي ۽ سليم نظاماڻي جا نالا ياد پون ٿا جيڪي ڪچهري ۾ شامل هوندا هئاسين.


ملباري جا پڪوڙا
آءُ تلهار جي انهن اسڪول جي ساٿين جو ذڪر ڪري آيو آهيان جيڪي اسان هر روز شام جو گهران نڪري جڏهن اسٽيشن تي وڃي ويهندا هئاسين انهن ۾ لياقت علي خواجه، محمد صالح ميمڻ، غلام محمد ڪاٺياواڙي، سرفراز، غلام عباس تلهار اسٽيشن وڃڻ مهل ڪڏهن احمد پڪوڙائي جا گانٺيا ڪڏهن تقريبا هر روز چاچا خالق شاهه جي هوٽل جي چانهه ۽ ائين ئي تقريبا هر روز موجوده عزاداري چونڪ اڳيان خواجه لياقت علي جي گهر ڀرسان ملباري جي پڪوڙن جو دڪان هوندو هو. ملباري جو اصل نالو ته محمد عمر ملباري هو پر ملباري جي نالي سان مشهور هو شايد اصل نالو به اهو هجيس پر هو بنگالي هو. گوڏ ۽ گنجي ۾ سدائين رهندو هو انتهائي ڪنو، سدائين پيو پگهر وهندو هوس ۽ نسوار چپن ۾ رکڻ جي عادت هيس ، گدلو، ڪنو پگهر ۾ شل انهن هٿن سان پگهر پيو اگهندو هو انهي هٿ جي آڱرين سان وات مان نسوار پيو ڪڍندو ۽ وجهندو هو ۽ اهو ئي هٿ بنا ڌوئڻ جي بيسڻ جي ديڳڙي ۾ وجهندو هو جڏهن به اسان ويندا هئاسين تقريبا هر روز يا نه ته ٻي ڏينهن هن جا پڪوڙا کائڻ ِِضرور ويندا هئاسين .
جيئن ڪنهن ڊاڪٽر جي هٿ ۾ شفا هوندي هئي ائين ملباري جي هٿ ۾ بهترين ۽ مزيدار پڪوڙا ٺاهڻ جي مهارت خدا تعالى ڏني هيس خدا جنهن کي رزق ڏي انهي ڳالهه موجب هن جي پڪوڙن جي دڪان تي هر وقت ۽ سدائين رش هوندي هئي اسان جي سنگت هن جي پڪوڙن ٺاهڻ جي اهڙي گندي نموني کي ڏسندا هئاسين ته اسان هڪٻئي سان وچن ڪندا هئاسين ته سڀاڻي کان هن جا پڪوڙا نه کائينداسين پر ٻي ڏينهن وري اچي ويندا هئاسين. تلهار ۾ رهي جنهن ملباري جي پڪوڙن جي مزو نه ورتو ڄڻ ته ڪجهه نه کاڌو هڪ ڏينهن لياقت خواجه مون کي چيو ته هاڻ پاڻ سڀ سامهون واري هوٽل ۾ ويهنداسين ۽ غلام عباس پڪوڙا وٺي ايندو هو ائين جو نه ڏسون نه دل خراب ٿئي پر کائيندا ضرور هئاسين ائين اسان ڪيترا سال ملباري جي مزيدارن پڪوڙن جو مزو ورتو.


ڌوٻي جو دڪان (1970_80 جي قرب ڪچهرين جي ياد)
تلهار ۾ موجوده الله والا چونڪ تي هن وقت جي مشهور ذاڪر اهلبيت محترم رسول بخش جتوئي جو ڌوٻي جو دڪان هو انهي وقت تلهار ۾ هڪ ٻه ڌوٻين جا دڪان هئا پر رسول بخش جتوئي جو دڪان انهي ڪري به مشهور ٿي ويو جو هو يار ويس سنگت ساٿ وارو ماڻهو هو منهنجي به ساڻس مائٽن جهڙو واسطو هو هن جو سوٽ غلام رضا جتوئي ۽ ڀاءُ غلام حيدر جتوئي ته منهنجي هم عمر هئڻ سبب منهنجا دوست هئا منهنجي واندڪائي واري وقتن ۾ هي دڪان به هو جتي آءُ وڃي ويهندو هوس غلام رضا ، غلام حيدر ۽ هن سان خوب ڪچهريون ڪندو هوس ٻي خاص ڳالهه اها هئي جو هر روز شام جو تلهار جون ٻه مشهور علمي ، ادبي شخصيتون سائين شمس الدين ميمڻ ۽ مرحوم نياز محمد جتوئي دڪان جي ٻاهران رکيل بئنچن تي اچي ويهندا هئا حالانڪه آءُ انهن ٻنهي استادن جو شاگرد هوس سائين جن سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئشن ۽ سنڌي ادب سنگت جا چئيرمين هئا ۽ انهي بئنچ تي ويهي ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ سگا بابت ڳالهيون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ ائين رسول بخش جتوئي جي ڊرائي ڪلينرس جو دڪان پنهنجي جڳهه تي پر هن جو دڪان علمي ادبي ڪچهرين جو به مرڪز بنجي ويو هو.


مرثيه گو ۽ نوحه خوان (1970_80 جي عزاداري واري ياد)
جيتوڻيڪ پرائمري عمر کان تلهار جي ڪهيري بلوچ امام بارگاه محرالحرام ۽ چهلم امام حسين عليه السلام جي مجلسن ۾ رباعيون پڙهڻ شروع ڪيون هيم، اڳتي هلي خواجه امام بارگاه (مرڪزي) ۾ به مجلسن ۾ رباعيون پڙهندو هوس منهنجو دوست فياض علي خواجه به انهي دور ۾ رباعيون پڙهندو هو . آءُ مير انيس، ثابت علي شاهه جي ڪتابن ۾ ڳولهي ڳولهي رباعيون لکندو هوس ۽ امام بارگاهن ۾ پڙهي داد حاصل ڪندو هوس پوءِ اڳتي هلي آءُ ۽ فياض علي خواجه ۽ مقبول خواجه ڏهين محرالحرام ۽ چهلم امام حسين عليه السلام جي مرڪزي مجلس جيڪا تلهار جي بازار جي چونڪ ۾ ٿيندي هئي اها قديمي ۽ تاريخي مجلس اڄ تائين ٿيندي پئي اچي انهي چونڪ جو اڄ ڪلهه عزاداري چونڪ نالو پيل آهي منهنجي خيال ۾ آءُ مئٽرڪ جي عمر ۾ پهچندي مجلسن ۾ ثابت علي جا مرثيه پوءِ امام بارگاهن ۾ نوحه پوءِ ماتمي جلوسن ۾ نوحه پڙهڻ لڳو هوس 70 ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ آءُ تلهار جو مشهور رباعيون پڙهندڙ ، مرثيه ۽ نوحه پڙهندڙن جي لسٽ ۾ شامل هوس نوحه ۽ مرثيه پڙهڻ دوران منهنجي ساٿ ۾ برادرم محمد منير ۽ سوٽ فيروز علي به شامل ٿيا. اسان ٽنهي جو جوڙ هوندو هو ٻين مشهور نوحه خوان ۽ مرثيه خوانن ۾ تلهار جا يوسف علي خواجه، مرحوم عاشق علي خواجه ۽ مرحوم مقبول خواجه، وارا مشهور نوحه خوان هئا پر بلوچ جماعت ۾ صرف اسان جو جوڙ مشهور هوندو هو اسان جي جوڙ کي جتي ڪٿي سڏيو ويندو هو ائين آءُ انهن ڳالهين ۾ به مشهور رهيس پوءِ 1984 ع ۾ حيدرآباد شفٽ ٿيڻ بعد مون نوحه ۽ مرثيه پڙهڻ ڇڏيا پر فيروز اڃان تائين اها عزاداري واري ڊيوٽي سرانجام ڏيندو پيو اچي .
مولا حسين عليه السلام جي عزاداري ڪڏهن به بند نه ٿي آهي نه قيامت تائين ڪو فرق پوندو بس هاڻ نوان چهرا اچي ويا آهن هن وقت سليم رضِا جتوئي تلهار جو مشهور نوحه خوان آهي.


رسالو ڪڍيوسين
هي به 1980ع دور جي ڳالهه آهي تلهار ۾ ادب ذوق رکندڙ گهڻا نوجوان جلوا افروز ٿيا هئا انهن مان قربان جمالي به باذوق ادبي ماڻهو هو هن هڪ سوسائيٽي قائم ڪئي هئي جنهن تحت ماهوار رسالا ڪڍڻ ۽ تلهار جي اديبن جا ڪتاب ڇپائڻ هو.
ماهوار ٻارڙن جو رسالو ڪڍندو هو. انهي سوسائٽي جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ آءُ به شامل هوس ، ڪاظم علي ڪاظمي ، قربان علي جمالي، عالم جمالي، آصف جمالي، ۽ ٻيا ڪجهه نوجوان اديب هئا اها سوسائٽي گهڻي دير ڪونه هلي سگهي پر ڪجهه هلي ضرور هئي.