سانڍڻ جهڙا ساهه ۾
وڙهون ٺهون پاڻ ۾، ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا،
پوءِ به سويرا سدا پنهنجي ساهه ۾ ( رضا چانڊيو)
رهيا روح منجهه
هن باب ۾ آءُ انهن مائٽن ۽ دوستن جو ذڪر ڪندس جن جو منهنجي زندگي سان رشتو ڳانڍاپو ۽ ويجهڙائپ رهي جن سان منهنجو روح جو رشتو هو سڀني مائٽن يا دوستن جو ذڪر نه ڪري سگهندس صرف انهن جو ذڪر ڪندس جيڪي منهنجي ڳانڍاپي ۾رهيا.
منهنجو بابا
منهنجو بابا وڪيل حسن علي بلوچ تلهار ۽ پوءِ ٽنڊي محمد خان جو مشهور وڪيل جنهن ڏينهن آءُ ڄائو هيس انهي ڏينهن هو وڪيل ٿيو هو زندگي جو گهڻو حصو ٽندي محمد خان ۾ گذريس پنهنجي قوم جو پهريون پڙهيو لکيو شخص هو زندگي جا ۽ پنهنجي قوم جا اڪثر فيصلا سندس جي سربراهي هيٺ ٿيند هئا ايتري قدر قوم جي خوشي يا شادي وارا ڏينهن بابا جي مرضي سان طئي ٿيندا هئا ايتري قدر جو ڳوٺ راڄ ۾ يا مائٽن ۾ ڪنهن جي مرڻي جو جنازو به اوسيتائين نه کنيو ويندو هو جيستائين بابا نه اچي. اسان سان زندگي جو ڪجهه حصو پري رهيو ايتري قدر جو هن اسان کي يا امان کي ڇڏي ڏنو ان ڪري اسان جي زندگي هڪ وڏي خال ۽ مشڪلات ۾ پئجي وئي .پر جڏهن امان ڏانهن موٽيو ته گهڻي دير ٿي چڪي هئي مون بابا سان انهن ڏينهن ۾ به ناتو نه ٽوڙيو هو جنهن وقت هو اسان کي ڇڏي ويو هو آءُ خرچي وٺڻ يا ملڻ مهيني ۾ هڪ ٻه دفعه ضرور ويندو هو.
بابا جي ٻي زال (منهنجي ماسي) مون کي ڏاڍو ڀائيندي هئي. بابا جڏهن پنهنجي ٻي زال کي طلاق ڏني تڏهن ٽنڊي محمد خان ۾ اڪيلو ٿي پيو هو تڏهن آءُ پنهنجي زال وٺي هن وٽ ڏينهن جا ڏينهن رهندو هوس ۽ آءُ حيدرآباد رهندو هوس ته هر هفتي ڇنڇر کان سومر تائين مون وٽ اچي رهندو هو زندگي جا آخري ڏينهن هن ادا ناصر جي گهر گذاريا.
بابا ڪو شفيق بابا نه هو پر هڪ روپيو خرچي لاءِ ٽنڊي محمد خان اچڻ لاءِ چوندو هو بهرالحال بابا جو گهڻو ذڪر مختلف حصن ۾ ڪري آيو آهيان آخر ۾ ايترو چوندس ته بابا جو ن تمام گهڻيون دعائون مون سان ڪيل گڏ رهيون ۽ زندگي جي آخري ڏينهن هن جو ڪيل دعائون اڄ به مون کي ياد آهن شل جنت الفردوس جا اعلى درجات حاصل ڪري.
با همت منهنجي ماءُ
ماءُ ته ماءُ آهي دنيا جون سڀ امڙيون پنهنجي اولاد لاءِ عظيم ماءُ هوندي آهي انهن عظيم مائرن مان منهنجي ماءُ به هڪ آهي منهنجي ماءُ مون کي هن وقت عظيم کان عظيم نظر آئي جڏهن بابا ٻي شادي ڪري اسان جي پوري ڪٽنب کي ڇڏي ويو ۽ بلڪل لا تعلق ٿي ويو ايتري قدر جو خرچ لاءِ پئسا ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيا اهو تفصيلي ذڪر اڳ به ڪري چڪو آهيان. ها ڳالهه پئي ڪيم امان جي جيڪا هن وقت جڏهن بابا ڇڏي ويو تڏهن هو اسان پنج ڀائرن ٻن ڀيڻن ڀائيٽن، ڀاڻيجن ، ڏيرن، ڀاڄاين ۽ ڳوٺ راڄ جي به وڏي ٿي وئي . هوءَ سڄي تلهار جي عورتن کي قرآن شريف پڙهائيندي هئي خير خيراتون ڪندي هئي انهي حساب سان هن جو گهر ڀريل سدائين نظر ايندو هو ويتر هو بهادر ٿي وئي هئي اسان پڙهائي ڇڏي نوڪرين ۾ لڳي ويا هئاسين ته ڪجهه ڀرجهلو ٿي پيو هو. (اهو تفصيلي ذڪر ڪري آيو آهيان)
امان منهنجي ماءُ به هئي ۽ پيءُ به هئي ته دوست به ٿي وئي هئي منهنجي شادي ۽ مون کي سٺي زال ملڻ جو ڏاڍو کٽڪو هوندو هوس وري جو خيرن سان شادي ٿي وئي ۽ اولاد نه پئي ٿئي ته ويتر ڳڻتين ۾ ته پئجي وئي پر سدائين انهي فڪر ۾ هوندي هئي ته مون کي اولاد ٿئي مختلف علاجن، علم، پڙهائي، ٽوٽڪن ۾ ڊاڪٽرن وٽ اولاد جي خاطر منهنجي زال سان گڏجي پئي هلندي هئي نو سالن کان بعد منهنجو پهريون ٻار ٿي رهيو هو امان ڏاڍي خوش ٿي هئي سول اسپتال حيدرآباد ۾ منهنجي زال ڊليوري لاءِ 13 آڪٽوبر 1990ع ۾ داخل ٿي هئي ته امان منهنجي وڏي ڀيڻ کي وٺي اسپتال ۾ آئي هئي ۽ چيائين ته آءُ پاڻ رهنديس بيماري ۽ وڏي عمر سبب هن کي رات اسپتال ۾ ته نه رهايم پر هو وڏي ڀيڻ کي ڇڏي وئي هن کي منهنجي پٽ جي ڄمڻ جي تمام گهڻي خوشي ٿي هئي هو جڏهن (آخري دفعو پنهنجي گذاري وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ) منهنجي گهر خاص ڪري منهنجي پٽ کي ڏسڻ آئي هئي جڏهن هن کي هٿن ۾ مٿي کڻي دعائون پئي ڪيائين ته ضعيف هٿن ۾ نه پئي کڻي سگهي تڏهن هن جا لفظ مون کي اڄ به ياد آهن چيائين (جڏهن انب هئا تڏهن ڏند ڪونه هئا جڏهن انب آهن تڏهن ڏند ڪونه آهن. بهرالحال منهنجي هڪڙي ئي پٽ کي ۽ مون کي دعائن جا جهول ڀري ڏيئي وئي .
مون کي هڪ فعو چيو هيائين ابا تون ٻي شادي ڪڏهن به نه ڪجان. الائجي ڇو!؟ هن مون کي چيو هو ڪا وصيت ڪونه ڪئي هيائين پر چيو ضرور هيائين الائجي هن کي بابا جي ٻي شادي ڪرڻ جو احساس هو چيائين تنهن جي زال ڌاري آهي هتي ڪير به هڪ ٻئي کي پيار ڪرڻ ۽ برادشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي تنهنڪري منهن جي ڳالهه ضرور ياد ڪجان. شايد اهو ئي سبب هو جو ڪيترا دفعا تياري ڪندي ڪندي رهجي پئي ويس ڪيترا دفعه ٻي شادي ڪندي ڪندي نه پئي ٿي سگهي ٻه ٽي دفعه اهڙا موقعا آيا جو آءُ ٻي شادي ڪري رهيو هوس پر اها قدرتن نه ڪري سگهيس .
هن باب لکڻ مهل آءُ 61 سالن جو ٿي ويو آهيان امان جي دعائن سان ڀريل جهول سان آهستي آهستي دعائون ميڙيندي نوڪري تان رٽائرڊ ڪري زندگي گذاري رهيو آهيان ۽ پنهنجي پٽ سرواڻ جي شادي ڪرائي چڪو آهيان.
اي امان ! منهنجي لاءِ تنهنجي دعائن جا ڀريل جهول ڪڏهن به خالي نه ڪجان منهنجي پٽ سرواڻ کي منهنجي هٿن ۾ واپس ڏيندي چيو هئاين ته ابا الله ڪندو ڪڻن مان ڪيچ ٿيندا سدائين آباد هوندا اهڙيطرح امان جو وڇوڙو 1993ع ڌاري ٿيو مون کي گهڻو ڪجهه پر پنهنجون يادون ۽ دعائون ڏيئي وئي.
وڏي تاتا، ننڍي تاتا
جڳ جهان جي پيارين ڀيڻن وانگر منهنجون به ٻه پياريون ڀينرون هيون جيڪي مون کان وڏيون هيون وڏي ڀيڻ ادي شاهده جنهن کي اسان سڀ ڀائر وڏي تاتا ڪري سڏيندا هئاسين ۽ هن کان هڪ سال ننڍي ٻي ڀيڻ ادي زاهده جنهن کي اسان ”ننڍي تاتا“ ڪري ڪوٺيندا هئاسين ٻئي ڀيڻيون مون کان 8، 9 سال وڏيون هيون انهي حساب سان اسان هنن کي ڪيترو ڀائيندا هئاسين پر هو مون کي ننڍي ڀاءُ جي حيثيت ۾ ڏاڍو پيار ڪنديون هيون اسان هنن جي آخري گهڙين تائين نالو ڪري نه سڏيو تاتا جي نالي سان سڏيندا هئاسين هو به انهي نالي تي خوش ٿينديون هيون وڏي ڀيڻ پنهنجي حصي جو وڏو ڀاءُ ناصر کي کنيو هو ۽ ٻي مون کي پنهنجي حصي جو ننڍي ڪري کنيو هو يعني وڏي ڀاءُ جي شادي کي پوتي پارائي وڏي ڀيڻ ڪنوار کي وٺي ايندي اهڙي طرح ڀائرن جي حساب سان انهن ڀائر ورهائي کنيا هئا ۽ انهن ائين ڪيو به سهي ته اهڙي طرح جذباتي لڳاءُ به انهن ڀاڱي ڪيل ڀيڻن سان ٿيو امان جي وفات بعد پيار ڪرڻ ۽ اسان سان دلي لڳاءُ وڏي ڀيڻ شاهده پنهنجن ڪلهن تي کنيو ننڍي ڀاءُ زاهده ايڏي هوشيار ۽ ايڪٽو نه هئي نوڪري به هيس پر مون کي ڏاڍو ڀائيندي هئي انهن ٻنهي کي وفات ڪيئي به اندازن پندرهن سالن جو چڱو عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ تائين انهن جي پيا ۽ شفقت پيار جي پنهنجائپ واري رستي کي آءُ اڃان تائين ڀلجي نه سهگيو آهيان ۽ هميشه منهنجون ٻئي ڀيڻون وڏي تاتا ۽ ننڍي تاتا جي نالي سان سدائين ياد رهنديون.
منهنجو دوست ، منهنجو ڀاءُ
ناصر علي بلوچ منهنجو وڏو ڀاءُ آهي جيڪو خود به سنڌ جو مايه ناز اديب، تاريخدان ۽ تعليمدان انسان آهي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان حيدرآباد ۾ نوڪري ڇڏڻ بعد گذريل پندرهن سالن کان پنهنجي اباڻي شهر تلهار ۾ سنڌ گرامر اسڪول هلائي رهيو آهي. اسان ننڍي هوندي جڏهن سڀ ڳوٺ ۾ گڏ رهندا هئاسين تڏهن بابا اڪيلو ٽنڊي محمد خان ۾ رهندو هو تڏهن کان هو گهر جي وڏي جي حيثيت ۾ ننڍن جي پڙهائي ۽ سار سنڀال طور هن تي ذميواري نڀائڻ جو بار اچي ويو هو پر جڏهن 1971 ع ۾ بابا جي ٻي شادي بعد اسان سڀني کي ڇڏي ڏنو تڏهن سڄي گهر جي ذميواري جو بار هن جي ننڍن ڪلهن کڻي ورتو امان جو ساٿ هن سان رهيو امان جو پيار به گهڻو هن سان هو تڏهن ننڍي وهي ۾ وڏا بار پوڻ سبب هو سخت گير طبعيت رکندڙ ٿي ويو هو 1972ع ۾ پنهنجي به شادي ٿيس پنهنجي ڊاڪٽري واري خواب کي اڌ ۾ ڇڏي نوڪري ڪيائين ۽ گهر جو ڪاروهنوار هلايائين ته مون به هن جو ساٿ ڏنو. هن جي سخت طبعيت سبب اسان سڀ ننڍا ڀائر هن کان ڊڄندا هئاسين ايتري قدر جيڪا ڳالهه هو ڪندو هو اها اسان پوري ڪندا هئاسين. پر هڪ پيار ڪندڙ شخص به هو منهنجي ذوق ۽ شوق کي ننڍي هوندي کان پرکي ويو هو ادب جو شوق هن مون ۾ ائين وڌو جو هن مختلف ڪتاب مون کي ڏنا ۽ پڙهڻ جو شوق وڌائين آهستي آهستي ڪتابن جو مطالعو ڪري لکڻ جو شوق پيدا ٿيم جيئن ته آءُ هن کان پوءِ ٻيو نمبر ڀاءُ هوس ٻيا ڀائر سڀ ننڍا هئا جيتوڻيڪ انهي دور يعني 1970 _ 1980 واري ڏهاڪي ۾ آءُ هن کان سخت ڊڄڻ وارو شخص هوس پر پوءِ آهستي آهستي هن مون کي ويجهو آندو پيار جي حساب سان ويجهڙائپ جي حساب سان امان جي پيار سبب به. هاڻ صورتحال اها آهي ته اسان ٻئي ڀائر ضرور آهيون پر دوست ڀائر آهيون گهر جي ، خاندان جي، اٿڻ ويهڻ، خانداني مسئلن، مرڻي پرڻي گڏ آهيون. هر قدم گڏجي کڻندا آهيون ائين کڻي چئجي ته اسان هر ڳالهه هر قدم ۾ سٺا دوست ڀائرن جيان محبت جي سائي ۽ مضبوط ڌاڳي ۾ ڳنڍيل آهيون. اسان ٻئي گڏجي پوري خاندان کي ڳنڍيو ۽ جوڙيو پيا هلون. هو به هن وقت ادبي حساب سان سنڌ جو ڀلوڙ ليکڪ آهي جنهن جا هن وقت تائين ست اٺ ڪتاب اچي چڪا آهن ۽ آءُ به هن جي پوکيل باغ جو هڪ ٻوٽو آهيان منهنجا به ادبي کيتر ۾ چار ڪتاب اچي چڪا آهن هي پنجون ڪتاب زير قلم آهي.
وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾ ننڍي هوندي کان جواني تائين هن جي ڊپ هيٺ رهيس ۽ هاڻ دوستن وانگر آهيون وڏي جي حيثيت ۾ اڄ به هن جي عزت ڪرڻ منهنجي فرضن ۾ شامل ٿئي ٿي. اڄ اسان ڪيترا به دوست هجون يا دوستن وانگر رهون پيا پر وڏي جي عزت جي حساب سان هن وقت تائين هميشه عزت ۽ احترام سان هلندو آهيان شال اهي عزتون اهي محبتون ۽ اهي قربتون سدائين قائم ۽ دائم رهن محبتون قائم رهن ساٿ سلامت رهي.
ٻيا منهنجا ڀائر
ادا ناصر بلوچ کان پوءِ آءُ ۽ مون کان پوءِ ٽي ٻيا ڀائر محمد منير بلوچ، ڊاڪٽر ظفر حسين بلوچ (مرحوم) ۽ محمد اسلم (مرحوم) جن هئا منير مون کان ٻه سال ننڍو پوءِ ڊاڪٽر ظفر، اسلم چڱي خاص وقفي کان ننڍا هئا جيئن ته ادا ناصر جو تفصيلي ذڪر ڪري آيو آهيان ته هو مون کان عمر ۾ وڏو هو وڏي هئڻ جي ناتي ڊپ ۽ عزت جي معاملي ۾ هميشه محتاط رهيس ۽ اڄ تائين رهندو آهيان. پر ننڍڙن ڀائرن کي هميشه دوستن وانگر رکيو اٿم منير مون کان صرف ٻه سال ننڍو آهي اڄ تائين هو منهنجو دوستن وانگر رهندو پيو اچي پنهنجي گهر جي اولاد جي مسئلن، معاملن، جهيڙن، محبتن جي مون سان هر ڳالهه ڪندو آهي صلاح مصلحت وٺندو آهي هن جو سڄو گهر منهن جي عزت ڪندو آهي هنن جون ڏنل عزتون آءُ ڪڏهن به نه وساري سگهندس ڊاڪٽر ظفر جيڪو پنهنجي ڦوهه جواني 36 سالن جي عمر ۾ اسان کي دل جو داغ ڏيئي ويو. 1996ع ننڍڙي پٽن جيان ڀائيندو هوس هن سان گذاريل تمام گهڻو وقت اڄ به ياد ڪندو آهيان ته دل ڀرجي تي اچيم منهنجو هي ڊاڪٽر ڀاءُ جنهن جي وڇوڙي تي تمام گهڻو ڏک پهتو هوم (ڊاڪٽر ظفر سان گذاريل وقت جو تفصيلي ذڪر ڪري آيو آهيان) اهڙي طرح تازو 10 مئي 2016ع ۾ منهنجو سڀ کان ننڍو ڀاءُ محمد اسلم جيڪو اومني گروپ ۾ ليبر آفيسر هو پنهنجي عمر جي 45 سال وفات ڪري هڪ ٻيو ڀاءُ غم جو داغ ڏيئي ويو اسلم به پنهنجي ذاتي گهريلو پئسن جي ڏي وٺ اوڌر سوڌر گهر جي مسئلن ۽ مونجهارن جو مون سان ذڪر ڪندو هو هر ڳالهه مون سان شئير ڪندو هو منهنجا ٽئي ڀائر ننڍا ڀائر منير ڊاڪٽر ظفر، اسلم منهنجي جي وڏي ڀاءُ سان ڪا ڳالهه نه ڪندا هئا جو هو گهڻو وڏو هو ۽ ڊڄندا هئا پر مون هنن کي دوستن وانگر رکيو هو آخر تائين هنن مون کي دوستن وانگر رکيو هو آخر تائين هنن مون کي هر ڳالهه ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو مرحوم اسلم ته وفات کان صرف ٻه ڏينهن اڳ ۾ مون وٽ حيدرآباد آيو هو ۽ پنهنجي هڪ مسئلي بابت مون سان صلاح ڪئي ۽ پنهنجي گهريلو مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو مون هر قسم جي مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو هو ڪهڙي خبر ٻن ڏينهن کان پوءِ هن جي اوچتي دلي دوري ۾ وڇڙي وڃڻ جي خبر ايندي ٻنهي ننڍن ڀائرن جي بي وقتي ۽ اوچتي لاڏاڻي منهنجي جي کي جنجهوڙي ڇڏيو هو ۽ رکي رکي دل کي صدمو ڏيندڙ ڇيهو ٿو رسيم پر چون ته زاري اڳيان زور ڪونه هلي حبيب سين. منير سان اڄ به پنهنجائپ واري ماحول سان هلان پيو ويچارو مولائي مڙس آهي پر منهنجي هر قدم ۾ هن سان ساٿ نڀائڻ ضروري ٿو سمجهان اسان جون محبتون ۽ حياتيون قائم رهن محبتن سان نڀائي وينداسين باقي اسان ڀائرن ايندڙ نسلن جي ڳنڍجڻ جي حساب سان ڳنڍجي نه سگهيا آهيون جنهنجو مون کي باوجود ڪوششن جي نه ڳنڍجڻ جو ڏک رهندو پر قسمت جا معاملا آهن شل جيڪي محبتون اسان قائم رکيون آهن اهي قائم رهن ۽ ان شاء الله قائم رهنديون.
منهنجا ڀائٽيا، ڀاڻيجا
ائين ته منهنجا ڀاڻيجا ۽ ڀائيٽيا تمام گهڻا آهن الله پاڪ سڀني کي حياتي ڏي پنهنجن موج مستين ۾ رهن ۽زندگي جي ڪنهن اعلى مقام کي پهچن. هن وقت ڪجهه پيارن جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جيڪي منهنجي ويجهو به رهيا آهن ۽ هنن ۾ ڪجهه حال به ڏسجي پيو اڳتي هلڻ جو ، اڳتي وڌڻ جو ۽ گڏجي ساٿ نڀائڻ جو. هن وقت جيڪو ماحول ڏسجي پيو يا جيڪو وايو منڊل هلي پيو ڏسجي ائين پيو ته ڪير به ڪنهن جو نه آهي اسان ڀائر جيسيتائين هن وقت گڏ آهيون يا جيسيتائين جئيرا آهيون تيسيتائن اسان پنهنجن ڀاڻيجن ۽ ڀائيٽن کي سڃاڻون ٿا پر آئنده آءُ ڏسان پيو ته اسان جو اولاد جيڪو هڪ ٻئي جا سوٽ ٿين انهن جو هڪ ٻئي سان عليڪ سليڪ نه آهي هڪٻئي سان لڳ لاڳاپو نه آهي هڪ ٻئي سان وڇوٽيون آهن شايد اهي وڇوٽيون اڃان به وڌي وڃن وارو ماحول پيو ڏسجي. هن وقت جيڪو پڙهيل لکيل سلجهيل ۽ سمجهو ڪجهه ڀائيٽن ۽ ڀاڻيجن جو نالو وٺي ذڪر ڪندس جيڪي هن وقت اسان جي ويجهو به آهن انهن ۾ غلام مجتبى (ڀاڻيجو) جيڪو اعلى تعليم يافته هن ۾ خاندان کي اڳتي وٺي هلڻ جون صلاحيتون به آهن پر هو هن وقت پنهنجي طبعيت ۾ مقرر ڪيل حد کان ٻاهر نه نڪري سگهيو آهي هن کي انهي حد کان ٻاهر نڪرڻو پوندو ۽ پنهنجو اعلى مقام ٺاهڻو پوندو اهڙي طرح خادم بلوچ ۽ شوڪت بلوچ (ادا ناصر بلوچ جا پٽ) انهن ٻنهي ۾ صلاحيتون ڏسان ٿو. سمجهو آهن عقل وارا به آهن سٺين نوڪرين وارا به آهن پر خاندان کي اڳتي وٺي هلڻ واريون خصلتون گهٽ نظر ٿيون اچن. هڪ ٻئي لاءِ قرباني جو جذبو رکندڙ هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان محبتون رکڻ ئي سٺي زندگي جي ابتدا ۽ انتها هوندي آهي.
اهڙي طرح هڪ ٻيو ڀاڻيجو ظهير به آهي جنهن ۾ به ڪجهه ڪڻا آهن. شال منهنجون دعائون اگهامجن ٻين ۾ ته حال ڪو نه ٿو ڏسان پر خادم، شوڪت، غلام مجتبى، ۽ ظهير لاءِ پنهنجون سٺيون خواهشون نيڪ تمنائون سٺيون دعائون ۽ پنهنجن کي اڳتي وٺي وڃڻ جون ۽ محبتون قائم رکڻ جي اميد رکندي سڀني لاءِ دعائون ڪندي هن باب کي هتي ختم ٿو ڪريان (اي منهنجا پروردگار ! ائين نه ٻُڌجي ته ڪو اسان جو خاندان به هو) جيڪو مري ويو پويان ڪجهه به نه ڇڏي ويو.
نينهن نڀايو جيئن تو
آءُ پنهنجي زندگي جون 60 بهارون ڏسي سروس جا 41 سال پورا ڪري هن وقت رٽائرمنٽ جي زندگي بلوچ ڪتاب گهر قاسم آباد ۾ علمدار چوڪ قاسم آباد ۾ جيون گذاري رهيو آهيان انهي گذاريل جيون ۾ مون غربت جو گهڻو وقت ڏٺو آهي پوءِ ماني وارو، پوءِ مڇي ماني وارو، ۽ هن وقت خوش (الحمدالله) زندگي گذاري رهيو آهيان ائين کڻي چوان ته پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به خوشحال (شاهوڪار) زندگي نه گذاري اٿم پر مون ڪڏهن به الله پاڪ جا شڪر بجا آڻڻ جا جهول نه ڇڏيا آهن هر ڳالهه هر حال ۾ شڪر الحمدالله ڪيو اٿم ۽ چيو اٿم . ها مون ڳالهه ڪئي ته غربت جو گهڻو وقت گذاريو اٿم ڪنهن زماني ۾ هر مهيني گهر جي خرچ ۾ کٽي پوندو هوس ۽ اوڌر سوڌر ڪري سوروپيه، ٻه سو روپيه اوڌر وٺي گهر جو گاڏو گهليندو هوس زندگي ۾ ڪيترن ئي مرحلن ۾ مون کي مدد جي ضرورت پئي هئي ۽ منهنجي ڏکين حالتن ۾ ڏک ، بيماري واري حالتن ۾ انهن سڄڻن کي ضرور ياد ڪندس جنن منهنجي مالي مدد اوڌر سوڌر ۽ ڏکين حالتن مرحلن مان نڪري پار پوڻ ۾ مدد ڪئي انهن ۾ پنهنجي آفيس جي سعادت، نور، مرحوم غلام صديق ميمڻ ۽ وزير احمد کي ڪڏهن به نه وساريندس جيڪي مهيني جي پڇاڙڪن تاريخن ۾ مون کي سو، ٻه سو، پنج سو اوڌر ڏيندا هئا زندگي جي هن لمحي آءُ پنهنجن سالي شمس بلوچ جو ذڪر نه ڪريان ته منهنجي قلم جي ۽ دل جي ڪنجو سپائي ٿيندي جنهن هر وقت هر لمحي هر ڏکي وقت هر بيماري هر گهر جي ڏکين حالتن ۾ منهنجي هر وقت مدد ڪئي ۽ واپسي لاءِ ڪڏهين به نه چوندو هو يا پڇندو هو آءُ پنهنجي سهولت جي حساب سان يا وي سي رکي هن جا ڏنل قرض لاهيندو هوس پر اڄ تائين ڪڏهن به ائين نه چيائين ته هيترا ٿيندا ڪڏهن واپس ڪندا.آءُ هميشه شمس بلوچ جو ٿورائتو رهندس جنهن سو روپين کان لکين روپين تائين مالي مدد ڪئي الله جي مهرباني سان سڀ واپس ڪرڻ جهڙو ٿي ويس هن وقت الله جي ڪرم آهن جو ڪنهن جو به قرض نه آهي آءُ شڪر گذار آهيان ڀاءُ ناصر بلوچ ، سالي ڊاڪٽر مسرت بلوچ دوستن مان وسيم جروار اياز ابڙو مشتاق شيخ. جنهن منهنجي هر ڏکي وقت ۾ همسفر رهيا ۽ مددگار رهيا. ڏينهن گذري ٿا وڃن ڏکيا لمحا ۽ ڏکيو وقت گذري ٿو وڃي بس ياد رهي ٿا وڃن ڏکيا وقت مون هن باب لکندي انهن سڄڻن کي ياد ڪيو ڄن منهنجي دل جو بار هلڪو ٿي ويو هجي منهنجو وار وار انهن جو هميشه شڪر گذار رهندو تادم تا حيات .
سدا منهنجي ساهه ۾ (دوستن جي ياد)
مون پنهنجي جيون ۾ ڪيترن ئي سدا بهار دوستن سان گڏ گذارڻ جو شرف حاصل ڪيو آهي ڪيترن ئي دوستن جو ذڪر ته آءُ هن ڪتاب ۾ ڪري آيو آهيان تڏهن به ڪيترائي دوست جن جو ذڪر نه ٿيو هجي اها منهنجي خوش نصيبي آهي جو مون کي هر وقت اسڪول کان وٺي نوڪري تائين ۽ نوڪري کان وٺي رٽائرمنٽ تائين لاتعداد دوستن جي سٺي دوستي نصيب ٿي آهي هر دور ۾ مون کي سٺا دوست مليا آهن ادبي دنيا ۾ به کوڙ سارا سٺا دوست مليا اٿم. آءُ چند دوستن جو ذڪر ضرور ڪرڻ چاهيندس جن جو ساٿ ۽ نڀاءُ ڪيترن سالن کان اڄ تائين قائم رهندو پيو اچي ڪيترا دوست ٿيا ڪيترن سان نينهن جا ناتا ڪجهه سالن لاءِ رهيا ڪيترن سان جدائي ٿي وئي ڪيترن وساري ڇڏيو ڪيترن کي مون وساري ڇڏيو هوندو بهرالحال هي دنيا آهي دنيا جو نظام هلڻو آهي ڪي ايندا ڪي ويندا ڪي جڙيا ڪي ٽٽندا رهندا ڪي کن پل لاءِ رهيا ته ڪن جيون ڀر ساٿ نڀايو .
لياقت علي خواجه: هي منهنجو دوست تلهار جي خواجه اثنا عشري جماعت جو پر خلوص دوست پرائمري تعليم کان رهيو ۽ اڃان تائين سٺن دوستن ۾ آءُ هن کي شمار ڪري سگهان ٿو.
محمد بخش ڀرڳڙي: بدين ٽريزري جو گڏ ڀرتي ٿيل 1976ع ۾ بدين جي ڀرسان رهندڙ ڳوٺ جو محمد بخش ڀرڳڙي منهنجي اوائلي دوستن مان هڪ بيحد خلوص ۽ پيار ڪندڙ ماڻهو آهي جنهن سان منهنجا گهريلو تعلقات رهيا ۽ اڃان تائين رهندا پيا اچن.اڄ تائين شادين مرادين غمين خوشين ۾ اسانجا گهريلو تعلقات اڃان تائين قائم آهن.
اميد علي لاشاري: بدين جو هي رهندڙ انتهائي پيارو ۽ سٺو دوست اميد علي لاشاري به مون سان گڏ 1976ع ۾ بدين ٽريزري آفيس ۾ گڏ ڀرتي ٿيو هو هن سان به گهريلو تعلقات رهيا ۽ اڃان تائين رهندا پيا اچن.
وسيم جروار: حيدرآباد ٽريزري ۾ 1984ع ۾ بدلي ٿي آيس ته چند ساٿي دوست ٿيا انهن مان وسيم جروار به هڪ آهي جنهن سان منهنجا گهريلو تعلقات رهيا ۽ اڃان تائين تعلقات قائم آهن وسيم جروار منهنجو اهو دوست آهي جيڪو هر غم ۽ خوشي واري ڳالهه ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيو آهي هر ڏکي وقت ۾ ڪم آيو آهي اڃان تائين ڪا صلاح ڪرڻي هجي يا مصلحت غم ۽ خوشي جي سلسلي ۾ آءُ پهرين پهرين هن سان مشورو ڪندو آهيان شايد اسان ٻئي اهڙا سٺا آهيون جو وس آهر هڪ ٻئي جي اڃان تائين ڪم ايندا آهيون منهنجو انتهائي ۽ گهريلو تعلقات وارو هي دوست وسيم جروار جنهن کان سواءِ آءُ پاڻ کي هميشه اڌورو سمجهندو آهيان شال وڏي حياتي ماڻي سدا خوش هجي پنهنجي اهل و عيال سان.
احسان راهوجو: هي دوست به هر ڏکي سکئي وقت ۾ پنهنجي ڪم ايندڙ ۽ مون سان ساٿ نڀائيندڙ دوست رهيو آهي ڪي ماڻهو گهٽ وقت ۾ سٺا دوست ٿي ويندا آهن احسان راهوجو به انهن مان هڪ آهي. هنن دوستن کان سواءِ ٻيا ڪجهه نالا به آهن جيڪي پنهنجي دور ۾ تمام سٺا دوست رهيا حالات پٽاندر جدايون ٿي ويون يا ڪڏهن ڪڏهن ملاقاتون ٿين ٿيون ته انهن سان سڪ ۽ پاٻوهه مان ملندو آهيان انهن ۾ مرحوم عبدالستار مگسي، انتهائي پيارو دوست رهيو حياتي هن سان وفا نه ڪئي 1996ع ۾ گذاري ويو پر منهنجي اتنهائي پيارو دوست رهيو انهي کان سواءِ تلهار جي غلام ڪاٺياواڙي غلام عباس زيدي صالح جتوئي رضا جتوئي ميرعبدالقادر جمالي، مختيار جمالي ڊاڪٽر نيڪ محمد جمالي، نور حسن جمالي، قربان ۽ عالم بدين مان محمد رفيق موسوٽُو، رزاق ڏنو، اشرف ، رفيق جعفري ۽ حيدرآباد ۾ ته سوين علمي ادبي دوست ۽ آفيس جا دوست آهن جيڪي سدائين منهنجي ساهه ۾ آهن.
جيون ساٿياڻي (ريحانه ياسمين بلوچ)
ريحانه ياسمين بلوچ حاجي خدا ڏنو بلوچ جي وڏي ڌي سان منهنجي شادي 14 آڪٽوبر 1982 ۾ حيدرآباد جي لطيف آباد جي صديق پلازه ۾ ٿي. تلهار مان ڄڃ وئي اسان حيدرآباد آياسين ۽ آڌي رات جو ڪنوار کي وٺي واپس تلهار آياسين. مون پنهنجن مختلف ڪتابن ۾ پنهنجن کوڙ سارين ڪهاڻين ۾ ۽ پنهنجي هن ڪتاب جي مختلف حصن ۾ پنهنجي شادي، زال ۽ هن سان محبت جو ذڪر ڪري آيو آهيان ته اسان جي ڪيتري مثالي محبت هوندي هئي. بيشڪ شادي کان اڳ هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل مختلف عشقن ۽ محبتن جو ذڪر ڪري آيو آهيان. شادي کانپوءِ مون کي محبت ۽ پيار مليو ته مون هر شيءَ کان منهن موڙي ڇڏيو هو. پنهنجو پاڻ سان عهد ڪيم ته سڀ ڪجهه ماضي جو حصو ڪري ڇڏيندس. آءُ پنهنجي پاڻ سان ڪيل عهد تي قائم رهيس. سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو ايتري قدر جو ڏسڻ به ڇڏي ڏنم. صرف پنهنجي زال جو ٿي ويس.
1984 ۾ حيدرآباد لڏي آيس هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل مختلف حصن ۾ بيان ڪري آيو آهيان ته ڪٿي ڪٿي رهياسين. آءُ پنهنجي ضمير کان مطمئن ٿيندي پنهنجي پاڻ لاءِ لکندي چوان ٿو ته صرف منهنجي زال سان محبت رهي. مون کي پنهنجي گهر ٺاهڻ جو جنون هو. اڳتي وڌڻ جي جستجو هئي ۽ ٻيو ته تمام گهڻي محبت گهر ۾ ملي وئي ۽ مون پنهنجو وقار ۽ عزت ڪڏهن به وڃائڻ نه پئي چاهيم. ائين اسان جي زندگي اتنهائي سڪون، پيار ۽ محبت سان وڌي رهي هئي. پر پوءِ اچانڪ منهنجي زال جي طبعيت ۾ ڦيرو اچي ويو . اجايا سوال جواب شڪي نگاهن سان ڏسڻ شڪي نگاهن سان هلڻ سان اسان جي زندگي ۾ تلخي اچي وئي هئي. عورت جو شڪي هجڻ هن جي فطرت ۾ شامل آهي. پر جڏهن اها شڪ جي نگاهه فطرت کان هٽي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي وڃي ٿي ته گهر جي ديوار ۾ ڏار پئجي ويندا آهن. منهنجي آفيس جي ڪم جي نوعيت ئي اهڙي هئي جتي پبلڪ ڊيلنگ هئي. مون وٽ ڪيترا مرد پنهنجي سرڪاري ڪم ڪار لاءِ ايندا هئا، ائين ئي عورتن جو به وڏو انگ پنهنجن سرڪار ڪمن ڪارن لاءِ ايندو هو. مون وٽ به مختلف مرحلن ۾ ايجوڪيشن، هيلٿ ۽ ٻيا ڊپارٽمينٽ به ڪم هيٺ رهيا. آفيس جي ڪمن ڪارن ۾ منهنجو نرم رويو پيارو انداز ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ ڪم ڪرڻ وارن ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ هوڏانهن وري منهنجو ادبي ميدان به هو ادب نواز دوست حيدرآباد جا سڀ اديب شاعر پنهنجن ڪمن لاءِ يا ڪچهرين لاءِ مون وٽ ايندا هئا. انهن ۾ عورتن جو به وڏو انگ شامل هو. منهنجي ڪمرو پنهنجي من موهيندڙ انداز ڪري ۽ ادب ڪچهرين سبب منهنجي ٽيبل ۽ منهنجي ڪمري ۾ سدائين ميڙاڪو متل هوندو هو. اها ڳالهه ڪنهن طرح منهنجي زال تائين پهتي هن مخصوص نالا ٻڌائي چيو ته فلان فلان ماين سان تون ماني گڏ کائيندو آهين. چانهيون گڏ پيئندو آهين. شام شام تائين ڪچهريون ڪرين ٿو. ها اهي سڀ ڳالهيون سچ هيون پر اهو سڀ ڪجهه صرف آفيس جي ڪچهرين تائين هو پر منهنجي زال جي دل ۽ دماغ ۾ اها ڳالهه ويهي رهي هئي ته منهنجا ڪجهه ماين سان ناجائز تعلقات آهن اهو سڀ ڪجهه 2005 کان پوءِ ٿيو. هونئن فطرتن ۽ طبعيتن هو شڪي مزاج ته هئي پر انهي بنياد تي اسان جي گهر ۾ جڳهڙا شروع ٿي ويا هئا. اسان جي گهر ۾ سالن کان سانڍيل پيار ۽ محبت سان ڳنڍيل دلين ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪي پئي هئي. گهر جي ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا هئا محبت ۾ خلل ٿي ويو هو. هن جي دماغ ۽ دل ۾ صرف اها ئي ڳالهه رهجي وئي هئي پر هن سٽن لکڻ مهل آءُ پنهنجي ضمير کان مطمئن آهيان. قلم ۽ ڪاغذ وسيلي آءُ پنهنجي زال کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هن جي دل ۾ ويٺل وهم ۽ گمان اجايا هئا ۽ اجايا آهن. هن مهل تائين منهنجا ڪنهن به عورت سان جسماني تعلقات نه رهيا آهن. ۽ نه ئي ڪنهن سان ڪا روحاني محبت ٿي. هن جي اجاين وهمن ۽ گمان سبب اسان جي پيار سان ڀريل زندگي خالي خالي ٿي وئي. اڄ به منهنجي گهر ۾ صرف منهنجي زال آهي. منهنجو پٽ آهي اها ئي ڳالهه ثبوت لاءِ ڪافي آهي. هن وقت آءُ ڪنهن به قسم جي قسم کڻڻ اعتبار ڏيارڻ يا يقين پهچائڻ واري ڳالهه نه ٿو ورجائڻ چاهيان. هاالبته انهي عرصي دوران مون سچي نيت ۽ سچي دل سان باغي ٿي ٻي شادي ڪرڻ جو ڪيترا ڀيرا سوچيو.... پر مون کي پنهنجي زال جي منهنجي غربت واري وقت ۾ ساٿ ڏيڻ ، هن جي قربانين هن جي گهر ٺاهڻ واري جذبي کي سوچي ٻي شادي ڪرڻ تان هٽي ويندو هوس. ائين ٻي شادي نه ڪري سگهيس. آخر ۾ پنهنجي زال کي مخاطب ٿيندي چوندس ته:
“گهڻو نقصان ٿي پئي سگهيو، پر اهو وڏو نقصان مون نه ڪيو پنهنجو پاڻ تي ڪنٽرول ڪيم، گهر کي بچايم، سرواڻ کي بچايم نه ته گهٽايو تو ڪونه هو ريحانه.....!!!” ها ايترو به چوندس ته: هر کلڻ واري هر هٿ ملائڻ واري هر ڪچهري ڪرڻ واري ماني کائڻ واري يا چانهه پيئڻ واري سان ڪابه روحاني محبت نه ٿيندي آهي. نه ڪا جسماني محبت ٿيندي آهي. ڪي لاڳاپا جڙندا آهن بس ڦٽندا آهن ته پنهنجا گهر ڦٽندا آهن، پنهنجا روح ٽٽندا آهن. هاڻي عمر جي هن حصي ۾ حياتي خوشگوار گذارڻ جو دعاڳو آهيان.
ٻي شادي ڪندي ڪندي
ها ڳالهه پئي ڪيم پنهنجي باغي ٿيڻ جي .... مون ٻي شادي ڪرڻ جو سوچي ڇڏيو هو. جڏهن ارادو ڪيم ته چار پنج اهڙا سڱ هئا جن جي مون سان عليڪ سليڪ هئي آفيس جي حد تائين دوست هيون. گهٽ ۾ گٽ چار پنج اهڙيون عورتون هيون جن سان ٻي شادي ڪرڻ جي حد تائين ڳالهيون هليون پر هر دفعي آءُ هٽي ويس ڳالهين کي عروج تائين پهچائيندي پوئتي هٽي ويندو هوس. هڪڙي اهڙي ڇوڪري به هئي انتهائي سهڻي ۽ دلڪش طبعيت رکندڙ مون کان عمر ۾ 15 سال ننڍي هئي هن سان شادي جي حد تائين ڳالهيون هليون ايتري قدر جو هن منهنجي ها ڪرڻ جي ڪيترا مهينا اتنظار ڪيو ۽ پنهنجي شادي ڪرڻ لاءِ مون کان ڪيترا ڀيرا اجازت گهرندي رهي. هڪ دفعو چيائين ته: يا مونسان شادي ڪر يا مون کي اجازت ڏي ته مان شادي ڪريان.... نيٺ مون هن کي اجازت ڏني. منهنجي اجازت ڏيڻ بعد به هن ڪيترا مهينا منهنجو انتظار ڪيو پر پوءِ نيٺ مون هن سان شادي نه ڪئي تڏهن هن مون طرفان انڪار ڏسي شادي ڪري ڇڏي. آءُ ٽريزري آفيس جو 14 گريڊ جو سب اڪائونٽنٽ هوس ۽ هن جي شادي ڪراچي هڪ ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري سان ٿي. مون هر وقت هر شادي ڪرڻ جي سوچڻ مهل پنهنجي هر کي بچائڻ جي سوچن ۾ رهيس. گهر جو ۽ سرواڻ جو پئي سوچيم. باغي سوچن کي ٿڌو ڪيم ۽ ڪوبه اهڙو قدم نه کنيو جنهن سان منهنجو گهر تباهه ٿي وڃي ها.
ٿورا نه ٿورا
زندگي زنده دلي جو نالو آهي. مون سڄي ڄمار ڪوشش ڪئي آهي ته زندگي کي زنده دلي سان گذارجي. مون پنهنجن خوشين ۾ سڀني کي شريڪ رکيو. ۽ مون پنهنجن غمن کي دل ۾ لڪائي زنده دلي سان جيئڻ جو ڪم ڪيو اٿم. تڏهن ته هر ڪنهن کي کلندڙ ۽ مهڪندڙ صورت ۾ نظر آيو آهيان. زنده دلي ۽ دل سان ڪئي جيڪا به ڪئي آهي جنهن سان نفرت ڪئي اٿم اها به دل سان نفرت تمام گهٽ ماڻهن سان ڪئي اٿم ۽ محبت ڪئي اٿم ته اها به دل سان. پر جنهن به مون کي نظرانداز ڪيو آهي مون به ان کي نطر انداز ڪيو آهي. مون کي پنهنجي ذاتي زندگي ، نوڪري ۽ ادبي دنيا ۾ لاتعداد دوست مليا ڪي ته ايڏا لاجواب مليا جن جي بيان ڪرڻ کانسواءِ رهي نه پيو سگهان هي دنيا فاني آهي. زندگي تي ڪو اعتبار ناهي هيڏو سارو ڪتاب آڻيندي سوين يادگيريون تحرير ڪيون اٿم. اتي آءُ انهن سائين جو شڪر گذار ٿيڻ چاهيندس جن جو پيار جن جو ساٿ مون سان قدم بقدم رهيو. آءُ ٿورائتو آهيان پنهنجي ڀاءُ ناصر بلوچ جو جنهن جي دڙڪن، داٻن ۽ رعبدار وارين لمحن مان به گذري هن جي چيچ جهلي اڳتي وڌڻ ۽ ادبي دنيا ۾ اچڻ جو گس ڳولهيم. ٿورائتو آهيان تلهار جي ننڍپڻ جي ساٿي دوست لياقت علي خواجه جو جنهن جو ساٿ اڃان تائين جاري آهي.
ٿورائتو آهيان وسيم جروار جو جنهن جي هر علمي قدم ۽ ساٿ سان مون کي ڪڏهن ائين نه لڳو ته منهنجا سڳا ڀائر مون کان پري آهن. آءُ شڪر گذار آهيان آغا ثنا الله جو جنهن منهنجي شاعري کي پنهنجي سُريلي آواز سان ترنم بخشيو. شڪرگذار آهيان ڊاڪٽر مسرت بلوچ جو جنهن جو ساٿ سان مون کي ڪڏهن ائين نه لڳو ته منهنجون سڳيون ڀيڻيون هن جهان ۾ نه آهن. آءُ انتهائي شڪرگذار آهيان ڪائنات بلوچ جو جنهن مون کي ڌيءُ وارو پيار ڏنو. مون کي محسوس ڪرڻ نه ڏنو ته منهنجي ڪا ڌيءُ نه آهي. (مون کي ڌيءُ جي ڏاڍي تمنا ۽ آرزو هئي) پر ڪائنات مون کي ڌيءُ وارو پيار ڏيئي هميشه اهو احساس ڏياريو ته توهان منهنجا پاپا آهيو. آءُ اوهان جي ڌيءُ آهيان. آءُ لاتعداد انهن دوستن، مائٽن جو ٿورائتو آهيان جن رشتن جي حساب سان مون سان پيار ڪيو. مون سان ساٿ نڀايو. زندگي جي مختلف مرحلن ۾ ڏکي سکي وقت ۾ هر گهڙي هر مهل ۾ منهنجي ڏکن سکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيا ۽ ساٿي رهيا. انهن مائٽن جو جن جو پيار ۽ ساٿ ۽ عزت اڃان تائين مون سان گڏ آهي. لک شڪرانا پروردگار جي جنهن مون کي سڀني جي پيار، عزت، ساٿ سان نوازيو ،سنواريو ۽ سينگاريو. اي الله پاڪ منهنجون لک عزتون ڪرائڻ تي آءُ توهان جي اڳيان سربسجود آهيان. اي الله پاڪ اهي عزتون قائم رکجانءِ جيسيتائين جيئرو آهيان. شڪرالحمدالله.....
لک شڪرانا
هونئن ته سنڌي ادب جي کيتر ۾ مون کي پانبڙا پائيندي چاليهه سالن کان مٿي جو عرصو ٿي چڪو آهي. هيسيتائين منهنجون سوين ڪهاڻيون، شاعري، مضمون، ڪالم مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. منهنجا ادب جي دنيا ۾ چار ڪتاب اچي چڪا آهن. (سانول جا سُور _ ڪهاڻين جو مجموعو 2013، اي منهنجي شهر جي مٽي _ شاعري 2014، جيئڻ جنين ڪاڻ _ ڪهاڻين جو مجموعو 2016، سروس بخير _ يادگيريون 2017) . اڄ تائين خدا جو شڪر گذار آهيان ته ادبي قلم ۽ ڪاغذي ويڙهه ۾ منهنجو قلم پنهنجي ويڙهاند ڪاغذن سان جاري و ساري آهي. آءُ لک شڪرانا بجا ٿو آڻيان ته منهنجو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ لکجي ويو آهي. “انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جلد 11 ص 355” جيڪو سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو سنڌي لينگويج اٿارٽي طرفان ڇپايو ويو آهي. جيڪو آگسٽ 2017 ۾ ڇپيو آهي. جنهن جو سرپرست ۽ چيف پروفيسر عبدالغفور ميمڻ جيڪي ايس ايل جا چيئرمين پڻ آهن. انهن پنهنجي تاريخي ايڊيشن ۾ منهنجو نالو ، فوٽو ڪتابن جي نالن ۽ منهنجي تعارف سان ڇاپي منهنجو مان مٿانهون ڪيو آهي. سچ ته سنڌ جي تاريخ ۾پنهنجو نالو ڏسي بيحد خوشي ، سڪون ۽ اطمنيان محسوس ٿيو ۽ چاليهه سالا محنت جو ڄڻ مون کي اجورو ملي ويو. سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو شامل ٿيڻ تي وڏي خوشي محسوس ڪندي آءُ الله پاڪ جا لک شڪرانا بجا آڻيان ٿو. اي پروردگار تنهنجا لک شڪرانا........!!!! ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ ادا ناصر بلوچ جي ادبي خدمتن عيوض هن کي اهيو اعزاز حاصل پڻ آهي. سنڌي انسائيڪلوپيڊيا جلد نمبر 12 ۾ ادا ناصر بلوچ جو تعارف ۽ تفصيل شامل آهي.
منهنجي ذات ڪهڙي آهي...؟
آءُ پنهنجي ڄمار جي پڇاڙڪي حصي ۾ قدم وجهي چڪو آهيان. مون کي اڄ تائين اها خبر نه آهي ته منهنجي ذات ڪهڙي آهي....!؟ انهي ذات جي مسئلي ۾ سدائين منجهندي ۽ سوچيندي سدائين الجهيل رهيس. جيتوڻيڪ مون کي گهڻو ڪجهه لکيو آهي پر ڪڏهن به انهي سُٽ منڌل مسئلي کي سلجهائي نه سگهيو آهيان انهي ڪري مون پنهنجي ذات جي بجاءِ بلوچ جي نالي سان لکڻ لڳس. منهنجون سڀ تحريرون “اقبال بلوچ” جي نالي سان آهن. مون کي انهي ڳالهه تي ڪا به اچرج ڪونهي يا ڪنهن قسم جي احساس ڪمتري ڪونهي ته آءُ ڪهيري بلوچ آهيان يا چانڊيو بلوچ آهيان.....!!!!
انهي ذات جي مسئلي کي منهنجو وڏو ڀاءُ ناصر بلوچ جيڪو من کان عمر ۾ 6 سال وڏو آهي ۽ تاريخ لکڻ تي دسترس حاصل آهيس. هن کي پنهنجي ذات جي تاريخ جو هي اهم مسئلو سلجهائڻ کپي ها...! اصل ڳالهه اها آهي ته بابا حسن علي بلوچ جي ڪاغذن تائين ڪهيري بلوچ لکيل هوندو هو. بابا جي حساب سان اسان سڀ هن جا اولاد ڪهيري آهيون. پر اسان جي گهر ۾ عجيب ڪيفيت ذات جي حساب سان سمايل آهي.
منهنجو وڏو ڀاءُ ناصر بلوچ ڪهيري سڏائيندو آهي. ۽ ڪاغذن ۾ ڪهيري ذات لکيل آهي. آءُ هن کانپوءِ ٻيو نمبر تي آهيان. آءُ چانڊيو انهي ڪري سڏائيندو آهيان ته جو منهن جي پرائمري سرٽيفيڪيٽ کان وٺي هاڻ تازو سروس تان رٽائرمينٽ جي ڪاغذن تائين چانڊيو لکيل آهي. آءُ سڄي عمر هن سُٽ منڌل مسئلي تي سوچيندي سدائين نه چاهيندي به چانڊيو سڏايم. حالانڪه آءُ پنهنجي ڳوٺ يا مائٽن ۾ ڪهيري آهيان. چانڊيو نه سڏائي نه سگهندو آهيان. مون کان پوءِ ٽيون نمبر ڀاءُ محمد منير بلوچ پنهنجي سرٽيفيڪيٽن ۽ ڪاغذن ۾ چانڊيو آهي. اهڙي طرح منهنجو مرحوم ڀاءُ محمد اسلم به جيڪو هاڻ 2016 ۾ ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو هو . ڪهيري هو. اهڙي طح پنج ڀائرن مان ٽي ڀائر چانڊيا ۽ ٻه ڀائر ڪهيري ۽ بابا سائين ڪهيري هو. ۽ منهنجو ٻه ڀيڻيون پنهنجن ڪاغذن تحت چانڊيو هيون. اهو سڀ حل طلب مسئلو هو ۽ آهي. جيڪو حل ٿيل نظر نه پيو اچي. بقول امان جي ته هو چانڊياڻي هئي. منهنجا ڏاڏاڻا ڪهيري هئا ۽ منهنجا ناناڻا چانڊيا هئا. پوءِ اهو ذات جو فرق ڪيئن ۽ ڪٿان پيو اچي.... جيڪو جيئن آهي پيو هلي. هاڻ اسان جا اولاد ماشا الله سڀ جوان آهن. پاڻ ۾ سڳا سوٽ آهن. اهي اسان وانگر چانڊيه ۽ ڪهيري آهن. اسان جي ٻي نسل جي به ئي نسل جا فرد به اسڪولن ۾ داخل ٿي چڪا آهن. شايد اهو حل طلب مسئلو بغير حل جي ائين پيو هلندو. نسل در نسل.....
بهرحال مون پنهنجن علمي، ادبي ۽ نوڪري ۾ چانڊيو سڏايو. ڳوٺ ۽ مائٽن ۾ ڪهيري آهيان. اهو مسئلو شايد ائين پيو هلندو رهندو مون کان پوءِ شايد هن مسئلي تي ڪو لکي به نه.... آءُ ڪهيري هجان چانڊيو ..... پر بلوچ سڏائي مون پنهنجي جان ڇڏائي پر مون کي هن ڳالهه تي فخر آهي ته آءُ هن سنڌ ڌرتي جي سهڻي بدين جي تاريخي شهر تلهار جو رهاڪو ۽ حيدرآباد ۾ اڌ جنم گذايو اٿم. پر آءُ سنڌ ڌرتي جو سنڌي آهيان.
ڪيترو ڏُکارو ڪري وئين تون
هن جهان جڙيو آهي سو ڦٽندو ضرور.... ماڻهو جيڪو ڄميو آهي اهو ويندو ضرور... موت برحق آهي. هر ڪو هلندو. هي رنگين دنيا ضرور ڇڏيندو. هر روز لکين ماڻهو دنيا ۾ اچن ۽ لکين ماڻهو وڃن ٿا. هي دنيا فاني آهي. هي جهان لا بقا آهي. رهندو نالو صرف الله پاڪ جو......! منهنجي زندگي ۾ ڪي ماڻهو مون کان وڇڙيا آهن، جن مون کي ڏکارو ڪري ڇڏيو. ڪي اهڙا جن جو صدمو مان ڪڏهن وساري نه سگهيو آهيان.
ماءُ ۽ پيءُ جي وڇڙي وڃڻ جو ڏک هر اولاد کي ٿيندو آهي. مون کي باباجي وڇڙي وڃڻ جو ڏک ٿيو هوم. پنهنجي ننڍي ڀيڻ ڪوثر جي موت مون کي ڏاڍي صدمو رسايو هو. سرمد جي بي وقت موت تي مون کي ڏاڍو صدمو رسيو هو. پنهنجن ٻن ننڍن ڀائرن ڊاڪٽر ظفر ۽ اسلم جي بي وقتي ۽ نوجواني واري موت منهنجو جيءُ جهوري ڇڏيو هو. دوستن مان تلهار جي حبيب الله قنبراڻي جي موت مون کي ڏاڍو صدمو رسايو هو. عبدالستار مگسي جي وڇوڙي ، علي نواز چانڊيو جي گذاري وڃڻ جو به ڏاڍو صدمو رسيو هوم. دعا ڪندو آهيان ته اي الله پاڪ ڪنهن کي به پنهنجي اولاد ۽ پنهنجن ننڍن ڀائرن جي موت جو غم نه ڏيکارجان ۽ مون سميت هر ڪنهن کي ڪنهن جو محتاج نه ڪجان ۽ هلندي ۾ هلائجان..... آمين
ڪراچي ڏانهن ويندڙ وقت
مون کي هن جهان ۾ پيدا ٿيندي 62 سال جو عرصو گذري رهيو آهي. پنهنجو ٻالڪپڻ ۽ جواني پنهنجي اباڻي شهر تلهار ۾ گذاريم. 1976 ۾ بدين ٽريزري آفيس ۾ نوڪري مليم. تان 1984 پنهنجي بدلي حيدرآباد جي ٽريزري آفيس ۾ ڪرايم. اهڙي طرح تلهار کان لڏي اچي پنهنجي گهرواري سان حيدرآباد وسايم. عمر جي هن درجي ۾ پهچندي ٻه سال اڳ 60 سالن جو ٿيندي 41 سال نوڪري ڪندي 1 ڊسمبر 2016 ۾ نوڪري تان رٽائرڊ ڪيم. اهڙي طرح حيدرآباد ۾رهندي 35 سال گذري رهيو آهي. تلهار، بدين کانپوءِ منهنجي زندگي جو وڏو حصو حيدرآباد ۾ گذريو آهي. تاحال اڃان تائين گذري رهيو آهي. زندگي جون انيڪ يادون، لمحا، وقت نشيب و فراز، لاها چاڙها، غربت، مڇي ماني وارو ٿيڻ ۽ ٻيون عجيب و غريب ڳالهيون جن جو ذڪر ڪتاب ۾ ڪري چڪو آهيان . حيدرآباد سان وابسته رهيون آهن. هڪ لمحو به حيدرآباد کي ڇڏڻ تي روح ڪونه ٿو چوي. پر سرواڻ جي شادي کانپوءِ منهنجي پٽ سرواڻ ۽ ننهن فريال جو اهو پيار آهي ته جو اهي چون ٿا ته گڏ رهون. هڪ گهر ڪيون. هڪ فميلي هڪ هنڌ هجي. سڀ فائدا ۽ نقصان ذهن ۾ رکندي سوچيو اٿم جتي منهنجي سڄي زندگي لازوال قربانين (پوءِ اهي فرضن ۾ ئي شامل هجن) سان گڏ هڪ ٻي به لازوال قرباني ڏيان..... ۽ منهنجي به خوشي آهي ته جتي اولاد سان خوشيون گڏ هجن انه کان وڌيڪ ٻيون ڪي وڌيڪ قربانيون نه هونديون آهن. مائٽ اولاد جي ڳالهائڻ لاءِ سڪندا آهن اتي اولادن جو پيار گڏ ٿي وڃي ته اهڙي طرح ڪا ٻي خوشي نه هوندي آهي. مونکي هن وقت گهڻا دوست احباب اها صلاح ڏيئي رهيا آهن ته پنهنجي ملڪيت يا پنهنجو سڀڪجهه اولاد نالي ڪڏهن نه ڪجان نه ته ڏاڍو پڇتائيندين.... (مون به اهڙا کوڙ مائٽ ڏٺا آهن ائين ڪندي) پر منهنجي دل ۾ اهو پيار آهي ته جيترو پيار گڏ رهي حاصل ڪجي اهو پيار پري کان حاصل نه ٿيندو آهي. ڀلا اهڙو وحشتناڪ وقت آيو جو الله پناهه ۾ رکي پٽ ۽ ننهن مون کي نفرت زده نگاهن سان ڏسن ته مون کي به الله پاڪ ايترو حوصلو ڏنو آهي جو اڪيلو ٿي واپس حيدرآباد اچي رهي سگهان ٿو. منهنجي دل۾ هميشه اها محبت ۽ اهو عزم رهيو آهي ته جيڪا شيءِ مرڻ کانپوءِ ٿيڻي آهي. اها شيءَ ڇو نه ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ پيار ۽ محبت سان ڪري وڃي. الله ڪندو محبتون ، چاهتون حاصل رهيون آهن ۽ هميشهن رهنديون.
هي باب لکندي لڳي ٿو ته ايندڙ ٿوري وقت ۾ حيدرآبادمان لڏي ڪراچي شفٽ ٿيندس. ڪراچي جلدي شفٽ ٿيس ته لڳيم ٿو اتي نئين زندگي نئين سر سان في الحال هڪ گهر ۾ بنا دوستن مائٽن جي گذرندي. پر جي محبتون قائم رهيون ته ڪا به شيءَ پري نه آهي.... هرشيءَ جُڙي پئي آهي. منزلون آسان ٿي ويون آهن. مفاصلا گهٽجي ويا آهن. شرط اهو آهي ته محبتون ، رويا نه بدلجن.... چاهتون نه گهٽجن، نفرتون نه ٿين... لڳيم ته زندگي جي 62 سالن کان پوءِ ڪراچي شفٽ ٿي وڃان...! جتي زندهه رهيس ته هڪ نئين سفر جي زندگي پيرائپ واري عمر ۾ شروع ڪندس. الله پڪ جي درگاهه ۾دعائون گهران ته محبتن ، چاهتن، اميدن ۽ جذبن جو جيڪو سفر شروع ڪيو اٿم اهي سڀ منهنجي حياتي جي آخري ڏينهن تائين قائم ۽ دائم رهن. محبتن جا سڀ سلسلا سڀني مائٽن دوستن احبابن ۽ اولاد سان محبتن سان قائم رکندي آخري ساهه به منهنجو محبتن ۽ چاهتن سان نڪري. شل محبتن جو سفر جاري رهي.... انشاء الله آخري ساهه تائين محبتن جي منهنجي جوڙيل زنجير ڪڏهن به ڪونه ٽٽندي. انشاءالله
ڪتاب جي پُڄاڻي (آگسٽ 2018)
هن ياد گيرين جي ڪتاب جي پڄاڻي اتي ئي ڪندس.... گذريل وقت جا لمحا به لمحا لکيا اٿم. ڪي لمحا ياد نه آيا هوندا ۽ ڪي لمحا ڄاڻي واڻي نه لکيا اٿم. انهي ۾ منهنجي انتهائي دلي مجبوري هوندي. تنهن هوندي به زندگي جو 95 سيڪڙو حصو حال احوال لکي آيو آهيان. هن ڪتاب جي پڄاڻي هنن سٽن سان ڪندس ته:
رهي حياتي، ٿيا ڪي حال احوال، رهيون ڪي چاهتون، زندگي ڪيون ڪي وفائون ته ڪتاب جي ٻي حصي ۾ لکندس..... ورنه هتي آهي پنهنجي موڪلاڻي..... هتي آهي پنهنجي جدائي....!!!!”
ميلو متو ٿو ڇڏيان،
رهاڻ رس ۾ ٿو ڇڏيان.
استاد بخاري جي هن سٽن سان هن يادگيرين جي يادن کي هتي ختم ٿو ڪريان.
هن جيون جي چواٽي تي،
ڪي يار مليا ها قرب منجهان،
وقت جو اهڙو واءُ لڳو،
ڪو ڪاڏي ويو، ڪو ڪاڏي ويو.
هڪ ٻيڙي هئي سا ٻڏندي وئي،
۽ تاڪ ان جا ترندا ويا،
هڪ ولر هيو سو وڇڙي ويو
ڪو ڪاڏي ويو، ڪو ڪاڏي ويو...!!!
زندگي هلندڙ..............................!!!