الطاف شيخ ڪارنر

پکي اڏاڻا پنھنجي ديس

الطاف شيخ جو هي ڪتاب پنھنجي نوعيت جو انوکو ڪتاب آهي. جنھن ۾ پکين، خصوصن پرڏيھ جو سفر ڪندڙ پکين بابت خاص قسم جو مواد موجود آهي، جيڪو دلچسپ ۽ ڄاڻ ڀريو آھي. الطاف شيخ پرديسي پکين سان گڏ مقامي پکين سان ٿيل ڪلورن تي بہ ماتم ڪندي نظر اچي ٿو. الطاف صاحب پکين تي لکڻ مھل عام رواجي طرح لکڻ بدران سائنسي انداز، وسيع سامونڊي ۽ دنيا گهمڻ جي تجربي سان گڏ دليلن سان لکيو آهي، نہ صرف ايترو پر انھن پکين جو ماضي بعيد کان رڪارڊ پڻ جانچيو آهي. الطاف شيخ جو هي ڪتاب پکين جي حوالي سان سٺي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ، پکين جي لڏ پلاڻ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پکين سان انساني روين متعلق سٺي گائيڊ بوڪ جو درجو رکي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پکي اڏاڻا پنھنجي ديس

الطاف شيخ، فطرت پسندي ۽ پرڏيهي پکي: امر لغاري

هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،
اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءَ،
لڳي اتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.
(شاهه)

الطاف شيخ فطرت پسنديءَ ۾ ماضي ۽ حال جو سنگم ڪرايو آهي. هڪ طرف ڪينجهر سان سانوڻيءَ جي ماحول ۾ نيرڳ پکيءَ جي نيهن جي ڳالهه ڪيل آهي (حالانڪه سانوڻيءَ ۾ نيرڳ ڍنڍن تي نه هوندا آهن، پر هتي نيرڳ تشبيهه طور استعمال ڪيل آهي) ۽ ٻئي طرف ڪينجهر جي (آڪٽوبر مهيني يا نومبر جي پهرين ڏهاڙن جي) منظر نگاري جي پس منظر ۾ ڪلاسيڪل ڪردار ڄام تماچيءَ جو ذڪر آهي، ڇو ته هن موسم ۾ ڪنڊي، مڃر ۽ ٻٻر گلن ڪرڻ ڪري ساوڪ يا بهاريءَ ۾ هوندا آهن، مٿان اتر جو واءُ اچي انهن جي بهاري ختم ڪندو آهي.
الطاف شيخ جي مضمونن جو هڪ وڏو حصو پکين جي هجرت (Migration) ۽ انهن جي جبلي محرڪن جي تفصيل تي ڦهليل آهي. هجرت بابت مختلف ماهرن جي راين ۽ نظرين جو اپٽار ڪندي ڪٿي ڪٿي هو پنهنجي راءِ جو اظهار به ڪري وٺي ٿو. مان هت انهن ڳالهين کي ورجائڻ نٿو چاهيان، ڇو ته اهي ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ موجود آهن، مان هت رڳو ايترو چوندس ته الطاف شيخ هنن مضمونن ۾ اها راءِ پڻ رکي آهي ته پکي جڏهن هجرت ڪن ٿا ته اهي قدرت طرفان هنن جي دماغ ۾ موجود اڳ ۾ ئي فيڊ ٿيل پروگرام تحت هلن ٿا، جنهنڪري هو منزل مقصود تي بنا ڪنهن غلطيءَ جي پهچي وڃن ٿا. الطاف شيخ ڪيترن ئي مضمونن ۽ نظرين جي مطالعي کانپوءِ ئي اها راءِ ڏئي ٿو. پکين جي هجرت بابت جيڪي به سائنسي رايا سامهون آيا آهن، تن جي آڌار تي اهو اڃا چئي نٿو سگهجي ته پکين جي هجرت جا ڪي مخصوص محرڪ لڀي پيا آهن، ان ڪري الطاف سائين جي ان راءِ کي پاڻ کي به هڪ راءِ طور ڏسڻ کپي ۽ ان ڏس ۾ وڌيڪ تحرير ڪندو رهڻ کپي.
جڏهن دنيا جو ماحول يا آبهوا اڃا ايتري گرم نه ٿي هئي، تڏهن پکي هر سال هڪڙي ئي وقت ٿڌن ملڪن مان نڪرندا هئا ۽ طئي ٿيل وقتن تي گرم پاڻيءَ ۽ آبهوا وارن ملڪن ۾ پهچي ويندا هئا، پر موسم جي تبديليءَ جي ڪري هنن جو هجرتي ٽائيم ٽيبل ۾ فرق آيو آهي. سائنسدان پکين جي هجرتي بهيويئر (ورتاءَ)، ان مطابق چوڳي جي ميدانن جي چونڊ ۽ جنسي سڌن ۾ ايندڙ تبديلين تي تحقيق ۾ رڌل آهن، پر هيل تائين پکين جي بهيورل سائنس جي مد ۾ ٿيل تحقيق ٻڌائي ٿي ته پکين جون جبلتون موسمي تبديلين سان تبديل ٿين ٿيون، ائين جيئن ڏڪار ۾ جانور، وڻ ۽ ماڻهوءَ مشڪل سان پنهنجي نسل جي افزائش ڪري سگهن ٿا، ڇو ته کاڌي جي کوٽ ۽ آبهوا جي تبديلين سبب حياتياتي نوع کوڙ سارين ذهني (نفسياتي) ۽ جسماني تبديلين منجهان گذري ٿي، جنهنڪري جبلتون زندهه جسمن اندر خاموش ٿي يا زنگجي وڃن ٿيون، ان ڪري ضرورت (Need) نئون نفسياتي ضابطو بنجي، ذهنن اندر تحريڪ آڻي ٿي. هجرت به ماحولياتي تبديليءَ ۽ ضرورت، ٻنهيءَ جي ميلاپ سبب عمل ۾ اچي ٿي.
پکين جي هجرت بابت الطاف شيخ پنهنجن مضمونن ۾ سائنسي فطري، رومانوي ۽ مذهبي نظرين جو تت پڻ پيش ڪيو آهي. ڪافي جاين تي هن پڙهندڙن لاءِ ڇڏي ڏنو آهي ته هو انهن مان ڪهڙي نظرئي کي وڌيڪ صحيح ٿا محسوس ڪن. زميني دنيا اڃا تائين هڪ آهي. پکي هجن، انسان هجن، جانور هجن، ڪيڙا ماڪوڙا هجن، سڀ ماحول ۽ کاڌي جا محتاج آهن، جي زمين تي پاڻي نه هجي، آسمان تي سج نه هجي، وايو منڊل ۾ هوائون نه هجن، سردي ۽ گرمي نه هجي ته ڪائنات ۾ زندگيءَ جو تصور جي ناممڪن ناهي ته پوءِ ڪنهن ڪم جو به ناهي.
انسان جي رهڻي ڪهڻي، حرڪتون ۽ حواس، جيوَ جي ماحولياتي فطري قبوليت (Natural Adaptation) مطابق تبديل ٿيندا رهيا آهن، ان ڪري انسان سان گڏ اهي ڳالهيون پکين، جانورن ۽ جيت جڻن سان به لاڳو ٿين ٿيون. انسان جو دماغ وڏو، جانورن جو ننڍو، پکيءَ جي اک وڏي، ماڻهوءَ جي ننڍي، ماڪوڙيءَ، مک، پوپٽ ۽ ڀنڀوريءَ جون اکيون ٻن کان وڌيڪ ٿين. فطري طور پکيءَ کي پنهنجي حرڪت لاءِ پر مليل آهن، ان جي اک وڏي ان ڪري آهي، جو ان کي وايو منڊل مان پنهنجو رستو به ڳولي لهڻو آهي ته ان کي پنهنجي ماحول مان ننڍا ننڍا ڪيڙا ماڪوڙا، ٻج ۽ ٻيا کاڌا به ڳولي لهڻا آهن. پنهنجي دشمن کان بچاءَ لاءِ هر هر چوطرف ڏسي چوڪس به رهڻو آهي. پکيءَ جي اک ٽيلي ڪيميرا جي بلور جهڙي اک آهي، جنهن کي ننڍي ۾ ننڍو جسم به چٽو نظر اچي ٿو، جتي قدرتي آفتن وقت ماڻهوءَ کي عقل ڪم اچي ٿو، اتي پکيءَ کي پنهنجي اک ۽ حواس ڪم اچن ٿا، جو هو اڳواٽ ان کي محسوس ڪري وٺي ٿو. نانگن بلائن ۾ سنگهڻ جي حس مضبوط هوندي آهي، فطرت جا پنهنجا دستور آهن. وڻن کي پاڙون آهن، جيڪي کين زمين سان طاقتور نموني ڳنڍي رکن ٿيون. ان ڪري الطاف شيخ جي انهن ڳالهين ۾ وزن آهي ته قدرت انهن اندر اهي گوشا مضبوط ڪيا آهن، جن ذريعي هو زمين تي اهي رستا ۽ مقام ڳولي لهن ٿا، جن جي هجڻ تي هنن جي حياتيءَ جي ان ”سالياني ڦيري“ جو دارومدار آهي. ڪڇونءَ جي ٻچن جي پاڻيءَ ڏي ڀڄڻ جي ڳالهه هجي يا ڪوئل جي ٻچن جو ڪانون کان الڳ ٿي، پنهنجي فطرت اختيار ڪرڻ ٻئي پنهنجي اندرئين ۽ ٻاهرئين فطرت جي ڳانڍاپي کانسواءِ ائين ڪري نٿا سگهن. ڪڇونءَ جي ٻچي کي جي ٿر جي ڪنهن ڀٽ تي ڇڏي مشاهدو ڪبو ته ان صورت ۾ اهو ممڪن آهي ته هو ناري واري طرف نه اچي ۽ جيسلمير ڏانهن رخ رکي يا اڃا نه ته هو اولهه ڏکڻ سامونڊي هوائن واري طرف هلڻ شروع ڪري جي سامونڊي هوائن جي ان مقام تائين پهچ نه هجي، ته پوءِ اتي جو ماحول هن کي پاڻيءَ ۽ سمنڊ جي آبهوا جو ڪو گس ڏيئي نه سگهندو. اتي هن جا حواس توڙي اکيون ان باري ۾ هن جي ڪا به مدد ڪري نه سگهنديون. انهن ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته جبلتن کي به ماحول تحرڪ ۾ آڻي ٿو. اهو سڀ ائين آهي، جيئن بجليءَ جو ڪرنٽ فقط پسرائيندڙ مان گذري سگهي ٿو، پسرائيندڙ هن جو ميڊيم (ذريعو) آهن، باقي ڪاٺ ۽ رٻڙ مان ته بجلي به گذري نٿي سگهي، جو انهن ۾ اهڙو ماحول يا جزا ئي ناهن.
فطرت کي فقط فطري قوتن سان ڳنڍي بيان ڪري سگهجي ٿو، ان کي جي شعوري قوتن ۽ مقصد جي تابع ڪبو ته معاملو گڙ ٻڙ ٿي ويندو. شاعر ۽ مذهبي مبلغ پکين ۽ جانورن کي تبليغي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آيا آهن، اهو ان ڪري جو ماڻهو جو سڌو سنئون واسطو فطرت سان آهي، هو اهڙن مثالن جو اثر جلدي وٺي ٿو، پر فطرت پنهنجي ذات ۾ نه مذهبي آهي، نه لادينيت. فطرت فقط فطرت آهي. پکين، جانورن ۽ ٻوٽن ۾ روحانيت جو ڪو به تصور ڪونهي، نه ئي انهن کي ان حوالي سان ڏسي سگهجي ٿو. بزرگي فقط ماڻهوءَ جي ميراث آهي، باقي شيون پنهنجي ويجهي ماحول جون محتاج آهن. دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي ڪري پکين ۽ جانورن اهڙن ماحولن کي پنهنجو ڪيو آهي، جيڪي اڳ ۾ هنن جي جبلتن سان هم آهنگ نه هئا. مثال: ڪڪڙ جا اصل ابا ڏاڏا هماليا ۽ لنڪا جي جهنگن جا اهي مرغا هئا، جيڪي باقاعدي اڏامندا هئا، پر ڪڪڙ انسان سان رهندي پنهنجون ڪيتريون ئي فطري جبلتون وساري ويٺو آهي، يا انهن کي استعال ڪرڻ جي قابل نه رهيو آهي. ڍڳو هن وقت پنهنجي سِڱ کان ڪابه مدد وٺي نٿو سگهي، جو پالتو ٿيڻ کانپوءِ اهي هن جي ڪم جا نه رهيا آهن. ائين جانورن کان ويندي پکين جي زندگي توڙي جسماني ساخت ۾ تبديليون اينديون رهيون آهن.
ڪتي جو به مثال وٺنداسين ته اهو به ائين ئي بيهندو. ڪتو جهنگلي دور ۾ بگهڙ وانگر ”روڙ“ ڪندو هو، پر انسان سان گڏ رهندي نئين ”ايڊاپٽيشن“ هيٺ هن کي پنهنجي نئين دشمن کي ڊيڄارڻ لاءِ ڀونڪڻو پيو، جو اهو هن جي اوائلي قدرتي اسڪيم ۾ موجود نه هو. اڳي ان کي خطري توڙي اڪيلائي وقت ”روڙ“ ڪري پنهنجي ڪٽنب جي رڪنن کي سڏڻو پوندو هو، پاڻ اها جهنگلي جيوت واري نشاني فقط اڪيلائيءَ مهل اڃا به استعمال ڪري ٿو، جنهن جو مقصد دشمن خلاف صفبندي ڪرڻ قطعي نه هوندو آهي.
الطاف سائين پکين ۾ جبلت کي وحيءَ سان ڀيٽيو آهي، پر مان Instinct کي وحيءَ سان نه ڳنڍيندس، جو پکين ۽ جانورن جي حوالي سان وحي وغيره بابت منهنجي ڄاڻ محدود آهي، پر ايترو سو ضرور چوندس ته ڪيتريون ئي جبلتون جانورن ۽ پکين لاءِ نهايت نقصانڪار به آهن. مثال خطري وقت هرڻ جو ڀڄي ڀڄي وري ڪجهه فاصلي تي بيهي پوئتي ڏسڻ واري جبلت، هن جي سڀ کان وڏي دشمن بنجي ٿي، جيئن ته اها هن جي جين ۾ شامل آهي، ان ڪري هو ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نٿو سگهي، جنهنڪري شڪاريءَ جي گوليءَ جو نشانو بنجي وڃي ٿو. ساڳيءَ طرح پاڻيءَ وارن پکين جي اها جبلت ته جڏهن هنن کي هن جاءِ تان اڏاربو ته اهي ڍنڍن مٿان ٻه ٽي گهمرا کائي وري لهي پوندا. انهن گهمرن ۾ ئي اهي ڀٽن جي چوٽين يا ڪنهن ٻئي لڪ ۾ لڪيل شڪارين هٿان بندوقن جو کاڄ بنجي وڃن ٿا.
اسان جڏهن پيڻ پکي ۽ کنڀي جو مثال وٺنداسين ته معلوم ٿيندو انهن جي پيرن جون چاريئي آڱريون ڳنڍيل هونديون آهن. اهو ان ڪري جو هيءُ غوطا کائي پاڻيءَ مان تري به مڇيون پڪڙي کائين ٿا. پيڻ ۽ کنڀن جي خوراڪ فقط مڇي آهي، ان ڪري انهن کي پڪڙڻ لاءِ هنن کي گهري پاڻيءَ اندر لهڻو پوي ٿو. پاڻيءَ اندر اهي پنهنجا پر جسم ٻاهريان ڇٽيءَ جيئن فولڊ ڪري، پنهنجي ٻنهي پيرن جي پتوار سان هڪڙي وقت پاڻيءَ کي پوئتي ڌڪيندي شڪار تائين پهچن ٿا. انهن جيئن پينگوئن ۽ ٻين ٽٻڻن پکين جي پيرن جون چاريئي آڱريون پڻ ڳنڍيل هونديون آهن. انهن جي مقابلي ۾ بدڪن يا ان خاندان جي پاڻيءَ جي پکين جي پيرن جون فقط ٽي آڱريون ڳنڍيل هونديون آهن، ڇو ته انهن کي کاڌي لاءِ پاڻيءَ اندر گهڻو هيٺ نٿو وڃڻو پوي. چيڪلا، نيرڳ، رتنبا، هنجر، ڳيڻا، ڊڳوش ۽ ٻيا پکي پاڻيءَ جي گاهه يا مٽيءَ تي گڏ ٿيندڙ ڪوڏن، ننڍين مڇين، يا ان گاهه جي ٻجن تي گذران ڪن ٿا، ان ڪري اهي هلڻ چلڻ يا حرڪت ڪرڻ ۾ پاڻ کي ايترو مشڪل ۾ محسوس نٿا ڪن، جيترو پورو پير ڳنڍيل.
جيوت جي جسامت هن جي کاڏي پيتي جي طور طريقن ۽ قسمن مطابق هوندي آهي. ايمس (Emus) نالي پکي بنا اڏامڻ ۽ تيز ڊوڙڻ وارو پکي آهي، ان ڪري هن جي پيرن جون آڱريون سڌيون جُتي جي تري جيئن هونديون آهن. مزي جي ڳالهه ته هن جي پير جو آڱوٺو نه هوندو آهي، ڇو ته اهو وقت سان گڏ (استعمال ۾ نه ايندي) ناڪارا ٿي ڇڻي چڪو آهي. يعني، ارتقائي طور آڱوٺي واري فيڊ ٿيل پروگرام وارو جين ناڪارا ٿي، اڳتي منتقل ئي نه ٿي سگهيو آهي، جيئن موروثي گهٽتايون ماڻهوءَ جي نسل ۾ اڳتي منتقل ٿينديون رهنديون آهن، تيئن پکين ۾ به ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح اٺ پکيءَ جي پير ۾ فقط ٻه آڱريون آهن، ڇو ته وڌيڪ جي هن کي ضرورت ئي ڪانهي. ڪڪڙيون ۽ ٻيا فيزينٽ، جهڙوڪ مور، چڪور وغيره ڇو ته مٽيءَ وغيره ۾ کٽوليون يا کاٽوڙا ڪري پنهنجو داڻو حاصل ڪن، ان ڪري انهن جو چنبو ٽڙيل ۽ آڱريون ڪوڪن جيئن سڌيون ٿين. وڻن تي ويهڻ وارن پکين جو آڱوٺو ٻين ٽن آڱرين جي مقابلي ۾ ٿورو وڏو هوندو آهي، جيئن هو چڱي نموني ٽار کي مضبوط جهلي ويهي سگهن. شڪاري پکين جو چنبو وڏو، ننهن تيز، آڱريون آڱوٺو هڪ جيڏو هوندو آهي. ڪاٺڪٽن ۽ چتن جي پيرن جون ٻه آڱريون اڳتي طرف ۽ آڱوٺي سان گڏ ٿين آڱر پوئتي هونديون آهن، جنهنڪري اهي آسانيءَ سان وڻن جي ٿڙن تي اڀو گرفت سان هلي سگهن ٿا. ابابيلن، ننڍن چٻرن ۽ ڇاپاڪن جون چهنبيون ويڪريون ۽ ننڍيون هونديون آهن، ڇاڪاڻ جو اهي اڏامندڙ ڀئونرا، پتنگ، جيت ۽ ٻيون شيون هوا ۾ هلندي ڳِهي ويندا آهن.
اهي ته چند مثال هئا پيرن جا، ڪجهه مثال چهنبن جا به وٺي ٿا ڏسون. سنهي ۽ هيٺ تي مڙيل چهنب وارا ننڍڙا پکي ڪوريئڙن ۽ جيتن کي وڻن ۽ ڄارن مان ڪڍي کائين ٿا. باز جي چهنب جو ٽيون حصو هيٺ مڙيل ۽ هيٺيون سنئون هوندو آهي ته جيئن اهو شڪار يا گوشت کي چيري ڦاڙي سگهي. پوراڙي جي چهنب تمام ڊگهي، لوطي شڪل جي هيٺ تي مڙيل هوندي آهي ته جيئن اها ساموندي ڪنارن سان ريت يا گپ اندر لڪل ڪيڙن، ۽ سانپن کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ ان جي ڪم اچي سگهي. ڪرينَ جي چهنب واري پکي ڄاڃي لاکي کي پنهنجي چهنب ڍنڍن يا دٻن جي پاڻيءَ مان گپ ڀري ڪري شيل مڇيءَ کي ٻاهر ڪڍي کائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اسان جي سامونڊي پٽيءَ وارين ڍنڍن ۾ چوڳو ڪندڙ ڏوئيرو نالي پکيءَ جي چهنب ڏوئي يا چمٽي جهڙي ٿئي ٿي، جيڪا مڇي پڪڙي کيس ڳهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڀالي جهڙي چهنب وارو ٻگهه جهڙو پکي ڪَڪَي اڪثر تلائن يا واٽرن جي ماڊولن تي ويهي انتظار ڪري، مڇيءَ کي ڀالي جيئن چهنب هڻي پڪڙي کائي ٿو. پيڻ پکيءَ جي چهنب هيٺان چمڙي جي ڳوٿري ان ڪري آهي، جو اها کيس وڏي ۾ وڏي مڇيءَ کي ڳهڻ ۾ سندس مدد ڪري ٿي، جهرڪين ۽ ٻين ان کائيندڙ پکين جي چهنب سخت ۽ نوڪدار ان ڪري آهي، جو اها کين زمين ۾ هڻڻي پوي ٿي.
اهڙيءَ طرح پکين جي پرن جو مثال آهي. پکين جي پرن جا کنڀ هيٺيان سڌا ۽ مٿان گولائيءَ ۾ وريل هوندا آهن. اهو ان ڪري جو هوا جي دٻاءُ لاءِ هيٺيان کان اهي هڪ پليٽ فارم ٺاهين ٿا، جنهن ڪري هوا دٻاءُ وجهي، کين مٿي کڻڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جڏهن ته ساڳي هوا انهن جي پرن جي مٿين کنڀن تان ترڪيو وڃي، انهيءَ ئي ٽيڪنڪ تحت جهاز مٿي کڄي ٿو. پولر رڇ جي جسم تي پشم جو گهاٽو تهه هوندو آهي ته جيئن ٿڌ ۾ هن کي گرم رکي سگهي. اٺ جي اک مٿان هڪ اضافي ڇپر پڻ هوندو آهي، جو طوفانن ۾ هن جي اک ۾ واري پوڻ کان هن جو بچاءُ ڪندو آهي. اٺ طوفانن ۾ به هلندو رهندو آهي.
انهن سڀني ڳالهين ڪرڻ جو هت منهنجو مقصد اهو هو ته فطرت جاندارن کي هنن جي ماحول مطابق سانچي ۾ وڌو آهي، اهو ئي سبب آهي ته جن پکين، جانورن ۽ خود انسانن، پاڻ کي قدرتي ماحول مطابق تبديل (Adapt) نه ڪيو، سي هن ڌرتيءَ جي گوليءَ تان پاڙئون ميسارجي ويا، ان ڪري پکين ۾ پير ۽ چهنبون اهي نشانيون آهن، جن مطابق اسان هنن جي ارتقائي تبديليءَ جي باري ۾ زمين تي موجود ايڪالاجيڪل فطري ماحولن پٽاندڙ اڳڪٿي ڪري سگهون ٿا ۽ انهن جي ان حوالي سان درجيبندي پڻ ڪري سگهون ٿا. الطاف شيخ پکين جي فطري جبلتن کي جيڪو ماحول جي تبديليءَ سان ڳنڍي، هجرت جي ڳالهه ڪئي آهي، اها سچ پچ ته انسان لاءِ به هڪ وڏو پيغام رکي ٿي. پکين جي علم بابت اهڙن پرمغز مضمونن يا ڪالمن جو هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ٻوليءَ جي ادب ۽ ان جي پاٺڪن لاءِ ڄاڻ جي نئين لهر ثابت ٿيندو.

امر لغاري
سانگهڙ