ڪانگ لنوي مِٺي لات
اسان وٽ سنڌ ۾ پکين مارڻ جو هي نڀاڳو ڪلچر هاڻ گذريل اڌي صديءَ کان زور ٿي ويو آهي نه ته اسان ننڍا هئاسين ته ابابيل ۽ چيهن جهڙا پکي به، نه فقط اڏامندي نظر ايندا هئا پر گهرن جي ورانڊن ۾ ڇت ۾ لڳل ڪاٺ جي ڪامن ۾ ڪجهه دير ويهي ساهه پٽيندا هئا. 1959ع جي ڳالهه آهي جڏهن آئون نائين ڪلاس ۾ هوس ته مون کي ناني ايئرگن وٺي ڏني هئي. هالا ۾ پوسٽ آفيس وٽ وڻن تي ۽ پٽ تي ڪيترائي ڳيرا ۽ چتون نظر ايندا هئا، جن تي مون نشانو ٿي چٽيو ته هڪ ٻئي پويان ٻن واٽهڙن مونکي ڏاڍا دڙڪا ڏنا ته آئون بي زبان پکين کي ڇو ٿو مارڻ جي ڪريان؟ نتيجي ۾ مون کي ان ئي پيرين گهر موٽڻو پيو. پر اڄ ڏسان ٿو ته ڪانوَ ۽ ڪٻر جهڙو پکي به انسان جي پاڇي کان پيو ڊڄي ۽ ڪيڏي حيرت جي ڳالهه آهي ته اهي ساڳيا پکي جيڪي هنن يورپي ملڪن جي پارڪن ۾ اسان سان گڏ بينچن تي اچيو وهن يا بس اسٽاپ تي اسان جي پيرن وٽ پيا چڳن، اهيساڳيا پکي اسان جي ملڪ ۾ پهچي، انسان ذات کان خوف پيا کائين ۽ آهستي آهستي سنڌ ۾ اچڻ گهٽائي بارڊر جي ٻئي پار انڊيا جي راجستان ۽ گجرات رياستن ڏي پيا وڃن! مون کي اهوئي افسوس ٿئي ٿو، ان ئي ڳالهه جو ڏک ٿئي ٿو ته اسان جي سنڌ ۾ پکين جي ايڏي مار مارا ڇو ٿي ٿئي. سنڌ ته صوفين جو ديس آهي، سنڌ ته مهمان نوازي کان مشهور آهي، سنڌ ته امن جي ڌرتي آهي.... يا آئون زمان حال جو ”آهي“ ڪڍي زمان ماضيءَ جو لفظ ”هو“ سمجهان. سنڌ ۾ ڪبوتر ۽ ڳيري کي ته ڇا ڪاري ڪانگ کي به پيار سان ڏٺو وڃي ٿو.... چي
آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه مون سان مون پرين جي
يا اهو به ته ڪانگ آهي جنهن کي عاشقن پنهنجا جان، جگر، جيرا ٿي ڏنا ته،
وڃي کاءُ ولايت ۾ جت دوست جو ديرو
ته من هو پڇي هڪ ڀيرو ته هيءَ قرباني ڪنهن ڏني!
نه فقط سنڌ ۾ پر سڄي ننڍي کنڊ ۾ پکين کي پنهنجو سمجهيو ٿي ويو. پکين سان پيار ڪيو ويو ٿي.
آ کاگا چن چن کايو ماس
اک نينا مت کايو
جنهين پيا ملن کي آس....
آڳاٽي دؤر ۾ جڏهن ٽپال جو سرشتو موجود نه هو، تڏهن پرين کي پيغام پهچائڻ لاءِ ڪڏهن ڪبوتر تي ڀاڙيو ويندو هو يا ڪڏهن ”ڪانگل“ جون خدمتون حاصل ڪبيون هيون. ويچارا عاشق پنهنجي راز ۽ نياز جون ڳالهيون به انهن ڪبوترن ۽ ڪانگن سان ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته پيار جي پيغام رسائڻ جي مهم جوئيءَ دوران ويچارن پکين جي پنهنجي حياتيءَ کي پڻ هاڃو رسندو هو. اردوءَ جو هڪ شاعر اهڙي ئي هڪ منظر جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
خط ڪبوتر ڪس طرح لي جائي بامِ يار پر،
پَر ڪترني ڪو لگي هين، قئنچيان ديوار پر
پر وري پاڻ ئي اٽڪل ڏسيندي حل ٻڌائيس ٿو:
خط ڪبوتر اس طرح لي جائي بام يار پر،
ڪه خط ڪا مضمون هو پرون پر، پر ڪٽين ديوار پر.
شاهه لطيف جو نه فقط انسان ذات لاءِ پر پکين ۽ پسن لاءِ به تمام گهڻو قرب هو. هن ڪنهن به پکي پکڻ کي ڏک نه رسايو. شڪارين کي اجل جي يادگيري ٿو ڏياري جيئن ويچارن گگدامن کي مارڻ کان باز اچن. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
شڪار تون شهباز جو، تون تان منجهه شڪار!
شاهه لطيف پنهنجي نج سنڌي زبان ۾ پکين جي درد کي هن طرح بيان ڪري ٿو:
اصل سندي آسري، آيون ڍور ڍري
کنڀڙان ڀونءِ کري، پاڻ پير ڏکويا پکڙين
شاهه لطيف باز به ڏسي ٿو ۽ ڪرو به ڏسي ٿو ۽ ڳجهه جهڙو ماس کائو پکي به پسي ٿو. سڀني جي عادتن کي سامهون رکي فرمائي ٿو:
کڻ بورائو باز کي، ڳجهه جي ڪج مَ ڳول،
ڊوڙ جنهن جي ڍونڍ ڏي، رڻ ۾ وتي رول
جو ٻهون پاري ٻول، سو هٿان ڇڏم شڪرو.
مور پکيءَ کي ڪارايل به چوندا آهن. هو پکين جو شڪار نه ڪندو آهي پر نانگ بلائون ناس ڪري ڇڏيندو آهي. شاهه صاحب مورن لاءِ ٿو فرمائي:
سر ۾ سانجهيءَ وار، مون مانڊاڻا ڪيا
سٽون ڏين سپن تي، ڪئين ڪارايل ڪڻدار
ماري نانگ اپار، وه پيتائون وٽيين.
سنڌ ۾ چٻون، طوطا، چيها، جهنگلي پکي به هئا. سر سسئي ۾ وڻڪار يا جهنگن جي ڳالهه ڪندي شاهه لطيف فرمائي ٿو:
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت چتون چانگارين
۽ هڪ ٻئي هنڌ فرمائين ٿا:
وڏا وڻ وڻڪار جا، چٻون جت چيها
پکين جو واقفڪار وارهه جو سنڌي ليکڪ محمد ابراهيم لاشاري ڪانيئري لاءِ لکي ٿو ته هي ڍنڍ جو پکي آهي، جنهن جو رنگ ڪار مائل ٿيندو آهي. هي آڙي جهڙي پکيءَ کان ٿورو ننڍو ٿئي ٿو. ڳچي ڊگهي ٿيندي اٿس. ڪانيئر جا پير بدڪ جي پيرن جهڙا هوبهو ٿين. هميشه ڍنڍن ۽ دٻن ۾ رهندو آهي. هن جي پسند جو کاڌو جيت ۽ مئل مڇي ۽ گاهه هوندو آهي. هي پکي طبيعت ۾ سست ۽ ڪاهل هوندو آهي. ڪانيئرو ٻين پکين کان گهٽ اڏامي سگهندو آهي. لطيف سرڪار به سرڪارايل ۾ ڪانيئر کي اهڃاڻ بڻائي انسان ذات کي سستي ۽ ڪاهلائپ کان روڪيو آهي.
ويا مور مري، هنج نه رهيو هڪڙو
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيئرن جو
بهرحال شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪانگ تي ڪافي بيت چيا آهن: چي:
گهوڙا! گهڻي ڀون ووءِ! وڃن نڱئا،
مادر! مٿا مون، ڪانگ لوندا ڪڏهن.
شاهه صاحب سر پورب ۾ فرمائي ٿو:
قريبن جو ڪانگڙو، مٿي ٽار ٽلي
کڻيو کنيا تو خبرون، کيرون ڏيون کلي
لائي، جنهن لالن سان، منهنجي بات بلي
سو ور چشمن تي چلي، جو درباري دوس جو.
نه فقط شاهه لطيف پر سچل به پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪانگ پکيءَ کي خوب ياد ڪيو آهي: چي
ڪانگل آيم اڄ پريان سندي پار ڏانهن
ڳالهيون ڪيائين سڄڻان، سي روح ٻڌي ڪيو رڄ،
پکي ڪيو ناپج، ظاهر ڪيائين زبان سين.
سچل سائين جو ڪانگ تي هڪ ٻيو بيت آهي ته:
اڄ لاتيون ڪانگ لتيون، سي ڪي سڻو سرتيون
جو ڪهڻ سان ڪهيو وجهي، ويڙهي منجهه وتيون،
سنديون راز رتيون، ٿو پڻ ڪري پڌريون.
اسان جي ڳوٺ جي شاعر سيف بخاري ”تنها“ جي هڪ وائي جو بند آهي ته:
ڪانگُ لنوي مٺي لات....
اڄ ته منهنجو محب ايندو
اڄ ته دل ۾ کٽڪي ٿي
ڪانگل واري سا بات
اڄ ته منهنجو محب ايندو...
سيف بخاري اسان کان ننڍي عمر ۾ جدا ٿي ويو. مشهور ليکڪ ۽ پروفيسر سيد ممتاز بخاري جو هي فرزند 20 فيبروري 1977ع تي ڄائو ۽ 19 ورهين جي ڄمار ۾ جڏهن هو NED يونيورسٽي ڪراچي ۾ سول انجنيئرنگ جي ٻئي سال ۾ هو ته گذاري ويو. سندس شعرن جو مجموعو ”سرس آهي سونهن“ سندس وفات بعد ڇپرايو ويو، جنهن جي هڪ وائيءَ جو مٿيون بند آهي.
آخر ۾ ڪانگل تي هڪ ٻيو بيت، جيڪو درازن جي سچل جو آهي.
آءُ ڪانگل ڪائين، تا توي عطر اوتيان
اچي ٻاجهون اوهان جي، اٻاڻڪ آئين،
ڏاها گهڻا ڏينهڙا، متان تون لائين،
پير اڱڻ پائين، ته منهنجو ساهه سڌير ٿئي....