ساٿ تنهنجو به پکيءَ جهڙو نه هو
گونج به ڪائي ڪُونج، ڪَرڪي پنهنجي ڪُڙم لئه
گيت ڪَئي جو گونجَ، ماروَ پَرتا پاڻ ۾.
ڪجهه ٽسٽا هن ريت آهن:
سپني اُماڙيون،
ڪيڏيون ڪينجهر ڪنڌئين
آڙيون ئي آڙيون!
ڪيڏي سُڃَ اَپارَ
مون مَن ائن جيئن روههَ ۾
ڪُونجن جي ڪُڻڪارَ!
ڪهڙا سفر سانگ
اڳتي رڻ راڙا ڪري
ڪِرنگهن مٿان ڪانگ!
ڪنهن جي لاءِ اڃان
ڪارو ڪانءُ لنوي پيو
سائيءَ نم مٿان!
شيخ اياز ڄائو شڪارپور ۾ پر سکر سان سندس وڏو تعلق رهيو. سکر جي ئي هڪ ٻئي شاعر ادل سومري جا ڪجهه شعر هن ريت آهن.
جنمن تائين جيئرو رهندو تنهنجو منهنجو پيار
تون ڪاڇي جي ڪونج ته آهيان مان تنهنجو هالار
مور جو کنڀ مون اکين تي هو رکيو
پر اهو تنهنجي سڳيءَ جهڙو نه هو
سونهن جا اجرن پکين ۾ ٿي رهي
شاعرن جي سا دلين ۾ ٿي رهي
اوهان پنهنجي گهر جي ڪشادي پڌر مان
پرين جي پکين کي اڏاري نه ڇڏجو
جيئن پکين جا پَر سنڀالن ٻار ٿا
تيئن اسان تنهنجي سنڀاليون سَار ٿا.
شعر برابر سڪا ناهن پوءِ به آهيون ڌنوان
ڪوئل ڪنهن لئه ڳائي ٿي سا ڇا سمجهن نادان
محبت سان آهي جبل تي جهڙالو
ڪائي ڪونج تنها اڏاڻي نه آهي
گهار تنها ڪجهه ڏهاڙا اي ندي!
تون پکين جا آسرا ڇو ٿي ڪرين.
پيار منهنجو جي نديءَ جهڙو نه هو
ساٿ تنهنجو ڀي پکيءَ جهڙو نه هو
پکين جيئن وايون
اڏري ڄڻ آيون
دل جي ڌرتيءَ تي.... دل جي ڌرتيءَ تي.
ادل سومرو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ پروفيسر ۽ سنڌي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين آهي. ان کان علاوه شيخ اياز چيئر جو پروفيسر انچارج پڻ آهي. ادبي نالي ادل سومري سان مشهور هن شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ تعليمدان جو نالو ڊاڪٽر عبدالڪريم ولد محمد صالح سومرو آهي. پاڻ 15 آگسٽ 1955ع تي سکر ۾ ڄائو.
ادل سومري 1977ع ۾ ايم اي اڪنامڪس ۾ ۽ 1979ع ۾ ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو ۽ 1981ع کان درس و تدريس جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. پاڻ ٻاراڻي ادب جي حوالي سان تمام گهڻو لکيو اٿس. سندس هيل تائين تيرهن کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن ۾ ست ڪتاب شاعريءَ جا ۽ ڇهه نثر جا آهن. انهن مان ڪجهه هن ريت آهن:
روز ٽڙن رابيل.... هي سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو اڄ کان 35 سال اڳ ڇپيو جڏهن سندس ڄمار 22 سال هئي. ان کان علاوه ٻيا نظم جا ڪتاب آهن:
چنڊ پشم گولو
پتلين جو تماشو
وليون وڻن ڦلاريا
پوپٽ جهڙا گيت
سمنڊ جاڳي ٿو
وساري نه ڇڏجو
مٽيءَ جا رانديڪا
ادل سومري جا نثري ڪتاب هن ريت آهن:
آچر جا احوال
جيتن جي ڪانفرنس
اسين مسافر پيار جا.
پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان ادل سومري جو اڙدو ۾ لکيل، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي لکيل ڪتاب ’شخصيت اور فن‘ پڻ گذريل سال ڇپجي چڪو آهي.
ادل سومرو مختلف علمي ۽ ادبي ادارن ۽ تنظيمن سان پڻ لاڳاپيل رهيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ رهي چڪو آهي. سندس ادبي خدمتن جي عيوض کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. سندس گيت ٽي وي ۽ ريڊيو تان مختلف فنڪارن جي واتان اڪثر ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.
شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو ئي هڪ ٻيو شاعر، پروفيسر اياز علي دل صاحب آهي جيڪو پنهنجي ادبي خدمتن ڪري پنهنجي ادبي نالي ’اياز گل‘ سان هند- سنڌ ۾ مشهور آهي. اياز گل 6 مارچ 1959ع تي سکر ۾ ڄائو. 1980ع ۾ سنڌي ۾ ايم اي ڪيائين، جنهن ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. ان کان علاوه هن ايم اي انٽر نيشنل رليشنز ۾ ۽ ايل ايل بي پڻ ڪئي آهي.
اياز گل جيتوڻيڪ شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر غزل سندس پسنديده صنف آهي. پاڻ خاص ڪري غزل جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ زبردست موسيقيت آهي ۽ سندس ڪيترائي غزل ريڊيو ۽ ٽي وي تان ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. هڪ ٻه ته هن وقت به ياد اچي رهيا آهن، جهڙوڪ ’توبن ڪهڙا ڇانورا‘ جيڪو اڄ کان 20 سال کن اڳ بلقيس خانم کان هڪ فنڪشن ۾ ۽ پوءِ ريڊيو پاڪستان تان ٻڌوسين. يا ”ڏسي ڪائي نه موسم نه ڪوئي پهر، محبت به مٺڙا ڪري ٿي قهر.“ عابده پروين ڳايو آهي. اهڙي طرح اياز گل جو هڪ غزل ”تو تائين پهتا منهنجي نيڻن جا سارا ٿڪ لهي ويا،“ بيدل مسرور به ڳايو آهي ته سرمد سنڌيءَ به. يعني ساڳيو غزل هڪ کان وڌيڪ ڳائڻن ڳايو آهي. سندس هڪ گيت ته هر ننڍي وڏي جي زبان تي هوندو آهي، جنهن جا ٻول آهن ”توکان ٿيندي ڌار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.“ ريڊيو پاڪستان وارن ٻڌايو ته اياز گل جو هي گيت جيڪو پهرين مشهور راڳي صادق فقير ڳايو، ان بعد ٻين به پنڌرنهن آرٽسٽن ريڊيو ۽ ٽي وي تان ڳايو آهي.
اياز گل جا ست اٺ شاعريءَ جا مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
سوچون سرها گل..... هي ڪتاب 1978ع ۾ ڇپيو جڏهن اياز گل اوڻهيئن سالن جو هو.
گل ۽ تارا
پيلا گل پلاند ۾
ڏينهن ڏٺي جا سپنا
تو بن ڪهڙا ڇانورا
دک جي پڄاڻي آهي.
اياز گل کي تقريبً هر ڪتاب تي ڪو نه ڪو ايوارڊ ضرور مليو آهي. سندس پکين بابت لکيل شعرن مان ڪجهه هن ريت آهن.
ايئن هِن لڙڪن لارُون پيارا!
اُڀَ تي ڪُونجَ قطارون پيارا!
جڳ ڀل ته ڪري بندوق سڌي
پاڻ ڳيرا ٿا اڏايون جاني!
درد ائين ٿا ڳولنِ مون کي
مارِي ڄڻ ٿا ڳيرا ڳولنِ
ايئن لُڙڪَ، جيئن ڍَنڍ ۾
ٻه هنَج تريا آهن
موٽ مورَ ڙي، مري نه پئي
ڊوڙي ڊوڙي ڊيلَ
برکا رُت جي بانوري!
ڪويل! پنهنجي ”ڪُوڪُوءَ“ ۾ تون جهيڻو جهيڻو ڳاءِ!
مسين ته دِل جو درد ستو آ، تنهن کي ڪين جڳاءِ!