الطاف شيخ ڪارنر

پکي اڏاڻا پنھنجي ديس

الطاف شيخ جو هي ڪتاب پنھنجي نوعيت جو انوکو ڪتاب آهي. جنھن ۾ پکين، خصوصن پرڏيھ جو سفر ڪندڙ پکين بابت خاص قسم جو مواد موجود آهي، جيڪو دلچسپ ۽ ڄاڻ ڀريو آھي. الطاف شيخ پرديسي پکين سان گڏ مقامي پکين سان ٿيل ڪلورن تي بہ ماتم ڪندي نظر اچي ٿو. الطاف صاحب پکين تي لکڻ مھل عام رواجي طرح لکڻ بدران سائنسي انداز، وسيع سامونڊي ۽ دنيا گهمڻ جي تجربي سان گڏ دليلن سان لکيو آهي، نہ صرف ايترو پر انھن پکين جو ماضي بعيد کان رڪارڊ پڻ جانچيو آهي. الطاف شيخ جو هي ڪتاب پکين جي حوالي سان سٺي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ، پکين جي لڏ پلاڻ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پکين سان انساني روين متعلق سٺي گائيڊ بوڪ جو درجو رکي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پکي اڏاڻا پنھنجي ديس

ڊگهي لڏپلاڻ ڪندڙ پکين

ڪيترن ماڻهن کي ٿي سگهي ٿو جانور پسند نه هجن پر پکي پنهنجي سونهن، رنگن ۽ ننڍي سائيز ڪري سڀني کي پيارا لڳن ٿا. اسان به پکين کي صحيح طرح ملائيشيا ۾ ڏٺو. ملائيشيا ۾ اٺ نَوَ سال کن رهڻ دوران اسان جو گهر سمنڊ جي ڪناري تي هو. يعني هڪ پاسي ’ملاڪا ڳچي سمنڊ‘ (Malacca Strait) جو تانگهو ڪنارو (Beach) هو ته ٻئي طرف گهاٽو جهنگل. جهنگل به اهڙو جو سنڌ ۾ رهي مون تصور نٿي ڪري سگهيو. انهي جهنگل ۾ ملائيشيا جي ميريٽائيم اڪيڊمي هئي، جتي ملائيشيا جا جهازران ڪلاسن ۾ ٿيوري پڙهندا هئا ته سمنڊ تي جهاز هلائڻ جي سکيا وٺندا هئا.
جهنگل ڪري نانگ بلائن ۽ زهريلن جيتن ۽ ماڪوڙين ۽ ڏينڀن جو آزار ضرور هوندو هو. اگوانا (وڏن سانڊن) ڀولڙن ۽ ٻين ننڍن وڏن جانورن جي به ڪجهه مصيبت هئي پر چوڌاري ڇا ته سهڻا پکي نظر ايندا هئا. صبح ساڻ هنن رنگين پکين جون لاتيون ٻڌڻ وٽان هيون. رستي تي ڪريل کنڀ گڏ ڪرڻ جهڙا هوندا هئا. اسان ته سنڌ ۾ فقط هڪ قسم جو سائي رنگ جو طوطو ڏٺو پر هتي ڇا پهلوان ۽ رنگين قسم جا طوطا ڏسڻ ۾ آيا ٿي، جن کي ملئي ماڻهو پنهنجي زبان ۾ پوڙهي ڀيڻ (ڪاڪا تئا) سڏين ۽ ان ملئي نالي تان انگريزي نالو ڪاڪئٽو (Cockatoo) جُڙيو.
ملائيشيا ۾ رهڻ دوران هڪ طرف جهنگل جا پکي نظر ايندا هئا ته ٻئي طرف، سمنڊ جي ڪناري تي پاڻي جا پکي نظر ايندا هئا. ڪجهه پکي وري اهڙا هوندا هئا، جيڪي خوراڪ ۾ ننڍيون مڇيون، ڏيڏر ۽ ٻيون آبي شيون کائڻ ڪري ڪناري تي چڳندي نظر ايندا هئا پر گهمڻ ۽ سير سپاٽي لاءِ جهنگل ڏي هليا ويندا هئا. جنهن وقت ڇول گهٽبي هئي، يعني Low Tide ٿيندي هئي ته ان وقت هو جهنگل مان موٽي ڪناري تي اچي آبي ساهوارن کي کائيندا هئا. ظاهر آهي وير لهڻ تي ڪيترائي مڇين، کيکڙن، گانگٽن ۽ ٻين سامونڊي ساهوارين شين جا ٻچا پٺيان رهجي وڃن ٿا، جيڪي گپ ۽ پاڻي جي ننڍن دٻن ۾ ڦُدڪندا رهن ٿا، جن تي هي پکي ميزباني ڪن ٿا. قدرت جي تعريف کان رهي نٿو سگهجي جنهن هڪ طرف هنن پکين کي سهڻا رنگ ڏنا آهن ته ٻئي طرف هنن جون عجيب عادتون ۽ ڄاڻ آهي. روزانو ٻه دفعا وير لهي ٿي ۽ ٻه دفعا وير چڙهي ٿي پر دنيا ۾ ڪنهن به سمنڊ تي ان جو ساڳيو ٽائيم ناهي. اها روزانو چنڊ وانگر ڪجهه وقت جي فرق سان چڙهي ٿي، جيڪا سڄي سال جي اسان وٽ چارٽ ۾ لکيل ٿئي، جنهن کي اسان سج جي اڀرڻ لهڻ وانگر حساب ڪري اڳواٽ لکون ٿا. پر هنن پکين جو اهو ڪمال آهي ته هنن کي ڪيئن ٿو الهام ٿئي جو هو هر روز صحيح وقت تي جهنگل کان موٽيو اچن!
کيکڙو وڏي وير اچڻ تي زمين کوٽي اندر لڪي وڃي ٿو ۽ ڇهه ڪلاڪ کن ننڊ ڪري پوءِ وير لهڻ تي سجاڳ ٿي ٻاهر نڪري اچي ٿو. تجربي خاطر توهان هن کي ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ بند ڪريو، جيئن هو سمنڊ کي ڏسي نه سگهي. توهان ڏسندائو ته وير چڙهڻ تي High Tide ٿيڻ تي هو اکيون پوري سمهي رهي ٿو. ڇهه ڪلاڪن بعد Low Tide ٿيڻ تي اکيون کولي جاڳي ٿو ۽ هر روز وير چڙهڻ جي وقت ۾ اڌ ڪلاڪ کن جو فرق اچي ٿو.
ناروي جي هڪ ننڍڙي جابلو ٻيٽ تي اونهاري جي موسم ۾ اتي هڪ خاص قسم جا پکي سنهن ڪکن مان خوبصورت آکيرو ٺاهي ان ۾ آنا لاهي ٿو. اهو آکيرو ڏسڻ وٽان آهي ۽ هنن پکين جو ذڪر مون ”ملير کان مالمو“ يا ”يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون“ ڪتاب ۾ به ڪيو آهي ته هي پکي آکيري ٺاهڻ جا ماهر آهن. وڏا آرٽسٽ آهن. ماڻهن جو اهو خيال هو ته هي پکي پنهنجن وڏن آکيرا ٺاهيندو ڏسي ٺاهڻ سکن ٿا. سائنسدانن ڇا ڪيو جو هنن پکين جي جوڙيءَ کي پڃري ۾ رکي هن کان اتي ئي سندن بيضا ڦوڙايائون. ان بعد انهن بيضن مان نڪتل ٻچن کي وڏو ڪري انهن کان انهن جا آنا ڦوڙايائون اهڙي طرح چئن جنريشن (ٽَهين) کي پڃري ۾ رکي پنجينءَ کي آزاد ڪري جنگل ۾ ڇڏيائون. هنن ڏٺو ته هنن پکين جن ڪڏهن پنهنجن ابن، ڏاڏن، پڙڏاڏن کان آکيرو ٺاهڻ نه سکيو نه ڏٺو، اُهي ساڳيو آکيرو ٺاهڻ لڳا، جيڪي هنن جا جهونا ٺاهيندا رهيا! ڪيڏي وڏي قدرت جي ڪاريگري آهي! ڪنهن سائنسدان خوب چيو آهي ته پکين يا تارن تي غور ڪرڻ وارو ڪڏهن به دهريو ٿي نٿو سگهي. يا بقول هڪ آمريڪن نئچرلسٽ مسٽر واٽرٽن جي ته پکي اسان لاءِ معجزو آهن، جن تي غور ڪرڻ سان ان جي خلقڻهار اڳيان جهڪڻ تي دل چوي ٿي. "We Can but bow"
پکين کي غور سان ڏسڻ جو مونکي سئيڊن ۾ به سٺو موقعو مليو، جتي تقريباً سؤ سيڪڙو هجرت ڪرڻ وارا پکي Migratory Birds رهيا ٿي، جيڪي سياري جون ٿڌيون هوائون لڳڻ سان ڏکڻ طرف اسان جي ايشيائي يا آفريڪي ملڪن ڏي لڏي ويا ٿي. سئيڊن ۽ فنلئنڊ ۾ جتي مون کي تعليم سان وابسته فيلڊ ورڪ جي سلسلي ۾ رهڻو پيو ٿي، پاڙي ۾ ڪجهه اهڙا به شاگرد رهيا ٿي، جن پکين جي ڪنهن جنس تي يا انهن جي عادتن تي يا انهن جي Behavior تي ڊاڪٽوريٽ (پي ايڇ ڊي) ڪئي ٿي. هنن کان پکين بابت دلچسپ ڳالهيون غور سان ٻڌندو هوس ۽ ساڳي وقت هنن کان ڪي سوال به ڪندو هوس. هونءَ به پکين بابت اخبار يا رسالي ۾ ڪو مضمون نظر ايندو آهي ته ان کي غور ۽ دلچسپي سان پڙهندو رهان ٿو ۽ ڪيتريون ڳالهيون نوٽ به ڪندو رهان ٿو، جن مان ڪجهه هتي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ Share ڪرڻ چاهيان ٿو. جيئن ته هي سموريون ڳالهيون مختلف وقتن تي ۽ مختلف ذريعن کان حاصل ٿيل آهن، انهيءَ ڪري ضروري ناهي ته منجهن ڪو تسلسل هجي يا اهي عنوان تحت هجن. بس سمجهو ته Random آهن. پر انسان لاءِ انهن ڳالهين جي ڄاڻ به ضروري آهي، جنهن ذريعي هڪ انسان کي قدرت جي وڏائيءَ جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو، چاهي هن جو واسطو ڪهڙي به مذهب سان هجي.
پکيءَ کي اڏامڻ لائق بنائڻ لاءِ قدرت هن کي هر خيال کان هلڪو بنايو آهي. جتي جانورن جا هڏا، وزن ۾ گهڻو ۽ ٿلها ٿين ٿا، اتي پکين جا هڏا بيحد هلڪا ۽ پورا ٿين ٿا ۽ کين ڏندن بدران چهنبون آهن. ان ريت سندن ڏندن ۽ ڄاڙين جي وزن جي بچت ڪئي وئي آهي.
پکيءَ جي نه فقط نظر تکي ٿئي ٿي پر اک جي سائيز به وڏي ٿئي ٿي. پکيءَ جي جيڪا اک اسان کي ظاهري طرح نظر اچي ٿي اها سندس سڄي اک جو فقط هڪ ننڍڙو حصو آهي. سندس مٿي ۾ ايڏو ميڄالو نه آهي، جيڏيون اکيون آهن. ڪن پکين جي ته فقط هڪ اک به سڄي ميڄالي کان وڏي ٿئي ٿي. ڪيترن بازن ۽ چٻرن جي اک جا بال اسان انسانن جي Eye ball کان به وڏا آهن. ڪيترن شڪاري پکين جي نظر اسان کان ڏهوڻ آهي. هو هڪ ميل کان مٿي جي فاصلي تان شڪار کي ڏسي سگهن ٿا.
ڪيترن نر پکين جي گلي ۾ قدرت اهڙو سرندو Syrinx رکيو آهي، جنهن مان هو مختلف سر ڪڍي مادي پکين کي ريجهائي سگهن ٿا.
هجرت ڪندڙ پکي 5000 فٽن جي بلندي تي اڏامن ٿا ۽ هر سال هزارين ميلن جو سفر ڪري ڏکڻ ڏي وڃن ٿا ۽ سيارو گذاري وري پنهنجي وطن ورن ٿا. هندستان تي حڪومت ڪندڙ انگريز ٿا ياد اچن جيڪي سياري جي موسم دهليءَ ۾ گذاريندا هئا ته اونهاري جا گرم مهينا شملي ۾. هرهڪ آفيسر پنهنجن ڪلارڪ ڪڙن، پٽيوالن ۽ فائيلن سان گڏ لڏپلاڻ ڪندو هو. ان وانگر هي Migratory Birds ڪن ٿا. ڪي پکي ته اتر ڪئناڊا جي ٿڌ کان بچڻ لاءِ برازيل ۾ سيارو گذارين ٿا. يعني هو 4000 ميل اوٽ ۽ 4000 ميل موٽ جو سفر هر سال ڪن ٿا. ٽيٽيهر جهڙو هڪ پکي جيڪو هتي Golden Plover سڏجي ٿو، هر سال ناروي ۽ سئيڊن جي سخت سيءَ کان بچڻ لاءِ 8000 ميلن جو سفر طئي ڪري ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ برازيل وڃي ٿو. هي پکي ڪيئن ٿا هر سال ساڳيا رستا وٺي پنهنجين منزلن تي پهچن، قدرت جو اهڙو ڪارنامو آهي، جنهن جي اڃان انسان کي صحيح ڄاڻ ئي نه پئجي سگهي آهي.
جاگرافي ۽ نيويگيشن جي سالن جا سال تعليم ۽ سکيا وٺڻ بعد، رڳو ڪراچي کان ممبئي يا ممباسا وڃڻ لاءِ به سمنڊ جي چپي چپي جا سمورا چارٽ (سمنڊ جا نقشا) پاڻ سان کڻون ٿا. سئٽيلائيٽ نيويگيٽر جي سهوليت هوندي سيڪسٽنٽ به کڻون ٿا، جيئن ان ذريعي چنڊ تارن جو به حساب لڳائي پڪ ڪري سگهون ته صحيح واٽ تي آهيون يا نه. ۽ الله نه ڪري جيڪڏهن سمنڊ تي طوفان ٿو اچي ته پوڙهن جهازرانن کي به پگهر اچيو وڃن، ڇو جو جهازن اسان جي مرضي واري راهه تان رڙهيو (ڊِرفٽ ٿيو) وڃي. کاڌي پيتي ۽ پاڻي جهڙو سامان الڳ کڻو ٿا ته جيئن متان راهه کان ڀٽڪي وڃون ۽ وڌيڪ ڏينهن لڳي وڃن ته کاڌو خوراڪ ته هجي ۽ سياري جي موسم ۾ جڏهن يورپ پاسي تيز هوائون ۽ ڌنڌ اسان جهازرانن جون وايون بتال ٿو ڪري ته نقشن ۽ رڊارن هوندي اسان مڪاني جهازران سُونهن (Pilot) کي کڻون ٿا ته اسان جي مدد ۽ رهنمائي ڪن ۽ هو هئمبرگ کان راٽرڊم ۾، يا ڪوپن هيگن کان ائنٽورپ بندرگاهه تائين پڄائي اچن ۽ هيءَ خدا جي مخلوق (مهاجر پکي) بنا نقشن ۽ ٻين نخرن جي، الله جي آسري جبلن، ريگستانن ۽ سمنڊن مٿان پيا ڏينهن رات اڏامن. شروع ۾ ته آئون سمجهندو هوس ته هنن مان پڪ ڪو پوڙهو پکي اڳيان هلندو هوندو، جنهن کي باقي قوم فالو ڪندي هوندي. پر جهاز جي ڊيڪ (عرشي) تي ليٽي مٿان ڪوچ ڪندڙ پکين کي غور سان ڏٺم ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. رکي رکي اڳيان اڏامندڙ پکي پٺيان ٿيو وڃن ۽ پٺين مان ڪڏهن ڪو ته ڪڏهن ڪو هن جاءِ تي ليڊر ٿيو وڃي. ڪڏهن ته يڪي قطار جنهن کي ڊرل (پريڊ) جي زبان ۾ ”سنگل فائيل“ سڏجي، اها سڄي قطار اڳيان وڌندي رهي ٿي، ڪڏهن ته هي پکي انگريزي جي اکر ’V‘ جي شڪل ۾ اڏامن ٿا.
۽ هي پکي ڪراچي کان ممبئي تائين ڪو 400 کن ميلن جو سفر نٿا ڪن پر هزارين ميل اڏامن ٿا. هيڏانهن ناروي سئيڊن پاسي، جتان هي مضمون لکي رهيو آهيان، سِي گَل (Sea Gull) پکيءَ جهڙو پاڻيءَ جو پکي آهي، جنهن کي هن پاسي جا ماڻهو پنهنجي مڪاني ٻولين جي نالي سان سڏين ٿا پر عام طرح انگريزي نالي ’آرڪٽڪ ٽرن‘ سان سڏيو وڃي ٿو. ٽرن پکي اسان وٽ سنڌ ۾ به سياري ۾ نظر اچي ٿو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ به ”ٽرن“ سڏيو وڃي ٿو پر هيڏانهن ايندڙ سانگهڙ ۽ دادو جي همراهن ٻڌايو ته هتي جي هن Arctic Tern پکي جي هڪ ٻي جنس جيڪا سانگهڙ ۽ منڇر ۾ نظر اچي ٿي، ان کي سنڌ ۾ ڪنائي سڏيو وڃي ٿو. هتي رهندڙ ايراني هن پکي کي خرشند به سڏين. بهرحال اسان وٽ ڪراچي ۽ بدين پاسي سمنڊ تي اڏامندڙ Seagull پکين جو هي سوٽ ماسات ئي سڏجي. سندس ڊيگهه 13 کان 15 انچ ٿيندي ۽ هڪ پَرَ جي ڪنڊ کان ٻي پر جي ڪنڊ تائين ماپ (Wing Span) 26 کان 30 انچن تائين ٿيندي. سندس مٿي جو مٿيون حصو اکين تائين ڪارو ٿئيس. اکيون به ڪاريون ٿينس. سندس ڳلن وارو ۽ هيٺيون حصو کير جهڙو اڇو ٿئيس. سندس پَرن جو مٿاهون حصو هلڪي سليٽي رنگ جو ٿئيس. چهنب ۽ پيرن جو رنگ رت جهڙو ڳاڙهو ٿئي. بيحد دلير ۽ بي ڊپو پکي آهي. جهاز جو بورچي رڌڻي جي صفائي بعد بچيل سچيل کاڌو جڏهن سمنڊ ۾ اڇلائيندو آهي ته سي گل جهڙا پکي ڊبل روٽي ۽ مانيءَ جا ڪنا کڻي کائيندا پر هي پکي ”آرڪٽڪ ٽرن“ ٽٻي هڻي پنهنجي لاءِ تازي مڇي ڪڍي وٺندو ۽ مڇي به جهڙي تهڙي نه پر سندس قدبت جيڏي. خاص ڪري eel جهڙيون مڇيون ڦاسائي کائي. مون وٽ هن پکيءَ جا ڏاڍا فوٽو آهن. ڪي اڏامندي، ڪي پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻندي، ڪنهن ۾ هو وات ۾ مڇيءَ سان آهي. اتر طرف سج منجهند جو به هيٺ ٿئي ان ڪري هر فوٽو بيحد چٽو ۽ سٺو اچي ٿو. اهي فوٽو پڙهندڙن سان Share ڪرڻ تي دل چوي ٿي پر اخبار يا رسالي ۾ گنجائش نه هجڻ ڪري نٿا ڇپجن ان ڪري منهنجي اها ئي ڪوشش هوندي آهي ته ڪالم ڇپجڻ بعد اهي فوٽو پڙهندڙن کي اِي ميل ڪيا وڃن. بهرحال اتر قطب جي سمنڊن جو رهاڪو هي پکي ”آرڪٽڪ ٽرن“ سمنڊ ۾ ٽٻي هڻي مڇي ڦاسائڻ ۾ هوشيار آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هو غوطو هڻي ٻه مڇيون چهنب ۾ جهلي ٻاهر نڪرندو آهي. ٻن مڇين کي هڪ ئي وقت چهنب ۾ ڪيئن ٿو جهلي، اهو هن آرڪٽڪ ٽرن پکيءَ جو ڪمال آهي ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته ڪئناڊا ۽ آئسلئنڊ جي وچ واري سمنڊ ۾ مون هڪ اهڙي ٽرن جي به تصوير ڪڍي آهي جنهن جي وات ۾ هڪ ئي وقت ٽي مڇيون آهن! پر هن پکيءَ جو جيڪو وڏو ڪمال آهي ۽ قدرت جو ڪرشمو چئجي، اها هن جي ڊگهي لڏڻ پلاڻ آهي. آرڪٽڪ ٽرن دنيا جو اهو Migratory پکي آهي، جيڪو هر سال سڀ کان ڊگهو سفر ڪري ٿو. هو اتر قطب واري سمنڊ Arctic Sea کان اڏامي ٿو ته ٻاويهه هزار ڪلو ميٽر جو سفر ڪري ڏکڻ قطب واري سمنڊ Antarctic ۾ اچيو دنگ ڪري! هو روزانو 240 ڪلو ميٽر اڏامي ٿو. سائنسدانن کي پهرين شڪ هو ته ائين نه هوندو پوءِ هنن هتان ناروي کان ڪجهه آرڪٽڪ ٽرن پکين جي پيرن ۾ اليڪٽرانڪ جا ڇلا چاڙهيا ۽ ٽن مهينن بعد هي پکي آسٽريليا ۽ نيوزيلنڊ ۾ رڊار ذريعي لڌا ويا.
سمنڊ تي جهاز هلائيندڙ يا مسافر، ڊيڪ تي ليٽي ڏسندا ته مٿي ڪونجون، آڙيون، نيرڳ ۽ هنجر هجن يا نه پر هي پکي Arctic Tern هر وقت سفر ۾ نظر ايندا پوءِ ڀلي ائٽلانٽڪ سمنڊ هجي يا پئسفڪ سمنڊ! هنن پکين جا ولر ڪڏهن ڏکڻ طرف پيا ويندا ته ڪڏهن اتر طرف. نئين ماڻهوءَ لاءِ هن پکيءَ جي بهترين سڃاڻپ سندس ڊگهو پڇ آهي جيڪو آخر ۾ ابابيل پکيءَ جي پڇ جهڙو ڪئنچيءَ جهڙو نظر اچي ٿو.