پکي لڏپلاڻ ڇو ٿا ڪن؟
ڪئناڊا واري ڏاڏي (شيدي) فورمئن جي ڳالهه ائين آهي جيئن ماسڪو، لينن گراڊ، هيلسنڪي يا اسٽاڪهوم جي ڪنهن پارڪ ۾ ڪنهن ڪونج، هنجر يا نيرڳ کي ڏسي آئون چوان ته هي پکي نومبر جي مهيني ۾ توهانکي منڇر يا ڪينجهر ڍنڍ تي يا سانگهڙ جي سانگراڙو يا نونگهڻو ڍنڍ تي نظر ايندو.
پکين جي لڏپلاڻ بابت هڪ ٻيو نقطو!
چيو وڃي ٿو ته سيءَ کان ڀڄڻ خاطر ۽ کاڌي جي ڳولا لاءِ اتراهن ٿڌن ملڪن کان سياري ۾ پکي ڏکڻ ڏي روانا ٿين ٿا. صحيح آهي. ائين ئي لڳي ٿو. پر يارو اهو به ته سوچيو ته انهن ۾ ڪي پکي پڪ عجيب مسخرا هوندا جو هيڪاندو گهڻو ڏکڻ ڏي هليا وڃن ٿا. جيئن ناروي، سئيڊن ۽ ٻين اتراهن ملڪن جا پکي سيءَ کان بچڻ لاءِ ڏکڻ طرف وڌ ۾ وڌ اسپين ۽ اٽليءَ تائين کڻي وڃن ۽ اتي ئي سيارو گذارين. ۽ اهو به آهي ته ڪجهه پکي اتيئي ٽِڪي پون ٿا پر ٻيا خبر ناهي ڇو سڄو ميڊيٽرينين (ڀوءَنچ) سمنڊ لتاڙي الجيريا، لبيا ۽ ڪي ته ترڪي ايران مان ٿيندا سنڌ ۽ گجرات (هندستان) کان وڃيو نڪرن. بهرحال ڪو اعتراض ناهي. بلڪه هنن پرديسي پکين جي اها سٺي ڳالهه آهي. جي هو عقل کان ڪم وٺي پاڻ کي وڌيڪ تڪليف ۾ وجهڻ جي نه سوچين ۽ فرانس ۽ اسپين جي ڏاکڻين ڍنڍن، درياهن ۽ سامونڊي ڪناري تي ئي ٽِڪي پون ته پوءِ اڄ اسانکي سنڌ ۾ ههڙا سهڻا پکي ڪٿي نظر اچن ها!
هڪ ٻي ڳالهه. سئيڊن جي شهر مالمو جي هڪ بس اسٽاپ جي بينچ تي آئون ۽ مون سان گڏ اتي جي يونيورسٽي مان M.Sc ڪرڻ وارو چيف انجنيئر حميد قاضي ويٺو هو. جولاءِ جو مهينو هو. هڪ ٻه رتنبا (Red Crested Pochard) ۽ اڇڙا (Marbal Ducks) اسان جي پيرن وٽ ناز سان هلي رهيا هئا. مون هڪ رتنبي جي پٺيءَ تي هٿ ڦيريو. هو نه ڇرڪيو ۽ نه ڀڙڪو ڏئي ڀڳو. هو پنهنجي ناز وار چال سان اڳتي وڌندو ويو. مون کلي قاضيءَ کي چيو ته يار هي پکي به وڏا سياڻا آهن. نومبر ۽ ڊسمبر ۾ جڏهن هو سنڌ ۾ آهن ته اتي ته ائين ڪنهن ماڻهوءَ جي ويجهو وڃن. هتي سئيڊن ۾ هڪ سنڌيءَ کان پٺيءَ تي هٿ لهرائيندي به ڊڄن نٿا جو هنن کي خبر آهي ته سئيڊن جي حڪومت ان معاملي ۾ سخت آهي. پرديسي پکين کي نقصان رسائڻ تي نه فقط ڏنڊ آهي پر جيل جي سزا پڻ آهي. ائين جي نه هجي ها ته هي بدڪون ۽ آڙيون ته ڇا، سئيڊن جا پاريهڙ به پاڻ وارو ٽيونيشيا جو عرب محمد عياض ڪُهي کائي ڇڏي ها. هڪ ڏينهن ڪوپن هيگن جي ريلوي اسٽيشن جي ڇت جي ڪامن ۾ ويٺل پاريهڙن ڏي اشارو ڪري محمد عياض مونکي چيو هو،”الطاف! حڪومت طرفان بندش نه هجي ته روز ڇُري کڻي گهٽ ۾ گهٽ ٻه پاريهڙ ڪُهي کڻي وڃان.“
مونکي حيرت مان گهوريندوڏسي چيائين،”توهان پاڪستاني شايد پکين کي نٿا کائو.“
”خير Reputation ته اسان پاڪستانين جي، بلڪه اسان سنڌين جي به ڪا خاص سٺي ناهي.“ مون عياض کي ٻڌايو، ”اسان ته هنن خوبصورت پکين جو اهڙو سُک ڦٽايو آهي جو اسان وٽ هاڻ اچڻ ئي گهٽائي ڇڏيو اٿن. پر اسان پاريهڙن ۽ ڪبوترن جو نالو نه وٺندا آهيون.“
منهنجي خيال ۾ سنڌ ۾ هاڻ اسان وٽ پاريهڙ ئي وڃي بچيا آهن، جن جو نه ڪو وڏيرو وزير نالو وٺي ٿو نه وري ڪو باگڙي ڀيل. سنڌ ۾ پاريهڙ پکيءَ لاءِ چوندا ته هي پکين ۾ سَيد آهي. هن کي مارڻ گناهه آهي. آس پڄڻ تي هنن پکين کي اَنُ پيا کارائيندا. باقي ٻين پکين کي نه فقط اسين پاڻ، پر عربن کي به وٺي اينداسين ته اچي ڪُٽيون.
ناروي جي هڪ اتراهين بندرگاهه ٽرنڍهام ۾، جتي پکين جون تمام گهڻيون ڪالونيون آهن، پکين جي هڪ ماهر Ornithologist کان پڇيم ته پکي لڏ پلاڻ ڇو ٿا ڪن؟ هنن کي سرءَ جي موسم ۾ ڏکڻ ڏي ۽ بهار جي موسم ۾ واپس اتر ڏي ورڻ جي هورا کورا ڪيئن ٿي ٿئي؟
اورنيٿالاجسٽ ان کي سڏجي ٿو جنهن کي پکين جي ڄاڻ هجي جيئن بايولاجسٽ يا زولاجسٽ وغيره. بايولاجي ۾ دراصل باٽني ۽ زولاجي اچيو ٿيون وڃن. Ornithology زولاجي جي اها برانچ آهي جيڪا پکين ۽ انهن جي عادتن وغيره سان واسطو رکي ٿي. بهرحال هن آرنيٿالاجسٽ مطابق ”فوٽو پيرڊزم“ پکين کي هجرت لاءِ مجبور ڪري ٿو. فوٽو پيرڊزم دراصل ڏينهن جي ننڍي يا وڏي ٿيڻ جي اثر کي سڏجي ٿو. بقول ڊڪشنري جي؛
Photoperiodicity is the physiological reaction of organisms to the length of day or night.
پکين جي سائنسدانن موجب ڏينهن جي واڌ يا کوٽ پکين جي Pituitary ۽ Pineal غدودن تي اثر ڪري ٿي ۽ پکي اڏامڻ لاءِ بي چين ٿيو وڃن ۽ آخرڪار هنن کي محسوس ٿئي ٿو ته هاڻ اڏامڻ جو وقت اچي ويو آهي.سائنسدانن جو اهو به چوڻ آهي ته انهن ئي ڏينهن ۾ پکين جون Pectoral muscles تي به سوڄ چڙهيو وڃي. هنن ۾ هيڪاندي گهڻي مضبوطي ۽ طاقت پيدا ٿيو وڃي. ۽ اها ئي شيءِ آهي جيڪا هڪ ننڍڙي ”همنگ برڊ“ جهڙي پکيءَ ۾ ايڏي قوت پيدا ڪري ٿي جو هو هڪ سڪينڊ ۾ 50 دفعا پَر هڻي ٿو ۽ لڳاتار اڏامي خليج ميڪسيڪو (سمنڊ) جو 500 ميلن جو فاصلو 25 ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿو.
سنڌ جي هڪ اخبار ۾ پڙهيو هوم ته هي پرديسي پکي پنهنجي اتراهين وطن کان بُکيا اُڃيا نڪرن ٿا جو جڏهن هو سنڌ جي ڍنڍن ڍورن تي لهن ٿا ته بيحد ڪمزور حالت ۾ هوندا آهن ۽ يڪدم چُڳڻ ۾ لڳي ويندا آهن. پهريان ٻه ٽي ڏينهن ته هنن کي جيڪي ڪجهه ملندو آهي اهو چُڳندا رهندا آهن. ان بعد هو پنهنجي پسند جي خوراڪ جي ڳولا ڪن ٿا......
بهرحال مٿين ڳالهه جو آخري حصو ته صحيح آهي پر پهريون غلط آهي. سنڌ ۾ ايندڙ هي پرديسي پکي سرءُ جي موسم ۾ جڏهن هتان سفر جو سانڀاهو ڪن ٿا ان وقت هنن جي صحت ڏسڻ وٽان هوندي آهي ۽ پوءِ هفتن جا هفتا پَر هلائڻ ۽ رستي تي جهڙو تهڙو پيٽ ڀرڻ ڪري هو ڪمزور ٿيو وڃن. اهو ائين آهي جيئن هڪ ماڻهو ڊائيٽنگ هڪ طرف ڪري ۽ ٻئي طرف سڄو ڏينهن ڊوڙندو رهي ته هفتي ٻن ۾ هن جي ڇا حالت ٿي ويندي. سو پکين جي به مشقت ڪري چرٻي ڳريو وڃي ۽ ڏٻرا نظر اچن ٿا ۽ وري کائي کائي جڏهن ٿُلها ٿين ٿا ته بهار جي موسم اچيو وڃي ۽ هنن کي پنهنجي وطن ڪوچ ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻي پوي ٿي.
پکين جي هڪ سائنسدان چيو ته قدرت طرفان جيئن ئي پکين جي جسم تي چرٻي چڙهي ٿي ته پکي بي چين ٿيو وڃن ۽ هو ان کي ڳارڻ لاءِ اڏامڻ ضروري سمجهن ٿا. اهي پکي جيڪي لڏپلاڻ نٿا ڪن، هڪ ئي علائقي ۾ رهن ٿا اهي هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڏهه منٽ يا اڌ ڪلاڪ کن اڏامي وري ڪٿي وڻ تي يا پٽ تي اَن داڻو چُڳي پيٽ ڀرين ٿا. پر اهي پکي جيڪي هڪ ملڪ ڇڏي ڏورانهن ڏيهه وڃن ٿا ۽ هنن کي لڳاتار اڏامڻو پوي ٿو انهن لاءِ سندن جسم تي چرٻيءَ جو هجڻ ضروري آهي، جنهن کي هو اڏامڻ وقت ساڙين ٿا جيئن هوائي جهاز جي انجڻ هلڻ لاءِ تيل جو هجڻ ضروري آهي. پوءِ ڪي پکي آرڪٽڪ ٽرن جهڙا، جيڪي ٻه ٻه مهينا سفر ڪن ٿا، اهي رستي تي نظر ايندڙ چراگاهن، جهنگلن ۽ ڍنڍن ڍورن تي ساهي پٽي چُڳندا وڃن ٿا پر سندن اهو چُڳڻ فقط گُجي ڀري بُک مٽائڻ آهي. ٻن ٻن ڏينهن جي بُک بعد لَپ ڪَڻن مان هنن تي چرٻي نٿي چڙهي. ڪي پکي، جيئن ته هڪ ڪار ڪڻڇي جهڙي پکي (Blackpolls) لاءِ ٻڌائين ٿا ته نيو انگلنڊ کان نڪري ٿو ته يڪا 110 ڪلاڪن جي اڏار بعد (يعني چار راتين ۽ پنجن ڏينهن ۾) سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪري ڏکڻ آمريڪا جي سرزمين تي پهچي ٿو. ان سفر ۾ هي پکي هيٺ لهي به نٿو سگهي جو هيٺ سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ائٽلانٽڪ ٽرن، هنجرن، رتنبن ۽ نيرڳ جهڙن پکين لاءِ سمنڊ مٿان اڏامڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. بلڪه اهڙا بدڪن ۽ سي گل قسم جا پکي سمنڊ مٿان ئي اڏرڻ بهتر سمجهن ٿا جيئن ٿڪ ڀڃڻ ۽ مڇي ڏيڏر کائڻ لاءِ هنن لاءِ سمنڊ وڌيڪ Safe آهي جو هو آبي پکي آهن. پر ڪارڪڻڇي جهڙن پکين لاءِ ائٽلانٽڪ جهڙو سمنڊ اڪرڻ وڏو امتحان ۽ آزمائش آهي، جو اهو هيٺ لهڻ تي سمنڊ مٿان تري نٿا سگهن.