الطاف شيخ ڪارنر

پکي اڏاڻا پنھنجي ديس

الطاف شيخ جو هي ڪتاب پنھنجي نوعيت جو انوکو ڪتاب آهي. جنھن ۾ پکين، خصوصن پرڏيھ جو سفر ڪندڙ پکين بابت خاص قسم جو مواد موجود آهي، جيڪو دلچسپ ۽ ڄاڻ ڀريو آھي. الطاف شيخ پرديسي پکين سان گڏ مقامي پکين سان ٿيل ڪلورن تي بہ ماتم ڪندي نظر اچي ٿو. الطاف صاحب پکين تي لکڻ مھل عام رواجي طرح لکڻ بدران سائنسي انداز، وسيع سامونڊي ۽ دنيا گهمڻ جي تجربي سان گڏ دليلن سان لکيو آهي، نہ صرف ايترو پر انھن پکين جو ماضي بعيد کان رڪارڊ پڻ جانچيو آهي. الطاف شيخ جو هي ڪتاب پکين جي حوالي سان سٺي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ، پکين جي لڏ پلاڻ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پکين سان انساني روين متعلق سٺي گائيڊ بوڪ جو درجو رکي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پکي اڏاڻا پنھنجي ديس

پکي به اهو ڪن ٿا جيڪو پائلٽ ڪري ٿو

لڏپلاڻ ڪندڙ (migratory) پکين بابت، ڪجهه عام ڳالهيون:

- لڏپلاڻ يا هجرت ڪندڙ پکي اتر جي سخت سيءَ کان بچڻ لاءِ سيارو اسان جهڙن گرم ملڪن ڏي رهڻ لاءِ نڪرن ٿا يعني هو ڏکڻ طرف سفر ڪري خط استوا جي ويجهو ملڪن ۾ اهي ٽي چار مهينا گذارين ٿا، جتي سياري ۾ ڪو خاص سيءُ نٿو پوي. ڏينهن ننڍو ٿئي ٿو پر ايڏو ننڍو نٿو ٿئي. اها ٻي ڳاله آهي ته رات کان کڻي ڪلاڪ ڏيڍ ننڍو ٿئي ٿو. ناروي، ڊئنمارڪ، اتر ڪئناڊا، آئس لئنڊ يا سائبيريا جي علائقن وانگر ڏينهن رات نٿي ٿئي، جتي سياري ۾ رات تمام ڊگهي ٿئي ٿي ۽ ڏينهن جي روشني ڪا ٻه ٽي ڪلاڪ مس رهي ٿي.
- اونهاري جي موسم ۾ هي پکي اتر ڏي واپس ورن ٿا جتي هو آنا لاهي ٻچا ڪن ٿا. اتراهن ملڪن ۾ اونهاري جا ڏينهن هيڪاندا ڊگها ٿين ٿا جيڪا پکين لاءِ فائدي واري ڳالهه آهي. اتر سئيڊن، ناروي، فنلئنڊ وغيره پاسي اونهاري ۾ ڏينهن جي روشني ويهه ٻاويهه ڪلاڪ به رهي ٿي ۽ هي پکي ڊگهي ڏينهن مان فائدو وٺي پاڻ ۽ پنهنجن ٻچن جي خوراڪ جي چڱي طرح ڳولا ڪري وٺن ٿا. اونهاري ۾ اتراهن ملڪن ۾ خوب ساوڪ ۽ وڻن ۾ ميوو ٿئي ٿو. ماڻهو گهٽ آهن. رستن تي ڪيترائي صوفن، ٻيرن، چَيرين، پستن ۽ بادامن جا وڻ اهڙا به آهن جن کي ڪو ماڻهو ڇيڻو هٿ ئي نٿو لاهي. پکي پکڻ کايو پيا ڍؤ ڪن.
- اتراهن ملڪن ۾ سخت سيءَ ڪري سياري ۾ پکي ڏکڻ ڏي لڏپلاڻ ڪن ٿا، پر ڪي ڪي جهرڪين جهڙا پکي ترسيو به پون ٿا. اهي گهرن ۾ ترسيو پون ۽ سياري جي ٿڌي موسم ۾ جڏهن چوڌاري برف جو ٿلهو تهه چڙهيو پيو آهي ۽ کائڻ لاءِ ڪو اَن ڪَڻو يا مَک ماڪوڙي نظر نٿي اچي ته ڪيترن ئي گهرن جا ماڻهو هنن پکين کي سڄو سيارو اَنُ ڏيندا رهن ٿا ۽ ان آسري تي اهي پکي هر سال ترسيو پون.
- مالمو (سئيڊن) ۾ منهنجي فلئٽ جي اتراهين دريءَ مان نظر ايندڙ ننڍڙي پارڪ جا سڀ پکي، سرد هوائن جي شروع ٿيڻ کان اڳ روانا ٿي ويا پر ڪجهه پاريهر ۽ ڪبوتر اتي ئي ترسي پيا. وڻن جا پن ته سڀ ڇڻي ويا رڳو سُڪَل ڪاٺيون نظر اچڻ لڳيون. رات جي بارش ۽ برفباري کان بچڻ لاءِ هي ڪبوتر سيمينٽ جي بينچن هيٺان لڪندا هئا ۽ هڪ ٻئي کان پري ويهڻ بدران هڪ ٻئي سان لڳي وهندا هئا جيئن کين سيءُ گهٽ لڳي ۽ جسم جي گرمائش اتي ئي رهي. آئون سوچيندو هوس ته هي کاڌو خوراڪ ڪٿان ٿا حاصل ڪن. چوڌاري ته برف ئي برف لڳي پئي آهي. ڪو ٻج يا ميوو ته ٿي پري جي ڳالهه، ڌرتيءَ تي ڪنهن گاهه جو هڪ پترو به نه آهي ۽ نه وري ڪو ڪنهن وڻ ۾ ڪو هڪ به پن آهي. پر پوءِ ڏٺم ته صبح جي وقت جيڪي ماڻهو پنهنجن ڪتن کي هنگائڻ مُٽائڻ لاءِ اُن پارڪ ۾ اچن ٿا اهي پاڻ سان هنن ڪبوترن لاءِ ٻج ۽ اناج کڻيو اچن.
- هڪ دفعي مالمو شهر جي هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور تان ڇانهينءَ جي ٻجن جي ٿيلهي (پاڪيٽ) خريد ڪري، يونيورسٽي ۾ رسيس ۾ کائي رهيو هوس ته ڊئنمارڪ جي ڪئپٽن مون تي حيرت کائيندي پڇيو: ”هي ڇا پيو ڪرين؟“
”ڇا پيو ڪريان! ٻج پيو کاوان ٻيو ڇا پيو ڪريان.“ مون وراڻيومانس.
”ڪمال آهي“، هن چيو، ”ٻج ته پکين لاءِ هوندا آهن پر لڳي ٿو اسپين وانگر توهان جي ملڪ ۾ به ماڻهو ٻج کائين ٿا.“
پوءِ خبر پئي ته سيارو شروع ٿيڻ سان مالمو يا سئيڊن جي ٻين شهرن جي ننڍن وڏن اسٽورن تي ٻين ملڪن کان ٻجن جا پاڪيٽ اچڻ شروع ٿي ويندا آهن. اهي ٻج اسان انسانن لاءِ نه هوندا آهن پر هتي جا نيڪ انسان اهي ٻج وٺي انهن پکين کي کارائيندا آهن جيڪي اڏامڻ کان لاچار ۽ معذور هوندا آهن ۽ سياري ۾ هتي ئي رهجي ويندا آهن.“
- پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به ٻڌائيندو هلان ته هيڏانهن سئيڊن ۽ ناروي پاسي ”نٽ ڪرئڪر“ نالي هڪ اهڙو به پکي ٿئي ٿو جنهن جي چوڌاري سنهن کنڀن جا ايڏا ته تهه آهن جو هن کي نه ٿڌ جي پرواهه ٿئي نه بک جي- ٻيا پکي ٿڌيون هوائون شروع ٿيڻ سان هتان لڏي ويندا آهن پر هي سڄو سيارو هتي پيو گهمندو آهي ۽ اهڙا پستن بادامن جهڙا Nuts پيو کائيندو آهي جنهن جي موسم ئي نه هجي. ڳالهه اها آهي ته هي پکي اونهاري جي موسم ۾ جڏهن وڻ ٽڻ مختلف ميون سان ڀريل هوندا آهن ته هي پکي Nutcracker)) سياري جي موسم لاءِ مختلف نٽ-خاص ڪري pine nuts گڏ ڪرڻ شروع ڪندو آهي. هتي جي ماهرن تجربا ڪيا آهن ته هن جنس جو هڪ هڪ پکي پنهنجي کاڌي لاءِ اٽڪل ٽيهه هزار ”پائين نٽ“ گڏ ڪري ٿو ۽ اهي سڀ هڪ هنڌ لڪائڻ بدران 15 ميلن جي گهيري ۾ اٽڪل 5000 کن ننڍين ننڍين کڏن ۾ لڪائي ٿو ۽ پوءِ سيارو اچڻ تي پنهنجي يادداشت کان ڪم وٺي هڪ هڪ کڏ کي کوٽي ان مان نٽ ڪڍي کائي ٿو. هن پکيءَ جي يادداشت جو ڪو مقابلو نٿو ڪري سگهي. ذرا سوچيو ته سياري ۾ هتي جي ڌرتي برف جو لسو تهه بڻجي وڃي ٿي. ان لس ئي لس برف تي اندازو لڳائڻ ته هن ڪهڙي ڪهڙي هنڌ کڏ کوٽي سياري جي خوراڪ لڪائي آهي، ڪمال جي ڳالهه ئي آهي. بندرگاهه ۾ جهاز جي گهڙڻ وقت اسان جهاز هلائيندڙن مان هر هڪ کي پنهنجي ڇڪڻ لاءِ سگريٽن جي فقط هڪ ڪارٽن يعني ڏهن پاڪيٽن جي اجازت هوندي آهي. بندرگاهه ۾ جهاز پهچڻ تي ان ملڪ جو عملو سختي سان چڪاس ڪندو آهي ته ڪنهن وٽ مقرر مقدار کان وڌيڪ شيءِ ته نه آهي. اسان جو هڪ سائين بخش نالي اليڪٽريڪل انجنيئر جيڪو ”چين سموڪر“ هو، پنجاهه کن سگريٽن جا پاڪيٽ لڪائي ڇڏيندو هو. ڪو پاڪيٽ ڪنهن مشين اندر ته ڪو ڪنهن پمپ اندر. ڪو سگريٽ ڪنهن پائيپ کي کولي ان اندر وجهي ڇڏيندو هو ته ڪو پاڪيٽ ڪنهن تيل يا پاڻي جي ٽانڪي پٺيان. پوءِ مقرر ڪوٽا جا سگريٽ ختم ٿيڻ تي ٻاهران مهانگا سگريٽ خريد ڪرڻ بدران پنهنجا لڪايل سگريٽن جا پاڪيٽ هڪ هڪ ڪري ڪڍندو هو. اسان سندس يادگيري ۽ پاڪيٽن کي ڳولڻ جي خوبيءَ کي داد ڏيندي کيس Nut Cracker پکي سڏيندا هئاسين.
- پکين جي اڏام جا رستا سالن کان ساڳيا هلندا اچن جيڪي Fly ways سڏجن ٿا. اهي رستا routes)) گهڻو ڪري جبلن جي قطارن، سامونڊي ڪنارن ۽ درياهن مٿان لنگهن ٿا. هنن راهن (fly ways) جي ڄاڻ ڄڻ پکين کي ورثي ۾ ملي ٿي يعني هنن جي جينيز ۾ (Genetically Programmed) آهن ۽ ڪنهن حد تائين هو پنهنجن وڏن کان سکن ٿا. ڪيترن پکين جا وڃڻ جا رستا هڪڙا آهن ته موٽڻ جا ٻيا.
- لڏپلاڻ ڪندڙ هي پکي هميشه ولر ۾ اڏامن ٿا. وڏا پکي انگريزي اکر V جي شڪل ۾ اڏامن ٿا. رڊار ذريعي ساڳي پکي جي اڪيلي اڏامڻ ۽ ولر سان اڏامڻ جو حساب ڪيو ويو آهي ته ولر ۾ اڏامڻ سان پکيءَ جي رفتار 5 ڪلوميٽر في ڪلاڪ وڌيڪ رهي ٿي.
- هي پکي جنهن اوچائي (Altitude) تان اڏامن ٿا اهو سڄي سفر ۾ مختلف رهي ٿو. ايوريسٽ جبل جي چوٽيءَ تي چڙهڻ وارا اهو ٻڌائين ٿا ته هنن کي 5000 ميٽرن (16400 فوٽن) جي بلنديءَ تي، کمڀ گلئشير وٽ ڪيترن ئي ڪنگن، هنجرن ۽ ڊگوشن ( Pintail۽Black Tailed Godwit ) جا هڏاهان پڃرا نظر اچن ٿا. ڪاز جي قسم جو هڪ پکي (Bar headed Geese) هماليا جبلن جي اتاهين چوٽين مٿان، جيڪي 8000 ميٽرن (29000 فوٽن) کان به مٿاهيون آهن، لنگهي ٿو جيتوڻيڪ ڪجهه فاصلي تي 3000 ميٽرن جي بلنديءَ تي هيٺاهون لنگهه به آهي پر هي پکي پنهنجي ولر سان گڏ هن هيٺاهين بدران مٿاهون لنگهه اختيار ڪري ٿو.
آبي جانور سمنڊ مٿان لنگهڻ وقت ڪافي هيٺاهين Altitude تي اڏامن ٿا ان ڪري جهاز جي ڊيڪ تان انهن کي آساني سان ڏسي ۽ فوٽو ڪڍي سگهجي ٿو.
- هونءَ گهڻي تعداد ۾ پکي 500 فوٽن کان 2000 فوٽن جي وچ واري بلنديءَ تي اڏامن ٿا ۽ پکين جي هڪ ٻئي سان ۽ ڊگهين عمارتن سان ٽڪرائجي مرڻ جا واقعا به 2000 فوٽن کان هيٺاهين بلنديءَ تي رونما ٿين ٿا. اهي پکي جيڪي 6000 فوٽن کان مٿاهين بلندي تي اڏامن ٿا انهن ۾ هڪ جو به ٽڪرائڻ نٿو ٿئي.
- پکين سان گڏ پينگئن جهڙا سامونڊي پکي جيڪي فقط تري سگهن ٿا يا پيرن تي هلي سگهن ٿا پر اڏامي نٿا سگهن، پڻ لڏپلاڻ ڪن ٿا. پينگئن جون ڪيتريون ئي جنسون ائنٽارڪٽڪ سمنڊ ۾ برف ڄمڻ کان اڳ پنهنجو وطن ڇڏين ٿيون. هو هر سال 1000 کان به مٿي ڪلوميٽرن جو سفر سمنڊ ۾ تري پورو ڪن ٿيون.
- هوائي جهاز هلائيندڙ پائلٽ کان توهان پڇندائو ته هو توهان کي ٻڌائيندو ته مختلف بلندين Altitudes)) تي هوا جا مختلف دٻاءَ رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن موسم جي خرابي ڪري هوائي جهاز ۾ سفر ڪندڙ مسافر لڳاتار جهٽڪا به محسوس ڪن ٿا ۽ اڪثر چيو ويندو آهي ته هوائي جهاز ”ايئر پاڪيٽ“ ۾ اچي ويو آهي ۽ پوءِ اهڙين خراب حالتن ۾ هوائي جهاز ۽ ان ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن جي سلامتيءَ لاءِ پائلٽ هوائي جهاز کي ڪجهه هيٺاهين Altitude تي وٺي ايندو آهي يا مٿاهين تي، جيئن ماڻهو ۽ هوائي جهاز بهتر حالت ۾ رهي. ڪڏهن ته پائلٽ کي هوائي جهاز جو ڪجهه رُخ بدلائي هلڻو پوندو آهي جيئن سامهون ايندڙ طوفان وغيره سان گهڻو مهاڏو نه ٿئي. بهتر موسم ٿيڻ تي هو وري جهاز کي صحيح ڪورس تي آڻي ٿو. ائين ڪرڻ سان هن جو سفر ڪجهه ڊگهو ضرور ٿئي ٿو پر جهاز ۽ ان ۾ سفر ڪندڙن انسان سُک ۽ سلامتي ۾ گذارين ٿا.
- مٿيون ساڳيو حال پکين سان ٿئي ٿو ۽ هو به خراب موسم کي منهن ڏيڻ لاءِ هوائي جهاز وانگر ڪڏهن هيٺاهين ليول تي اچيو وڃن ته ڪڏهن مٿاهينءَ تي ۽ ڪڏهن ته پنهنجي ڪورس کي بدلائي ٿورو کاٻي يا ساڄي طرف اڏامن ٿا. هيڪاندي خراب حالت ۾ هو اڏامڻ بدران هيٺ سمنڊ تي لهيو اچن. آبي پکي آهن ته سمنڊ يا درياهه جي ڪپر تي ۽ جي ٻيا پکي آهن ته خشڪي تي. اهو ئي سبب آهي جو آبي پکي اهڙي روٽ اختيار ڪن ٿا جنهن ۾ خشڪي گهٽ ۽ سمنڊ جو حصو وڏو هجي. ويندي سائبيريا ۽ ازبڪستان پاسي کان سنڌ ۾ ايندڙ ڪونجون جبلن جو سلسلو ٽپڻ بعد يڪدم سنڌو درياهه مٿان اڏامن ٿيون.
- ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ جيڪو گهڻو سفر ڪندا رهن ٿا انهن کي خبر آهي ته سندن گاڏي ڪيترو پيٽرول يا گئس کائي ٿي ۽ هنن کي اها به خبر آهي ته جي سامهون جي تيز هوا آهي ته هنن کي ايڪسلريٽر کي وڌيڪ دٻائي رکڻو پوي ٿو ۽ ساڳي سفر ۾ گهڻو پيٽرول خرچ ٿئي ٿو پر جي پٺيان جي هوا آهي ته پوءِ عام حالتن کان به گهٽ ٿئي ٿو. ساڳيو حال اسان جو سمنڊ تي آهي. پٺيان جي هوا هوندي ته جهاز ترندو ويندو. هڪ قسم جي عجيب فرحت محسوس ٿيندي ۽ تيل به گهٽ سڙڻ ڪري بچت ٿيندي. سامهون جي هوا هڪ ته جهاز کي گڏهه وانگر اهڙو ڪڏائي ٿي جو ڪيترائي سي سڪنيس جا مريض ٿيو پون ۽ اُلٽين جو ڦهڪو لاهيو ڏين ۽ تيل به گهڻو سڙي ٿو. حيرت جي ڳالهه آهي جو هي لڏپلاڻ ڪندڙ پرديسي پکي ان معاملي ۾ به سياڻا آهن. هو سفر جي Start تيستائين نه وٺندا جيسين هنن کي اها پڪ نه ٿئي ته پٺيان جي هوا هنن جي اڏام ۾ فائديمند ثابت ٿيندي ۽ پوءِ هڪ دفعو هنن سفر شروع ڪيو ته پوءِ دنيا جي ڪا طاقت هنن کي موٽائي نٿي سگهي. ڪيترا پکي (خاص ڪري وڏي قد بت جا) تمام مٿاهين Altitude تي ان ڪري اڏامن ٿا جو اتي گهڻي ٿڌ آهي ۽ لڳاتار پَرَ هڻڻ ڪري هنن ۾ گرمي پئدا ٿئي ٿي. هي ائين آهي جيئن تکو تکو واڪ ڪندي اسان پگهرجي وڃون ٿا ۽ واڪ جو جيڪو مزو ٿڌن ملڪن ۾ آهي اهو اسان وٽ سنڌ ۾ يا ملائيشيا، ٿائلنڊ ۾ ناهي. سو پکي به ٿڌڪار ۾ اڏامندي فرحت محسوس ڪن ٿا.