پکي ۽ اسان جا شاعر
سنڌ جي مشهور ادبي رسالي ’سوجهرو‘ جي ايڊيٽر تاج بلوچ پکين بابت شعوري يا لاشعوري هڪ موضوع طور تي ڪجهه نه لکڻ جيترو لکيو آهي، پر هيٺ هن جا ڪجهه شعر ڏجن ٿا جن ۾ فراق جو درد آهي ۽ تشبيح طور تي پکين جو ذڪر آيل آهي. ڪونج تاج بلوچ جي شاعري ۾ حجر فراق ۽ وڇوڙي جي استعاري طور ملي ٿي؛
اڄ ڪٿي ڪونج آهي ڪُرلايو
مون کي ڀي ڪنهن جي ياد تڙپايو.
منهنجي دل جو پکي ڇو تڙپي ٿو
ڇا ڪٿي ڪونج ڪا رڙي آهي؟
جيئن پکي ڍنڍ تي سهڙيا هوندا
رنگ پاڻيءَ ۾ کڙي پيا هوندا.
ايئن ڌرتي تي درد تڙپائي
جيئن افق تي ٿي ڪونج ڪُرلائي.
ڪو ڇهين جُون تي ويو وڇڙي،
وههُ وڇوڙي هيانءُ کي کائي.
تاج بلوچ (پورو نالو؛ تاج محمد ولد نور احمد جتوئي بلوچ) 25 مئي 1942 تي پنوعاقل تعلقي ۾ جنم ورتو. پاڻ مشهور صحافي، شاعر ۽ اديب آهي. پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪيائين. هو گذريل 13سالن کان مشهور ادبي رسالو سوجهرو ڪڍي رهيو آهي. تاج بلوچ وٽ شعر جو اندازِ بيان ۽ لهجو نرالو آهي، جنهن تي ڪنهن به شاعر جو اثر حاوي ٿي نه سگهيو آهي. پاڻ غزل، نظم ۽ قطعن جو خوبصورت ڪوي آهي. ان کان علاوه هو سٺو ڪهاڻيڪار ۽ نقاد پڻ آهي. ادبي خذمتن جي سلسلي ۾ کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. هيل تائين هن جا چار شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن.
• درد جو صحرا
• خوشبو جو زهر
• لفظن جو ماتم، ۽
• دل جزيرو اداس سپنن جو.
انهن ڪتابن کان علاوه شاعري جو هڪ مجموعو ”چچريون چچريون خواب“ اڄڪلهه ڇپائيءَ هيٺ آهي.
ويجهڙائيءَ ۾، ڪراچيءَ ۾ منهنجي ملاقات ٿر جي هڪ شاعر پروفيسر محمد هنڱورجو سان ٿي. پاڻ تعليم جهڙي مقدس ۽ قومن جي زندگي ۾ بنيادي تعميري حيثيت رکندڙ شعبي سان لاڳاپيل آهي. هن لائق استاد ۽ اديب جو ٿر سان ايترو ته پيار آهي جو سندس ڪلام ۾ به ٿر جون يادگيرون سمايل آهن. پروفيسر محمد هنڱورجو (تخلص ملزم ٿري) 1946ع ۾ مٺيءَ ۾ ڄائو. بنيادي تعليم مٺيءَ مان وٺڻ بعد هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي ڪئي. پاڻ زندگي جو وڏو حصو تعليم سان ئي وابسته رهيو آهي. ٻه سال کن اڳ سندس شاعريءَ جو مجموعو ”کيرون کاهوڙين جون“ ڇپيو آهي. نموني خاطر سندس ڪجهه شعر هتي ڏجن ٿا،
”اچن اتر پار کان پهه ڪري پرواز،
تلورون تڙن تي انوکي انداز،
همه گڏ همراز، پائر جي پٽن ۾.“
محمد هنڱورجو (ملزم ٿري) مٿئين بيت ۾ تلورن (Houbara Bustard) جو ذڪر ڪيو آهي. بيت جي آخري سٽ شايد ڪيترن کي سمجهه ۾ نه اچي. مون به هي سٽون لکڻ مهل کيس مٺيءَ فون ڪري پڇيو. پاڻ ٻڌايائين ته پائر ٿر جي ڏکڻ اوڀر واري حصي کي سڏجي ٿو، جتي ميلن ۾ ڌرتي flat آهي ۽ ڪٿي ڪٿي تلاءَ به ٺهيو وڃن، جن تي هي پکي لهن ٿا. ڪن جو چوڻ آهي ته مارئي جو ڳوٺ، عمر ڪوٽ ڀرسان نه، پر هن پائر واري علائقي ۾ هو. ملزم ٿريءَ جا ڪجهه ٻيا خوبصورت بيت هن ريت آهن:
پائر جي پٽن ۾ تلورون تمام
پرديسان پيهي ڪن سنڌڙي کي سلام
حُسن هاديءَ ڏنو تن ازل کان انعام
عجب اکيون ان جون گلابي گلفام
مارڻ واري مام پوءِ به مارينِ من ۾.
پوءِ به مارن من ۾ سندو سونهن شڪار
هلن پيا هر وار ڪاهيو ڪڍ انهن جي.
۽ هي هيٺيون شعر پرديسي پکي چيڪلو (Teal) تي آهي. چيڪلو هڪ هوشيار پکي ٿئي ٿو. شاعر ملزم ٿري چوي ٿو:
چيڪلا چالاڪ ڪٿان آئين اڏري
رک اهيرين اڍڪو وتن تنهنجي تاڪ
آئين جو ادراڪ نه آهي ڪو اِن کي.
نه آهي ڪو ان کي آئين جو احساس
معصومن جو ماس کپي نت کرين کي
کپي نت کرين کي روزانو رت ڇاڻ
بازن بندوقن سان رکن ڄاڻ سڃاڻ
اياڻن اماڻ مور نه ڄاڻن موڳڙا.
سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت ۽ قومي شاعر محمد خان ”مجيدي“ جي هڪ نظم جو بند آهي:
ويڙهيچن جي وچ ۾ ويهي
ڪارونجهر سان قول ڪريون ڪي
ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.
اهي ته پٻ جا پهاڙ اوري
پنهل جا پيرا اڃان به اڳتي
اهي پکي سڀ سکيا ستابا
غريب ڳيرا اڃان به اڳتي.
گلابي گلن جو وٺي واس جا
اسان وٽ نه اهڙي ڪا بلبل ادا.
محمد خان ”مجيدي“ ولد قيصر خان جتوئي 5 جنوري 1918ع تي ٺٽي ضلعي جي جهوڪ شريف ۾ ڄائو. پاڻ هڪ بيحد ذهين شاگرد هو. 1934 ۾ پرائمري ماستر مقرر ٿيو ۽ مختلف اسڪولن ۾ رهندي 1976 ۾ هيڊ ماستر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. مجيدي صاحب رٽائر ٿيڻ بعد سمورو وقت سنڌ جي شاعري کي ڏنو. سندس قومي شاعري کي زرينه بلوچ، سرمد سنڌي ۽ ٻين ڪيترن فنڪارن ڳايو آهي. مجيدي جا شاعري جا به ڪتاب تمام مشهور آهن:
سنڌڙي ۽ ان جون قومون،
مٽي منهنجي مٽي آهي.
محمد خان مجيدي کي ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ آهي. سندس ٻيو نمبر ڌيءَ مريم مجيدي مشهور شاعره ۽ غزل جي راڻي سڏجي ٿي. هتي ڪجهه مريم مجيدي جي شاعري پڻ ڏجي ٿي،
ڪاتاري آ ڪونج وري ڪا
رات پهاڙن ۾ هئي پٽ
سڄڻ جي سار
ڪونجون لٿيون روهه تان
ڪري ڄاڻ قطار.
ڪيڏي نه ڪڻ ڪڻ مان سڄي ٿي ڪوڪ ڪوئل جي مٺي
ڄڻ ڪا ڪويتا ساز سان آهي ڳتل رت سانوڻي.
راتو ڏينهان ڪوئل ڪوڪي
ڪير ٻڌي ٿو سڪ جي ٻاڻي
او مورن جهڙا مور پرين
ڪين ڪسا ڪر قول پرين
آخر ۾ هتي ڪجهه مختلف شاعرن جا شعر آهن:
دريا خان صوفيءَ جي هڪ ڪافيءَ جا ٻول آهن:
آءُ ڪانگ ڪر ڳالهه
مون کي تن ماروئڙن جي
ماروئڙن جي، سانگيئڙن جي.
فتاح ملڪ جي هڪ نظم جو بند آهي ته:
جڏهن ڪونج ڪرڪي قطارون پڇي ٿي
تڏهن ياد تنهنجي پراهان پڇي ٿي.
ذوالفقار راشدي جي نظم جو هڪ بند آهي ته:
چڻ بڻ کان چپ جهرڪين ڪئي آ،
ڪوماڻيل سڀ ڪانگ هيءُ ڪهڙو آ پرهه،
پيارا، ڏنگي ويس ڄڻ نانگ.
سيد اڪبر شاهه جو هڪ بيت آهي:
ڪرڪي ڪائي ڪونج اڱڻ مٿان اوچتي
سڻي سائي گونج رڙ سان روح رڙي پيو.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو هڪ شعر:
پکين وانگي آءٌ اڏامان،
مولا مون کي اهڙا پرڙا ڏي.
ساڀيان سانگي (سڄو نالو ساجده خدابخش ”ساڀيان“ سانگي) جو هڪ شعر آهي:
جيئن ٿر ٻاٻيهو، سِڪي آگم ڪاڻ
اسان ائين هاڻ، سڪون تولئه ساڀيان!
سائين طالب الموليٰ (مخدوم محمد زمان) جو هڪ بيت آهي:
ڪونجن ڪرڪي ڪالهه مون کي رات رئاڙيو
روئندي روئندي روئندي هينئان ٿيم حال
هو ٻيهر وڃي ٻچن سان ڪنديون واهه وسال
آئون پاڙي رهان پرينءَ جي ته به جر وهايان جال،
طالب موليٰ طلب ۾ سڪندي وريا سال
ڪيم گڏ فراق جا ميڙي چونڊي مال
عجائب احوال آهن منهنجي عشق جا.
شيخ اياز جي نظم جا بند آهن:
ڪونجن جي ڪڻڪار ڪچي ۾
هئه هئه جيءُ جهٻي پيو آهي
اڄ جو ڪو ڪرلاهو ڪونهي
منهنجو هيانؤ هڄي پيو آهي.
ڪيڏي آ هٻڪار هوا ۾
توڙي سوَ پرمار هوا ۾
ڪوئل ڪوڪ ڪٽاريءَ وانگر
اڀري آ ٻيهار هوا ۾.
شيخ اياز جي هڪ مشهور وائي آهي:
ڪيرون ڪيرون ڪوهه ڪرين،
ڇا ٿو سارين ڪارڙا
۽ هڪ نظم جو بند آهي:
ڪونج ڪرڪي پئي ڪا اتر پار جي
ياد آئي اسان کي وري يار جي
۽ سندن هڪ نثراڻو نظم آهي:
ڪونجڙيون پيون ڪرڪن،
تو جيان انهن جو ڀي،
دور جو سفر آهي
رات ڄامشوري جي
بيشمار تارن سان
تنهنجي منتظر آهي.
شيخ اياز جو هڪ ٻيو نثراڻو نظم هن ريت آهي:
ڪانوَ پنهنجا ڪانگيرا
ڇو ڇڏي اڏاڻا ها
نيرري ٽپهريءَ ۾؟
ڪيتري نه ڪان ڪان هئي
جا ٻڌي وئي آهي،
سانت گهريءَ ۾.
شيخ اياز جا پکين بابت ڪجهه ٻيا شعر هن ريت آهن؛
جهونجهڪڙي ۾ ڪارو ڪڻڇي!
منهنجو من،
جيون بَن:
اڏري اڏري پوندو ٿڪجي
تنها تن
منهنجو من....
جهونجهڪڙي ۾ ڪارو ڪڻڇي!
سانجهي، سانت، اُتر جي واءُ،
ڪونج افق ۾ ڪَرڪي، آءُ!
تون بڻجي پڙلاءُ.
اڏري آڌيءَ رات
ڪونجون ڪرڪن روه تي
جڳ نهوڙيو ننڊ ۾ تن کي پنهنجي تات،
اڏري آڌيءَ رات.
آهي ڪهڙي ماڳ جي وائي ولر- وات،
اڏري آڌيءَ رات.
شيخ اياز جا ڪجهه هائيڪا:
هاڻ رڳو گونجون
ٽوليون ٿي اڏري ويون
ڪَرڪي سڀ ڪونجون.
ڪيستائين هي قطارون
ايتريون آهن اَڇوتيون
ڪونج! اڄ تنهن جا ناڏارون!
اُڊيءَ اک تاڙيون
ناليءَ مان بندوق جي
منڇر تي آڙيون.
وڻن تي ويهي
پنڇي اُڏريا ڪيترا
ڏيهي پرڏيهي.
ميان ڪهڙي ڪام سان
وابستگي هن جي هئي
اڏريو پکي لام تان
پاڻيءَ تان رُتبو
اڏريو ڄڻ آڪاس ۾
ڪَؤتا جو سپنو
هو جو رتونبو
ڄڻ ڪوئي اڏري پيو
شاعر جو سپنو.
چپ ۾ چگهه پکي
ٻولي پيو جهنگ ۾
ڪوئي گهگهه پکي!
۽ آخر ۾ تاجل بيوس جي شاعري؛
ويا هنج اڏري سويرو سَرن تان
ڪيا ڌار قسمت ڪڻا اڄ ڪڻن کان
ڏئي سِر ڌٻين کي اياڻا وڃن ٿا
اچن ماڳ موٽي اويرا سويرا
ڪٽڪ ڪونجڙين جا تتر باز ڳيرا
بکن ۾ بيوس سدا خوش رهن ٿا.
ڪونجڙين جون ڪيچ ڏي آڌي اڏارون لک لهن
ٿر مٿي ٿڌڪار ۾ بوندون بهارون لک لهن.
گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ گهائي ويٺي
ڪوئل بن ۾ ڳائي ويٺي.
تاڙيءَ تي ڪبوتر کي اڏاري نه سگهياسين
اي دوست اسان توکي به وساري نه سگهياسين.
تاجل بيوس جون ٻيون مشهور وايون آهن:
جيئن ٿا ڪانگ لنون تيئن ٿا پور پَون.
ڪونجان ڪيچ وڻن تي ڪرڪن سانوڻ ۾.
تاجل بيوس (سڄو نالو: تاج محمد ولد محمد جعفر سمون) 22 سيپٽمبر 1938ع تي صوڀي ديري (خيرپور) جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. پاڻ سنڌ جو سدا بهار شاعر مڃيو وڃي ٿو. شيخ اياز، استاد بخاري بعد تاجل بيوس سڀ ۾ گهڻو ڳايو وڃي ٿو– يعني تاجل جي همعصرن جي جڏهن ڳالهه ڪجي ٿي.
تاجل بيوس ڀونڀٽ پور جي پرائمري اسڪول ۾ اڃان ٻيو درجو پڙهندو هو ته سندس والد 1946 ۾ گذاري ويو. پيءُ جي لاڏاڻي بعد پڙهڻ ڇڏي ڪلهي تي پاڻ کان وڏي لٺ کڻي مينهن جو ڌنار بڻيو. ٽن سالن جي ڌنارپ کان پوءِ 1949 ۾ وري پڙهڻ شروع ڪيائين. آخر ايم اي ايڪنامڪس جي ڊگري حاصل ڪيائين. عملي زندگيءَ جو آغاز سيڪنڊري استاد جي حيثيت سان ڪيو ۽ سيڪريٽري ليول تي وڃي پهتو. 1998ع ۾ رٽائر ٿيڻ وقت چيف/رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تي هو.
تاجل بيوس جي سنڌي ڪلام جو پهريون مجموعو ”جڏهن ڀونءِ ڀڻي“ 1982ع ۾ شايع ٿيو. ان بعد سندس شاعريءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيا:
• سرجيندڙ ساڻيهه جا
• سنڌ منهنجي امان
• ڪنڌيءَ ڪؤنر ترن
• ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا
• صحرا ستر جن
• تنهنجا نيڻ غزل
• وڏا وڻ وڻڪار جا
• ڏوريان ڏوريان مَ لهان
• انبن جهليو ٻور
• ڪاڇي مٿان ڪونج
• انداز بيان اور.... (اڙدو ۾) وغيره.
تاجل جو لکيل گيت ”سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکي ڇا لکان...“ جتي به سنڌي رهن ٿا، ان کي وڏي شوق سان ٻڌن ٿا. انڊيا جا سنڌي ته تاجل جي ان گيت کي قومي تراني جو درجو ڏين ٿا. تاجل بيوس 70 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. کيس سندس وصيت موجب چوڪنڊي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
تاجل بيوس هر عنوان تي تمام گهڻو لکيو آهي. پکين تي به هن جا ڪيترائي شعر آهن. سندس وفات کان مهينو کن اڳ منهنجو سندس گهر وڃڻ ٿيو ته هن مون کي ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيل سندس پنج ڪتاب ڏنا جن مان ٽي ته ”ڏک سکن جي سونهن“ عنوان سان سندس آتم ڪهاڻيءَ جا ٽي واليوم آهن. هڪ هندستان جو سفرنامو ۽ هڪ شاعري جو ڪتاب جنهن جو نالو ئي آهي ”پکي ساڳي پار جا“. هن ڪتاب مان تاجل بيوس جا ڪجهه شعر هتي ڏجن ٿا:
ٻاٻيهو ٻولي
پرهه ڦٽيءَ جو پرين جا
خطڙا ٿو کولي.
ڪونجون ٿيون ڪرڪن
داڻي، پاڻيءَ ڪارڻ ڏس
ڪيڏو ٿيون تـڙپنَ!
پنڇي ٿا ٻولين
هيري، لڇمڻ ڪومل جا
خطڙا ٿا کولين
ڪانگل ٻولي ويو
جيوت، ٺاڪر، موتيءَ جا
خطڙا کولي ويو
ڪونجون ٿيون ڪَرڪن
شايد اڄ ٿر واسين تي
بادل ٿا برسن
ٻاٻيهن ٻوليون
نغما ننگر واسين جا
مورا ۽ لوليون
ڪونجون ڪَرڪن ٿيون
مَسَ وري مُهراڻي جون
مائرون مُرڪن ٿيون
ڪُرلائن ڪونجون
آءُ ته چونڊيون ڏهرن مان
پلڙا ۽ پُسيون
برسن ٿيون بُوندون
شال ڪٿان ڪارونجهر تي
ڪُرلائن ڪونجون
هنج ڪُهنگ هِن پارِ
ڄاڻ ڊگوشن مُنهن ڪڍيو
باهه وساڻل ٻارِ
ٻيڻو ۽ ٻوهاڙ آهي ڪهنگن
ڪُونجن جي
پاڻيءَ اندر پاڙ
ڪانيرن قطارون
تُور، هنجر ۽ ٽوٻارا چيههَ
ڦِرن چوڌار
نيرڳ ۽ نردور
نيڙيءَ جي نير مٿي
هنج به زوران زور.