جو جيءَ اندر آيم
چاچا عبدالڪريم ۽ چاچا عبدالمجيد، ۱۹۳۴-۳۵ع ڌاري استاد ٿيا، جڏهن ته چاچا عرض محمد ۽ سئوٽ غلام عباس ۱۹۵۰ع کان پوءِ استاد ٿيا.
جڏهن ۱۹۸۶ع ۾ لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج ۾ داخلا ورتم ته ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، چاچا مرحوم عبدالڪريم منگيءَ لاءِ پڇيو هو. چاچا عبدالڪريم ۱۹۵۶-۱۹۵۷ع ۾ وفات ڪري ويو هو. هو قاضي عبدالحي ”قائل“ جو پڳ مٽ يار هيو. سائين قاضي صاحب، منهنجو پڻ استاد هيو. سندس پٽ قاضي مقصود گل، منهنجو ۽ سئوٽ بشير احمد جي واسطي وارو آهي. ساڻس ادا بشير جي اڄ به ساڳي ڀت برادري آھي.
چاچا عبدالڪريم ڳوٺ جي اسڪول ۾، فائنل جي تياري ڪرائيندو هو، ياد رهي ته سنڌي فائنل ۱۹۶۲ع ۾ ايوب خان ختم ڪري، پنجين جماعت کان پوءِ ڇهين ڪلاس انگريزيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو رواج وڌو هو.
چاچا عرض محمد، اسڪول ۾ منهنجو نالو عاشق حسين لکرايو هيو، جڏهن ته گهر اندر، مائٽن ۽ ڳوٺ مسوديري منجهه عبدالغني آهيان. چاچا ۽ سوٽ، منهنجا استاد به هئا، تنهن ڪري هميشه کين ”سائين“ ڪري سڏيندو هوس.
محمد قاسم سومرو رٽائرڊ استاد هيو، سائين الله رکيو جت به پرائمري اسڪول جو استاد هيو.
سڀني استادن جا صاف سٿرا ڪپڙا، چڱو کاڌو پيتو ۽ ڳوٺ ۾ عزت ڏسي، مان به سوچي ڇڏيو هو ته ”ماستر“ ٿيندس، ٻيا ماستر لفظ تي خفا ٿيندا آهن، پر هن لفظ کي “Master” طور سمجهندو آهيان. ايوب خان ڪتاب لکيو هو: Friends not masters شاهجهان به قيد دوران پنهنجي پٽ اورنگزيب کان ٻار، پڙهائڻ لآءِ گهريا هئا، جنهن تي کيس دڙڪو ڏئي چيو ھيائين، ؛اڃا بادشاهي خيال نه مٽيا اٿي.“ پهرين پگهار ۱۵۰ روپيه ۱۹۷۱ع ۾ ملي هئي، ائين منهنجا ٺٺ ٿي ويا هئا.
گهر ۾ سائين عرض محمد وٽ ماهوار اخبار تعليم، نئين زندگي ۽ روح رهاڻ ايندا هئا، بعد ۾ نئون ديري مان سه ماهي مهراڻ ۽ ٻيا ڪتاب خريد ڪري پڙهندو هوس. ڪهاڻين جا ڪتاب مزو ڏيندا هئا. آهستي آهستي سائين جي ايم سيد جي ڪتابن، اياز جي شاعري، ابراهيم جويي جي مهاڳن ۽ مضمونن، سراج ميمڻ جي ”رتيءَ جي رهاڻ“، مولانا غلام محمد گرامي، پليجي صاحب جي لکڻين ڏاڍو متاثر ڪيو. سمجهه ۾ نه ايندو هو ته سنڌي ڪتابن تي بندش ڇو ٿي پوي ۽ سرڪار طارق اشرف (سهڻيءَ جي ايڊيٽر)، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين کي گرفتار ڪري جيل ۾ ڇو ٿي وجهي. ڪورسن تي رکيل شاهه جي شاعري ته پڙهيل هئي پر جڏهن پيغام لطيف وغيره جهڙا ڪتاب پڙهيا ته ”مارئي“ واري محبت سمجھ ۾ آئي ۽ عمر سومري جا ظلم، قيد ۽ بند کي سمجهڻ، حق ۽ ناحق، ڪوڙ ۽ سچ ڏسي، سوچڻ ۽ جيئڻ جو انداز بدلجي ويو. ائين سنڌ جي ليڊرن ۽ ڪارڪنن، دانشورن ۽ شاعرن لاءِ عزت ۽ احترام وڌندو رهيو. صوفي ڪلام جو مکڙو آهي ”آءٌ وڪاڻل، ملهه او يار، آهيان اصل خريد انهن جي.“
سنڌ اسيمبليءَ، قرارداد پاڪستان پاس ڪرايو هيو، جيڪو اڄ به هر سال سرڪاري سطح تي ملهائجي ٿو، سو ته عمل ۾ ڪو نه آيو، مورڳو ۱۹۷۱ع ۾ مغربي پاڪستان جي حڪمرانن، اوڀر پاڪستان تي فوج چاڙهي، کين ”بنگلاديش“ ٺاهڻ تي مجبور ڪيو. اڄ به ساڳيو نمونو آهي. اصغر خان لکي چڪو آهي ته ”تاريخ مان ڪجهه ڪو نه سکيوسين....؟ ساڳيا هاٿيءَ وارا ڏند آهن، رڳو عوام، عوام چوڻو آهي، باقي ڪرڻو اهو ڪجهه آهي جيڪو ۷۰ سيڪڙو ماڻهن جي خلاف آهي.
منهنجا راڻا، منهنجا هيروز، اهي جوڌا جوان، پوڙها، دانشور، اديب ۽ شاعر بڻيا، جن سنڌ جي تاريخ، ڪلچر، ٻولي ۽ اقتصادي وسيلن تان هٿ نه کنيو آهي، جن جو بنياد شاهه عنايت شهيد، مخدوم بلاول، سورهيه بادشاهه، شهيد الله بخش سومرو، هيمون ڪالاڻي، حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد ۽ فاضل راهو وغيره رکيو. ڪيترن نوجوانن زندگيءَ تان هٿ کنيو. ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو ۽ نذير عباسيءَ کي ڀلا ڪير وساري سگهي ٿو؟
پروفيسر نذير احمد سومري، پنهنجي عمر جي آخري سالن ۾ لکڻ شروع ڪيو. نه ته هو به مون وانگر ڪتابن جي پڙھڻ تائين محدود هيو. سندس اردو ادب جو مطالعو مون کان گهڻو هو. جڏهن ته مان سنڌي ادب تائين محدود آهيان. سو به مختصر. عربي ۽ فارسي به ڪو نه اچي. سندس وفات کان پوءِ انجنيئر عبدالوهاب سهتو صاحب مون کي لکڻ لاءِ چيو ۽ انجنيئر رشيد احمد ڪٽپر همٿايو. ياد رهي ته منهنجي حلقي ۾ پروفيسر غلام حسين ڪٽپر ۽ رشيد صاحب، گهڻا ڪتاب خريد ڪرڻ وارن مان آهن. عبدالغفار تبسم صاحب چيو ته؛مسلسل لکندو رهه. اهڙيءَ طرح عنايت ميمڻ صاحب کان به صلاحون ورتيون.
ڊاڪٽر خليل احمد شيخ ۽ بدر ڌامراهه صاحبن، باقاعدي وقت ڏنو. عبدالخالق ڪنڌر ته روزانو ڪچهري ڪندڙ ن مان آهي. سڀني جي تعاون ۽ صلاحن سان جيڪو مون لکيو، اهو ئي ھتي پيش آهي. ادبي ٻولي نه آهي، سادي سمجهه ۾ ايندڙ سنڌي آهي.
پهريائين انعام عباسي صاحب ”نئون نياپو“ ۾ قسطوار مواد ڇپيو. ”افيئر“ ۽ عبرت مئگزين وارن به جاءِ ڏني. سڀني دوستن ۽ ادارن جا احسان. نئون ديرو متعلق هتي ڏنل مواد، اڌ کان مٿي اڻ ڇپيل آهي.
منهنجي سادگيءَ کي نظر ۾ رکي، خيالن تي غور ڪجو. هتي سينڍ ۾ مارئي ڳايل آهي. مرحوم علي احمد بروهي چوندو هو: ”هتي ادب ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه آهي، صرف ورجاءُ آهي.“ هنن لکڻين ۾ منهنجي اکين جا ڳوڙها، جگر جو رت ۽ روح جو ن رڙيون شامل آهن. سنڌ، آهُن ۽ دانهن، ذلتن۽ ظلمن کان سواءِ، ٻيوڏٺو به ڇا آهي؟ ڄڻ اها ئي اسان جي تاريخ ۽ مقدر آهي. نئون سج، نوان مسئلا کنيو ٿو اچي.
ڪافي ڳالهيون ۽ دوستن جو ذڪر رهيل آهي. حياتي رهي ته وڌيڪ لکبو. سنڌ آهي ته اسان به آهيون.
”پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀانيو ماڻهو نئا،
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.“
(مخدوم نوح)
”ڏينهان ڏورين ڏٿ سين، راتيان ڪن رِهاڻ،
عمر! تنين ڪاڻ، منهنجو روح رڙيون ڪري.“
(شاهه)
انجنيئر عبدالوهاب سهتو صاحب، منهنجي ڪن آرٽيڪلس کي انٽرنيٽ تي رکيو، سڄو مواد، ليپ ٽاپ ذريعي ترتيب ڏيڻ ۾ محنت ڪئي. مون کان اڪيلو ڪجهه ڪو نه ٿئي ها، اللهﷻ کيس اجر ڏيندو.
عاشق حسين منگي
نئون ديرو