مختلف موضوع

نئون ديرو : دل وارن جو ديرو

هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون انجنيئر عبد الوهاب سهتي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
  • 4.5/5.0
  • 4331
  • 644
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عاشق منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نئون  ديرو : دل وارن جو ديرو

راهون، رستا ۽ دوستيون

ڳوٺ مسوديري ۾ رهندي، هن شهر سان منهنجو لاڳاپو ننڍپڻ کان رهيو آهي، بابا مرحوم کي مسوديري ۾ دوڪان (هَٽُ) هوندو هو، ان کپائڻ لاءِ رتيديري جي بجاءِ، نئون ديري اچبو هو، ڇو ته ان جو اگهه، رتيديري بجاءِ نئون ديري بهتر ملندو هو، ان جو سبب اهو هوندو هو جو رتيديري شهر کي ريلوي اسٽيشن نه هوندي هئي، نئون ديرو ۾، شاهنواز ڀٽو ريلوي اسٽيشن هئڻ ڪري، ان موڪلڻ ۽ سامان آڻڻ ۾ وڌيڪ سهولت هوندي هئي. ان وقت روڊن ۾ ايترو ڄار نه هوندو هو، رتوديرو ۽ نئون دريو کي ۱۰-۸ فوٽ، سنگل روڊ جي پٽي ملائيندي هئي، روڊ جي کاٻي ۽ ساڄي گاڏين لاءِ ڪچو رستو هوندو هو، ساريون ٽي آني سير يعني ساڍي ستين روپين ۾ وٺبيون هيون ۽ اٺن کان نون روپين تائين مڻ وڪرو ڪبيون هيون، هفتي ۾ ٻه چار گاڏيون ان جون گڏ ڪري، نئون ديري وڪڻڻ ۽ اتان گاڏيون سودن جون ڀرائي ڳوٺ موٽبو هو، هڪ دفعي بابا مون کي گاڏي تي ويهاري، پاڻ سان گڏ نئون ديري وٺي آيو هو، مونکي ياد ڪونهي پر پوءِ به سمجهان ٿو ته اهو ۱۹۵۶-۵۷ع جو زمانو هوندو، امن جو زمانو هوندو هو، ڦر وغيره جو ڀو ڪو نه هوندو هو، مونکي ياد آهي ته جڏهن اسان جي ان جون گاڏيون ”مٺي واري مقام“ وٽ پهتيون ته اڃا وڏو اَسرُ هيو، بابا ٻين کي چيو ته ”ڏاڍو سوير نڪتا آهيون، شهر ئي نه کلندو ته هلي نئون ديري پهچنداسون.“ مٺي واري مقام وٽان وسند شاخ گذرندي هئي جيڪا اڄ اتي موجود آهي باقي روڊ جي اوڀر ۽ اولهه طرف گهاٽيون ليون هونديون هيون، پري کان اهي ٻيلي وانگر لڳنديون هيون، ڀٽن صاحبن جو اهو شڪار گاهه هيو.
ان وقت مان روڊ جي اوندهه ۽ لين ۾ چمڪندي ڪافي ٽانڊاڻا ڏسي خوفزده ٿي ويس، بابي کان پڇيم ته ڇا اهي جن آهن؟ هن چيو ته ڊڄ نه اهي ٽانداڻا آهن، پوءِ ٻه ٽي پڪڙي ڏنائين، ڪاري جيت جي آخري حصي مان اها روشني ائين نڪري رهي هئي جيئن هوائي جهاز جي رات جي وقت آسمان ۾ روشني ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ائين ٻيا ڪيترا قدرت جا عجيب نظارا منهنجي روح جي راحت بڻجي پوندا آهن.
”وسند“ ”وسڻ“ شاخ وارو ڪير هو؟ ”مٺو“ ڪير هو جنهن جي نالي سان مقا مشهور هو. تاريخ ۾ ڳولهڻ ۽ ماڻهن کان بچڻ ڪرڻ تي ملي ويندا ڪو نوڳجو ان محقق ڳولهي ته سڀ ڪجهه نروار ٿي سگهي ٿو، هونءَ به آسپاس پير جيوڻ ۽ فتح شاهه وغيره قديم قبرستان آهي، اجتماعي قبرون ۽ ٻين آثارن مان لڳي ٿو ته هتي هي علائقو به جنگ جو ميدان رهيو آهي. آباد ڀٽو کان ۽ وارهه بئريج جي وچان هڪ ڪچي سڙڪ گذرندي هئي ان کي ”قنڌاري سڙڪ“ سڏبو هو، اها سڙڪ سالار ڀٽي ۽ ڳڙهي ياسين کان شڪارپور ويندي هئي. بنگل ديري ۽ خيري ديري کان وچان ئي وچان ميرو خان واري روڊ سان ملي قمبر شهدادڪوٽ ۽ بلوچستان جي شهرن تائين اهو رستو ويندو هو. هي صرف ٻڌ -سڌ آهي، ريسرچ نه آهي، هي ڏاڍو ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم آهي.
مٺي وارو مقام تباهه ٿي ويو آهي، ڀٽو صاحب مرحوم جڏهن پرڏيهي وزير هيو ته ايوب خان هتي شڪار لاءِ آيو هو، نئون ديري بنگلي ۾ رهيو هو. نوڪرن واتان ڪيئي ڳالهيون پوڙ هن شهرين جي سينن ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو ن آهن، جيڪي سينه به سينه منتقل ته ٿينديون آهن پر ڪتابن ۾ اهي ڳولڻ سان به نه لڀنديون آهن، شهر جو سينئر بزرگ شهري ”حاجي لوهر“ هن شهر جي گهمندڙ ڦرندڙ تاريخ آهي. (هن جو نالو حاجي غلام رسول عباسي آهي.).
ڀٽي صاحب جي ڪمدارن ۽ ڪارائن ڪچي مان تترن جون ٽوڪريون ڀرائي گهاٽين لين ۾ لڪل ماڻهن مهمانن جي ويجهو اچڻ وقت، اهي تترن کي اڏائن پيا، ائين VIP تتر ڪيرائي، شجڪار مان تسڪين ماڻن پيا ۽ صحيھ نشانو وٺي فائر ڪري ”داد“ وٺي رهيا هئا، سٺو توبچي ان کي سڏيو ويندو آهي جيڪو ٻن، مختلف طرفن ڏانهن اڏامندڙ ٻن تترن کي ڊبل بيرل سان ٻنهي کي ڪيرائي، صرف سيڪنڊن جو فرق ٿيندو آهي، شڪار جي هل هنگامي ۾ انهن جو مزو آهي. هيءَ ايريا ۽ مقام خانبهادر احمد خان مرحوم جو چيو وڃي ٿو جيڪو ڀٽي صاحب جو سهرو هو.
هاڻي جتي سبزي مارڪيٽ ۽ ميونسپلٽيءَ جو شاپنگ سينٽر ٺهيل آهي.. جتي بوٽ پالش وارا ”لالا“ ويٺل آهن، رستي جي اولهه ۾ سڪندر علي ڪٽپر جو دوڪان، نانڪ رام جي ان جي واپار جي ڪوٺي ۽ نيڪ محمد ڀٽي مرحوم وارن جو ڪارخانو ۽ اَن جا دُوڪان هوندا هئا. اتر طرف مورين جو شاپنگ سينٽر جيڪو بعد ۾ ٺھيو ان جي ڏکڻ ۽ اتر، وچ ۾ ٽڪنڊو پلاٽ هوندو هو. اندر، ڇٻر ۽ ٻوٽا هوندا ها. جتي سنڌ ميڊيڪل اسٽور آهي اتي دوڪان ٺھيل هوندو هو. مرحوم گلشن علي سومري اهو مسواڙ تي وٺي هوٽل کوليو هو. هو هاءِ اسڪول جو استاد هيو. ڪپڙن ڌوئڻ ۽ استريءَ جو دوڪان به هوندو هين. سندس صاف استري ٿيل ڪپڙا، چمڪندڙ بوٽ، چاپئين ڏاڙهي ۽ وڻندڙ گفتگو، منھنجي واسطي ۾ اچڻ کان اڳ ئي ڏاڍي وڻندي هئي. ان جي هوٽل جي ڀرسان روزانو ايندي ويندي گذريو هو. سانوڻ جو ڇٻر تي رونق لڳي پئي هوندي هئي. ٿڌا شربت، ملايون، فالودا ۽ ٿڌا پاڻي وٺندي چوڌاري رستن کان اچڻ وڃڻ جا نظارا پسبا هئا. هوڏانھن سائين گلشن جا هلايل لتا، رفيع، مڪيش، طلعت ۽ آشا جا چونڊ گانا، ٿڌا ساهه ۽ عشق ڪرڻ جي ترغيب ڏيندا هئا. ڏهين يارهين کان پوءِ پنل رات جو مدهوشيءَ وارو عالم سامھون هوندو هو. جن وٽ ٽائيم نه هوندو هو ته ڪيبن نما دوڪانن تان پنھنجون ضرورتون پوريون ڪري، گهر ڏانھن راهي ٿيندا هئا.
سائين گلشن مرحوم جو اٿڻ ويھڻ جو پنھنجو مخصوص انداز هوندو هو. منھنجي عمر گذرڻ سان سڀني سان دعا سلام برقرار رهي. مرحوم جي هوٽل تي عادت هوندي هئي ته آخر ۾ گانا بند ڪري، هوٽل جا ٿانوَ ٿڦا صاف ڪرائڻ وقت صرف قوالي هلائيندو هو، ماري وجهوس جو هڪ دفعو قوالي هلائڻ کانپوءِ گانا هلائي. توحيد ۽ رسالت واري قوالي ڇڏي، گانا هلائڻ ”ڪبيره گناهه“ سمجهندو هو.
هاءِ اسڪول نئون ديري ۾ بدلي ٿي آيس ته محمد سومر بلوچ سان به ويجهڙائي ٿي. هي صاحب خاموش طبيعت، مطالعي جو شوقين، ذهين ۽ پنھنجي خيال رکڻ وارو ايماندار استاد ۽ آفيسر رهيو آهي. اڄ ڪلھه رٽائر آهي ۽ پوءِ به ”وقار ۽ سُڪون“ هن جي چھري مان عيان هوندو آهي. عبدالرشيد ڀٽي به هن جو پراڻو دوست ۽ پاڙي جو هيو.
مرحوم گلشن سان اسڪول ۾ ڏاڍيون ڪچھريون ٿيون. ويٺي ويٺي چوندو هو،”مري ويندي منڙا، ٻاڙو ڪنھن سان نه ٻول.“ هن جون رومانٽڪ ڳالھيون ٻڌي منھنجو وجود ”ٽانڊن وانگر“ ٺڪاءَ ڏيندو هو. مان خشڪ مزاج ماڻھو، ضبط ٽٽي پوندو هو. وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي کلندو هيس. جيئرو هجي ها ته، هن جون ڳالھيون کولي لکڻ ۾ مزو اچي ها، چوندو هو، ”منگي ڄاوا آهيون گهنڊن ۾ پيا آهيون قبر ۾ به اهي ئي گهنڊ هوندا الائي ڇا؟“
نئون ديري جي هڪ ئي بازار آهي. ناروءَ واري چونڪ کان اتر طرف عيد گاهه روڊ وڃي ٿو. محمد پناهه جي پڙي کان اوڀر طرف بزار هلي ٿي ۽ مشتاق منگيءَ جي جنرل اسٽور جي مٿان اتر ڏکڻ ڏانھن رستو مُڙي ٿو. سڌو کھڙن واري محلي ڏانھن به رستو وڃي ٿو. بزار جي آمھون سامھون هندن ۽ مسلمانن جا دوڪان آهن، حڪيم سعد الله شيخ مرحوم جي اسپتال ۽ مسجد به شروعات ۾ آهي. هتي ”پاڪستاني“ پٽن سان دوڪان هلائيندو هو ۽ پاڪستان نلڪن وارو مشھور هيو.
جڳي مل سوناري (هاڻي سندس پٽ ڀاڳو مل) جي دوڪان کان مٿي چاڙهي چڙهجي ٿي ته ”گوپالي مل“ وارو چونڪ اچي ٿو. هاڻي اهو نم چونڪ سڏجي ٿو. اتان وري اولھه کان اوڀر ڪپڙي بازار شروع ٿئي ٿي ۽ هن مان وري لنڪ گهٽيون نڪري مختلف رستن سان وڃي ملن ٿيون.
ڪپڙي بازار سوڙهي ۽ ڍڪيل هوندي هئي. اڄ به گرمين جي مند ۾ هنن دوڪانن تي وڪرو گهٽ ۽ ڪچھري گهڻي ٿيندي آهي. خاص طور تي منجهند کان پوءِ واري وقت تي رهاڻيون ۽ چرچا وغيره هلندا آهن.
ڪپڙي جي دوڪانن ۾ مرحوم محمد سليمان کھڙو حمزه علي کھڙو، فقير محمد عيسى مرحوم، بخشل منگي مرحوم، سيتل مل وغيره جا دوڪان هوندا هئا. عبدالمجيد ۽ الله يار مرحوم جو مڃيار جو دُڪان جيڪو سندن وارث هلائي رهيا آهن ۽ ٻين دوڪانن تي به انھن جو اولاد ڪاروبار ڪري ٿو. غلام مصطفى ڏاهاڻي جيڪو جهيڙن جي ڪري لڏي ويو. غلام مصطفى ٽڳڙ مرهيات کي بوٽن جو دوڪان هوندو هو. عاشق علي، الله ڏنو ۽ منظور علي ميراڻيءَ وغيره جا درزڪا دوڪان هوندا هئا. هنن جو اولاد ۽ منظور علي ميراڻي اڄ به اُتي آهن.
ٺاڪو مل جو مڃيارڪو دوڪان، استاد علي خان جي سيلون ۽ اتل مل جو ٺاهوڪو ڪرياني جو دوڪان هوندو هو. اسان ان کان سودو وٺندا هئاسين.
هدايت الله پنجابيءَ کي هلر ۽ اٽي پيھڻ جي مشين هوندي هئي، هڪڙي گهٽي کھڙن جي مسجد ڏانھن وڃي ٿي ۽ ٻي گهٽي اتر ڏکڻ طرف هلي لعل کٽيءَ جو ڪپڙا استريءَ ڪرڻ جو دوڪان هوندو هو، اها ٻن حصن ۾ ورهائجي گرلس هاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول جي روڊ ۾ وڃي پوي ٿي. هن گهٽيءَ جي وچ ۾ سونارن جا دوڪان هوندا هئا.
لعل کٽي، منظور علي ميراڻي ۽ نظر محمد منگي، جي ٽوپن ۽ مڃيار واري دوڪان تي ڪچھريون ڪبيون هيون. غوثل ميراڻي، سڄڻ ناريجو، جبل ٽڳڙ رستم، ۽ منظور علي ميراڻي وغيره ڪچھريءَ جا دوست هوند اهئاسي. اتي ويٺي ھر ڪنهن جون ڪسيون، پڪيون ڳاليھيون ٻڌي وٺبيون هيون. ننڍڙو شھر هو، هر شيءِ جي ڄمڻ ۽ مرڻ تائين سينه به سينه هوا وانگر ڳالهه هر ماڻھوءَ تائين پھچي ويندي هئي.
لنڪ گهٽيون سڄي شھر کي ملائينديون آهن، ڪرٽين، ميراڻين ۽ ڪٽپرن جا محلا، قاضين، کھڙن، سيدن ۽ هاءِ اسڪول وارن ميمڻ جا گهر ۽ هندن جا پاڙا الڳ الڳ آهن. بعد ۾ وڌندڙ آباديءَ جي ڪري جنھن کي جتي جاءِ ملي اهو اتي گهر ٺاهي ويھي رهيو. ذاتين ۽ برادرين وارو تصور هاڻي گهڻو پٺتي هليو ويو آهي.
ڪپڙي بازار ۾ دين محمد درزيءَ ۽ استاد نبن جو درزڪو دوڪان هوندو هو. ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا دوڪان هوندا هئا.
هي ڳالھيون تقريب ٽيھن- چاليھن سالن تائين ڦھليل آهن. دل ٿي چوي ته ڪن ڳالھين جو تفصيل لکان، مثلا:
• گوپالي (گوپالداس) وارو چؤنڪ.
• ور وڪڙ گهٽيون.
• ڪپڙي بازار جي بند ٿيل گهٽي.

گوپالي وارو چؤنڪ:
سرڳواسي گوپالداس کي ڪرياني جو دوڪان هوندو هو. دوڪان ٻن حصن ۾ ورهايل هو. اندر هڪ مشين لڳل هوندي هئي، جتي سيٺ “چدي” واريون بوتلون ۽ مٺيون بوتلون تيارڪندو هو. چدي واري بوتل ۾ تيز سوڊا مليل هوندي هئي. جيڪا گرميءَ ۾ پيٽ جي سور کان پيئبي هئي. هن جو ذائقو تيز ۽ ڪجهه ڪڙو هوندو هو. ان کي چدي واري بوتل ان ڪري سڏبو هو. جو بوتل کي ائر ٽائيٽ چدي سان ڪبو هو، هن جي پيئڻ سان وڏيون وڏيون اوڳرايون اينديون هيون ۽ ماڻھو فرحت محسوس ڪندو هو. ان زماني ۾ هاڻي واريون بوتلون ڪونه هونديون هيون. گرمين ۾ هٿ سان ٺاهيل ملائي ۽ هٿ سان ٺاهيل شربت وڪرو ٿيندا هئا. شربت گلاب ۽ صندل وغيره شيشن جي گلاسن ۾ برف سان ملندا هئا. ليمون، اسپنگر ۽ ٿاڌل جو اگهه گهٽ هوندو هو.
هن چونڪ جي جوڙجڪ ڏسي مون کي سکر جي نم واري چاڙهي ۽ معصوم شاهه جو منارو ياد پوندا آهن. اهي چاڙهيون نيچرل ۽ ٽڪريءَ تي هيٺانھين مٿانھينءَ تي آهن پر هيءَ چاڙهي توجهه ڏئي، ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ ٻي هنڌان مٽي آڻي باقي شھر کان مٿي دڙو ڪري، جايون ۽ دوڪان ٺاهيا ويا آهن. اهو سڀڪجهه پلاننگ سان لڳي ٿو.
جڏهن عمر ڪوٽ مان گهمي ڏٺو ته ڀٽ تي بازار هئي. اتي ويھي بوتلون پيتيون هيون ۽ کاڌو وغيره ورتو هو. مون کي ياد آهي ته برسات جو پاڻي تيزيءَ سان هيٺاهينءَ ڏانھن لھي رهيو هو. فرش هيو ۽ مون ڏاڍو لطف ماڻيو هو. ٻاڪري گوشت جي ڪڙهائي ۽ گرم مانيءَ جو ذائقو مون کي اڄ به ياد آهي. اسان ٽي ڄڻا هئاسي. نئون ديري جو هي چونڪ شھر جي مرڪز ۾ آهي. پوسٽ آفيس کان هڪ گهٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي هڪ جڳي مل دوڪان وٽان بازار سان ملي ٿي ۽ ٻي چونڪ تي پھچي ٿي وچ ۾ هندن جي وقف ٿيل آکاڙو جاءِ آهي جتي هندو ڪميونٽي پنھنجن جا مسئلا حل ۽ پنچائت ڪندي آهي. سائين خوش محمد مرحوم ۽ نئون ديري جي پھرين پروفيسر تارا چند جو گهر به هن گهٽيءَ ۾ هو.
هن چونڪ تي سائين گل گوهر ملائي وڪڻندو هو. اُستاد محمد آچر درزي، تُليءَ جو هوٽل، ديوان جو مٺائيءَ جو دوڪان، امام بخش منگيءَ جي سيلون، رجب جو هوٽل، فقير محمد ميراڻيءَ جي پڙي، صابو پانن وارو سيٺ هاسو مل جو دوڪان. نذير احمد ڀٽي جو ڪپڙي جو دوڪان، هي ٿلھو ۽ وڏي وزن وارو هجڻ ڪري ريڙهيءَ تي ايندو هو. ڄاڃي مل کي پھريائين سبزي ۽ بعد ۾ ڪرياني جو دوڪان هو.
سيٺ هاسو مل ڪانگريسي هو. پاڪستان کان اڳ گرفتار به ٿيو هو. دوڪان سندس نوجوان پٽ هلائيندو هو. مطالعي وارو ۽ گهٽ ڳالھائڻ وارو هوندو هو. بابا مرحوم جيڪو ان وقت حال حيات هيو، ان بابت مون کان پڇندو هيو. منگهن لال جو پيءُ فوت ٿيو ته هن کي وصيت موجب سکر سنڌوءَ حوالي ڪيو ويو. جڳي مل کي پنجو ديري جي لطيف شاهه، جي صحن ۾ دفن ڪيو ويو. صوفي هندو فقير پاڻ پورائيندا آهن. سچل جي مزار تي به هندو پوريل آهن .
مولوي محمد اسماعيل جو ڪپڙي جو دوڪان هوندو هو، بشير اخبارن واري گهر ڏانھن اتر- ڏکڻ ننڍڙي سنھڙي گهٽي نڪرندي آهي. اولھه طرف نند لعل جي گهر وٽان مڙي ڏکڻ طرف مرحو غلام نبي شاهاڻي صاحب جي گهر وٽ وڏي رستي ۾ داخل ٿئي ٿي.
گهٽيءَ جو ٻيو حصو سڌو هلي ور وڪڙ ڪاٽي ڏاڪن تان هيٺ لھجي ٿو. ماڻھوءَ جي مرضي آهي ته مڇي مارڪيٽ ڏانھن وڃي يا پير چوڏيل ڏانھن اولھه طرف راهي ٿئي .
شاهي بازار حمزه علي مرحوم جو آواز ڀاري ۽ ٽوٽڪائي هوندو هو. وڏيري غلام رسول ڦلپوٽو جي دڪان تي حقو ضرور هوندو هو. تتر به پڃري ۾ رکندو هو. هو صبح جو سائيڪل تي ايندو هو. دڪاندارن سان رهاڻيون ڪندو، ڇنڊ ڦوڪ ڪندو، جيستائين “چلم” تيار ڪري ڪَشَ نه هڻندو تيستائين گراهڪ کي ڪپڙو نه ڏيندو هو. ڏاڍو پُرسُڪون لڳندو هو. وڏيرو عبدالحق هاڻي پنھنجي پيءُ جي دڪان کي پنھنجي پٽن سميت سنڀالي ٿو. پروفيسر ڪٽپر صاحب سان گڏجي هاڻي هيٺ دڪان تي پلٿي ماري کائبو پيئبو آهي.
محمد خان سيال جيڪو اصل ۾ “پار” اڳڙا جي ڀرسان جو آهي. پختو شاعر ۽ ڪچھريءَ جو دوڪان هوندو هو. قاضي مقصود گل رتيديري وارو جيڪو شگر مل تي نوڪري ڪندو هو. ان جي بيٺڪ هوندي هئي. وڪرو ڪونه ٿيندو هيس سائين شاعر ”ادب“ تي ويٺا مٿا ڪُٽ ڪندا هئا. قاضي صاحب اصل ۾ نئين ديري ۾ بنيادي ادبي لڏو قائم ڪيو. بعد ۾ مختيار گهمرو صاحب نه گڏ ٿيس. مان ۽ غلام حسين ڪٽپر گڏ هوندا هئاسي. الائي ڇو مان ادبي ميڙن ۾ ريگولر ٿي نه سگهيو آهيان. جڏهن به نئونديري جي ادبي لڏي جو ذڪر لکيو ويندو تڏهن قاضي مقصود گل بلڪل اُڀري نروار ٿي پوندو. هن جون نئين ديري لاءِ ڏاڍيون خدمتون آهن.
ڪپڙي بازار مان هڪ گهٽي جيڪا عسڪريءَ واري گهٽي سڏجي ٿي. اها ٻي مارڪيٽ ڏانھن وڃي ٿي. استاد علي خان جي سيلون ڀرسان ٻه گهٽيون هندن جي پاڙي ڏانھن ڏکڻ طرف وڃن ٿيون ”نام ديو“ جيڪو محترمه ۽ ٻين پ پ پ وارن کي ويجهو رهيو ان جو گهر ان پاڙي ۾ آهي ۽ اُهو به مٿي ٿيل حصو آهي. ڏکڻ طرف به سنھي گهٽي آهي.
اوڀر طرف کھڙن جي محلي ڏانھن وڃي ٿي ٻي گهٽي جو احوال اڳ ۾ اچي چُڪو آهي.
هي سڀ ڪجهه محبت جو انداز آهي جيڪو من کان لکرائي ٿو ڪافي ڪجهه رهجي ٿو. وڌيڪ تفصيل سان لکندس ته ٻيا ڇا لکندا؟
”مومل جي ماڙيءَ کي چوڌارا چار“ چوڻيءَ مطابق ننڍين سوڙهين گهٽين مان گهمندي گهمندي سنگت سان ڪچھري ڪندي مزو ايندو هو. هي ڳالھيون لکندي ائين محسوس ٿو ٿئي ته هر شيءِ ڏاڍي تيزيءَ سان تبديل ٿي آهي ۽ آءٌ اڪيلو ڪنھن کي ڳولي رهيو آهيان. خاموشيءَ سان ڪنھن کي سڏي رهيو آهيان.
ور وڪڙ گهٽيون: هن قسم جون سنھڙيون گهٽيون رستن ۽ پاڙن کي ملائڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿيون جنھن ڪري مفاصلو گهٽجي ٿو ۽ وقت بچي ٿو. پر هتي اهڙين خاص گهٽين جو ذڪر ڪرڻ جو مطلب هڪ ٻي ڳالهه ڏانھن توجهه ڇڪائڻ چاهيان ٿو. هنن گهٽين کي ڏسي سوچيندو آهيان ته نئون ماڻھو هنن گهٽين مان گذرند، ته هو گهٽيءَ کي ڏسي ضرور سوچيندو ته رستو اڳيان بند آهي. پر هلبو رهبو ته گهٽي هڪ ٻه وڪڙ ڪري اڳتي هلندي رهندي. مون کي ڪمال ڪاريگري لڳندي آهي. محترم بدر ڌامراهي سان ڳالھين ٻولھين ڪرڻ وقت، اتر سنڌ تي ”گهلرن جا حملا“ جو بحث ڇڙي پيو. ”گهلر“ جيڪي بلوچستان کان اچي ”سنڌ“ تي هلان ۽ ڦرلٽ ڪندا هئا.
اتر سنڌ ۾ ”گهل ڙي گهل“ وارو فقرو به ان دور ۾ گهلرن جي ڦرلٽ جي تاريخ آهي. اهڙا ٻيا ڪيترائي اصطلاح ۽ چوڻيون اسان وٽ مشھور آهن. ننڍي هوندي مرحوم عبدالغفور جلباڻي صاحب به تفصيلن اهڙيون ڳالھيون ٻڌايون هيون. سردار ”رتو خان“ جلباڻي، عبدالغفور جلباڻيءَ چواڻيءَ انھن گهلرن جو مقابلو ڪندي ماريو ويو هو. سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي هئڻ ڪري اهڙيون ڳالھيون پڙهڻ ۾ منھنجي سامھون ڪونه آيون آهن پر سينه به سينه ٻڌل آهن، قصا گڏ ڪجن ته چڱو مواد جڙي سگهي ٿو. منھنجي هن ڳالهه ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته گهلر جيڪي گهوڙن تي ايندا هئا. اهڙين گهٽين مان انھن جو گذرڻ ممڪن ڪونه هو. اهڙيون گهٽيون پلاننگ سان ٺاهيون ويون آهن. منھنجي خيال ۾ ايراضي بچائڻ لاءِ نه ڪيو ويو آهي. اهو منھنجو خيال آهي وڌيڪ الله ئي بھتر ٿو ڄاڻي. ڌامراهن جي ڀرسان، ڌامراهي صاحب ٻُڌايو ته هڪ وڏي ٿلھي نما ٺُل ٺھيل هوندو هو جنھن تي وڏي ”ڀير“ رکيل هوندي هئي جڏهن پري کان گهلر ايند اهئا ته اتي مقرر ٿيل ماڻھو ان ڀير کي زور سان وڄائيندو هو اهڙي طرح ماڻھو هوشيار ٿي ويندا هئا ۽ لاڙڪاڻي انتظاميه تائين اطلاع پھچي ويندو هو. اهڙي طرح فورًا اُهي ڦرلٽ کان بچڻ جا اپاءَ وٺبا هئا. ممڪن آهي ته اتر سنڌ ۾ ٻي هنڌ به اهڙا اُپاءَ ورتا ويا هجن.
اهو ڪلھوڙن، ٽالپرن يا انگريزن جو دور ٿي سگهي ٿو. جنھن جي لاءِ اهو تعين ڪرڻ ڏکيو آهي. ڪو ريسرچ ڪندڙ ان موضوع تي کوجنا ڪري ته بھتر ٿيندو.
گوپالي چونڪ تي ٻه وڏيون نمون هونديون هيون. هڪ طوفان ۾ ڪِري پئي باقي هڪ بيٺي آهي. ان ڪري نم چونڪ جي نالي سان مشھور آهي. رجب عليءَ جي هوٽل تي غلام هسين ڪٽپر ۽ مان گهڻو وقت ويھي ڪچھري ڪندا هئاسين. هاڻي ڪٽپر صاحب اُتي ويھندو آهي پر مان ڪڏهن ڪڏهن ويھندو آهيان. سو به بلڪل ٿورو ٽائيم ويھي سگهندو آهيان. فقير محمد جي پِڙي، صابو پان وري جي پِڙي، نظر محمد جي دوڪان سان گڏ منظور عليءَ جي دوڪان تي ڪچھريون ڪندا هئاسين. رستم، غوثل ميراڻي، سڄڻ ناريجو ۽ ٻيا منظور علي درزيءَ جي دوڪان تي ڪچھريون ڪندا هئاسين. هيٺين بازار ۾ ”ڪڪي (الله ڏني ٻانھاڻي) ٻانھاڻي جي پِڙيءَ تي دين محمد، سڪندر علي کوکر، ۽ پٺاڻ ٻانھاڻي وغيره سان ڪچھريون ٿينديون هيون، جيڪي ٻيڙيون ٻڌندا هئا. منھنجو گهڻو وقت مزورن سان غريبن سان گذريو آهي. هڪ جيڏن پڙهيلن سان جڏهن ٽول ٺاهي بازار مان گذرندا هئاسين ته سڀن يجون نظرون اسان ڏانھن هونديون هيون. اصل ۾ جواني ديواني ٿيندي آهي ان جي هر ادا ڏسندڙ کي موهي وجهندي آهي جنهه کي ڪير به سمجهي ڪونه سگهندو آهي ته وقت هٿن مان واريءَ وانگر وهي ويندو آهي. سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويندو آهي.
نم چونڪ جي چوڌاري خوشحال هندن جا اڄ به گهر آهن. دوڪان مسلمانن ۽ هندن جا آهن. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اڪثر، جايون ۽ دوڪان، اردو ڳالھائيندڙن کي مليا. لساني هنگامن کانپوءِ اُهي زمينون گهر ۽ دوڪان وڪڻي ڪراچيءَ هليا ويا. هڪ بنگالي به رهندو هو. ڪو ميڊيڪل ڪورس ڪيل هيس. شادي اردو ڪميونٽيءَ مان ٿيل هئس، اهوبه ڪراچيءَ هليو ويو.
نم چونڪ جي هيٺان جتي محمد امين سومري جو دوڪان آهي اتي ”گتو“ هوندو هو. جتي ڀنگ ۽ آفيم سرڪاري لائسنس تي کپندو هو. سامھون ”بندوءَ“ جي ٻيڙين جي پڙي هوندي هئي. ”بندوخان“ شھر جي ڪيترن نوجوانن ٻيڙي ٻڌڻ وارن جو استاد هيو. چونڪ تي رفيق پنجابيءَ کي سگريٽن جي ايجنسي هوندي هئي. غلط عام ۾ اردو ڳالھائيندڙن مھاجرن کي پنجابي سڏيندا آهن، جن نالن سان هو شھر ۾ مشھور هئا اُهي ائين ئي لکيا آهن. ستر ۽ اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ پولو ۽ ٽينڪ سگريٽ نوان آيا هئا. اُهي سستا هئا، جن پَن جي ٻيڙين کي ڌڪ هنيو هو. وقت هر ڪنھن کي وارو ڏيندو آهي. پولو ۽ ٽينڪ ڇڪيندڙ، اسان جي سامھون، ڪئپٽن ۽ گولڊ ليف ڇڪڻ لڳا. مون واري ڀاءُ کي جنرل اسٽور کان اڳ ٻيڙين جي مانڊي هوندي هئي. جنھن ۾ ساڙ کان ماڻھو اڄ به چوندا آهن ته ڳوٺان ڇا کڻي آيا هيوَ؟ واقعي! الله جا لک احسان آهن.
بابي مرحوم پنھنجي محنت سان پڙهايو، جاءِ وٺي ڏنائين ۽ دوڪان جا پئسا به ان جي هڙ مان نڪتا هئا. اسان ڪمايو ۽ کپايو آهي. اڳتي به مالڪ ٻاجهه ڪندو. ڪنھن بُري ۽ ڪُڌي ڪم کان هٿ پاڪ آهن. الله اسان جي ايندڙ نسل کي به غلط ڪمن کان بچائيندو. آمين ”غريبي گلزار، موچاري سيگهو چوي.“
۳- خفيه گهٽي: درزي منظور علي ميراڻيءَ جي دوڪان کان مٿان اتر طرف گهٽي اهي. هاڻي اُتي علي لطيف ڪرٽيي جن پلاٽ وٺي جاءِ ٺھرائي آهي. اُها گهٽي اتر طرف وڪڙ کائيندي وڃي ٿي ۽ اچي ”ڪاڪي“ ارباب ڪرٽيي واري مشين جي گهٽيءَ سان ملي ٿي.
ان طرف کان در به لڳل آهي. صرف جاين وارن جي استعمال ۾ اُها گهٽي آهي. ڪاڪو ارباب علي ڪرٽيو عبداللطيف ڪرٽيي جو والد آهي. هُن جو شمار ان وقت جي شھر جي چڱن مڙسن ۾ ٿيندو هو جن جي بنگلي تي چڱي هلندي پڄندي هئي. هن گهٽي کي هاڻي مان ”خفيه گهٽي“ سڏيندو آهيان. ساڳي گهٽي وچ مان نڪري، نم چونڪ سان اچي ملندي هئي جيڪا هاڻ بند ڪئي وئي آهي.
شھر جون ڪافي گهٽيون بند ٿي ويون آهن يا ماڻھن گهرن ۾ آڻي ڇڏيون آهن. رستا سوڙها ٿيندا وڃن. مون عمر ۽ تجربي مان سکيو آهي ته مذهب، اخلاقيات ۽ اعلى قدر سڀ ڳالھائڻ ٻولھائڻ جون ڳالھيون آهن. عمل ان تي ٿئي ٿو ته دولت، شان شوڪت، لڳ لاڳاپا، آرام ۽ سڪون ڪيئن حاصل ڪجي. هٿن وارن ماڻھن جو پورهيو ڪونه کٽندو، هيراڦيري ڪندڙن جو پيٽ ڍؤ ڪونه ٿيندو. ”غيب جي گدُو چوي، خبر ”خاوند کي“ چوندڙ شاعر جي ڌرتيءَ ڄاوا ڊپريشن، منافقي ۽ بي ايمانيءَ تي لھي آيا آهن. الائي ڪاڏي ويا اعلى آدرش ۽ اصول! جت ڪٿ ويساهه گهاتيءَ جو راڄ آهي. پاڻ کي اڃا ڪجهه ماڻھو ڳالھائڻ ٻولھائڻ لاءِ ملي وڃن ٿا. باقي ايندڙ وقت ۾ چڱا ماڻھو رڙيون ڪري بَر منھن ڪندا، تڏهن جان ڇٽندي.
”جيڪا نينھن ڳنھندي نانءُ،
سا مون جا پوندي مامري. (شاهه)
رجب عليءَ وٽ چانھيون پيئندي نوجواني ڪراڙپ ۾ تبديل ٿي وئي. مون کي ياد آهي جڏهن شگردي جي زماني ۾ هتان ٽول ٺاهي مرڪندا، ڪچھري ڪندا گذرندا هئاسين ته ماڻھو مڙي مڙي ڏسندا هئا ته هي غريبن جا ٻار ڪھڙي خزاني جا اوچتو مالڪ ٿي ويا آهن جو مـُنھن تان مَک ٿي ترڪين. جواني ديواني ۽ مستاني ٿيندي آهي. هر انسان ان سوچ مان لطف ۽ سرور حاصل ڪندو آهي.
غلام حسين ڪٽپر، جيڪو هاڻي پروفيسر صاحب ٿي ويو آهي. ساٿ ۾ هوندو هو. رجب روبي ڊسٽ ۽ ڪچي جي کيرن ۾ اهڙيو چانھيون پياريون جو اڄ به اُهي ياد آهن. رجب دوست ۽ ڀاءُ آهي. ڏک اهو آهي جو ڪن عادتن ڪري اڳي کان غريب ٿي ويو آهي. اڄ به ڏاڍي خلوص ۽ عزت سان ملندو آهي. الله شل! هميشه خوش رکين.
مان سوچيندو آهيان ته ڪائنات ۾ ”تغير“ ئي هن جي بقا جو ضامن آهي. هر ٻوٽو، وڻ، جانور ۽ انسان جي نوجواني ۽ جواني، رَت ۽ پورهيو هن جي سونھن ۾ اضافو ڪندو رهي ٿو. هڪڙا پنھنجو ڪردار ادا ڪري پوڙها ٿين ٿا ته انھن جي جاءِ ٻيا والارن ٿا. اڄ به شھر جا نوجوان رنگ برنگي ڪپڙا پائي، تيل ڦليل ڪري، مرڪندا چرچا ۽ ڀوڳ ڪندا ٽول ٺاهي ٽلندا، لنگهندا آهن ته منھنجو روح خوش ٿي ويندو آهي ۽ مان پنھنجو پاڻ مُرڪي پوندو آهيان. ڄڻ منھنجو پوڙهو وجود هنن ۾ اوتجي ويندو آهي ۽ پنھنجو گذريل وقت ياد اچي ويندو آهي.
مون وٽ مايوسي ڪونھي. مان لائيف جي، مثبت پھلوئن مان ڏاڍو انجواءِ ڪيو آهي. پر پوءِ به شاهه صاحب جون سٽون به حقيقت کي تمام قريب آهن:
”ڪڏهن پنھونءَ ڌوتم ڪپڙا،
اتي جَتَ نه نين، پاڻ سين. (شاهه)
رَهي نالو الله جو، جو دائم ۽ قائم آهي. باقي هر شيءِ فنائي ڪن ۾ هليو وڃي. مون کي ماڻھن کان نفرت گهٽ ۽ محبت گهڻي آهي جنھن ڪري انسانيت ۾ اڃا ويساهه آهي.
مان پاڻ کان پڇندو آهيان ”تون هن خفي ۾ ڇو پيو آهين.“ اندر مان آواز اڀرندو آهي، ”نفرت“ ۽ ”محبت“ جو حق ادا ڪري رهيو آهيان. لکڻ دوران، سوچون۽ خيال مون کي ڏنگيندا آهن. جڏهن ڪنھن خيال کي، صحيح نموني لکڻ نه چاهيندو آهيان ته، عذاب وڌي ويندو آهي. مان اعتراف ٿو ڪيان ته لکڻ منھنجي وس جي ڳالهه نه آهي. پر نوجوانن تائين اهو پھچائڻ ٿو چاهيان ته ”ڏک“ هر انسان جو مقدر آهن. اُنھن کان ڊڄي ۽ گهٻرائي مايوس نه ٿيو.
گوتم ٻڌ کان ڪنھن پڇيو هو ته زندگي ڇا آهي؟ هن جواب ڏنو هو، ڏک، ڏک، صرف ڏک.“ تڏهن مرشد لطيف چيو آهي ته:
”ڏک سکن جي سونھن، گهوريا سک ڏکن ري.“
هونءَ به سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ڏک ۽ تڪليفون دُٻي جو پاڻي آهن، اڄ آهي سڀاڻي سُڪي ختم ٿي ويندو. پنھنجي ڏکن کي ”سنڌ، سچائي ۽ پاڻ سان پيار ڪرڻ ۾ تبديل ڪريو. سڀ ڪجهه آسان ٿي ويندو. ڏک اوهان وٽ پنھنجي اهميت وڃائي ويھندو.
جيڪي ماڻھو جيئري جنتون ٺاهي ويٺا آهن انھن وٽ به ڏک آهن. انھن وٽ به مسئلا آهن. تنھن ڪري جن حالتن ۾ رهو ٿا انھن سان ڪمپرومائيز ڪريو ۽ هر پل مان مزو حاصل ڪريو. محنت ۽ پلاننگ هن دنيا ۾ ورثي ۾ مال ملڪيت ملڻ کان وڌيڪ اهم آهي. توهان وٽ صلاحيت ۽ جستجو آهي ته سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهو ٿا. دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پھچي سگهو ٿا. ڪو ٽارگيٽ مقرر ڪيو. پلاننگ ۽ محنت سان ان کي حاصل ڪريو. صرف پاڻ کي ان لاءِ تبديل ڪريو ۽ مقرر وقت ان لاءِ وقف ڪريو. سنڌ تبديل ٿي ويندي، معاشرو تبديل ٿي ويندو.
اڳين قسطن ۾ نئون ديري ۽ آسپاس جون سارون ساريندي ڪي ڳالھين رهجي ويون هيون. شھر جي رهجي ويل ڪن پھلوئن کي کڻڻ کان پھرين اڳين موضوعن کي مڪمل ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان.
سيٺ نارو مل، پڙيءَ واريءَ چونڪ تي ڇوٽي خان جي “پان” جي مانڊڙي هوندي هئي. مٺو ۽ خوشبوئن وارو پان، ڪڏهن ڪڏهن مان به وٺي کائيندو هوس. ڊبل ڪٿي، سوپارين ۽ وڏف وارو پان، پان جا عادي موالي کائيندا آهن. ڇوٽو خان، چڱي عمر جو، اردو ميڊيم وارن مان هو. هن جي ڀرسان، محمد امين سومري ڪپڙي جي دوڪان وارن جو مائٽ، عبدالله سومرو، ٻيڙين جي پڙيءَ تي سگريٽ به وڪڻندو ۽ پن جون ٻيڙيون به ٻڌندوهو. اتي ئي حاجن سومرو پڪوڙا تريندو هو. هنن پڙين ۽ مانڊڙين جي پٺيان ويم گهر هوندو هو. اها ڳجھه ميرپور جي ڀٽن صاحبان جي آهي. شايد سردار پير بخش خان ڀٽي، جي حصي جي آهي .
هاڻي سڄو چونڪ “ڪورين” يا مٺائيءَ وارو چونڪ سڏجي ٿو. مٺائي ۽ پڪوڙن جو دوڪان ڪورين (ميمڻن) جو آهي ۽ سڄو شاپنگ سينٽر ميونسپالٽيءَ وارن جو ٺھرايل آهي .
جاءِ هجي يا بازار، ماڳ هجي يا مڪان هجن، هر پنھنجي جاءِ تي بيٺل آهن. مالڪ ۽ مڪين پيا مٽجن. جن ڏينھن ۾ هي مواد لکي رهيو هئس ته ڊاڪٽر خليل الله شيخ جو sms آيو: اهو مون کي وڻ يٿو تنھن ڪري توهان تائين پھچايان ٿو :
“درويش بھلول” بازار ۾ ويٺو هو. بادشاهه (هارون رشيد) اتان گذريو. بھلول کان پڇيائين، “ڇا پيا ڪريو؟” “بندن ۽ اللهج جي وچ ۾ ٺاهه پيو ڪرايان.” فقير وراڻيو. بادشاهه ٻيو سوال ڪيس، “نتيجو ڇا نڪتو؟” درويش جواب ڏنس ته، “اللهج تيار آهي، پر انسان ڪونه ٿا مڃن.”
ڪجهه عرصي کان پوءِ بادشاهه ۽ بھلول هڪ مقام (قبرستان) وٽ مليا. بادشاهه وري پنھنجا مٿيان سوال دُهرايا. درويش وراڻيس ته “هاڻي قبرن وارا انسان مڃن ٿا پر الله ج ٺاهه/ معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.” هن گفتگو ۾ ڏاڍو توجهه ڇڪائيندڙ فلسفو آهي .
مالڪ الملڪ سڀني تي پنھنجو رحم ۽ ڪرم ڪري. وقت وڏي شيءِ آهي، ڪنھن موقعي کي وڃائڻ نه گهرجي. اسان سڀني کي ان جو قدر ڪرڻ گهرجي. ڇا ڪجي! “والعصر ان الانسان لفي خُسرا .......”
مون سان ڳالھين ئي ڳالھين ۾ محمد رمضان پھوڙ ٻڌايو ته جتي محمد پنجل ڀٽي جو دوڪان آهي ان جي پٺيان تيل پيڙڻ جا گهاڻا هوندا هئا. حڪيم صاحب جي مسجد جي اوڀر ۾ ممتاز علي ڀٽي صاحب جن جي پلاٽ تي تپيداري هوندي هئي. اڳيان ان جا دوڪان ٺھيل آهن جيڪي مسواڙ تي ڏنل آهن .
مان جڏهن ٻه صفحا لکڻ چاهيان ٿو ته اهي صفحا تمام گهڻو وڌيو وڃن. اختصار کان ڪم وٺڻ باوجود هر شيءِ ڊگهي ٿي وڃي ٿي پوءِ به نشاندهي ٿئي ٿي ته نئون ديري وارن کان سواءِ ٻيا به پڙهن ٿا تنھنڪري انھن جو ڪجهه نه ڪجهه تفصيل لکان ٿو. مان منجهي پوان ٿو، جلد هن ذميواريءَ کي پورو ڪرڻ چاهيان ٿو. هي ايڏو وڏو ڪم آهي جو آءٌ اڪيلو پورو ڪرڻ کان قاصر آهيان. ڪو قلم هٿ ۾ کڻي هن شھر جي ماضيءَ کي قلمبند ڪري، هن مٽيءَ جو حق ادا ٿي ويندو. باقي حال ۽ مستقبل نوجوان پاڻ لکندا. ان جو الڪو مون کي نه آهي. خاص طور تي مون کان سينئرس اهي لکن، اهي لکي به سگهن ٿا ۽ هنن اڃان مختلف نئون ديرو ڏٺو جيڪو مان ڏسي نه سگهيو آهيان. جيڪو لکڻ لائق آهي اهو پنھنجي ذميواري محسوس ڪري .
محترم بدر ڌامراهي، لکيل ڊرافٽ پڙهي ڪجهه ڳالھيون انڊر لائين ڪيون. هن چيو ته “حڪيم صاحب ۽ مسجد شريف تي ڪجهه نه ڪجهه وڌيڪ جملا لکو.” مان مٿي کي هٿ ڏئي ويھي رهيس. حڪيم صاحب کي بازار جي مسجد کي ڪير نه سڃاڻي. اسپتال ۾ دوا ملندي آهي. مسجد شريف ۾ عبادت ڪبي آهي. حڪيم صاحب پاڻ پنھنجو تعارف آهي. هن شھر جا جنس مذڪر ته ڇا پوڙهيون، جوان، پرڻيل ۽ ڪنواريون، حڪيم صاحب کي ائين سڃاڻن جيئن ويڙهي ۾ پنھنجي بزرگ کي سڃاڻبو آهي. هو مرحوم هرگهر جي بيمارين وغيره جو امين رهيو آهي. سڄي مزوري ۽ محنت رائگان وئي. وريبه ڊرافٽ ٻيھر لکڻو پيو ڇو ته ڌامراهو صاحب سچ ٿو چوي. جڏهن به رسالي ۾ مواد ڇپبو ته اهو نئون ديري تائين محدود ڪونه رهندو. لکڻ، جيئڻ کان به ڏکيو آهي، منھنجي لاءِ، آخر بنيادي معلومات حاصل ڪري ٻه صفحا وڌيڪ لکي ورتم. اچو ته پڙهون .
حڪيم حاجي سعد الله شيخ مرحوم (حڪيم صاحب) جي اسپتال، نئون ديري شھر ۾ اوائلي دور کان آهي. پاڻ هتي ۱۹۴۹ع ۾ مرزاپور ضلع شڪارپور مان لڏي آيا .
حڪيم صاحب نومبر ۱۹۲۲ع ۾ ڄائو. ۱۹۴۴ع ۾ دهليءَ پڙهڻ لاءِ ويو ۽ اتي ۱۹۴۷ع تائين رهيو. ۱۹۵۵ع ۽ ۱۹۷۹ع ۾ ٻه دفعا حج ڪيائون. ۱۴-۰۳-۲۰۰۹ع تي وفات ڪيائون. سندن تعلق اهلِ سنڌ و جماعت جي ديوبندي فقھ سان واسطو هيو. عربي گرامر تي عبور هين جنھن ڪري حافظِ قرآن نه هجڻ باوجود ڪو قرآن شريف جو لفظ غلط اُچاريندو يا وساريندو هو ته ان کي صحيح ڪرڻ لاءِ چوندو هو. پھريئاين مڱڻيجا شاپنگ سينٽر وٽ گهر هُين ۽ بعد ۾ پوسٽ آفيس واري گهٽي ۾ رهائش اختيار ڪيائون. پراڻي گهر ڀرسان صبح جو سبزي کپندي هئي جنھن کي “ڌڙ” سڏبو هو، اڄڪلهه اتي دُڪان ٺھي ويا آهن. سندس پٽ پراڻا دوڪان ڊهرائي نوان دوڪان ٺھرايا آهن .
“حڪيم صاحب” واري مسجد به بازار ۾ آهي. بلڪل اسپتال جي سامھون آهي. مسجد شريف جو پلاٽ “نواب صاحب” ميرپور ڀٽو وارن وقف ڪيو هو. هاڻي تازو پراڻي مسجد شھيد ڪري نئين ٺھرائي وئي آهي. وڌندڙ آباديءَ ڪري جمع جي نماز لاءِ هيٺين جاءِ ناڪافي ٿي ويندي آهي. جنھن ڪري آخري آيل نمازي ڪوٺي تي ٺھيل وڏي ويرانڊي ۾ نماز پڙهندا آهن.
ميرپور ڀٽو تعلقه رتوديرو، نواب نبي بخش خان ڀٽو (نواب صاحب) حڪيم صاحب کي ذاتي طور سڃاڻندو هو. نواب صاحب ميرپور ڀٽو ۾ هڪ ديني مدرسو قائم ڪيو هو. اسان جڏهن مسوديري هوندا هئاسي ته اَسر جو لائوڊ تي هن جي قرآن شريف پڙهڻ جو آواز ٻڌندا هئاسي. اسان جي تَر ۾ هن جي عبادت ۽ سخاوت مشھور هوندي هئي. مونکي چڱي طرح ياد آهي ته سال ۾ هڪ دفعو ڳوڻيون ريوڙين، کنڊ، ڀڳڙن ۽ پتاشن وغيره جون ڀرائي بنگلي ۾ رکندو هو. سندس ڀرسان مولانا ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کان ٽيھن سيپاري جي ڪا ننڍي آيت پڙهائيندو هو ۽ انعام ۾ انھن کي قرآن شريف جو پاڪ ڪتاب ملندو هو. ننڍن ٻارن کي جهول شين جو ملندو هو. مون کي اندازو آهيته ميرپور جي آسپاس جي ڳوٺن ۾ اهڙو ڪو گهر نه هوندو جن وٽ نواب صاحب طرفان مليل اهڙو نسخو نه آهي .
نواب صاحب مرحوم، حڪمتن جي نسخن ۾ به دلچسپي رکندو هو. اهڙي طرح دوا درمل ڪري به حڪيم صاحب جن سان رابطو رهندو هين. حڪيم صاحب سان بيماري بڙيءَ ڪري خانبھادر مرحوم جي ويجهڙائي به ٻڌندا اچون پيا. اهڙي نموني ممتاز علي صاحب ۽ ڀٽو صاحب مرحوم به سڃاڻندا هئس.
حڪيم صاحب کي ٽي فرزند آهن. وڏو اسد الله شيخ مرحوم (پروفيسر) ٻئي نمبر تي ڊاڪٽر ڪئپٽن سليم الله ۽ ڊاڪٽر خليل الله. حڪيم صاحب جو هن وقت عيال پڙ پوٽن تائين پھتو آهي. الله ج شل! هنن کي پنھنجي آفيت ۾ رکي، آمين . حڪيم صاحب هر سال ٻاچڪا سامان جا ٺاهي، پنھنجي مسجد ۾ رکي افطار لاءِ ويٺل ضرورتمندن کي هڪ هڪ ٻاچڪو سامان جو ڏيندو هو زڪوات يا خيرات ائين ڏيندو هو. حڪيم صاحب جو ذڪر ڪجي ۽ فيض محمد ڪٽپر جو ذڪر نه ڪرڻ بي انصافي ٿيندي. ٻنھي جو ساٿ اسپتال جي حوالي سان هميشه رهيو. فيض محمد سنھڙو، گهٽ ڳالھائڻ وارو ۽ سادگي پسند آهي. سندس پٽ غلام محمد منھنجو فڪري دوست آهي. هو انجنيئر آهي. فقيراڻي طبيعت اٿس. سچو ۽ کرو. شھر ۾ هن جو ڪو مٽ ڪونه ٿو سمجهان. هن سان ڪچھري ڪندي مزو ايندو آهي. دل کي سڪون ملندو آهي. حيرت ٿيندي آهي، هن جون ڳالھيون ٻُڌي .
ڊاڪٽر سليم الله صاحب لاءِ اڳ ۾ لکي چڪو آهيان، باقي خليل الله صاحب ۽ حاجي گل محمد صاحب منھنجا مُحسن آهن هنن تي لکڻ في الحال ملتوي. حۡڪيم صاحب لاءِ وڌيڪ احوال “نئون ديري” بابت ڪتاب ڇپيل، ۾ پڙهي سگهجي ٿو .
منھنجو جيڪو به ڇپيل مواد آهي، ان جي غلطين جي نشاندهي ۽ صلاحون ڊاڪٽر صاحب (خليل الله) ڏيندو آهي. هن جي طبيعت جي مون کي خبر آهي، ڪنھن جي خلاف ڪجهه هوندو آهي ته اهو پنو هن کي نه ڏيندو آهيان. ان جو ذميوار آءٌ اڪيلو آهيان. اڄوڪي مصروف وقت ۽ ذميواريءَ واري نوڪريءَ ڪري منھنجي لاءِ ٽائيم ڪڍڻ ۽ بھتر مشوارا ڏيڻ، هن جو احسان آهي. باقي رهيو حاجي گل محمد صاحب، منھنجي ٿيل بدلين جا آرڊر روڪرائي ڏيندو هو. سائين نجي الله صاحب جو به عمل دخل هيو. ائين حيرت ٿيندي آهي مون کي پنھنجي زندگي تي سوچي . الائي ڪيترن ماڻھن جا احسان آهن، شايد مخالفن ۽ ناپسند ڪندڙن کان وڌيڪ نمبر ٿي وڃن. حڪيم صاحب جي هڪ خوبي ته مون کي ڏاڍي وڻندي هئي. هر ذميوار ماڻھوءَ کي ان کي (اپنائڻ) Follow ڪرڻ گهرجي.
هو پنھنجي پوٽن ۽ پوٽين کي قرآن شريف پاڻ پنھنجي نظرداريءَ ۾ پڙهائيندو هو. پوٽن جي درسي تعليم لاءِ ڪو استاد ٽيوشن تي رکندو هو. انھن استادن سان ڪچھري ڪندو هو ۽ ڏسي وٺندو هو ته ٻارن کي پڙهائيندڙ استاد جو پنھنجو عملي معيار ڪيترو آهي .
منھنجو ويجهو دوست، اميد علي ڪٽپر ٻارن کي شام جو پڙهائڻ لاءِ راضي ٿيو هو. حڪيم صاحب، ڪچھري ڪيس، سمورو احوال اچي ڪيائين. حڪيم صاحب دوائن ۽ بيمارين کي سڃاڻڻ ته پڙهيو پر هن جي علمي حيثيت به لڪل ڪونه هئي. اميد علي صاحب ذهين ۽ هوشيار استاد آهي. هن جي اها به خوبي آهي ته قادري ۽ شافعي ۽ ٻين بزرگن جي سلسلن کي پڙهيو اٿائين، هن جو تلفظ ۽ گرامر بھتر آهي. هن جو I.Q ايڏو تيز آهي جو هر انڊين پراڻن گانن جي گلوڪار ۽ موسيقار جا نالا ٻُڌائيندو آهي. هو سٺي نموني اردو غزل ڳائي سگهندو آهي .
هڪ دفعي ڀاءُ مشتاق جي دوڪان تي ويٺو هئس. حڪيم صاحب به اتان لانگهائو ٿيو. مُڙي دوڪان تي ٿوري دير لاءِ بيٺي بيٺي منھنجي ڀاءُ کان ڪنڍين بابت پڇيائين. مان ڀاءُ کي هلڪو اشارو ڪيو ته پئسا محنت جا نه وٺنديس ته ڪنڍيون بلڪل نه وٺندئي. تنھن ڪري بلڪل ٿوري نفعي سان رقم ٻُڌائينس. ڪنڍيون کڻي ويو. مقرر رقم سان گڏ، نون نوٽن جو پاڪيٽ به دوڪان تي ڏياري موڪليائين. ان ننڍڙي ڳالهه مان هُن جي طبيعت ۽ طرز زندگيءَ کي سمجهي سگهجي ٿو.
حڪيم صاحب کي پراڻو هارٽ پرابلم هيو، روزانو سانجهيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر خليل الله وٽ ويندو هو. دم ڌڻيءَ حوالي ڪرڻ واري ڏينھن (۱۴ مارچ ۲۰۰۹ع) شڪارپور ۾ برادر، جي شادي هُين جنھن ڪري گهر ڀاتي اوڏانھن ويل هين. ڊاڪٽر ڪئپٽن صاحب ڪراچيءَ ويل هيو. ڊاڪٽر خليل الله ڊيوٽيءَ تي هيو. تڏي تي ويٺلن ٻڌايو ته حڪيم صاحب پنھنجي الڳ گهر (بلڪل آمھون سامھون) صبح جو ٻاهر نڪري، گهر جي دروازي وٽ بيٺو هو، هر ايندڙ ويندڙ سان حال حوال ۽ کيڪار ڪئي هيائين. سانجهيءَ کان اڳ اوچتو سندس طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس لاڙڪاڻي اسپتال کڻي وڃي رهيا هئا پر رستي تي ساهه جو سڳو ٽٽي پيس. (اللهج مٿس پنھنجو رحم ۽ ڪرم ڪري. آمين)
عبدالغفار “تبسم” صاحب، هن شھر جو رهندڙ ۽ مشهور شاعر آهي. هن جا درجن کن شاعريءَ جا ڪتاب آهن. گهٽ مانھن کي خبر آهي ته هن نئون ديري جي سنگت ساٿ جو احوال پنھنجي نثر جي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. نالو اٿس. هو جي جوڀن ڏينھڙا” حصو پھريون. مون ڪافي عرصو اڳ اهو پڙهيو هو. ٻي نمبر تي “نئون ديرو جا نوان ۽ پراڻا ورق” جيڪو مختلف ليکڪن جو مجموعو آهي. قاضي قمر الدين اهو ڪتاب لکرايو ۽ ڇپرايو آهي. انھن ڪتابن کان اڳ پير علي محمد شاهه راشديءَ به ”اُهي ڏينھن اُهي شينھن ۾“ ئي نئون ديرو ۽ آسپاس جو ذڪر ڪيو آهي. مختلف رسالن ۾ اڳ ڇپيل منھنجن مضمونن ۾ به نئون ديري جو ذڪر اچي ٿو. سنڌ جي مشھور شھرن جي ڪتاب ۾ قاضي قمر الدين جو ڇپيل مضمون به منھنجي نظر مان گذريو آهي. هي “نئون ديرو” بابت ڪچا ۽ ڦڪا حوال (لکڻي) اوهان پڙهو پيا.
پاڪستان جي اترين علائقن فاٽا وغيره ۽ خيبر پختون خواهه سان گڏ پنجاب جي وسڪارن ماضيءَ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، هونءَ ته، ”سنڌوندي سڀني وهڪرن کي پنهنجي پيٽ ۾ سمائيندي آئي آهي. جڏهن انڊيا طرفان پنجاب جي سڪل ندين ۾ پاڻي ڇڏيو ويو ته، سنڌو، ويدن جي زماني جا ڏيک ڏيڻ لڳي، حالتون خراب کان خراب تر ٿينديون ويون، جولاءِ جي آخر تائين سڀني کي سمجهه ۾ اچي چڪو هو ته هي پاڻي وهي وڃڻ وارو نه پر تباهي ۽ برباديءَ وارو آهي.
آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ سنڌ جي حدن ۾ زوردار برساتون پيون ۽ پياسي ڌرتي پاڻيءَ سان ڀرجي وئي. هونءَ ته مون کي ڪڪر ۽ برساتون وڻنديون آهن، منهنجي اندر جي صحرا ۾ ڪجهه ”پوسل“ پيدا ٿيندي آهي، پر سچ اهو آهي هي وسڪارا ڏسي خوشيءَ بجاءِ خوف پيدا ٿيڻ لڳو ڇو ته پنجاب جي حدن ۾ ايندڙ پاڻيءَ جا انگ اکر ۽ احوال ڊيڄاريندڙ هئا. ويتر راجڻ پور ۽ ٻين جابلو علائقن مان برساتن جو پاڻي جڏهن سنڌوءَ ۾ داخل ٿيو ته حالتون خراب کان خراب تر نظر اچڻ لڳيون، هر سمجهدار ماڻهوءَ جي اندر ۾ اڻ تڻ وڌي وئي، هر هڪ کي اهو فڪر ٿيڻ لڳو ته الائي ڇا ٿيندو؟ داران، شاهاڻي، عزت جي وانڍ، ڦلپوٽا، آگاڻي ۽ عاقل وغيره تائين درياءَ جو بچاءَ بند ڳوٺن، شهرن (نئون ديرو- لاڙڪاڻو) کان ”ٻيلو ٻه وون“ وانگر آهي، سنڌوءَ جو پاڻي مٿي آباديون ڪافي هيٺ اڏيل آهي، دل کي آٿت هيو ته نصرت لوپ بند کان باقراني پل تائين سخت حفاظتي اپاءُ ورتل آهن، پوءِ به هڪ مهربان سان شاهاڻي بند لاڙڪاڻي، خيرپور پل تائين جائزو ورتو، صورتحال خطرناڪ هئي پاڻي اڃان گڊوءَ ڪو نه پهتو هو. نئون ديرو سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي، عرصي کان آباد آهي، روزانو ڪچي جا ماڻهو اچن وڃن ٿا، هو چون پيا ته پاڻي ڪٿي آهي، اجائي واويلا سنڌي چئنل ڪن پيا، اسان سڀني کي خبر آهي ته درياءُ پنهنجي پيٽ ۾ ”ٻيٽ“ جوڙيندو رهندو آهي، سکر بئراج جي مٿين طرف ۽ ساڌ ٻيلو به ٻيٽ آهن، ڪچي جا ماڻهو اهڙڻ ٻيٽن تي ڳوٺ ٻڌندا آهن، مال متاح جي ڪري، درياءَ جي چيڪي مٽي سنڌ کان سنڌ تر ٿيندي رهندي آهي، ڳوٺاڻا پنهنجا گهر، وٿاڻ، ۽ اڱڻ ضرورت مطابق هر سال مٿي ڪندا رهندا آهن، هو ڪڏهن به نه چاهيندا آهن ته پاڻيءَ جي ڪري پڪي تي وڃون، جيڪڏهن صورتحال گهڻي خراب ٿيندي آهي ته مال متاع، عورتون ۽ ٻار پڪي تي مائٽن ڏانهن اماڻي ڇڏيندا آهن باقي مرد، پوڙها ۽ نوجوان پنهنجا ”پکا“ پيا سنڀاليندا آهن.
ڪچي جي ڳوٺن کي چوڌاري پاڻي هوندو آهي، پر ٻوڙيندو نه، گهر مٿي هجڻ ڪري، هنن جي گهٽين ۾ پاڻي هوندو آهي ۽ اتي ٻيڙيون وغيره اينديون وينديون آهن، سنڌوءَ جي مزاج کان ڪچي وارا واقف آهن، سينه به سينه سوين سالن جون ڪٿائون هنن جي ڪنن تائين پهتل آهن.
هو پنهنجا مَنهن، لانڍ ۽ لانڍيون وغيره سان گڏ پڪيون جايون به جوڙيندا آهن، لانڍي ننڍي هوندي آهي، لانڍ وڏو ٿيندو آهي، ڄڃ ماڻهن جي ان ۾ ماپي ويندي آهي، هي سڀ وڻن، ٿوڻين، پيڙن، ڪکن ۽ ڪانن مان ٺاهيندا آهن، سڀ ڪجهه جهنگ مان هنن کي آسانيءَ سان ملي ويندو آهي خرچ ڪو به نه ٿيندو اٿن، گهر ڀاتي، مائٽ ۽ دوست وغيره هڪ ٻئي جي ڪم ايند ا آهن.
آبڪلياڻيءَ جي موسم ۾ وس آهر جو سيڌو سامان گڏ ڪري رکندا آهن، پاڻيءَ جي نقصان کان بچڻ خاطر هو ”منجڻ“ يا ”مُڏ“ به ٺاهيندا آهن، جيڪڏهن گهر ۾ پاڻي اچي وڃي ته منجڻ تي گهر جو هلڪو سامان رکندا آهن. مڏ تي گهر ڀاتي ۽ ان وغيره پاڻي کان مٿي ڪري رکندا آهن. منجڻ يا مڏ ٺاهڻ ڪاريگريءَ وارو ڪم آهي ڪوشش ڪري مضبوط وڻن جي ڏارن وغيره سان جڪڙي ڇڏبا آهن جيئن پاڻيءَ ۾ ڊهي ۽ لڙهي نه وڃي..
اسان جو ڪلچر اهڙو آهي جو ڪچي وارا ڪئمپن ۾ اچڻ پسند ڪو نه ڪندا آهن ،هڪ بي وسي ۽ بي پردگيءَ جو احساس ۽ سرڪار جا ٺلها نعرا سڀني کي ساريا پيا آهن، تنهنڪري خوار ٿيڻ کان بچڻ لاءِ هو پنهنجا ڪک ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن، پر هن دفعي ڪچي وارن سان سنڌوءَ ڪيس ڪري ڇڏيا آهن، پوءِ چوڻو ٿو پوي ”لاچار کي ڪو آچار نه آهي.“
۲۶-۰۸-۲۰۱۰ تي بي بي سي جي رپورٽ، گهوٽڪيءَ جي ڪچي مان ٻيڙيءَ رستي رپورٽنگ ڪئي ته ”هڪ ڳوٺ جي ڀرسان پهتاسين ته مرد ماڻهن پري کان آجيان ڪندي ڏوراپو ڏنو ته، ”ڪيڏي دير ڪري ٿا يار اچو، نه ٿا خبر لهو ته مئو يا بچو“ ترنم سان آواز، منهنجون اکيون آليون ڪري ڇڏيون هيون، سنڌي چئنلن ته پاڻ ملهايو آهي پر پابنديءَ سان روزانو اٺين بجي اردو سروس بي بي سي جي پروگرام وڌيڪ آگاهيون ٿي ڏنيون، سنڌي ۾ رڙيوندانهون، ڪوڪون، گهر ڇڏڻ، مال متاع لڙهڻ ۽ ماڻهن مرڻ جا داستان، پٿر دل کي به پگهاري ڇڏين، انسان ڪيڏو بيوس ۽ لاچار آهي ۽ ان ماحول ۾ ظالم ماڻهو عورتن جون عصمتون لُٽڻ، کاڌي جي شين ۾ نشو ڏئي بچيل سامان کڻي وڃڻ، ڏاند مينهون ۽ ٻڪريون وغيره هٿيارن جي زور تي ڦري وڃڻ جهڙڻ واقعن سنڌي ڪلچر تي ساهه ڏيندڙن جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي.
خبرون مليون آهن ته ڪئمپن ۾ رهندڙ حقيقي متاثرين سان گڏ، نقلي خاندان به رجسٽر ٿي رهيا آهن، انساني بک پوري ٿيڻي ئي ناهي، ازل کان ائين ٿيندو پيو اچي، گندو انسان، مظلومن سان ظلم پيو ڪري، اڌ دنيا سڌري وئي آهي پر ايشيا ۾ اسان جو معاشرو، تمام گندو سمجهيو وڃي ٿو.
سنڌوءَ جي ٽوڙي گهاري، اڌ اتر سنڌ جو سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو آهي، گهر گهاٽ، جايون، مال، اناج ۽ فصل وغيره سڀ لڙهي ويا آهن، لک پتي ماڻهو ڪک پتي ٿي ويا آهن، موجوده تباهي ۱۹۷۳ع واري تباهي ۽ برباديءَ کان ڪافي دفعا وڌيڪ آهي، لاڙ کي وري ايس ايم بند ٽٽڻ ڪري نقصان ٿيو ۽ ٻ ڏينهن ۾ تڪڙي لڏپلاڻ، حوصلن کي پست ڪري ڇڏيو آهي، روزانو موتن جون خبرون، سار سنڀال نه لهڻ ڪري، روڄ راڙا، ڄڻ چون پيا ته سنڌ جي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي سڀني اعليٰ آفيسرن کي ڪورٽن جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي، مهيني کان درياهه دانهون پيو ڪري ته ”آءَ توهان ڏانهن پيو اچان، اچان پيو“ ته پوءِ هنن ڪن لاٽار ڇو ڪئي، پيپر ورڪ ۽ پلاننگ ڇو نه ڪئي، پاڻيءَ جي روٽ کي آخري شڪل ڇو نه ڏني وئي، صورتحال ائين سامهون آئي ته اڳيان پاڻي، پٺيان وزير، مشير ۽ آفيسر، سڌريل دنيا ۾ ائين نه ٿيندو آهي، گهٽ نقصان وارا فيصلا ڪيا ويندا آهن پر هتي ته سڀ رڍون ٻوٿ ڪاريون آهن، رڳو نااهلي سامهون پئي اچي، ايريگيشن وارا پاڻي پٺيان هلندي هلندي گم پيا ٿي وڃن، وڃي ٿڌن ڪمرن ۾ موبائيل بند ڪري، ٿڪ پيا لاهين، گهوٽڪيءَ جي ڊي سي او جو بيان رڪارڊ آهي ته ”انجنيئر سان رابطو نه پيو ٿئي.“
فوج ۽ نيويءَ وارن مڙسي ڪئي آهي نه ته انساني جانيون اسان دفن ڪرندي ٿڪجي پئون ها، راڄن پنهنجي مڙسي ڪري جيڪو ڪجهه بچيو آهي، اهو انهن بچايو آهي، باقي ذميوار ماڻهن سنڌين کي، ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي، هنن کي الائي ڇو ياد نه ٿو پوي ته جيڪي هو پگهارون ۽ رعايتون کڻن ٿا. اها ٽئڪس ماروئڙا ڏين ٿا. هنن وٽ انسانيت ۽ شرافت هئڻ گهرجي ۱۹۷۳ع تي ”ٻارنهن لک ڪيوسڪ“ واري ٻوڏ آئي هئي. ڀٽي صاحب جو دور هو، سکر بئراج پاڻيءَ جي دٻاءَ ۾ لڏي رهي هئي، پل کي بچائڻ لاءِ روهڙيءَ کان مٿان گهارو هنيو ويو هو، ان نقصان ته ڪيو هو پر گهڻو پاڻي چون ٿا ته رڻ ڏانهن هليو ويو هو. انگريزن جي ڊائرين ۾ پڻ اهو موضوع هڪ هنڌ لکيو ويو آهي.
ڪچي جي زمين ۶ لک ايڪڙ چون ٿا. ۵۰ هزارن کان ۸۰ هزارن تائين انساني آبادي ٿيندي ممتاز علي خان، ريڊيو تي بار بار اعلان ڪري رهيو هو ته ”اتر وڃو“ ”اتر وڃو“ يعني موجوده ٻوڏ هيٺ آيل علائقو وغيره، پر ڪير ٿو پنهنجا گهر ۽ ڪک ڇڏي.
ڀٽي صاحب فوج ۽ محمد پڃل ايس پي کي حڪم ڪيو هو ته نئون ديري ۽ لاڙڪاڻي کي بچائڻ لاءِ رائيس ڪئنال جي ساڄي ڪناري کي ڪٽ ڏئي، منهنجون زمينون ۽ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو کي ٻوڙايو، منهنجي اکين جي سامهون ڪٽ ڏنو ويو، سج لهي چڪو هو مان مسوديري سائيڪل تي بابا جن کي خبر ٻڌائن لاءِ روانو ٿيو هئس، ڳوٺ ٻاهران ٽريڪٽر رتي ڳوٺاڻا مليا هئا. هنن کي احوال ڏنم، هنن ميرپور ڀٽو ۽ ٻين رابطو ڪري وارهه کي جهلايو هو ۽ ڏينهن رات هٿيارن مان راڄن پهرو ڏنو هو، پاڻي ڳڙهي ڀٽو، ڪوريجا ۽ ڪوٽ ٻوڙيندو اولهه طرف وهي ويو هو، معمولي نقصان ٿيا هئا. پر هن ٻوڏ قهر ڪري ڇڏيو آهي.
۱۹۴۲ع ۾ سنڌ ۾ ”وڏي ٻوڏ“ آئي هئي، ان ٻوڏ به جيڪب آباد ۾ وڏي تباهي آندي هئي. پاڻي جنت شاخ اڪري آيو هو.
ماڇن، اوڍن ۽ گوپانگن جا ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا هئا. رتوديرو بچي ويو پر افراتفريءَ ۾ سڄو علائقو هيو، ٻوڏ کان پوءِ بيماريون ۽ وبائون، ڪالرا وغيره منهن ڪڍيو هو، ڪافي انساني جانيون موت جي منهن ۾ هليون ويون هيون، موجوده ٻوڏ درياءَ جي ساڄي ۽ کاٻي بندن اندر ”زمينداري بندن“ جو نئون ٽرم ڏنو آهي. ايڪانامڪس جي مضمون ۾ انساني دورن کي مختلف دورن ۾ ورهايو ويو آهي. پٿر جو دور جيڪو ۴۵ لک سالن جو سڏيو وڃي ٿو. ڌاتوءَ جو دور، زرعي دور، صنعتي دور، ائٽمي دور ۽ خلائي دور. الائي ڇو مون کي مونجهارو ٿيندو آهي ته اسان سنڌ وارن جو ”ڪکائون دور“ ڪاڏي ويو، اڄ به لوڙها، ڪک، ڪانا ۽ منهن اسان جي ملڪيت آهن، اهي به درياهه جي پاڻي اسان کان کسي ورتا آهن، مجموع يطور دنيا زرعي ۽ صنعتي دور ۾ رهي ٿي.
ايڏو درد وڌي ويو آهي جو پاڻيءَ جي متاثرن جي اکين جو پاڻي سڪي ويو آهي. اڻڀا وار، هيسيل چهرا، گهر نه گهاٽ، بي رحم انسان، اجهو نه آسرو، الائي ڇا ٿيندو، مستقبل ۾؟ ڀٽي صاحب جي پ پ پ ۽ موجوده پ پ پ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. حڪمران چوندا رهيا ته رتوديرو نه ٻڏندو، وري ٻي پاسي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو کي بند پئي ڏنا ويا، بندن تي ڪو به اعتراض نه آهي. افسوس اهو آهي ته جيڪو اوهان چئو ٿا، ان تي اوهان پاڻ به ويساهه نٿا ڪري سگهو رتوديرو-نئون ديرو پاڻي نه ايندو ته پوءِ ڳڙهيءَ کي بند وسوسن کي جنم ڏئي ٿو.
لاڙڪاڻي ۽ نئون ديري کي عاقل آگاڻي بند کان وڏو خطرو هو جيڪو چيف منسٽر، نثار کهڙي ۽ ٻين وزيرن جي ذاتي دلچسپي ڏسي هي علائقو تباهيءَ کان بچي ويو آهي، نه ته اسان به لڏپلاڻ ۾ چريا ٿي پئون ها. الله بچائي ورتو. ۷۳ع واري ٻوڏ ۾ ڀٽي صاحب متاثرين لاءِ جيڪي بندن، دادوءَ جي ڪنارن تي اچي ويٺا هئا انهن کي گيهه، اٽي، چانورن ۽ دالين وغيره جو ٽرڪون موڪليون هيون، پهريون دفعو ائين ٿيو هو جنهن ۾ ڌارين ۽ سنڌين جي حڪومت جو فرق سامهون آيو هو. ماڻهن کي صابڻ ۽ ڪپڙا وغيره به مليا هئا. مال ايترو هو جو اثر رسوخ وارن ماڻهن ڪافي مال لڪايو به هيو. اهو سڀ ڪجهه لڪل نموني هيو، ههڙي ڦرلٽ وارو دور نه هو.
مون جهڙن ماڻهن کي تمام دير سان سچائي سمجهه ۾ ايندي آهي، منافقن، بدنيتن سان هلندي عمر گذري وئي آهي. هاڻي مس هو نروار ٿيا آهن ته اسان به کين ”سلام“ ڪري پرڀرو ٿيا آهيون، سنڌين به سڀ يار پرکيا آهن، ڏوهاري ٿي بدليا آهن ۽ ائين وجود مٽائي رهيا آهن، ائين اسان سڀ شريف ايماندار آهيون، پر جڏهن مفادن تي پير ٿو پوي ته ”ايمان مهمان“ ٿيو وڃي، شل! اسان سڀني ۽ ٻوڏ ستايلن تي اللهﷻ رحم ڪري.
۱۹۴۸ع ۾ به نئون ديري شهر جيڪو ان وقت ڳوٺ مِثل هيو، ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿيو هو، جتي هاڻي مورين جو شاپنگ سينٽر آهي، اتي مٽي وغيره سان هاڻوڪي پوست آفيس واري رستي کي بند ڪيو ويو هو. سامهون خوشحال هندن جا گهر هئا، جن اهو بندوبست ڪيو هو، ائين شهر جو ڪجهه حصو ٻڏڻ کان بچي ويو هو. هاڻي جتي ڏکڻ واري باءِ پاس وٽ جڳ لڳل آهي اتي گهاڙ واهه کي ”ٻنڊو“ سڏبو آهي، جيڪو ان ٻوڏ جو يادگار نالو آهي، هي احوال مولچند ڏنو جيڪو مون کان عمر ۾ وڏو آهي. هن اها ٻوڏ اکين سان ڏٺي، هن جو ڪٽنب پڙهيل لکيل ۽ زميندار رهيو آهي. ٻي هنڌان لڏي، هتي اچي هنن جا وڏا (ڏاڏو) آباد ٿيا هئا.
۱۹۷۳ع کان پوءِ ڀُٽي صاحب باءِ پاس ڏنو، بيدن جا وڻ لڳرائي، نئون ديري کي خوبصورت بڻايو هو، گوڏ، گنجي يا تيار ٿي ڪپڙا پائي اوڏانهن ائين ويندو هيس ڄڻ ات يڪو منهنجو انتظار پيو ڪري، انهن ڇانورن ۾ ويٺي وقت گذري ويندو هو، اڄ به اهي منظر، منهنجي اکين ۾ سانڍيل آهن، هاڻي نٽهڻ اس يا ڇيڻن جي ڌپ آهي، ٻوڏ کانپوءِ عيد آئي، شهر جي هڪ معزز، ڀٽي صاحب کي ٻوڏ رليف فنڊ لاءِ چيڪ ڏنو، ڀٽي صاحب هن کان نالو پڇيو، هن جو نالو ٻڌي، ڀٽو صاحب باهه ٿي ويو، چيڪ ڏيندڙ جو ساهه سڪي ويو، ٻانهون ٻڌي معافي ورتائين، هن جي شڪايت ڀٽي صاحب وٽ پهتل هئي. ٿوري وقفي کان پوءِ محفل ۾ وري رونق موٽي آئي هئي.
ڦڙو مون گهريو، تو ته ٻوڙي ڇڏيو،
ها هڪ خواب منهنجو تو لوڙهي ڇڏيو.
*
تنهنجي رحمتن تي مان حيران هان،
ڦڙي لاءِ تو نديءَ کي موڙي ڇڏيو.
(نئين ديري جي منٺار سولنگي جي غزل مان مٿيون سٽون کنيل آهن.)
الائي ڇو مون ۾ اهو احساس وڌي ويو آهي ته سنڌين جي پڙهيل لکيل ڪلاس ۾ ساڃاهه نه پر لاتعلقي ۽ لاپرواهي آهي، اهو ڪجهه ته انهن جي هئڻ جو ثبوت ڏي، منهنجي مارن کان ”خوشيون ۽ خريد“ وسري ويون آهن، هنن جي عيد ڪهڙي ٿيندي مون کي سمجهه ۾ ڪو نه ٿو اچي ته وڌيڪ ڇا لکان.
اسان کي تبديل ٿيڻ گهرجي، حضرت علي رحه چيو آهي ته ”غريبن جي مدد ڪريو، ڇو ته غريب ٿيڻ ۾ دير نه ٿي لڳي.“ قرآن شريف ۾ سورت صبا جو مفهوم آهي، ”هنن اسان جي حڪمن کان منهن موڙيو، اسان هنن لاءِ زبردست ٻوڏ موڪلي.“ مستقبل جا خدشا ڪَرُ کڻي منهن سامهون اچن ٿا.
* مثلن امن امان جو مسئلو وڌيڪ خراب ٿي ويندو.
* ننڍن ڏوهن ۾ به واڌارو ٿيندو.
* اناج جو مسئلو.
* روزگار جو مسئلو.
* جانورن جي کوٽ
* اڏاوتن، روڊن ۽ پلين وغيره جا مسئلا.
سنڌ جي اعليٰ قيادت کي الله به شل ساڃاهه ڏئي ته جيئن هو ماڻهن جي مصيبت ۾ ڪجهه گهٽتائي آڻي سگهن. سنڌ جا چٻرا ۽ مڪڙا اڳ ئي اسان جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪن ٿا، پوءِ ته وڏي واڪ چون ”آپ ڪي وڊيري، جاگيردار، گادي نشين اور بيوروڪريٽ ذميوار هين.“ هنن کي ڪنهن ايتري همت ڏني آهي جو هو چون ٿا ته سنڌي ڪراچيءَ نه اچن، يا رجسٽر ڪرائن. حيف آهي.!
سنڌ جي ايم پي ايز وزيرن ۽ مشيرن کي نانگ ۽ وڇون پالڻ ۾ ڪهڙي مجبوري آهي؟
اي سنڌو! توکي ڪهڙو ڏوراپو ڏيان، تون ته پرينءَ کان به پيارو آهين، تون جنون ۾ بند ٽوڙيا، پر ڪجهه ته هوش ڪرين ها، تو ته ڪستو هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، ڪکن جي ڇانوءَ کسي، نيري پاند واري قيامت اسان آڏو آندي اٿئي. اسان جي عيبن کي اگهاڙو ڪيو اٿئي. ڇا چريو ٿي پيو آهين!! ”سنڌي سمنڊ“ جي عشق ۾ اسان جون محبتون نه اجاڙ، وصال لاءِ اسان کي نه آزماءِ، نه آزماءِ.
”درياءَ توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي.“
مرشد لطيف رح.