سائين غلام اڪبر سومرو بھترين استاد ۽ زنده دل انسان
بنگلي تي وڌيڪ اثر رکندڙ هئا، مولانا قادر بخش ڀٽي ۽ يار محمد خان ڀٽو. انھن مٿان ٿيا قريشي صاحب، چوڌري فھيم ۽ قيوم خان وغيره. ديوانن ۾ لوڪ چند، نانڪ رام، ۽ آرت مل مکي، ڀُٽي صاحب جي دور ۾، هندو پنچائتن جا رڪن هئا. انھن کانسواءِ حڪيم عزيز الله موريو ۽ حۡڪيم شيخ سعد الله به معززين ۾ شامل هئا.
نوجواني، بي فڪري، امن امان، سستائپ، سھڻو، ننڍڙو ۽ صاف سٿرو شھر. سڄو شھر نمن جي وڻن سان ڀريل هوندو هو. جتي هاڻي گرلس هاءِ اسڪول ۽ ٽانڪي آهي، اتي سھڻو پارڪ، گُلَ ۽ ڇٻر هوندا هئا. شھر جي اوڀر طرف ڀٽي صاحب جو بنگلو مک گيٽ کان باغ، گلزاري، ڊاک جون وليون ۽ گل ٻوٽا هوندا هئا. بنگلو ساڳيءَ جاءِ تي آهي. ڪجهه ترميمن سان ۽ باقي ٻاهريون اوڀاريون باغ، بلڪل ختم ٿي ويو آهي.
شھر جي ڏکڻ طرف گهاڙ واهه، ٻنھي ڪنارن سان ٽاريون ۽ رستو، جنھن کي ٽاپ سڏبو هو، ان تي ڇنڪار ٿيل. واهه جي ٻنھي ڪپن تي ڇٻر. گرمين ۾ ننڍا وڏا گهاڙ تي وهنجڻ لاءِ گهرن مان نڪري ايندا هئا. امام بارگاهه تائين مزو لڳو پيو هوندو هو. غلام حسين ڪٽپر جي گهرن جي سامھون باگڙين جا گهر، ديوانن جي ٻارن جون سماڌيون، انبن جو باغ ۽ ڪمند جو چيچڙو هوندا هئا. گرمين ۾ جمعي ڪوريءَ جا ڪلام وڏي سوز سان ٻُڌبا هئا. وهندڙ سنڌوءَ جو پاڻي، مٿان باگڙين جون عورتون، وڻراهه، جمعو ڪوري اصل ڪاڏنھون اڀرندو ۽ لھندو هو. پاڻ کي سمجهه ۾ ڳالھيون هاڻي ٿيون اچن:
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينھن اُڇل،
نه ڪو جهل نه پل، هر ڪو پسي پرينءَ کي.
هندو ٽين ايجر ڇوڪريون (۱۴-۱۵ سال عمر جون) ڪُراڙين ۽ ٻارن سان گڏجي اچي ڪپڙن سميت گهاڙ واهه ۾ وهنجنديون هيون. نوجوان ۽ وڏا دادو ڪئنال ڏانھن هليا ويندا هئا. عسڪري ۽ ڪرٽين جي باغ جي وچ ۾ ٻه انبن جا وڻ هوندا هئا، جيڪي جنن جي ڪري مشھور هوندا هئا. دادوءَ جا ٻئي ڪنارا ۴۰-۵۰ سالن جي پراڻين ٽارين ۽ نمن سان ڀريل هوندا هئا. ٿڌڪارُ، ڇانئن ۽ هوائن جي ڪري، ڇٻر تي ليٽي ننڊ ڪري وٺندا هئاسين. ٽارين تان بُل ڏيڻ، پاڻيءَ ۾ آرپار اچڻ ۽ وڃڻ اسان جا پسنديده شغل هوندا هئا.
۱۹۶۹-۷۰ع جنرل يحى خان جي دور ۾ اسان جي سامھون اُهي ٽاريون، ٺيڪي تي ويون ۽ ڪٽجي ويون. غلام حسين ۽ مان، کين پنھنجي منھن گاريون ڏيندا هياسين. پکين جي آکيرن سان گڏ، ڄڻ اسان جي ويھڻ جون جايون ۽ آشيانه اُجڙي ويا هئا. دادو ڪئنال جا گهٽ گهيڙ اُجڙي ويا هئا. وڻ به ڪٽيا هئا. اسان جا وجود ڳڀا ڳڀا ٿي ويا هئا. ڏاڍي تڪليف محسوس ڪئي هئيسين.
ون يونٽ جو دور ڏٺو. ان کي ختم ڪرڻ جي جدوجھد ڏٺي. حيدر بخش جتوئيءَ مرحوم جناح باغ ۾ جلسو ڪيو هو، اهو ڏٺو ۽ ٻُڌو هيوسين. ڀٽو صاحب، ايوب خان کان الڳ ٿيو. ون يونٽ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيائين، جيل ويو ۽ آزاد ٿي لاڙڪاڻي پھتو. اسان ڪاليج جا شاگرد ان هلچل جو حصو هئاسين. ليڊر هئا امان الله شيخ، شھزادو شيخ، عبدالغفار ڀٽي ۽ ٻيا. ڀٽو صاحب، لاڙڪاڻي پھتو ته ماڻھن جو سمنڊ، سندس استقبال لاءِ اُٿلي پيو هو. محترمه بينظير ۽ صنم ڀٽو، پھريون دفعو لاڙڪاڻي ۾، ڀٽي صاحب جي بک هڙتال وقت ڏٺيون هيونسين.
ڀٽي صاحب جي دور ۾ سنڌ جو وزيراعلى ممتاز علي ڀٽو هيو. سنڌي ٻوليءَ جي بل تي، سنڌي-مھاجر فساد ٿيا. جيئن ٽارين جا بنڊ وڍجي کڄي ويا هئا، تيئن سنڌي ماڻھن جا لاش ڪراچيءَ مان ايمبولينسن ۾ سندن شھرن ۽ ڳوٺن ڏانھن آيا هئا. ممتاز صاحب ڏنڊو کنيو ته ڪجهه ٺاپُر ٿي پر کيس سنڌ بدر ڪري اسلام آباد ۾ ريلوي جو وفاقي وزير بڻايو ويو. ڀٽي صاحب جي آرڊيننس تحت “سنڌ” ٻن ٻولين، اردو ۽ سنڌيءَ، جو صوبو بڻجي ويو. ڀٽي صاحب پٺتي هَٽي مھاجرن جا مطالبا مڃيا هئا. ممتاز صاحب ان دور کان “ڏهيسرِ سنڌ” مشھور ٿيو. غلام مصطفى جتوئي، ان جي جاءِ تي سنڌ جو وزيراعلى مقرر ٿيو هو.
اسان ۶-۵۵ تي صبح جو موهن جو دڙو ايڪسپريس تي، جيڪا ڪراچيءَ تائين ويندي هئي، لاڙڪاڻي ڪاليج لاءِ ويندا هئاسين. روڊ جي سواري نه هوندي هئي. ڪچو پر گندو رستو هوندو هو. صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ، روڊن جي صفائي ٿيندي هئي. ٻُھاري اچڻ کانپوءِ پخال سان ڇڻڪار ڪيو ويندو هو. اسان سڀ شاگرد، شھزادن وانگر گهمندي، انھن صاف رستن تان گذرندا هئاسين. آغا صاحب ۽ خدن ويراڳي معائنو ڪندي نظر ايندا هئا.
اڄ ڪلهه جتي ڪراچيءَ لاءِ بسن جو اڏو ۽ ڪيبن آهي، ان جي پٺيان مرحوم يار محمد خان ڀٽي جي آفيس هوندي هئي. هُو ڀٽي صاحب جو اٽارني هيو. اُتي پھچندا هئاسين ته سامھون ريل جو ڦاٽڪو نظر ايندو هو. جيڪڏهن اُهو بند هوندو هو ته ڀاڄ ڪرڻي پوندي هئي. شھزادن مان ڦري، جنگي سپاهي بڻجي ويندا هئاسين. کڙيون بوٽن جون، زمين تي کُپنديون ئي ڪو نه هيون. سنھا قرار ۾ ڊڪندا هئاسين، باقي ٿلھن جو ڊُڪڻ ڏسڻ وٽان هوندو هيو. پر پوءِ به مجال جو ريل نڪري وڃي. بغير ٽڪيٽ جي فرسٽ ڪلاس يا سليپر ۾ ويھندا هئاسين. سياري جو پگهر نڪري پوندا هئا. ماهوٽن تائين ساهه پيو هيٺ مٿي ٿيندو هيو. اسان جا ريل ليڊر هئا، استاد حبيب مرحوم، الله ڏنو سومرو، دين محمد ڀٽو، عبدالسميع ڀٽو، واحد بخش پھوڙ ۽ لاهوري غلام مصطفى سومرو. ڪاليج جو ليڊر هوندو هو عبدالغفار ڀٽي.
هاڻوڪي ميونسپالٽيءَ کان وٺي ڦاٽڪي تائين ويراني هوندي هئي. بسن جو اڏو به پوءِ ٿيو. ناڪي وٽ دلمراد جو هوٽل هوندو هو. هُن جا دوست هئا عبدالرشيد ڀٽي، محمد سومر بلوچ ۽ ٻيا.
ڪجهه ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ليڪچرار ميرٽ تي ٿيا. گل محمد دايو، عبدالغفار ڀٽي، ارشاد علي ڪٽپر، عبدالسميع ڀٽو، واحد بخش پھوڙ، غلام عمر ۽ مان پھريائين سنڌي ماستر ٿياسين پوءِ سينيارٽيءَ تي سيڪنڊري اسڪول ۾ آياسي.
ڀُٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ عبدالغفار ڀٽي پي آءِ اي، ارشاد علي ڪٽپر اسٽيل مل ۾، گل محمد فوڊ ۾، استاد حبيب ۽ ٻيا بينڪ ۾، ڪي ليڪچرار ته ڪي فيملي پلاننگ ۾ آفيسر ٿيا. غلام شبير ميراڻي پھريان فوڊ ۽ پوءِ ڪسٽم ۾ مطلب ته سڀ نوجوان روزگار سان لڳي ويا.
جڏهن ته ٻين اسڪولن ۾ نوڪري ڪري، اعتماد بحال ڪرڻ کانپوءِ نئون ديري هاءِ اسڪول ۾ اسان واري ٽھي گڏ ٿيڻ لڳي. اڳ ۾ سائين محمد علي سومرو، روشن علي بلوچ، احمد بخش ڪٽپر، غلام اڪبر سومرو، نارائڻ داس، محمد پنھل قادري، نند لعل، منگهن لعل، محمد سومر بلوچ، محمد رمضان پھوڙ، گلشن علي سومرو ۽ علي گوهر دايو وغيره موجود هئا. سائين اختر علي اويسي هيڊ ماستر هيو. الله ڏنو ناريجو صاحب بعد ۾ بدلي ڪرائي آيو هو.
نئون ديرو هاءِ اسڪول وڏي وقار وارو ادارو هيو. سينئر استاد، ڀلي پڙهائي ۽ اخلاقيات تي توجهه هوندو هو. ڪا خرابي جي هوندي هئي به ته اُها لڪل هوندي هئي. هِن اسڪول جي خوبي، منھنجي نظر ۾ اها رهي آهي ته ٽيوشن جو مـَرضُ هتي تمام دير سان پھتو.
استاد ذهين ۽ هوشيار، پاڻ کي والدين ۽ شھرين ڏانھن جوابدار سمجهندا هئا. سومرو گلشن علي مرحوم ڇھين ڪلاس جو پي ايڇ ڊي سڏبو هو. هو پنھنجي اوطاق تي ٽيوشن ڏيندو هو. اسڪالرشپ جي تياري، محمد رمضان پھوڙ ڪرائيندو هو. باقي ڪلاسن جي پڙهائي هوندي هئي. اڄوڪي ماحول مطابق موڪل کان پوءِ سڀ ڪلاس ڀريل نه هوندا هئا.
سائين غلام اڪبر مرحوم، آرٽس ٽيچر هيو. انگريزي سٺي هوندي هيس. وڏي خوبي اها هوندي هيس، جو نائين ڪلاس کي “بائلاجي” پڙهائيندو هو. سائينءَ جي بدلي ٿيڻ کانپوءِ، شاگرد بائلاجيءَ ۾ گهٽ مارڪون کڻڻ لڳا هئا. هو بائلاجي بھتر نموني سمجهي نه سگهندا هئا. ڪاپي ڪلچر به عام هو. ڪو ماهر استاد، ان کي بھتر نموني نڀاهي سگهي ٿو.
سومرو صاحب آل رائونڊر اُستاد هيو. ان دور ۾ مون کي ڪتاب ۽ ڊائري گڏ هوندا هئا. کيس مون ڪڏهن پڙهندي نه ڏٺو هو، پر جڏهن ڪنھن به ٽاپڪ تي ڳالھائيندو هو ته اُهو نھايت دليلن سان هوندو هو، مڙني کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي پيرائتي ڳالهه ڪندو هو، جو ٻڌندڙ سندس ڳالھين ۾ گم ٿي ويندو هو. ڪير به بور نه ٿيندو هو. ڪتابن مان ايتري معلومات حاصل ڪري نه سگهندو هئس، جيتري سندس ڪچھريءَ مان ملي ويندي هئي. عمرين ۾ فرق هوندي به ذهني طور، هڪٻئي جي ويجهو هوندا هئاسين.
ڀوڳ چرچا يا ٽھڪ، اسان وانگر ڪو نه ڏيندو هو. محفل مان مزو ضرور وٺندو هو. ڏاڍيان ڳالھائي، بحث نه ڪندو هو. مُرڪندي ڳالهه وڏي اعتماد سان، چئي ڏيندو هو. سليڪي سان ڳالھائيندڙ ۽ وقار وارو لھجو هوندو هيس. هميشہ “ابا” چئي، ڳالهه جي شروعات ڪندو هو.
محمد سومر بلوچ صاحب ٻڌايو؛ “غلام اڪبر جي ننڍي ڀاءُ غلام اصغر کي لاڙڪاڻي ۾ قتل ڪيو ويو هو. سندس والد ٻي شادي به ڪئي هئي”. ممڪن آهي سندس شخصيت تي انھن ڳالھين جو اثر رهيو هجي، جنھن ڪري هو اڪثر سنجيده رهندو هو.
۱۹۸۲-۸۳ع ۾ ايم.آر.ڊيءَ جي تحريڪ هلي هئي. سڄي سنڌ ۾ هڙتالون، هنگاما ۽ گرفتاريون ٿيون. سنڌ ۾ هِن تحريڪ ايڏو زور ورتو جو دادو ضلعي ۾ جنگي جھازن سان ايڪشن ڪيو ويو. نئون ديرو ۾ به هڙتال ٿي.
ٻيو ڪجهه به نه رڳو، ٽيليفون ايڪسچينج کي نقصان رسيو، روڊن تي ٽائر سڙيا.
شريف ماڻھو، دڪاندار، نوڪرين وارا، شاگرد ۽ ٻيا شھري ڀٽي صاحب جو قرض لاهڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا هئا. مرحوم عبدالمجيد ۽ ٻيا دڪاندار فوج اچڻ کانپوءِ، اسٽيشن ۽ رائيس ڪئنال جي وچ ۾ جوڳين جي گهرن ڏانھن هليا ويا. ڪي ريل جي پٽڙيءَ جي هيٺان گهمندا، پير جان محمد ڏانھن ته، ڪجهه سنڌوءَ جي ڦاٽڪ ڏانھن ڀڄي وڃي نڪتا.
شھر ۾ ڪئين لطيفا گردش ڪرڻ لڳا. مثلاً: ڪو گهر وڃي پھتو، سھڪندو زال کي، ادي چئي کانئس پاڻي گهريائين. مرحوم عبدالمجيد جو بھترين منيار جو دوڪان هيو. جيڪو هاڻي خادم حسين هلائي ٿو. نوڪرين وارا سڀ سندس گراهڪ هوندا هئا. وڏو مھذب انسان هيو. ڀاءُ الله يار سان گڏجي دوڪان هلائيندو هو. پنھنجي پيرن ڏانھن اشارو ڪري سنگت کي ٻڌائيندو هو؛ “ادا! هنن همت ڪئي، ڏاڍو ڪم آيا، نه ته فوج کنڀي کڻي وڃي ها.”
فوج بي رحميءَ سان ڏاڍو سخت ايڪشن کنيو هو. ڪافي ماڻھو گرفتار ٿيا. ڪن کي ڊاڪٽر سليم الله صاحب، ميجر کي فون ڪري ڇڏايو هو. هو رٽائرڊ ڪيپٽن آهي. پوءِ به ۱۵-۲۰ جوانن تي فوج ڪيس هلايو هو ۽ سزائون ڏنيون هيون.
اُن ڏينھن مان ۽ الله ڏنو ناريجو صاحب، گرفتار ٿيڻ جي خوف کان مرحوم مشتاق علي خان ڀٽي جي بنگلي تي وڃي لِڪا هئاسين. مشتاق خان کي، مان پھريون دفعو ڏٺو هو. هُو مھذب، ڀٽي صاحب وانگر، خوبصورت ۽ قدآور شخص هيو. ناريجي صاحب جو واقف هيو. سٺو ڊرائينگ روم، عمده صوفا، قالين جي مٿان، نفيس شيشي جي ٽيبل، جنھن جون سنھيون پتل جون ٽنگون هيون. شايد جرمني يا فرانس جي ٺھيل هئي. شيلف ۾ ڪتاب ۽ امپورٽيڊ جام رکيل هئا. خاطر تواضع ۽ ڪچھريءَ کانپوءِ، مان مشتاق علي خان کان اجازت وٺي، ڪتابن کي ڏٺو هو. چائنيز، رشين، اردو ۽ سنڌي ادب تي ڪتاب ڏسي، دل ئي دل ۾ سندس ذوق جو داد ڏنو هو. ائين ڪتابن ۽ هُن جي حُسنِ سلوڪ کي ڏسي، اچڻ وڃڻ برقرار رهيو.
ايم آر ڊي تحريڪ ۾ جيڪي گرفتار ٿيا، انھن ۾ مشتاق علي خان ڀٽو، سڀ کان وڌيڪ لانڍي جيل ڪراچيءَ ۾ اسپتال ۽ گهر ۾ نظر بند رهيو هو.
غلام حسين ڪٽپر، مرحوم ذوالفقار علي سولنگي ۽ مشتاق علي راهوجو، محفلن ۾ شريڪ ٿيندا رهندا هئاسين. غلام حسين ڪٽپر، منور علي ڪرٽئي سان به گڏجي ويندو هو. قاضي عبدالرزاق عرف گدن قاضي، سائين غلام اڪبر، غلام حيدر ناريجو ۽ محمد پنھل قادري، سندن ڪچھرين جا مستقل رُڪن هئا. قادري صاحب ٽيوشن وغيره به پڙهائيندو رهيو، نينگرن کي، بنگلي تي.
اسين سڀ گڏبا هئاسون ته ادبي ۽ سياسي ڪچھريون رنگ لائينديون هيون. اسان کان سواءِ مختلف وقتن تي ٻيا به ايندا ويندا رهندا هئا، پر محترمه جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سڀ ڇڊا ٿي ويا.
غلام حسين ڪٽپر ۽ مان هڪ دفعو مھيني ۾، مشتاق خان سان ملڻ لاءِ ضرور ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن چڱي خاصي دير ٿي ويندي هئي ته هو دٻيل لفظن ۾ اسان کي ڏوراپو ڏيندو هو. “منگي! مصروفيتون وڌي ويون آهن ڇا؟” ڪو نه ڪو عُذر ڏئي وٺندا هئاسين. محبت جون مٽيءَ سمان واٽون هونديون آهن.
سائين غلام اڪبر جا، مشتاق خان جا پُٽ ڳولائو هوندا هئا. دودا خان بلڪل ننڍڙو هوندو هو. اسان جي ويجهو ڪو به نه ايندو هو. باقي سائين غلام اڪبر کي ويٺو ڳولھيندو هو. جڏهن به اسين ڪچھريءَ لاءِ ويندا هئاسين ته، فاروق علي خان، محمد علي خان ۽ ٻيا نوجوان، هٿ ملائي، اُٿي وڃي، بنگلي جي ٻيءَ ڪنڊ تي ويھندا هئا. صرف مشتاق علي خان سان ڪچھري ٿيندي هئي. اسان جون سياسي سوچون جدا جدا هونديون هيون، پر سماجي طور ھڪ ٻئي سان لاڳاپا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مولوي عبدالواحد ڪلھوڙو، ڳڙهيءَ وارو، به اچي ڪچھريءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو.
پھريائين قاضي عبدالرزاق، پوءِ حسين بخش ناريجو، مـُنھن مـَٽي ويا. تفصيل غلام حيدر ناريجو ئي ٻڌائي سگهي ٿو. محمد پنھل قادري ۽ سائين غلام اڪبر، سندن قرب ڪڙيل هئا ۽ اسان کان وڌيڪ ساڻن ويجها هئا. عُرس يا خيرات ڪندا هئا ته مان ويھي ويھي ٿڪجي پوندو هوس. جڏهن خلق خدا کائي ويندي هئي تڏهن مشتاق علي خان، پنھنجي ڳڙهيءَ وارن وڏيرن ۽ نئون ديرو جي معززين سان گڏ سائين غلام اڪبر ۽ اسان کي ماني کارائيندو هو. ماني ساڳي هوندي هئي پر ٿانو ٻيا ۽ قيمتي هوندا هئا. ڪشادو دسترخوان هوندو هو. منھنجا مائٽ ۽ شاگرد خدمت ڪندا هئا، جن کان پاڻي به هورڙيان گهرندو هئس. اٻھرائپ نه ڪندو هئس.
ڪٽپر صاحب ۽ منھنجو ساڻس، سندس حج تي وڃڻ تائين ساٿ رهيو. هڪ ڏينھن اڳ ۾ موڪلائي آيو هيومانس، ڇو ته مقرر ڏينھن تي، ضروري ڪم سبب شھر ۾ ڪو نه هيس. مڪي شريف ۾ وفات ڪيائين. هڪ دفعو ذڪر ڪيو هئائين. “اتي مري وڃبو، واپس نه ايندس.” هو ننڍي ڀاءُ جي اوچتو وفات ڪري، ڏکويل، پريشان ۽ بيمار رهڻ لڳو هو. دل جو اڳ ۾ ئي مريض هو، ڀاءُ جي وفات کيس جهوري وڌو هو. مولوي عبدالواحد، ڳوٺائي ۽ ننڍپڻ جو دوست هيس. کيس گڏ ورتيون ويو هيو. مولوي صاحب کان وڇڙي، اڪيلو خانه ڪعبه جي ڪنھن ڪنڊ ۾ وڃي ويٺو هو ۽ اتي ئي خالق حقيقيءَ سان وڃي مليو هو. سعودي انتظاميه، سندس باڊي اتان کڻي ڪنھن اسپتال ۾ رکي ڇڏي. مولوي صاحب پريشانيءَ جي عالم ۾ هيڏي فون ڪئي. محترمه جي حڪومت هئي، ان جي ڪوشش سان سندس باڊي ڳولھي، اُتي ئي دفنائي وئي. ڪافي ڏينھن بنگلي تي تڏو هيو. اسان روز ويندا هئاسين. سائين غلام اڪبر اتي هميشه موجود هوندو هو. گهر به ويندو هيو الائي نه.
مشٽاق علي خان سڄو بنگلو پاڻ ڊزائين ڪيو هو. ڪشادو ۽ بھترين لان، ڪراچيءَ مان ٻوٽا ۽ پيوندي گلاب آڻيندو هو. پنھنجو سلاد وغيره بنگلي اندر پوکيندو هو. روشن راتين ۾، گرمين جي مند ۾، رات جو دير تائين جڏهن ڪچھري ڪندا هئاسين ته مون کي پنھنجو خدا ياد اچي ويندو هو. نرم، سائي، مشين لڳل ڇٻري، سائو غاليچو لڳندي هئي. هر طرف کان پکا. دولت جا به پنھنجا رنگ آهن. وري غربت ۾ پنھنجا مسئلا، پنھنجي بي فڪري آهي.
مون ۾ هڪ بُرائي آهي، جنھن جو کائيندو آهيان ان کي کارائيندو به آهيان. قاضي عبدالرزاق جهليو هو ته صاحب کي کائڻ پيئڻ جي ڪا به شيءِ نه ڏجانس. تنھنڪري، احتياطًا، کيس ڪجهه به ڏئي نه سگهيو هيس. ڪڏهن ڪڏهن، ڪِن مشورن تي عمل ڪرڻ ۾ عافيت هوندي آهي. مشتاق علي خان حج تي ويندي ويندي، پڙهڻ لاءِ ڏنل ڪتاب، “ڀنڀور” آخري ڏينھن تي دوڪان تي موٽائي ڏياري موڪليو هو.
مشتاق صاحب جي وفات کانپوءِ، ڪٽپر صاحب ۽ منھجي اچ وڃ گهٽجي وئي. باقي سائين غلام اڪبر ۽ غلام حيدر ساڻن ساٿ نڀاهيندا رهيا.
واقعي، ڀٽا “پارس” آهن. محترمه اقتدار ۾ آئي ته نئون ديرو جون رونقون موٽي آيون. مرحوم جميل احمد قريشي ۽ قاضي عبدالرزاق جي ڇا ڳالهه ڪجي پراڻن پَسارن کي پوئتي ڇڏي ويا.
۱۹۹۵ع ۾ محترمه وزير اعظم جي حيثيت سان “جميل” جي ڪري، والي بال ٽورنامينٽ ۾ شريڪ ٿي هئي، اسان اسڪولن جي استادن جون پاسون نڪتيون هيون. زندگيءَ وفا ڪئي ۽ صحت سالم رهي ته وڌيڪ تفصيل سان لکبو. اها ٽورنامينٽ زيڊ.اي ڀٽو ڪلب نئون ديرو وارن ڪرائي هئي. جنھن جو محمد بخش ناريجو ڪئپٽن هيو.
هي Royal families هي دانشور، اديب ۽ شاعر سڀ سياڻا، صرف حڪيم سعد الله شيخ صاحب جي خاندان کانسواءِ، سڀني جا گنگا مان ڍُڪ ٻُڪ ڀريل آهن. اها هڪڙي فئملي، مئرٽ ۽ محنت تي جيئندي آئي آهي. ڊاڪٽر برادران جي جيئڻ جي سوچ به مثبت (Positive) رهي آهي. جيتري مالي حيثيت اٿن، اوتري عزت اٿن .
سگا ۽ گسٽا ڇڏڻ کانپوءِ صرف گهر، ڪتاب، موسيقي ۽ ملان بشير احمد بچيا. سڄي زندگيءَ جو ويھي تجزيو (Analysis) ڪيو اٿم، مائٽن، واقف ڪارن ۽ بيمارين سان جنگ ڪئي اٿم بيزار ۽ ٿڪو آهيان ته نشئي ٿيڻ جي بجاءِ، موڪل وٺي سکر وڃي ڊگري به وٺي آيس ۽ پاڻ به پرڀائي آيس. سکر، مون لاءِ گهر کانپوءِ آخري پناهه گاهه رهيو آهي. سکر بئراج، لبِ مھراڻ، ساڌ ٻيلو، ايوب پل، لينڊس ڊائون پل، بکر جو قلعو، روهڙيءَ ۾ درياهه جو وهڪرو، اجنبي ماڻھن ۽ حسن کي ڏسي، تازو توانو ٿي، نين سوچن ۽ امنگن سان گهر موٽي آيو هيس. مان بدلجي نه سگهيو آهيان، پر معاشرو تيزي سان بدليو آهي. سنڌ جا بھترين قدر موڪلائي ويا آهن. ڪا چڱي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڪن سِڪي رهيا آهن.
منھنجي ذاتي راءِ آهي ته شھر جي ڊاڪٽرن مان، ڊاڪٽر سليم الله صاحب سوشل ورڪر آهي، هو صحيح دوا تجويز ڪرڻ سان گڏ، گهٽ رقم چارج ڪري ٿو. سئي ۽ ٿيلھي هن جي ڊاڪٽريءَ ۾ ڄڻ آهن ئي ڪونه، پنائي ڇڏيو آهي، ڊاڪٽرن ماڻھن کي، ٿيلھيون چاڙهي ۽ مھانگيون دوائون تجويز ڪري، منھنجا مائٽ دوا لاءِ هتي ايندا آهن، جيڪي پئسا گهران آڻيندا آهن، اُهي کٽي پوندا اٿن، منھنجي ڀاءُ مشتاق منگيءَ کان اوڌرا وٺي پورت ڪندا آهن. ڊاڪٽر محمد يوسف ۽ ڊاڪٽر خليل احمد ڪٽپر لاڙڪاڻي اسپتال ۾ نئون ديرائين جي مدد ڪندا آهن. اُهي ڳالھيون به چڱيون آهن.
شل! ڊاڪٽر خليل الله صاحب، جيڪو سٺو آفيسر، دوستي، ڪچھري ڪندڙ ۽ سٺو مطالعو ڪندڙ آهي، اهو به وڏي ڀاءُ جي نقشِ قدم تي هلي مسڪينن ۽ غريبن جي خدمت ڪري ته وڌيڪ محبت ۽ عزت جي لائق بڻجي پوي. خلق خدا جي خدمت کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي عبادت، افضل آهي ؟
ڊاڪٽر خليل الله پنھنجي والد صاحب جي حوالي سان ٻڌائيندو آهي ته، “حڪيم صاحب چوندو آهي ته مرندڙ مريض کي دوا ڏئي اسان حڪيم، ان جي مالڪن کي تاڪيد ڪندا آهيون ته، هن کي وڃي گهر رهايو، هن جون خواهشون پوريون ڪريو. هروڀرو هيڏي هوڏي روليوس نه، هن سان ڳالھيون ڪريو. هن لاءِ دعائون گهرو ۽ خواهشون وغيره پوريون ڪريوس.” پر اڄوڪا ڊاڪٽر، خاص ڪري ميڊيڪل سينٽر، ٿيلھيون، سيون، دوائون ۽ ڪمرن ۾ رهائي، مريض جي مالڪن جا ٽپڙ وڪڻائي، پئسا وٺي پوءِ کين لاش ڏيندا آهن. ڪيڏو سچ چوندو آهي، شھر جو جهونو بزرگ شھري.
اهي ڳالھيون آهن تعليم ۽ صحت جون. مان چوندو آهيان، ٻئي (ويلفيئر ڊپارٽمينٽ) خدمت ڪندڙ کاتا آهن ۽ ٻئي تباهه آهن. ٿاڻي، ڪورٽ ۾ ٽيڪس وغيره کاتن ۾ ۱۰ سيڪڙو ماڻھو به ڪونه ٿا وڃن پر صحت ۽ تعليم سان سڄي قوم جو واسطو آهي. پرائيويٽ اسڪولن ۽ صحت جي سينٽرن لاءِ رقم گهرجي. اُها غريب قوم ڪٿان آڻي؟ حلال جي ڪمائيءَ وارا ته پھچي ڪونه سگهندا.
شيخ صاحب جي حوالي ڏيڻ ڪري ٻيا شھري جيڪي عزتدار ۽ ايماندار آهن، اهي ناراض نه ٿين. مان مڃان ٿو ته ڪافي خاندان محنت ڪري جيئندڙ آهن، پر جن ٽي دفعا آئوٽ آف ٽرن، نوڪروين۽ فائدا ورتا آهن، اُهي هن شھر جي سنڀال ڇو نٿا لھن، هتي هنن جي وڏن جون قبرون آهن، لکن ۽ ڪروڙن ۾ ٿا تورجن، هنن، هن شھر کي ڇو وساريو آهي. پنھنجي غربت جا ڏينھن ۽ گهٽين ۾ گهمندڙ، ڦرندڙ ڏينھن وسري ويا اٿن. قاضي، کھڙا، ڀٽا، سڀ سکڻين هٿين هليا ويا، غريبن جو حق ڇو نٿا ادا ڪن، انسانيت جي خدمت ڪندا ته هنن جي وقار ۾ اضافو ٿيندو، اڪيلو جيئڻ ته، ماڻھپي کان پري ڪري ٿو.
۷۰-۱۹۶۹ع ۾ ڪجهه دوستن، فلسطينين جي جدوجھد کان متاثر ٿي، ياسر عرفات جي “الفتح” نالي سان الفتح اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ٺاهي سون. مرحوم امداد علي سومرو، غلام حسين ڪٽپر، عبدالغفار ڀٽي ۽ ٻيا گڏ هئا. لئبرري هلائي سون. امداد علي سومرو منھنجي قومپرستيءَ جو ساٿي هو. ٽنڊي ڄام جو گريجوئيٽ ۽ ڍورن جو ڊاڪٽر هيو. اسڪالرشپ تي آسٽريليا مان ٿي آيو هو. آمريڪا ۽ يورپ جي اسڪالرشپس کان ان ڪري محروم رهيو جو هن وقت حق، ميرٽ ۽ سينيارٽيءَ کان سواءِ ڪا سياسي سفارش نه هئي. هنن جي فيصلي سان ٽريجڊي ٿي. باءِ پاس تي گاڏي بيھاري، مون سان ملندو هو. تڪڙي جيڪو ڪجهه هوندو هو ته اهو کائيندو هو، نه ته ٿڌو پاڻي پي، کلندو موڪلائي هليو ويندو هو. غلام حسين ڪٽپر ۽ ٻين سان پڻ ملي حال احوال وٺندو هو. عجيب طبيعت وارو جوان هو. ڊي جي سنڌ ٿيو هو ۽ ان پوسٽ تي رهندي، دل جي تڪليف ڪري وفات ڪري ويو هو. لاڙڪاڻي ۾ دفن ٿيل آهي. اتي تڏي تي جڏهن گلشن سان مليو هيس ته مان لڙڪن کي روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو هيس.
هن شھر ۾ نوجوانن لاءِ ڇا آهي؟ سواءِ ڀنگ، چرس، آفيم، هيروئن، ٽي وي، وي سي آر ۽ ڊش جي، ڪھڙو پليٽ فارم آهي، هو ڪيڏانھن وڃن؟ ڪير هنن کي صحيح دڳ ڏسڻ وارو آهي؟ مون کي به هاڻي نوجوان پٽڙا آهن، سڄو ڏينھن ڌيئن وانگر گهر ۾ ويھاريو ويٺو آهيان. هن شھر جا باقي نوجوان به هن کي پٽن وانگر پيارا آهن. پنج ماڻھو اڳتي اچن، مون وانگر سوچن، بغير سياست ۽ ووٽن جي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. نوجوانن کي اخلاق، ذميواريون، علم، ڳالھائڻ ۽ تقريرن ڪرڻ سان گڏ جيئڻ جو ڍنگ سيکارڻو آهي. نه ته فحاشيءَ جي باهه سڀني درن تي آهي. جواني ديواني آهي، اها ڇڙواڳ ٿي ته جيڪو ڪجهه بچيو آهي، اهو به وڃائي ويھنداسي. نوجوان جي گلا ڪرڻ سولي آهي پر اسان واري نسل هنن لاءِ ڪيو ڇا آهي؟ ورثي ۾ ڇا ڇڏيو آهي؟ مون کي يقين آهي، هي نوجوان سٺو Response ڏيندا. بغير پئسن ۽ خرچ جي به سڀ ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. مٺن ٻولن ۽ محبت ۾ جادو آهي. مون کي تجربو آهي، اعتماد آهي تڏهن ته اهي ڳالھيون ڪيان ٿو. مون کي حيرت آ عبدالغفار ڀٽي به هن شھر مان هٿ پٽي ويو آهي. ٻين کي ڇڏي، هن کي نه صرف ميار ڏئي سگهجي ٿي پر سرور ناريجي جي سامھون جهيڙو به ڪري سگهجي ٿو. شل! ڪو واءُ وري .... “نام ديو” ديوان جو به هن شھر ۾ سٺو ڪردار رهيو آهي. جتي مسلمان ڪنڊائتا ٿي ويا آهن، اتي هو ديوان به ڇا ڪري ؟
هاءِ اسڪول نئون ديري ۾، مان جي ايس ٽي هيس، هڪ دفعي مٿي ماڙ تي ڪلاس وٺي، هيٺ لھي آياسي ته خبر پئي ته، سائين اختر علي اويسي ۽ غلام اڪبر صاحب، پاڻ ۾ اٽڪي پيا آهن.محمد پنھل قادري، جنھن جي سامھون، سڀ ڪجهه ٿيو هو، ان ۽ ٻين استادن احوال ڏنو. مشتاق علي خان ڀٽي جي پڙهندڙ پٽن جي ڪري، اهو سڀ ڪجهه ٿيو هو. سائين اختر عليءَ، هنن کي ڪا هدايت ڪئي، جنھن تي سائين غلام اڪبر ناراض ٿي پيو هو ۽ اويسي صاحب سان منھن ماري ڪئي هئائين .
آخر ڳالهه وڃي اتي پھتي ته هيڊ ماستر اويسي صاحب مڃيو ته غلام اڪبر صاحب، پنھنجي غلطي تسليم ڪري آفيس اچي ته مان هر ڳالهه ڇڏي سائين اويسي صاحب، اسان مان ڪنھن تي ڪيڏو به ناراض هوندو هو ته، صرف ايترو چوندو هو ته، “ادا! اها اوهان جي بيواجبي آهي” هن جو مھذب پڻو، اخلاق ۽ ايمانداري مان ڪنھن ٻي آفيسر ۾ نه ڏٺي .
سائين محمد علي سومرو، روشن علي بلوچ صاحب، محمد سومر بلوچ ۽ محمد پنھل قادريءَ ته سائين غلام اڪبر کي ڏاڍو سمجهايو پر سومرو صاحب “ننھن کي نوَ ڪوٽ” ڏئي بيھي رهيو.
وڏي آواز ۾ چوندو رهيو ته هيڊ ماستر کي جيڪي ڪرڻو آهي اهو ڪري، مان آفيس ۾ هلي ٺاهه نه ڪندس. ٻه عزت مآب انسان آمھون سامھون ٿي بيھي رهيا، مون کي ياد آهي، اويسي صاحب به ڦاسي پيو هو. هو بلڪل نه پيو چاهي ته ڳالهه آفيسرن تائين پھچي. اصل ۾ بنيادي طرح ڪا وڏي خراب ڳالهه “بنياد” ڪونه هئي. اهڙا مسئلا ته شاگردن، استادن ۽ هيڊ ماسترن جا ٿيندا رهندا آهن .
انتظام، ضابطن ۽ اخلاق وارا ڏينھن هئا، مٿي آفيسر به چڱي انتظام خاطر، هيڊ ماسترن جي پاسي هوندا هئا. هيڊ ماسترن جي عزت ۽ ادارن جي وقار خاطر هنن جي مدد ڪندا هئا. هھڙو، “جھان خان” وارو دور ڪونه هيو.
سائين غلام اڪبر Relieve ٿي ويو. نه الوداعي، پارٽي ۽ ٻيو ڪجهه صفا Un-ceremonial سڀ ڏکوئجي ويا هئاسي. سائين جنھن اسڪول ۾ بدلي ٿي ويو، اتي به بھتر ڊيوٽي ڏئي نه سگهيو ۽ سسپينڊ به ٿيو هو.
سائين غلام اڪبر سان سالن جو ساٿ رهيو. سنجيده ترين انسان هيو. ههڙو روپ، مان هُن جو ڪڏهن نه ڏٺو هو. هُن جا ڪجهه ڪليگس، سائينءَ جي نوجوانن ۽ غصي بابت ٻڌائيندا هئا. پوءِ به هن جي بغاوت ۾ ايڏي سگهه، مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو.
پُڇي پاڙي واريون، ڪوهه ڪريندو ڏَمُ،
هي سِسي، ساهه ۽ چـَمُ، گهوريو ميھر يار تان.
(شاهه)
ڪجهه وقت کانپوءِ ملندا هياسي ته اُها ئي سنجيدگي، مُرڪ ۽ پنھنجائپ، نه شڪايت ڪندو هو ۽ نه وري ڪنھن جي گِلا، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هو. ڇيڙڻ تي مختصر جواب ڏيندو هو.
هڪ دفعي سيارو هجي، رستي تي ملي ويو، پڇيومانس ته، “ڪٿي آهيو؟”
“ابا! ڪراچيءَ ويو هيس،”
“سائين! ڪجهه ڪوٽ وٺي آيا آهيو؟”
“يار! ڏاڍا سستا ڪوٽ هئا. سو سنگت لاءِ وٺي آيس. سڀ ورهائي ڇڏيا آهن.” هن جواب ۾ چيو.
“توکي ڪنھن ٻڌايو؟” هن پڇيو هو.
“دوست دلبر” مون کيس جواب ڏنو هو. دوست محمد لوهر (عباسي) هاءِ اسڪول جو ليبارٽري اٽينڊنٽ هو. مرڪندڙ چھرو، هر ڪم ۾ صرف “ها” سڄو ڏينھن کلندي، ڳالھائيندي پيو. استادن جا اسڪول ۾ ڪم ڪندو رهندو هو. سائين ليبارٽري ۾ پنھنجو ڪم ڪري ٻين جي حصي جو به ڪم ڪندو رهندو هو. ڪٿان ڳوليان اهڙا ماڻھو، اُڏامي هليا ويا. عجيب قادر جي ڪائنات آهي. هن کي اولاد به ڪونه هئي .
ان وقت سائين غلام اڪبر سسپينڊ هو ۽ پگهارون به بند هيس. هن جي ايتري پي آر هوندي هئي جو هميشه ڪراچيءَ سنگت سان ڪارن تي ويندو هو. اتي بنگلن تي کائڻ پيئڻ، ڪچھري، هفتن جا هفتا، انھن سان رهي پوندو هو. سندس واسطي وارا شايد عرضي ڀٽو ڳوٺ، تعلقي ميروخان جا هوندا هئا. هن کي گهر ۽ اولاد جو فڪر ۽ ڳڻتي ڪونه هوندي هئي. فڪر هوندو هيس ته “غريب موالين جو” هن جي لڏي ۾ صوفي ۽ قاضي صدرالدين جھڙا ڪافي خوشحال، پڙهيل نوجوان به هوندا هئا. سڀني کي پنھنجو وقت ڏيندو هو. گهاڙ جون هوائون، ٿڌڪار، ڇنڪار، صفايون، گلڪاريون، وڃي ڪو ڏسي ته مولائن جا آستان، مٽيءَ مان مھڪ پئي ايندي. گهور پيا ٿيندا، نون آيل مھمانن تان ڪا جاءِ نه لڀندن جتي جن کي انھن کي ويھارن. تڏو کڻي ايندا. رليون وڇائيندا. “حال حبيبان، پيش پريان” مزو ايندو هو سائينءَ وارن سان ويھندي. اصل دل ئي نه چوندي هئي گهر وڃڻ تي. بنگلن ۽ ڊرائنگ رومن ۾ منھنجو ساهه منجهندو آهي. غريبن جي رت جي بوءِ ايندي آهي. ڀڄي نڪري ايندو آهيان. ٻاهر نڪري وڏا ساهه کڻندو آهيان.
مان “ماستر” هجڻ جي ناتي “ٽي ٽيچرس ٽريننگ ورتيون آهن. Best Teacher تي انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪافي مضمون، مقالا ۽ استادن جا ليڪچر ٻڌا آهن، ان سان گڏ ڪافي “رفريشر” ڪورس به ڪيا آهن. پر مون کي اڄ به اهو احساس آهي ته مان سائين غلام اڪبر سومري ۽ ان ٽھيءَ جي استادن جھڙو ٿي نه سگهيو آهيان هو سچا پچا Nation Builder هئا. هو منھنجي استادن جي عمر جو هو. تعليم بابت سوين وصفون، يورپين ٿنڪرس جون آهن. جن مان هڪ آهي ته:
“Education means change in behavior”
سنڌ ۾ تعليم پرائيندڙن جو اهي، اٽالن، ٿاڻن، ڪورٽن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ سڀني ادارن ۾ پڙهيل ماڻھن ۾ تعليم جيڪا تبديلي آندي آهي، اُها اسان سڀني جي آڏو آهي، هي پڙهيل ملازم، مسڪينن جي ٽئڪس تي ٺٺ ٺانگر ٿا ڪن. قيامت ڏينھن الائي ڪيئن پنھنجي مڃيندڙ “خدا” کي جواب ڏيندا؟
مون کي والدين نه پر سائين غلام اڪبر جھڙن استادن پڙهايو. گهر وارن کي خبر ئي نه هوندي هئي ته بآر ڪيئن ٿا پڙهن. مون کي انھن جي عظمت، اخلاق، همدردي ۽ علمي قابليت ياد آهي مون کي مليشيا ڊريسون هر سال ميرٽ ڪلاس ٽيچر، هيڊ ماستر کان وٺرائي ڏيندا هئا. سلائي به اسڪول ڀريندو هو. اهڙو انصاف وارو دور اکين سان ڏٺوسين. ڇاجي سفارش يا ياري باشي. هڪ دفعي بابي اٺين درجي ۾ ماکي ۽ مکڻ هڪ استاد کي ڏنا. مون کي ياد آهي، اُن ڏينھن استاد ڏاڍو ڪُٽيو هو. هٿن ۾ ساوا ۽ ڪارا داغ ٿي پيا هئا. ٽيچر ٿيس. سالن کان پوءِ سمجهه آئي ته ان استاد ماکي ۽ مکڻ حلال ڪرڻ خاطر ٻن جي بجاءِ پنج لڪڻ هنيا هئا. اڄ جي دور ۾ ڪو ايئن ڪري ته ٻه لڪڻ به معاف ٿي ويندس. اهڙا فرشتا، نيڪ ۽ غريبن جا هڏڏوکي استاد هئا. پنھنجي اولاد ۾ جيئڻو اٿو ته بغاوت ڪريو. سوشل ڍانچو تبديل ڪريو. هن شھر کي غنڊن بدمعاشن ۽ جاهلن کان بچايو. ڪجهه ڪونه ٿيندو. پنھنجي نسلن کي بچايو. پبلڪ جي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ غليظ، بيڪار، لالچي ۽ مفت ۾ پگهارون کڻندڙن کي تبديل ٿيڻ تي مجبور ڪيو. سرڪار ڪجهه نه آهي. پاڻ سرڪار ٿيو. توهان جي ٽئڪسن مان هو ٻچا ٿا پالين. هنن کان ڊڄو ڇو ٿا. هڪ پنو، پريس جو بيان، هڪ ميڙ، هڪ جلوس جي دٻ به جهلي نه سگهندا. فائول طريقا ڇڏي صرف مھذب طريقن مان به سڀ ڪجهه ممڪن آهي .
مان خوشنصيب آهيان جو، غلام اڪبر مرحوم، استاد حبيب مرحوم دوست محمد عباسي مرحوم، دل مراد مرحوم ۽ ٻين اهڙن کي سڃاڻان، دلمراد زماني جو ماڻھو هيو. هن کي ڳالهه ٻڌائڻ جو وڏو فن هو. اسڪول ۾ بئنچ تي ويھي ڪچھري ڪندا هياسي. نئون ديري جي دانشورن ۽ اديبن کان وڌيڪ ڏاهو ۽ سماجي سڌٻڌ رکندڙ هيو. ماڻھو گريڊن ۽ دولت سان نه پر ماڻھپي سان سڃاتا ويندا آهن .
مان ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته، منھنجي سوشل لائيف جي پڙهيل لکيل دوستن کان اهي سڀ کان وڌيڪ مون کي ان ڪري پيارا آهن جو هو “ماڻھوءَ آزار، نه هئا. هنن وٽ ڏيڻ لاءِ ڌن دولت نه هو پر قرب ۽ عزت وڏي ڏيندا هئا. اها اهڙي مايا آهي جو کپائڻ سان کٽندي ئي نه آهي. انساني همدردي ۽ خلوص جا ٻه ٻول، وڏي مرهَم آهن. مان ڪافي اهڙن ماڻھن کي سڃاڻا تڏهن ته مالڪ جي ڪرم ۽ انھن جي دعائن سان پنھنجي خيالن، سوچن ۽ آدرشن سان جيئان ٿو.
مون کي منھنجا همدرد چوندا آهن، تنھن جو طريقه ڪار غلط آهي. سادو جواب آهي، لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ پير ڳوٺ وارو روڊ وٺبو نه، پنجوديرو وارو روڊ وٺي لاڙڪاڻي ڪيئن پھچبو!؟ مون کي خبر آهي ته سوشل ورڪ ڪرڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي. ماڻھو ان کي “حڪمراني” سمجهي ڪندا آهن. اهو ئي فرق آهي هنن ۽ مون ۾. هو مرتبي جا بکيا، پيٽ جا پوڄاري، داداگير ۽ انسانيت دشمن آهن. هو ائين سوشل ڪم ڪندا آهن. جيئن هيروئن کپائيندڙ خيراتي اسپتال هلائيندو آهي. هو اخبارن ۾ نالا ۽ ڦوٽو ڇپرائڻ لاءِ عھديدار بڻيا آهن. تنظيم کي تباهه ڪندا آهن، پر عھدا نه ڇڏيندا آهن .
جڏهن مان ابن خلدون ۽ سماجيان جي مختصر مضمونن کي پڙهيو ته سمجهيو ته سوشل ورڪ، کٽڻ وارو ڪم نه آهي. هڪ ماڻھوءَ يا ٿوري عرصي جو ڪم نه آهي. هِن ڪم لاءِ ٽيم ورڪ، جذبو ۽ حياتيون گهرجن .
اهو ئي سبب آهي جو “مدر ٽريسا” ايڌي ۽ نيلسن منڊيلا وغيره سنڌ پيدا ڪري نه سگهي آهي. هتي اسان جلد ٿڪجي ۽ بيزار ٿي پئون ٿا.
يورپ جتي آهي اُتي پھڄڻ ۾ هنن جي دانشورن، حڪمرانن ۽ فردن جي سون سالن جي ذلتن، تڪليفن ۽ پيڙائن کي سھڻ ۽ سمجهڻ جو نتيجو آهي. هنن تعليم، ريسرچ، اخلاق ۽ انصاف جي بنياد تي هنن پنھنجو معاشرو اڏيو آهي. اسان وٽ عملي ڪم ته پري رهيو پر سوچون به پيدا ڪونه ٿيون آهن .
آخري دفعو جڏهن سائين غلام اڪبر سان مليو هيس ته ڪجهه کائڻ پيئڻ سان گڏ رهاڻ به ڪئي هئي، موڪلائيندي دعوت ڏني هئائين ته “تارن جي علم ۽ حقيقتن” تي ليڪچر ڏيڻو آهي. چانھهه ۽ بسڪيٽن جو انتظام آهي، سو اچجو” افسوس ! مان وڃي نه سگهيو هيس. ياد رهي ته عمر خيام وڏو تارن جي علم جو ماهر هو. ۱۸ سال ريسرچ ڪري موجوده ڪئلينڊر تيار ڪيو هئائين. هو وڏو شاعر به هو. هن جون رباعيون مشھور آهن. مان سنڌي ادب جو مختصر مطالعو ڪندڙ آهيان. پر اڄ لاچار آهيان. پنھنجون انائون ۽ بت ٽوڙي، اردو ادب جو سھارو ٿو وٺان ته جيئن قلندر مرد سان قلمي انصاف ڪري سگهان.
خود پياس کا صحرا هون،
مگر دل کي ضد هي،
پهر دشت پر ساون کي طرح
ٽوٽ ڪي برسون. (نامعلوم)
سائينءَ جي فطرت ئي اهڙي هئي، يا زماني جي لاهين چاڙهين تراشي هن کي “انسان” بڻايو هو. مان فيصلو ڪري نٿو سگهان. هو ڏکويل هيو. هن جا پئسا اڏامي ويا هئا. ٻچڙن هن کي سک نه ڏنو هو. پوءِ به اطمينان ۽ منھن تي مرڪ. هٿ وٺي حجت سان ويھاريندو هو ته ننھنڪر ڪري نه سگهندو هيس. جلدي هوندي ته به اهڙي انداز سان جند ڇڏائيندو هو جو اسان به راضي ٿي ويندا هئاسي .
هڪ دفعي سڙيو پچيو پيو هيس. سائين گڏجي ويو. هٿ ملائيندي پڇيو مانس: “سائين ڪيڏا نه عذابن ۾ آهيون! ڇا ڳالهه آهي؟”
“ابا ڏاڏي آدم ۽ ڏاڏي حوا جيڪا بھشت ۾ خطا ڪئي هئي اسان ان جي اولاد هئڻ جي ناتي Punishment ۾ آهيون.”
سائين! ڏيو منھن!! کڻي اچو پنھنجا فلسفا ۽ منطق، ڪيڏو وڏو سوال ڪيڏو سادو پر ڀرپور جواب.
هو اسان جي شھر جو صحيح معنى ۾ فلسفي پڙهيل لکيل ۽ انسان دوست هو .
ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جا هزارين اهڙا ذميوار، بااخلاق، هوشيار، ذهين، محقق، تاريخدان، اديب، شاعر ۽ سوشل ورڪر استاد، سنڌي اسڪولن ۾ نوڪري ڪندا هئا. ۱۹۷۵ع کان وٺي کاتو خالي ٿيڻ شروع ٿيو آهي. هاڻي، علم، عرفان، سليقو ۽ ڏاهپ ورهائيندڙ اداري ۾ ”ڪنگ“ ٿا رڙن ڳولڻ سان به ڪو عالم، اسڪالر ۽ با اخلاق ڪونه ٿو لڀي. پنجاهه اسڪولن جي هيڊ ماسترن مان پنجيتاليھه “فنڊ خور” آهن. جن جي چوڌاري بي ايمان، لالچي، ڪوڙن ۽ مڪار ماسترن جي لوڌ آهي جيڪي فائيلن جو پيٽ ڀريند ارهن ٿا. باقي پنج ايماندار، لڪندي ۽ منٿون ڪندي نوڪري ڪن ٿا. ايمانداري هنن لاءِ عذاب بڻجي پئي آهي. سائين غلام اڪبر جھڙا پگهار تي پيٽ ۽ ٻچا پالڻ وارا ڪونه ٿا ملن. وڏن اسڪولن ۾ ڪو پڙهائي ٿو ته صرف ٽيوشن خاطر، پگهارن تي پڙهائيندڙ ماستر مري ويا. استادن جا مشغلا، علم جي بجاءِ ڏاڍ مڙسي، داداگيري ۽ تنظيم سازي وڃي رهي آهي. مزي جي ڳالهه ته شاگرد به انھن کي چاهين ٿا. پڙهائيدڙ استاد کي هو هو ڪونه ٿا ڀائن. هو پڙهڻ. سکڻ ۽ اخلاقي پابندين کان جند ڇڏائي ويا آهن. والدين هنن کي ذاتي توجھه ڏئي پڙهائن، باقي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪجهه ڪونه آهي. ڏهن هزارن کان پنجيوھن هزارن تائين پگهار کڻندڙ پاڻ کي معاشري جو نظرانداز ٿيندڙ طبقو ٿا سمجهن .
جيڪڏهن پنھنجن پٽن، پوٽن (اولاد) کي تعليم ڏيڻي اٿو ته حڪيم سعد الله شيخ صاحب وانگر، پنھنجن ٻالڪن تي توجھه ڏيو. مون کي ذاتي طور تي خبر آهي، تڏهن ته ڊاڪٽر خليل الله سان ريس ڪندو آهيان.
محبت مشڪ وانگر آهي، پنھنجي ٻچڙن سان محبت اٿو ته هنن سان محنت ڪريو ۽ تربيت لاءِ بھتر کان بھتر اُپاءَ وٺو .
سائين غلام اڪبرجون ڳالھيون ڪچھريون، يادگيريون، منھنجي لاءِ سرنھن جي وڻ جي گل ۽ ٻور مان نڪرندڙ هڳاءَ ۽ مينديءَ جي مھڪ وانگر آهن. الله پاڪ هن جي روح تي رحم ڪري.