مرحوم پروفيسر نذير احمد سومرو اديب، نقاد ۽ دوست
اڄ مـــڙئي ســـور ڪجهه ســوايو آ
لاڙڪاڻي کان ايندڙ نئون ديري واري بس تي ڪيهرن کان، گهر ڏانهن موٽي رهيو هوس، ويٺل ماڻهن تي نظر ڦيرايم، پروفيسر صاحب جي فيمليءَ جو هڪ فرد به ويٺل هيو. کانئس سندس صحت بابت پڇا ڪيم.
“طبيعت بهتر ڪو نه اٿس، اڳي کان تڪليف وڌي وئي اٿس.“ هن جواب ڏنو. ٻئي خاموش ٿي وياسين. هو پيرڳوٺ اسٽاپ تي لهي ويو ۽ مان سوچيندو گهر پهتس.
شام جو اڪيلو، قدرت الله سان ملڻ لاءِ نڪتس. رستي تي مولوي عبدالرحيم صاحب مليو، ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻڌايائين؛ “سومري صاحب جي خبر پئي آهي، اوڏانهن پيو وڃان.“ ٻئي گڏجي قدرت الله سان ملياسين، پروفيسر صاحب جي در تي ٿورو انتظار ڪري، پردي ٿيڻ کان پوءِ گهر جي هڪ ڪمري ۾ پهتاسين. بيڊ تي ڪمبل پايون، پروفيسر صاحب سمهيو پيو هو. سندس پٽ، ٻانهن ۽ هٿن کي هلڪا زور ڏئي رهيو هئس. اسان صوفي تي ويهي رهياسين. هن اسان جي وجود جو ڪو نوٽيس ئي نه ورتو. سندس حالت “جعفر“ ڌامراهن واري شاعر جي هيٺين شعر جهڙي هئي:
“ڪجهه وقت لڙي، ڪا خبر ته لهو،
هــــــيءَ جـــــان جــــنــــجـــــل ۾ ٿي وئي آ،
بـــس هـــــڏن جـــو پڃــرو ڏسندين اچي،
ســـڄــــو خــــون ئــــي ڳڻتي پي وئي آ.
قدرت الله، پروفيسر صاحب جي ويجهو ٿيندي، اسان جا نالا وٺي کانئس پڇيو: “انهن کي سڃاڻو ٿا؟“ ڪنڌ سان بلڪل هلڪي هائو ڪيائين ۽ وري لاتعلق ٿي ويو. مطلب ته غشيءَ جي حالت ۾ لڳو، قدرت الله ٻڌايو: “ڪالهه کان اها حالت اٿس! ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه بهتر به ٿي وڃي ٿو ۽ ڪجهه لفظ به ڳالهائي ٿو.“
مولوي صاحب آيت الڪرسي پڙهائي، پاڻيءَ تي دم ڪرائي، پروفيسر صاحب کي ٻه چمچا پاڻيءَ جا پياري، چانهن پي موڪلائي واپس آياسين، اها پهرين ڊسمبر جي تاريخ هئي، جيڪو دوست گڏيو. اُن کي سومري صاحب لاءِ دعا ڪرڻ لاءِ چيم.
اسان جي ملڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ رٽائرمينٽ جي درخواست تي صحيح ڪري، ڪاليج پهچائي چڪو هيو. علاج لاءِ وري مائٽ ڪراچيءَ کڻائي ويس ۽ واپس موٽائي آيس.
اٺين ڊسمبر ۲۰۰۵ع تي هن جي وفات جو اطلاع مليو. اوڙي پاڙي وارا، دوست احباب ۽ شهري گڏ ٿياسين. مرحوم جون ڳالهيون، جنازي نماز ۽ ڪفن دفن کانپوءِ دعا گهري موڪلائي هر ڪو پنهنجي ماڳ موٽي ويو.
دنيا هل چل جو جهان آهي، هر ڪو هلندو، پر جنهن جهڳيءَ مان ڪو اڪيلو ڪمائيندڙ لاڏاڻو ڪري ٿو وڃي ته ان گهر ۾ قيامت کان اڳ قيامت اچي وڃي ٿي. وڃڻ وارو ته هليو وڃي ٿو پر جيئڻ وارا ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ٿا ڏسن. هر ڪو پنهنجيءَ ۾ پورو، ڪير ڪنهن جي سار لهي؟! بس اُٺ پکيءَ واري اسان جي زندگي آهي.
مرحوم جو گهر به مالي مشڪلاتن ۾ هوندو، جيستائين وڃي هن جي رٽائرمينٽ جا ڪاغذ مرحلن مان گذرن.
۶۹-۱۹۶۸ع ڌاري صبح جو سوير ڪراچي ايڪسپريس ذريعي لاڙڪاڻي ڪاليج پڙهڻ ويندا هياسين ۽ شام جو روهڙي پئسنجر تي موٽبو هيو. سڄو ڏينهن غرق ٿي ويندو هو. ڪو روڊ ۽ بس نه هوندي هئي. سانوڻ جي موسم تڪليف ۾ گذرندي هئي. جناح باغ ۽ اسٽيشن، اسان شاگردن جو ٺڪاڻو هوندو هو. غربت جو زمانو هيو، پئسا ڪو نه هوندا هئا پر مرڪ، ٽهڪ ۽ محبت اسان سڀني جو خزانو هيو. تنهن ڪري فڪر ڪو نه هوندو هيو، سڀ خوش هوندا هياسين.
محمد شريف ملڪ، قاضي راهب علي، قمرالدين قادري ۽ ٻيا پير ڳوٺ جا شاگرد ۷۱-۱۹۷۰ع ۾ اچي مليا. محمد شريف ۽ قادريءَ جي عزت ۽ خلوص جي ڪري هنن سان منهنجي ويجهڙائي وڌندي رهي. پروفيسر صاحب جا تمام ويجها ۽ گهاٽا يار هئا. هو اسان سان گڏ نه هوندو هو، سينيئر هو. موڪل وارن ڏينهن ۾ نئون ديري انهن سان گڏ هوندو هو ۽ اتي ئي پروفيسر صاحب سان پهرين واقفيت ٿي. تعارف ۽ ٻه ٽي دفعا ملڻ کانپوءِ، مون محسوس ڪيو ته، سومرو صاحب مون مان خفا آهي، مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو آخر تنگ ٿي شريف ۽ قادريءَ سان اهڙي ڳالهه ڪيم ۽ هنن سان نئون ديري ۾ ويهڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ کان لنوائڻ لڳس. هنن گهڻو سمجهايو پر مون ۾ ڪا تبديلي نه آئي. باقي لاڙڪاڻي گڏ هوندا هياسين يار جو ياريءَ سان ڪم....
ان دور جا دوست، ڪي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ليڪچرار ٿيا پر اسان فيليوئرس جي گهڻائي “ماستر“ ٿي وياسين. جيئڻ جي ضرورتن ۽ نوڪرين سڀني کي ڪک پن ڪري ڇڏيو.
بعد ۾ ڀٽي صاحب جو دور آيو، اسان ماسترن مان ڪافي آفيسر ٿي ويا. نوڪرين جا اصل واهڙ وهڻ لڳا.
محمد شريف ميرٽ تي انگلش جو ليڪچرار ٿي ويو. قمرالدين قادري فيملي پلاننگ ۾ آفيسر ٿي ويو، ڪي ڪسٽم، ڪي فوڊ، ڪي پوليس، ڪو بئنڪ، ڪو ڪٿي ته ڪو ڪٿي. اسان نئون ديري وارن جي ڪنهن تي فلڪ ئي ڪو نه پوندي هئي، اسلام آباد اسان جو ٿي ويو هو. نوجوان راتو رات نوڪرين جي ڪري اهميت وٺي ويا هئا ۽ پراڻا پڙهيل ۽ نئون ديري جا چوٿان پاوا هنن سان هلڪو حسد رکڻ لڳا. جيڪا فطري ڳالهه هئي.
قمرالدين قادري ۽ پروفيسر نذير احمد کي ڀٽو صاحب ذاتي طور سڃاڻندو هيو، ڇو ته اليڪشن کان اڳ ۾ هو ٻئي ڄڻا ڏينهن جو ووٽر لسٽن ۽ پولنگن جو پيپر ورڪ بنگلي تي ڪندا هئا. پروفيسر نذير احمد ٽيچر مان ليڪچرار ٿي ويو. محمد شريف خوشحال گهر جو نوجوان، سهڻو، مهذب ۽ ذهين هيو. ان وقت ڪوٽ سبائي پائيندو هو. قمرالدين وري گاريل، تجربيڪار ۽ قلندر ماڻهو، ٻنهي جي مان ويجهو هيس، ڇو ته وفادار ۽ مخلص هيا. هڪ دفعي محمد شريف چيو ته “يار! سومري صاحب جو روپ اهڙو آهي پر دل ۾ ڪا نه اٿس، هن کي ڏسي ڀڄي نه ويندو ڪر، هو چڱو ماڻهو آهي، مون تي اعتبار ڪر. قمرالدين به ميار واري انداز ۾ چيو ته هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ته ملون ٿا سو اسان جي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيندو ڪر. اهڙي نموني آهستي آهستي اسان هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ شروع ڪيو.
پروفيسر نذير احمد صاحب ۱۹۴۹ع ۾ پير ڳوٺ نئون ديري ۾ ڄائو، سندس والد عبدالحميد صاحب علائقي جو بزرگ استاد هيو. نذير صاحب هتي ئي پڙهيو ۷۰-۱۹۶۹ع ۾ وارهه ۾ (جي ايس ٽي) جو نئون سيڪنڊري ٽيچر ٿيو، اتان بنگل ديري بدلي ٿي آيو، فيبروري ۱۹۷۵ع ۾ دادو ڪاليج ۾ ليڪچرار پوليٽيڪل سائنس جو مقرر ٿيو. استاد بخاري اڳ ۾ ئي اتي استاد هيو، نئون ديري جو عبدالڪريم مڱريو صاحب ۽ لاڙڪاڻي جو مرحوم دين محمد تنيو صاحب به اتي ليڪچرار مقرر ٿيا. اسدالله شيخ صاحب، جيڪو سومري صاحب سان گڏ پڙهيو اهو به دادو ڪاليج ۾ اڪنامڪس جو ليڪچرار مقرر ٿيو هيو.
نئون ديرو ۾ پير ڳوٺاڻن کانپوءِ هن جو ويجهو دوست نذير احمد پيرزادو مرحوم هيو. مان اڪثر ڏسندو هيس ته ٻئي گڏجي ڪنهن ڪنڊائتي هوٽل تي ويهي چانهيون به پيئندا هئا ۽ رهاڻيون به ڪندا هئا. پيرزادو صاحب ۽ مان هاءِ اسڪول ۾ گڏ نوڪري ڪندا هياسين، بعد ۾ پيرزادو صاحب لاڙڪاڻي لڏي ويو ۽ سروس دوران فوت ٿي ويو، کيس نئون ديري ۾ والدين جي ڀرسان دفنايو ويو.
ڊاڪٽر سليمان شيخ سگا واري سان هلال پاڪستان اخبار ذريعي تعارف ٿيو. سومرو صاحب، مان ۽ غلام حسين ڪٽپر گڏجي سگا جو بنياد وڌو، ان وقت نئون ديري ۾ پنجويهه گريجوئيٽس اسان کي نه مليا هئا، جنهن ڪري بئنڪن جي مينيجر وغيره کي ميمبر ڪري عهديدار ۽ ورڪنگ ڪاميٽي چونڊرائي سون.
قمر الدين قادريءَ سان ملڻ جلڻ گهٽجي ويو. محمد شريف ليڪچرار شپ ڇڏي، اسٽيل مل ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو ۽ هميشه لاءِ ڪراچيءَ شفٽ ٿي ويو. ڪجهه وقت ٺيڪيداري به ڪيائين، پر نقصان ٿيس. هاڻي به ڪراچيءَ ۾ آهي خبر پئي آهي ته پروفيسر صاحب جي عذر خواهيءَ تي به نه پهچي سگهيو آهي، لساني هنگامن ۾ قمرالدين قادريءَ ۽ سومري صاحب، هن سان ڏاڍو نڀايو هيو.
هو هميشه ڀٽي صاحب جو شيدائي رهيو ۽ هن جي سحر ۾ وڪوڙيل رهيو، ضياءَ دور ۾ خاص ڪري اليڪشن جي ڊيوٽين دوران مخالفن جي درخواستن تي تڪليفون به آيس پر مالڪ بچائي ورتس. جنهن جو پنهنجو جهان، ڌرتي، ميرا ماڻهو ۽ پنهنجا منطق جيڪي اڄ ڏينهن تائين سنڌين جي اڪثريت قبول ڪري نه سگهي آهي.
وقت، عمر، اعتماد ۽ تجربن جي لاڳاپن کي مضبوط ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي ضرورت محسوس ڪرڻ لڳاسون.
مان رول ماڻهو، ڪلاڪ ٻن کان وڌيڪ هڪ هنڌ ويهي نه سگهندو آهيان، ڊيوٽي به عذابن سان ادا ڪندو آهيان. بس چانهن پي شهر جي ويران ويڪرن رستن تي ٽولا ٺاهي گهمندا رهندا هئاسون. خاص ڪري سانوڻ جي چنڊ جي روشن راتين ۾ ته ڦلپوٽن تائين دادوءَ جي پل تائين هليا ويندا هئاسون، ڏاڍو مزو ايندو هو. رات جي خاموشيءَ ۾ دادو جي پل جي دروازن منجهان زور سان گذرندڙ پاڻيءَ جو آواز، دل ۾ وڻندڙ خوف پيدا ڪندو هو. پل کان هيٺ چانڊوڪيءَ ۾ پاڻيءَ جي گج ۽ وهڪري مان پيدا ٿيندڙ ڪن، عجيب نظارو پيش ڪندا هئا. دل چوندي هئي ته گهر واپس ئي نه وڃجي. رات جي سانت کي به پنهنجي تات ٿيندي آهي. رات جو روشنائي ۾ رلڻ ۽ ڀٽڪڻ ۾ مون کي اڄ به سرور ملندو آهي. اهڙي رومانس مان اڄ به جند ڇڏائي نه سگهيو آهيان.
سومري صاحب سان ڪيترائي دفعا اهڙيون ڳالهيون ٿيون. هو ڪڏهن به اسان سان روڊن رستن تي نه گهمندو هيو. گولڊ ليف جا سگريٽ تمام گهڻا ڇڪيندو هيو. ويٺي ويـٺي ٻه ٽي چانهيون پي ويندو هو، جيڪو مون کي عجيب لڳندو هو پر اظهار نه ڪندو هيس. اڄ به مان گهڻي چانهن پي نه سگهندو آهيان.
ڪو خوف ۽ ڳڻتي نه هوندي هئي، گهرن جون ذميواريون نه هئڻ جي برابر هيون. وڏڙا حال حيات هئا. ڌرتي ۽ آسمان اسان جا هئا، پنهنجائپ وارو احساس هيو. اسان جو شهر هيو، اسان ئي ان جا وارث هئاسون. هر طرح کان محفوظ هوندا هياسين. بدامني اڃا شروع به ڪا نه ٿي هئي. هيئن ڪڏهن سوچيو ئي ڪو نه هيو ته اسان جو شهر ڌاڙيل ڦريندا ۽ گهرن ۾ به ڊنل رهنداسون. (ياد رهي ته ڌاڙيلن ٻه دفعا نئون ديري جي سڄي بازار ڦري آهي.)
ڀٽي صاحب جي ڏنل نوڪرين جي ڪري، دوستن ۽ شهر ۾ وچولو خوشحال ڪلاس پيدا ٿيڻ شروع ٿيو هو. پهريائين ڪنهن کي وهم گمان ڪو نه هو پر آهستي آهستي غريب، غريب سان، خوشحال خوشحالن سان يعني ڪلاس سوسائٽي وجود ۾ اچي چڪي هئي. پر جڏهن به ملبو هيو ته لکين قرب هڪ ٻئي کي ڏبا هئا. ڀاڪر پائي ملندا هياسين ۽ ڏوراپا ڏيندي واڇون ٽڙي وينديون هيون. مرڪندي چپ پنهنجي جاءِ تي ئي ڪو نه ايندا هئا. ڪا مصنوعيت ۽ منافقي نه هوندي هئي. ماضيءَ کي ياد ڪري واڇون ٽڙي وينديون هيون. هن دور جهڙي مصنوعيت ۽ منافقي نه هوندي هئي.
ان سڄي دور ۾ سومري صاحب سان رابطو رهندو آيو. هو اردو ادب جا اهڙا ڪتاب پڙهندو هيو جيڪي هن جي هٿ ۾ هوندا هيا جن سان منهنجو لڳاءُ نه هوندو هيو. مان ٿورو پڙهندو هيس پر پنهنجي پسند مطابق پڙهندو هيس.
ايم آر ڊي تحريڪ ختم ٿيڻ کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ سانت ڇانئجي وئي. سنڌين جي وڏي قرباني، ميچوئر ٿي نه سگهي هئي. ٻي تبديلي ته پري رهي پر جنرل ضياءَ به برقرار رهيو.
نوڪري ڪرڻ مان ٿڪجي پيس، بي ايڊ ڪرڻ لاءِ سکر هليو ويس. آرام ۽ سڪون به حاصل ڪيم ۽ ڊگري به ورتم. ۸۸ع ۾ محترمه آئي، نئون ديري ۾ وري نظارا ڏسڻ لاءِ مليا. اسان نئون ديرائن جي ڪنهن تي فلڪ ڪو نه پوندي آهي ڇو ته هتي پنجاب جا چوڌري، سرحد جا خان ۽ بلوچستان جا سردار ڀٽي جي بنگلي ٻاهران ۽ اندر خوار ٿيندي ڏٺا. هاءِ ڙي نفسيات تنهن جا ڪم، ٽهڪ ڏئي ۽ اشارا ڪري بيٺل ايس پي ۽ ڪمشنرن کي ڊڪندي ۽ پگهر اگهندي ڏسندا هياسين. جي ڪنهن بيورو ڪريٽ تي نظر پوندي هئي ته پٺي ڏيئي منهن ٻي پاسي ڪري ڇڏيندا هئاسين. جنرل ضياءَ جنهن جي حڪومت دوران سگا تي پابندي وڌي وئي، بينظير ڀٽو جي دور ۾ سگا تان پابندي ختم ٿي. مان اڪيلو دادو ڪنوينشن ۾ وڃي برانچ بحال ڪرائي، ميٽنگ سڏرائي، تقريبن سڀني گريجوئيٽس کي گڏ ڪيو. ڪافي پئسا ميمبر شپ مان مليا هئا. بلڪل نون ميمبرن جي باڊي ٺاهي اسان سڀ پراڻا ميمبر ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۾ وڃي ويٺا هئاسون. مون ڏٺو ته سينيئر ميمبر صاحبان ناراض ٿي ويا آهن، اهي ٿورين ٿورين ڳالهين تي مون کي ڏنڀڻ لڳا، غلام حسين ڪٽپر ۽ پروفيسر منهنجي حق ۾ هوندا هئا.
“کُل شيءِ يَرجع اِلا اَصلہٖ“
هڪ ڏينهن غلام حسين ڪٽپر مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي. مان سگا کي الوداع ڪري اچي گهر ويهي رهيس. مون کي صرف هڪ ڏک رهيو، اهو هي ته مان سگا جي پليٽ فارم تان نئون ديري ۾ Free eye camp لڳرائڻ پيو چاهيان ۽ ان ۾ ناڪام ٿيو هيس.
بعد ۾ سگا وارن پروگرام ڪيا، Free eye camp لاءِ چندا ٿيا پر عملن ڪجهه ڪو نه ٿيو، آخر ۾ آفيس جي مسواڙ رهجي وئي ۽ اسد الله شيخ ۽ ٻين دوستن راڊون، هيٽر، ڪرسيون ۽ ٽيبلون وغيره ڏنيون هيون اهي ضبط ٿي ويون. برانچ اڄ به دائم ۽ قائم آهي.
پنهنجو شهر، اسان جي سنڌ ۽ سوشل لائيف بدلجي چڪا آهن. چڱيون شيون ڪنڊائتيون ٿينديون پيون وڃن، اسان جيئڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهيون، سڄو ماحول مٽجي چڪو آهي. هر هنڌ داٻو، خوشامد، بدديانتي، ڌاڙيل ۽ گروهي ڪلچر وڌي ويو آهي. سچائي، سادگي، ظلم کي روڪڻ، سچ ڳالهائڻ، محنت ۽ خلوص ڄڻ هن ڌرتيءَ جون ميراث ئي نه رهيون. انهن سوچن ۾ سائين قادري ۽ سومرو صاحب وڌيڪ ويجهو ٿي وياسون، جيڪڏهن ان مانڌاڻ واري دور ۾ اهي ٻئي شخص مون کي نه ملن ها ته، سخت مونجهاري ۽ تڪليف جو شڪار ٿيان ها. هيئن نه هجان ها، جيئن آهيان. ڊوهي دنيا کي خيرباد چئي، پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي رکڻ وارن کان گهڻو پرڀرو زندگي گذارڻ لڳس.
۲۰-۲۵ سالن جون وساريل دوستيون نيون ڪري، انهن ۾ محبت ۽ خلوص ڏسي وري خوش گذارڻ لڳس. مون کي احساس ٿيو ته پڙهيل ماڻهن جي اڪثريت مفاد پرست، داداگير، پيٽ پرست ۽ سازشي آهي، ان جي مقابلي ۾ غريب ماڻهو بغير ڊگرين وارو، ڏکن ڏولاون ۾ زندگي گذارڻ جو عادي، وري به ٻئي جي ڀلي لاءِ سوچي ٿو، “ڏئي نٿو ته ڏکوئي به ڪو نه ٿو.“ ميرا مٽيءَ هڻا پر اندر ۾ موتين جهڙا اڇا، اجرا ۽ چمڪندڙ، دنيا جي هر ڏک ۾ همدردي ۽ پنهنجائپ ڏيکارن ٿا. ائين مون ۾ زندگي ۽ ٽهڪ موٽي آيا هيا. ڇڻيل نم جي ٽارين ۾ جيئن نوان گونچ ڦٽندا آهن، ائين مون ۾ نئون اتساهه ۽ ولولو پيدا ٿيڻ لڳو هو.
ايڏيءَ ڊگهي تمهيد ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته اسان ٻئي مختلف مزاجن وارا ڪيئن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ هڪ ٻئي جي قريب کان قريب تر ٿيندا رهياسين. ٽيون هيو سائين محمد ايوب قادري. اسان جون پوسٽ آفيس نئون ديرو ۾ ڪچهريون ٿيڻ شروع ٿيون. الله ڏنو ٻوهڙو پوسٽ ماسٽر هوندو هيو، ۲ وڳي کان ۵، ۶ وڳي تائين اتي گڏ هوندا هياسين. پروفيسر لاڙڪاڻي نه ويندو هو ته اسان وٽ هوندو هو. ايوب قادري صاحب سيڪنڊري ٽيچر، پنهنجي ڳوٺ پنجو ديرو جو روح روان، سماجي ۽ هيلٿ ورڪر اسان جي علائقي جو جهونو سماج وادي انسان هيو. لينن، مائو ۽ دنيا جون ترقي پسند تحريڪون پڙهيل هيس، خاڪسار تحريڪ، جماعت اسلامي، قربان بگٽي، مولوي نذير احمد، ڪامريڊ سوڀو ۽ خادم حسين جون ڪيئي ڳالهيون سومري ۽ مون کي ٻڌائيندو هو. اهو لاڙڪاڻو، سومري صاحب جو ته ڏٺل هيو، پر منهنجي لاءِ بلڪل نئون هيو.
سائين ايوب قادريءَ جو ننڍپڻ بلڪل رچ (Rich) گذريو هو، ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو، اتي رهيو ۽ بعد ۾ پنجو ديري آيو، صاف ۽ استري ٿيل ڪپڙا پائيندو هو، اکين ۾ سرمو ۽ هٿن ۾ پراڻي اسٽائيل ۾ رومال رکندو هيو، اسان دوستن ۽ پوسٽ آفيس جي آفيسرن کي کارائي پياري پيو ٻهڪندو هو.
اياز جا شعر ڏاڍا ياد هوندا هيس. خاص طور تي ايوب جي دور ۾ اياز جا بندش پيل ڪتاب سڀ پڙهيل هيس، مهذب ۽ ترقي پسند ڪامريڊ اهڙو ڪو به منهنجي ويجهو نه رهيو آهي ڪنهن کي ڪو نه آزاريندو هيو، هن جون ڳالهيون لکڻ تي ويهان ته جيڪر ڪتاب ٺهي پوي.
پنجوءَ جي سراين جي شرافت، ڪنڊي لوهر جون پنجوءَ ۾ ڪار گذاريون، استاد مٺل حجم جا احوال، واڻين سيٺين جا قصا ۽ سنڌ جي سوشل زندگيءَ جا اڻ لکيا داستان ٻڌي منهنجو ايمان تازو ٿي ويندو هو. هل هنگامي کان پري محبت جا ٻول ٻولي وقت گذاريندو هو. الله ڏني جي وفات کانپوءِ به ڪچهريون رهيون، پر سائين قادريءَ جي وفات کان پوءِ سومرو صاحب ۽ مان به گهٽ ملڻ لڳاسين.
سومري صاحب ۽ مونکي شيخ اياز جي “دودي سومري جو موت“ ڊرامي مان چونڊ ٽڪرا پڙهي ٻڌائيندو هو ته لونءَ ڪانڊارجي ويندي هئي.
“نانءَ نئين سان، ويس بدل سان
تنهنجي منهنجي جنگ ازل کان
جاري آهي، جاري رهندي.....“
ٻئي ڄڻا مون کي سمجهائيندا هئا ته “تبديل ڇو نٿو ٿئين. ماڻهو رڙن ٿا.“ مان نماڻو منهن ڪري چوندو هيو مان؛ “توهان ٻڌايو ته منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي.“ هو چوندا هئا؛ “هيءَ دنيا آهي، تنهنجو ڪو ڏوهه نه آهي.“ پوءِ سائين ايوب کي اياز جو شعر ٻڌائيندو هيس، جيڪو هن مون کي ڊائري تي لکي ڏنو هيو.
“او شال! عقابن سان اٽڪان،
مـــان واهـــر ٿي واهيرن جي...“
ٻڌي هڪ ٻئي کي چوندا هئا “هن جو سڌرڻ محال آ ادا“
وڏي وٿ هئام، ٻاروچا ڀنڀور ۾! ٻئي اڏامي ويا.
قادري صاحب جڏهن تنگ ٿيندو هو ته مهذب انداز ۾ اسان کان جند ڇڏائڻ لاءِ چوندو هو؛ “اڙي! هاڻي ته وڃي گهر مرو، ڪجهه آرام ڪرڻ ته ڏيو.“ اسان ٻئي ٻارن وانگر ضد ڪري ويهي رهندا هئاسين؛ “نه وينداسين ڇا ڪندين؟“ الله ڏني کي چوندو؛ “يار مان هلان ٿو.“ وڃي ڪنهن ڪمري ۾ هيٺ ڪجهه وڇائي سمهي پوندو هو. ۲۴ ڪلاڪن ۾ ۴ گولڊ ليف جا سگريٽ ڇڪيندو هو. مون کي سگريٽ ڏئي تيلي ٻاري دکائيندو هو. مان سگريٽ ڇڪيندو هيس ته چوندو هيو؛ “اڇي ڏاڙهي ٿي اٿئي، سگريٽ ڇڪڻ به ڪونه اچي.“ وري چوندو هو؛ “نڪ مان دونهون ڪڍ!“ ائين به ڪندو هيس، ٻئي کل ۾ ٻٽجي ويندا هئا؛ “باذوق نه آهي!“ ٿورو ڇڪي کيس ڏيندو هيم، پوءِ چوندو هو؛ “هينئن ڇڪبو آ سگريٽ.“ هنن ٻنهي جي اسٽائيل ۾ ڪڏهن به سگريٽ ڇڪي نه سگهيس ۽ مزو به نه ايندو هو، مڙئي هنن جي دل رکڻ خاطر ٻه ٽي ڪش هڻندو هيس.
سومري صاحب جو هڪ خاص انداز هوندو هو. اوچتو رڙ ڪري قادري کي چوندو هيو؛ “ڇڏني“، هو هڪو ٻڪو ٿي ويندو هو ۽ فنڪارانه انداز ۾ بڙ بڙائيندو هو.
پوسٽ ماسٽر الله ڏنو، اسان ۾ جوان هوندو هو، هو ۽ ٻيا اسٽاف وارا اسان جي ڪچهرين مان لطف اندوز ٿيندا هئا. جو ٻه ٽي ڄڻا شاعري کڻي اچي ٻڌائڻ لڳا هئا. الله ڏنو حر فقير هيو.
سائين قادري اسڪول جي ڊيوٽي ڪري پوسٽ آفيس ايندو هو. سج لهڻ کان اڳ پنجو ديري گهر موٽي ويندو هو. جمعي تي نه ايندو هو. چوندو هو؛ “ادا نمازان.“ پنجو ديري جا خط پٽ ۽ مني آرڊر وغيره آڻيندو ۽ نيندو هو.
مان اسڪول کان گهر، پوسٽ آفيس، رات جو مختصر دوستن سان ملڻ ۽ وري گهر، راتين ۽ رستن وارو رلڻ ڇڏائجي ويو هو.
سومرو صاحب پير ڳوٺ کان نئون ديرو، گهر جي ضرورتن جو سامان خريد ڪري گهر موڪلي پاڻ اتان ڪاليج رتوديرو ويندو هو. اتان پوسٽ آفيس ۾ ايندو هو يا وري ڪاليج نه ويندو هو ته اسان وٽ ايندو هو. لاڙڪاڻي، خيرپور، ڪراچيءَ هليو ويندو هو ته اسان هن جي ڪمي محسوس ڪندا هياسين.
آخري سالن ۾ جڏهن پوسٽ آفيس جون ڪچهريون ختم ٿي ويون ته رتوديرو ڪاليج مان لاڙڪاڻي هليو ويندو هو. اتي پريس ڪلب، ڪلهوڙو صاحب، رابيل ڪتاب گهر، ڪاوش آفيس ۽ ٻيا دوست هن جا ٺڪاڻا هوندا هئا، رات جو تمام دير سان سرڪل جو سفر پورو ڪري گهر پهچندو هو. بيمار ٿيڻ کان پوءِ سڄو سال گهر ۾ رهيو، زندگي جي هر رخ تي سوچيو هوندائين. پوسٽ آفيس ۾ رسول بخش لاڙڪ، نيڪ محمد بڙدي، بزرگ محمد ڪامل جاگيراڻي، نوجوان عبدالحفيظ چنو ۽ ٻيا مغيري ۽ جويو وغيره پروفيسر صاحب جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. جيڪي سالن جا سال پيا ڦرندا گهرندا هئا. هڪڙو بدلي ٿيندو هو ته ٻيو ايندو هو. سومرو صاحب ۽ قادري صاحب هنن جا بالا آفيس کان آيل ليٽرس جو اهڙو جواب تيار ڪندا هئا جو هنن جي جان ڇٽي پوندي هئي.
هڪ دفعي لاڙڪاڻي جي پوسٽ آفيس جو ضلعي آفيسر سپرينٽينڊنٽ ٻٻر صاحب آيو، پوسٽ آفيس جي انسپيڪشن ٿي. ماني ٿي، ڪچهري شروع ٿي. جڏهن استاد بخاري جو ذڪر نڪتو ته مون کيس چيو؛ “اوهان دادوءَ جا آهيو. اسان جو پروفيسر اسان جي علائقي ۾ استاد تي اٿارٽي آهي.“ سومري صاحب ڏاڍا شعر ٻڌايس. پاڻ ٻٻر صاحب به باذوق انسان هيو، ان به ڪجهه شعر ٻڌايا. بئنڪن ۽ ڪن کاتن جا آفيسر نه ته بنهه ڪورا هوندا آهن، سالن جا سال اسان ٽنهي ڏي سلام موڪليندو رهندو هو.
سومرو صاحب گهم گهمان، هل هلان، پڙهه پڙهان سان گڏ تيزيءَ سان لکڻ لڳو ۽ ڇپجڻ لڳو. ڇپيل آرٽيڪل اسان کي پڙهي ٻڌائيندو هو يا پاڻ پڙهندا هياسون. اسان جي راءِ جو انتظار ڪندو هو ۽ سڪون سان ٻڌندو هيو.
سانوڻ ۾ اسان جون ڪچهريون ڏاڍو مزو ڪنديون هيون. اسان جا ٽهڪ ۽ هوڪرا پوسٽ آفيس جي ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ ٻڌندا رهندا هئا ۽ حيرت مان ڏسندي هليا ويندا هئا ته ههڙي روڄ راڙي جي دور ۾ هنن کي ڪهڙو خزانو هٿ اچي ويو آهي. فارسي شعر جو مفهوم آهي ته:
“جتي مٺو پاڻي هوندو آهي، اتي ماڻهو، مرون ۽ ماڪوڙيون وغيره اچي مڙنديون آهن.“
ڪجهه ٻيا ڏٺل وائٺل اچي محفل ۾ شريڪ ٿيندا هئا ته اسان بلڪل سنجيده ٿي ويندا هياسون. پاڻ ۾ هوندا هئاسون ته پروفيسر صاحب، قادري صاحب جي پيٽ ڏي اشارو ڪري صرف ٺونگو هڻڻ جي ايڪٽنگ ڪندو هو. سائين ايوب قادري ٽپ ڏئي اٿي ويندو هو ۽ رڙ ڪري چوندو هو “اڙي منگي! هن کي روڪين نه ٿو، هي به ڪو افعال آ“ اصل ۾ هن کي ڏاڍيون ڪتڪتايون اينديون هيون. سائين قادري مون کان ۸-۹ سال وڏو، سومرو صاحب ۴-۵ سال وڏو هو. مان ٻنهي جو احترام ڪندو هيس، باقي هنن جي ويڙهه جو مزو وٺندو هيس.
سومري صاحب کي استاد بخاريءَ جا تمام گهڻا شعر ياد هوندا هئا ۽ موقعي مناسبت سان هو اهي پيو ٻڌائيندو رهندو هو. سائين ايوب قادري ۽ نذير، ٻئي هڪ ٻئي کي لکنئو واري انداز ۾ داد ڏيندا هئا ۽ تاڙا ملائيندا هئا.
نذير اڪثر چوندو هو: “اچو ڪچهري ڪريون دوستو، هليا وينداسين اوچتو اوچتو“ (استاد بخاري)
پوسٽ آفيس جي ڀرسان ڪلينڪ هلائيندڙ ڊاڪٽر غلام نبي ڪلهوڙو جيڪو پير ڳوٺ جو آهي، اهو به اسان جي محفل جو ميمبر هوندو هو. هو گهٽ ڳالهائيندو پر اڪثر اچي ڪچهري ڪندو هو.
سومرو صاحب گهڻا ڏينهن هليو ويندو هيو ته پڇا ڳاڇا شروع ڪندا هياسين. بيرنگ لفافي ۾ خط کڻي موڪليندا هياسين ته “جلدي اچي مل“ پر هن جو ڪو پتو ڪو نه ملندو هو. پوءِ اوچتو ئي اوچتو اچي ڪڙڪو ڪندو هو يا فون ڪندو هو. هن کان سواءِ محفل اڌوري هوندي هئي.
مون هڪ دفعي سائين ايوب کان پڇيو؛ “هي بار بار ڪراچيءَ ڇو ٿو وڃي؟“ سائين ايوب چيو؛ “توکي خبر ڪونهي ڇا؟“ الهه ڏني ڏانهن منهن ڪندي، “الهه ڏنا هي ته صفا چريو اٿئي، اڙي! هن اتي ٻي شادي ڪئي آهي. ان ڪري هن کي وڃڻو ٿو پوي.“ سومرو صاحب ڪراچي، هوائي جهاز تي اچڻ وڃڻ جا قصا ٻڌائيندو هو، پر پاڻ ڪڏهن نه ٻڌايائين ته ٻي شادي ڪئي اٿائين ۽ نه وري مون ڪڏهن ان موضوع تي هن سان ڳالهايو.
استاد بخاري، هن جي ڏاڍي عزت ڪندو هو، دادوءَ جي ادبي فنڪشن ۾ مون روبرو به ڏٺو. سائين قادري ٻاهر نه نڪرندو هيو، سومرو صاحب، مان ۽ قاضي مقصود گل ۽ مختيار گهمرو شريڪ ٿيا هياسين.
استاد سان اڳ ۾ به منهنجو ملڻ جلڻ ٿيو هو، هو پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ قرب ڏيندڙ، سٻاجهو، محبتي انسان هيو. سومري صاحب کي هڪ دفعي ٻڌايو هيم ته لاڙڪاڻي جي پراڻي بس اسٽينڊ تي مقصود گل وارن سان استاد به ويٺل هيو، اڃا سج نه اڀريو هيو، سڀ فنڪشن تان موٽيا هياسون. چانهه تيار ٿيڻ ۾ دير هئي، سو استاد کان مون پڇيو ته “سائين ڇا ٿيندو اسان جو، ڪا تبديلي ڇو نه پئي اچي...“
استاد بخاري جواب ڏنو هو ته، “اسين سڀ حق ۽ سچ تي آهيون. سنڌين طرفان ڪا سٺي موٽ ڪو نه ٿي ملي. پر عادت ٿي وئي آ. پنهنجي جياپي جون ڳالهيون ڪندي، ڪامياب ڪو نه ٿياسين پر ضمير خاموش رهڻ ۽ پٺتي موٽڻ ڪو نه ٿو ڏي.“ ائين هن جي جواب مان جيئڻ جو ٽانڪ ملي ويو هو.
سومرو صاحب، استاد بخاري جو ويجهو دوست هئڻ ڪري هن جون ڪافي ذاتي ڳالهيون به ٻڌائيندو هو. هن سان ڏاڍي عقيدت ۽ محبت هوندي هيس، اياز کي بلڪل ڪو نه ڀائيندو هو. اياز بابت استاد جا ڪجهه جملا ورجائيندو هيو.
پوسٽ آفيس ۾ شروع شروع ۾ ڪچهريون ڪندي جيڪڏهن استاد ۽ اياز جو ذڪر نڪرندو هيو ته منهن چٻو ڪري چوندو هيو؛ “ڇڏيو يار! استاد ۽ اياز جي ڪهڙي ڀيٽ آهي.“ قادري صاحب به اياز سان ڏاڍي محبت ۽ عقيدت رکندو هو. هو به پراڻو پاڙهو هيو ۽ پوءِ شروع ٿي ويندي هئي شعرن جي برسات. استاد ۽ اياز جا ياد شعر ٻڌي وائڙو ٿي ويندو هيس ته مون کي ايترا شعر ياد ڇو نه ٿا ٿين. پر منهنجي وس جي اها ڳالهه نه هئي. هو ٻئيGod Gifted هئا ۽ آءٌ عام انسان. منهنجي راءِ ۽ رغبت اياز جي پاسي هوندي هئي ۽ اڄ به آهي.
هڪ دفعي ڪچهري هلي رهي هئي. مان جوش ۾ اچي قادري صاحب کي چيو ته، “ٻر ٻر مشعل ٻر“ مان شعر ٻڌائينس. منهنجي بس ڪرڻ کان پوءِ مون ڏٺو، ٻئي کل ۾ ٻٽيا پيا آهن. مون کي پوءِ به غلطيءَ جو احساس نه ٿيو. نيٺ آخر قادريءَ صاحب مصنوعي غصي مان چيو “ٻر، ٻر ڙي ڇا جي“ “جل مشعل جل“ پوءِ مان به مرڪي پيو هيس. هنن منهنجي اها چيڙ ٺاهي ڇڏي. جڏهن خاموشي طاري ٿيندي هئي ۽ بحث جا موضوع ماٺ ۾ هليا ويندا هئا ته ٻئي هڪ ٻئي کي چوندا هئا ته، “ٻر ٻر“
مون کي ياد آ سومري صاحب جواب ۾ چيو هو توهان پاڻ ڏسو، جل ۽ مشعل سنڌي لفظ آهن وغيره. گهڻي هڻ هڻان ۽ جهڳ جهڳان کان پوءِ وڃي سومري صاحب مڃيو هو ته واقعي اياز کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، هو به حيثيت رکي ٿو.
مون کي ياد ڪو نه ٿو پوي ته هن پهريائين ڪڏهن کان لکڻ شروع ڪيو هو، يا پهرين لکڻي هن جي ڪهڙي هئي. هن تنقيد جو ميدان چونڊيو هو. “ڪاوش“ جي هائيڊ پارڪ ۾ جيڪي ان جا خط باڪس ۾ شايع ٿيندا هئا، عبدالوهاب ٻڌايو ته “اهي اصل ۾ عام خط هوندا هئا. جن کي بعد ۾ وڌائي، مضمون جوڙيندو هيو.“ هن جو پسنديده موضوع هوندو هيو “ڪتابن ۾ ڪوڙ“ ان بابت هو زباني اسان کي ٻڌائيندو رهندو هيو. اديبن ۽ دانشورن جي روين ۽ بي جا جهل جي شڪايت به ڪندو هيو. اسان هن کي هميشه چوندا هياسين؛ “ڄامڙن کان گهٻراءِ نه! گپ ۾ لٿو آهين ته ڪپڙن خراب ٿيڻ کان نه گهٻراءِ!“سنڌي ادب جي تاريخ درست ٿيڻ گهرجي، جيئن ايندڙ نسل ڪنهن ڪنفيوين ۾ نه رهي.“ “منظم ٽولا آهن، جيڪي برداشت ڪو نه ٿا ڪن.“ هو جواب ڏيندو هو. مرحوم خلاف پمفليٽ به نڪتو هو.
هو خرچائو طبيعت جو مالڪ هيو، اڻويهين گريڊ جي پگهار کڻندو هو. بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ جي اسائنمينٽس مان به گهڻو ڪجهه ملندو هيس، پر ائين خرچ ڪري ڇڏيندو هيو، ڄڻ مليا ئي نه هيس.
گولڊ ليف سگريٽ، ڪاٽن جا ڪپڙا سو به ڪلف سان پائيندو هيو. خوشبوئون، سٺا بوٽ، هل هلان يعني ڪرايا وغيره ڪراچي ۽ خيرپور هن جا ڄڻ گهر هيا. ڪجهه ڪو نه بچائي سگهيو هو.
ماڻهن جي سامهون لوڪل اديبن ۽ واسطي وارن ماڻهن جو ڪوڊ نالن سان ذڪر ڪندا هياسين ۽ هنن جي ساڙ حسد ۽ نادانين تي کلي دل وندرائيندا ۽ چانهه به پيئندا هياسين. ناپسنديده ماڻهو جي گلا ڪرڻ ۾ به مزو آهي. ڀلي اها بداخلاقي ڇو نه سڏجي. اهڙي نموني شراب، شباب ۽ پرائي مال ڦٻائڻ ۾ به ٽيسٽ آهي.
سومري صاحب جو ڏوهه اهو هو ته هو تمام دير سان ادبي ميدان ۾ لٿو هو، پراڻن سونارن کان وڌيڪ ڇپجي رهيو هو، جيڪو هنن جي برداشت کان ٻاهر هيو. ٻيو ته هن سڄي زندگي مطالعو ڪيو هيو. ادبي ميڙ ڏٺا هيا. چوٽيءَ جا دانشور ۽ شاعر هن جا ويجها ۽ گهاٽا دوست هوندا هئا. مطلب ته هو سالن جا سال پچيو هو ۽ پوءِ لکڻ شروع ڪيو هيائين. ايڏي وڏي ملڪيت کان ٻيا وانجهيل هئا. صرف ڪتابن پڙهڻ سان ماڻهو مهذب يا ڏاهو ڪو نه ٿيندو آهي.
“پڙهڻ ته پرجهڻ، نه ته ائين جيئن چپ چوري چٻ
ڊوڙي چــڙهــي ڊٻ، پـيـر نه پسين پــــرينءَ جو“ (شاهه)
استاد کان سواءِ وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي، واجد منگي، خيرپورائي شاعر ۽ ڪراچي جا اردو اديب هن جا ذاتي واسطي وارا هئا. ڊڪ ڊڪان ۽ هل هلان مان هن پنهنجو مقام ٺاهيو هو ۽ پرايو هو.
قادري ۽ مون کي ڪيڏانهن وڃڻ جي ضرورت ڪو نه پوندي هئي، پوسٽ آفيس ۾ ويٺي احوال ڏيندو هو.
“ادب برائي ادب، ادب برائي زندگي جي بجاءِ ادب برائي پٽڪي ڊاهه ۽ سکڻي شهرت ۽ عزت وڃي بچيو آهي.“ مخدوم نوح عه جي ملفوظات ۾ لکيل آهي؛ “جيڪو ڪنهن سان انصاف نه ٿو ڪري اهو جاهل آهي.“ هتي انصاف جي ڳالهه ٻڌندڙن کي چوچڙي وٺيو وڃي. اهڙن جاهلن کان پر ڀرو رهڻ ۾ ئي عافيت آهي.
نئون ديرو تي ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو. هلڪي انداز ۾ شڪايت ڪيائين ته منهنجو مواد مختصر ڪري ڇڏيو اٿن. مان مرڪي چيو هيومانس؛ “شڪر ڪر جو هنن شايع ڪيو اٿئي.“ پڇيو هيائين؛ “ته ڇو؟“ چيومانس؛ “هُلي وئي اٿئي ته توهان منهنجي واسطي وارا آهيو، هنن جي وس ۾ نه هيو نه ته توهان جو آرٽيڪل شايع ئي نه ڪن ها. ايترو شايع ڪرڻ به هنن لاءِ عذاب هوندو. ڪتاب ڪهڙن مرحلن مان گذريو. ڪراچيءَ جي ڪهڙن هوٽلن ۾ ڪير، ڪير رهيا. وڏن معتبرن جا نالا گمنام آهن. جيڪي سمجهن ۽ چون ٿا، اسان جو ڪتاب سان ڪو واسطو نه آهي. قاضي صاحب ۽ هن جي دوستن جي محنت ۽ خرچ آهي.“
سومري صاحب کي پير ڳوٺ ۾ وڏڙن کان ورثي ۾ گهر، ڪجهه زمين جا ٽڪرا ۽ سڀني کان قيمتي شيءِ علمي ورثو مليو آهي. آخري بيماري کان اڳ هي به چڱو خاصو بيمار ٿيو هيو، بلڊ پريشر وڌي ويو هيس، ڪنڌ ۽ ڪنڊي ۾ سور رهندو هيس. پاڻ تي ڏاڍو ان وقت توجهه ڏنو هيائين. ڪراچيءَ مان علاج ڪرائي خوش ٿي ويو هو.
آخري بيماري ۾ پهريائين ان جو هڪ ڇپر بند ٿي ويو، چون پيا ته اک جو فالج ٿيو اٿس. هن اک نه ٻوٽجڻ جو ڏاڍو نوٽيس ورتو. سڀ مصروفيتون ملتوي ڪري پاڻ کي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيائين. ٻن ٽن مهينن جي ناغي کان پوءِ ڳولي وڃي مليومانس. احوال ڏنائين ڪافي ڪمزور لڳو هو. قدرت الله سومرو جيڪو سندس سڳي سوٽ جو پٽ آهي، ان سان رابطي ۾ رهندو آيس. آغا خان اسپتال، لاڙڪاڻي جا ڊاڪٽر، لوڪل ڊاڪٽر صاحبان پر ڪو فائدو ڪونه. هنن جي اڻ تڻ ۽ پڇ پڇان تي قدرت الله ٻڌايو ته “پروفيسر صاحب صحيح نموني دوائون ڪو نه ٿو کائي. جنهن ڪري بيماري وڌي پئي، رڪجي ڪو نه ٿي.“ مون سمجهيو ته هي مايوس ٿي چڪو آهي. پوءِ اسان ٻئي هن کي گهر مان نڪرڻ تي مجبور ڪرڻ لڳاسين. اسان جو مقصد هيو ته ٻاهر نڪرڻ سان من نفسياتي طور تي هن جي تڪليف گهٽجي. هو اسان جي چوڻ تي عينڪ پائي ٻاهر نڪتو، ٻه ٽي دفعا مون وٽ به آيو. هڪ دفعو ته در تي بيهي هٿ ملائي ٻه ٽي جملا ڳالهائي موڪلائي ويو. بيماري دوران هڪ ڪچهري منهنجي اوطاق تي چڱو ٽائيم ٿي، ٻه گولڊ ليف جا سگريٽ ڇڪيائين. چانهيون پيتائين، ٿورو فروٽ کاڌائين ۽ سنڌي ڪلام ٻڌايائين، مانيءَ کان انڪار ڪيائين.
زندگي، موت، ادب، سنگت ۽ ٻيون انيڪ ڳالهيون ڪيوسين. حيدرآباد وارن اچڻ لاءِ رابطو ڪيو هيس. پر ان لاءَ معذرت ڪئي هيائين. هنن چيو هيس ته ڪار ٿا موڪليون پر پوءِ به انڪار ڪيو هئائين. منهنجي پڇڻ تي ٻڌايو هئائين ته “ايترو ٽائيم اسٽيج تي ويهي نه سگهندس، هروڀرو تڪليف ۾ اچي ويندس.“
لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج ۾ آخري امتحانن جي ڊيوٽي ڪئي هئائين. اتان فون ڪري ٻڌايو هئائين، دوستن جي چوڻ تي ڊيوٽي ڪئي اٿم. پر تڪليف ٿي ٿئي. پير ڳوٺ قدرت الله وٽ ڪچهري ٿيندي هئي، امتحانن دوران اوڏانهن وڃڻ ٿيو. خيرپور رپڙي جا ۴، ۵ دوست سروهي ۽ ملاح موجود هئا. پاڻ به موجود هيو. هنن سان تعارف ٿيو. حال احوال ٿيا، ڪچهري وڌي وئي، چانهه پيتي، ماني کاڌي ۽ موڪلائي گهر آيس. مون کي اطمينان ٿيو هو ته سومرو صاحب هاڻي بهتر فارم ۾ اچي رهيو آهي. ڇو ته ان ڏينهن مرحوم قادري ڪو نه هو. پر پوءِ به ان اسٽائيل ۾ ڪچهري ڪئي هئي سين. ڪمزوريءَ ڪري ڳالهائڻ وقت اٿي ويهي پيو، نه ته سمهي اسان جي ڳالهائڻ کي ٻڌي پيو، رپڙي وارا به تمام ويجها هيس چرچا، ٽوٽڪا، ادب ۽ جڳ جهان جون ڳالهيون ٿيون هيون. مرشد لطيف رح جي شعر جي سٽ آهي ته:
“بندي ٻيا قرار، اسين لوچون لوهه ۾“
سومري صاحب کي بيماريءَ وڌيڪ سوچ ۽ لوچ ڏني، هو ان فڪر مطابق دنيا کي صحيح نموني سمجهي ويو هو، سڀني مان آسرا پلجي ويا هيس.
عجيب دنيا جو دستور آهي، جن لاءِ روزانو گهر ٻاٽ ڇڏي نڪرندو هو، اهي لڙي ليئو پائڻ لاءِ به تيار نه هئا. مون کي چيو هئائين؛ “منگي! منهنجي وهم گمان ۾ به نه هيو ته مڱريو صاحب، منهنجي لاءِ ايترو پريشان رهندو ۽ تڪليف وٺي ملندو رهندو.“ مان رهي نه سگهيو هيس. هن کي چيو هيم؛ “اسان قدردان ڪٿي آهيون. انهن جي پٺيان زندگي وڃائي ڇڏيندا آهيون، جيڪي وري ٻين جا ڳولائو هوندا آهن. اسان گلن جي آسري ڪنڊن کي پنهنجو ڪندا آهيون. حقيقي گلن کي ڪجهه به نه سمجهندا آهيون. وقت گذري ويندو آهي. ازالي جو موقعو به نه ملندو آهي، توهان، مان ۽ هيءَ دنيا ان فلسفي تي هلي ٿي ۽ هلندي رهندي.“ هن مون کي چتائي ڏٺو هو، ڄڻ پهريون دفعو ڏسندو هجي.
“ماڙين ماريس ڪين ڪي، ميس مارن لاءِ
ڪـــــر لــــهندا ڪڏهــــين، مهجي اچي مــاءِ!
سانبيئڙن سداءِ، ويٺو واجهه وجهي هيون“
(شاهه)
بلڪل ٿوري عرصي کان پوءِ طبيعت بگڙجي ويس ۽ انهن دوستن سان تڏي تي وري مليس پر پروفيسر ڪو نه. باقي مٽ مائٽ، دوست احباب هن جون ڳالهيون ڪري رهيا هياسين.
پوسٽ ماسٽر الله ڏنو به ٻارنهن مهينا بيمار رهي موڪلائي ويو.(سال ۲۰۰۲ع) سائين قادري اوچتو بغير بيمار رهڻ جي هليو ويو. (سال ۱۵ اپريل ۲۰۰۳ع)
هي يار به ڏهه يارنهن مهينا بيمار رهي موڪلائي ويو. ڪي چون پيا ڪينسر هيس، برين ٽيومر هيس، پاڻ ڪڏهن ڪجهه ڪو نه ٻڌايائين. جيتوڻيڪ سڀ خبر هيس.
مان ادب پڙهندو آهيان، سو به مختصر، اڳ ۾ نامڪمل شاعري ٿي ويندي هئي، پر شوق ۽ لڳاءُ نه رهيو جو ان کي وڌائجي. ان دور جو هڪ چوسٽو لکان ٿو.
ناهي ذڪر هن جو ڪنهن فساني ۾،
پر هو ڪو “عاشق“ ڪنهن زماني ۾،
جـــــام نــــه مـــئـــــه، ســـــاقــــي نـــه ســـاٿي،
رڙي چــــيـــو هاڻــــي اهــــڙا مئخاني ۾.“
رسول حمزه توف لکيو آهي:
“دوستن جا ته هميشه دوست، پر دشمن سان به دغا کان هميشه دور.“
ڪـــــو بـــه نـــــه ايـــــــنـــــدو ريــــــــگـــــــــــزارن ۾،
راهــــــه ڪـــــنهــــن جـــي “وفا“ نهاري ٿو“
ڪا جا واءُ لڳي، پن نه مليو پن سان“
(اياز)
بهارن جي مند ۾ خزان جي پنن وانگر ڇڻندا آهيون
اسـين ڪـنــهـن کـــــي نــــه وڻــنـدا آهـيـون
(واجد منگي)
الائي ڪيترا شعر سومري صاحب ۽ قادري کان فرمائش ڪري ٻڌندو هيس. سومرو صاحب مٿيون سڄو غزل ياد ٻڌائيندو هو، جيڪو مون کي ياد نه آهي. ناظم حڪمت جا جملا آهن:
هن چيو؛ “اچ“
هن چيو؛ “بيهه“
هن چيو؛ “مرڪ“
هن چيو؛ “مري وڃ“
آءُ آيس، بيٺس، مرڪيس ۽ مري ويس.
۽ ائين پنهنجو پروفيسر الوداع! الوداع ڪندو هليو ويو. شل! ڪائنات هن جون مڙئي مدايون معاف ڪري.
“لاهي هاج هتان ويا، مارو ٿر اُڪري،
رهـجـي ڳــڻ ويـا، مــارن جــــا مــلـــيـر ۾. (لطيف رحه)
پروفيسر مرحوم جون ڪافي لکڻيون آهن. جن جو ڄاڻي واڻي تفصيل نه ٿو لکان. ڪينجهر، سوجهرو ۽ ڪاليج ميگزين ۾ هن جو مواد ٽڙيل پکڙيل آهي. جڏهن مون سندس “هري دلگير“ تي آرٽيڪل پڙهيو ته ڏاڍو خوش ٿيو هيس ۽ سمجهيو هيم ته “سنڌيت جون پاڙون هن ۾ پختيون ٿي ويون آهن. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اهڙو تاثر لکي نه سگهي ها.“ دل کولي هن کي روبرو داد ڏنو هيم ۽ هو اطمينان سان ٻڌندو رهيو هو.
هن جون ڪافي اڌوريون لکڻيون به هونديون، مثلن لڇمڻ ڪومل جي “وهي کاتي جا پنا“ (ڊائري) سوجهرو ۾ شايع ٿي ته مسعود کدر پوش جو ذڪر آيو هو، جيڪو ورهاڱي وقت نواب شاهه ۾ ڊي سي هو.
ان وقت عبدالقادر منگي صاحب، نواب شاهه ۾ ڊي سي او هو، فون تي ان سان رابطو ڪري ان جي پي اي کان مسعود جي نواب شاهه ۾ رهڻ جو سال پڇيو هيوسين. کدر پوش نواب شاهه ۾ ٻه دفعا رهيو هو. هڪ پاڪستان کان اڳ ۽ ٻيو ۱۹۴۸ع ۾، ڪجهه حوال زباني طور مون کي ٻڌايو هئائين. مسعود کدر پوش اردو اسپيڪنگ هيو. استاد بخاريءَ جي شاعري ۾ ڪافي چوڻيون/پهاڪا استعمال ٿيل آهن. انهن تي به ڪم ڪري رهيو هو. مون به هن کي ٻڌايو هو ته “انتر منتر جادو جنتر“ جيڪو ننڍپڻ کان ٻڌندا ۽ چوندا پيا اچون، اصل ۾ انڊيا جي رياست (نالو ياد نه ٿو اچي) ۾ جاميٽريءَ جي طرز تي ڀتيون وغيره ٺهيل آهن، جن مان سج ۽ موسمن جي ڦير گهير لهندا هئا. مون اهرو پروگرام National Geographic Channel تي ڏٺو هو. تمام وڏي ايراضيءَ تي “انتر منتر“ ٺهيل هيو.
اردوءَ ۾ بهتر انداز ۾ لکي ويندو هيو، انگريزي ڊرافٽنگ به بهتر هيس. ڪراچيءَ جا اديب قدر جي نگاهه سان ڏسندا هيس. خاص طور مسلم شميم جيڪو اصل ۾ لاڙڪاڻي جو آهي، اهو ته عاشق اٿس. پوڙهو ماڻهو، ڪنڊولنس لاءِ ڪراچيءَ کان پير ڳوٺ پهتو هيو.
فرد ۽ سوسائٽي جو پاڻ ۾ ڏاڍو گهرو تعلق آهي، فرد جو جياپو سوسائٽي کان سواءِ ممڪن ڪونهي. پر جڏهن سوسائٽي ڪنهن فرد کان لاتعلق ٿي پوي ته سنڌي سماج جهڙي ڊپريشن جنم وٺي ٿي.
ڏس! پاڻي ۽ مڇيءَ جو ڪيترو آهي پاڻ ۾ پيار،
پـــــر جــــڏهــــن پــــوي ڄــــار، پـــاڻي پاڻ ڪڍايو وڃي!
اسان جي اديبن، دانشورن ۽ سچن ماڻهن لاءِ “سنڌي سماج“ بابت اهو شعر ڪافي آهي.
پروفيسر مرحوم سان ٿيل ڪجهه رهاڻين مان ڪجهه يادگيريون
مرحوم اسد الله شيخ (وفات جو سال ۲۰۰۲ع) سومري صاحب سان گڏ پڙهيو هيو. دادو ڪاليج ۾ به گڏ نوڪري ڪيائون، گڏيل ميس جا ميمبر هئا، ٻيلي کاتي جي آفيس مٿان رهندا هئا.
شيخ صاحب، خوشحال، مذهبي، با اخلاق، علمي ۽ عزت ڀري فيمليءَ جو فرد هيو. خوبصورت، خرچائو، مطالعي جو شوقين ۽ پنهنجي منفرد حيثيت ۾ جيئڻ وارو انسان هيو.
سومرو صاحب ٻڌائيندو هيو ته شيخ صاحب صبح جو اٿڻ کان پوءِ چانهه بسڪيٽ، سيارو ته ڊراءِ فروٽ، شيو جو سامان گڏ ڪندو، پائڻ جا ڪپڙا تيار ڪندو، بلڪل آرام ۽ سڪون سان بوٽ ۽ جورابا وغيره صاف ڪري ٽهلندو به رهندو ۽ ريڊيو سيلون تان ان وقت هلندڙ گانا به ٻڌندو رهندو هو.
جيڪب آباد ضلعي جي “ٺل ڪاليج“ ۾ بدلي ٿي آيو ته شڪارپور پنهنجي خانداني جڳهه ۾ رهندو هو، بورچي به پنهنجو رکيو هئائين. سومرو صاحب چوندو هو ته “اسد الله هميشه شهزادن وانگر رهندو هو.“
هن جي ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر خليل الله مون کي هڪ دفعي ٻڌايو هو ته: “ادا چوندو آهي ته پنهنجي باس کان ايترو پري نه رهجي جو هن کي نالو به نه اچي ۽ ايترو ويجهو به نه وڃجيس جو کيس توهان جي عادت پئجي وڃي.“
مرحوم شيخ صاحب ان وقت جيئرو هو ۽ لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج ۾ نوڪري ڪندو هو. مرحوم سومري صاحب سان به مٿين ڳالهه مون شيئر ڪئي هئي. هو جواب ۾ ڪيئي ڳالهيون مرحوم جون ٻڌائيندو هو. پروفيسر (رٽائرڊ) عبدالڪريم مڱريو صاحب ٻنهي جو دوست هيو.
مون کي مسٽر منگي ڪري سڏيندو هيو. حياتيءَ ۾ آخري سال ۾ مون کي ٻه شيون پڙهڻ لاءِ ڏنائين، هڪ حليم بروهي جو ڪالم ڪاوش ۾ ڇپيل ۽ ٻيو عبدالقادر جوڻيجو جي ڪالمن جو سهيڙيل ڪتاب “ڪرسيون“. اسان جي اسڪول جو پٽيوالو دلمراد مرحوم به هن جي قريبي دوستن مان هيو. هو پٽيوالو هوندي وڏو جهانديده ۽ آس پاس جي ٻڌ سڌ تمام گهڻي رکندو هو. منهنجون هن سان ڪچهريون ٿينديون هيون. ٻڌائڻ جو هن کي بهترين ڍنگ هوندو هو. شيخ صاحب مون کان ٻه ٽي ڪتاب ورتا هئا، جيڪي دلمراد جي معرفت واپس ڪيا هئائين.
بوگس ٽيچر پڪڙڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ٿي هئي، سومرو صاحب ان جو سربراهه يا ميمبر هيو. سڄو مرحلو مڪمل ڪيائين. حوال ڏيندي چيو هئائين، “هن دور ۾ ڪو فرعون ئي ڪنهن کي بي روزگار ڪندو.“
نئون ديرو ڊگري ڪاليج جو پرنسپل ٿيو، مهذب نموني انٽر پاس ڇوڪرن کي الوداع ڪرڻ لاءِ ڏينهن جو فنڪشن ڪرايائين. دوست، شهر جا معزز، ڪاليج جو ڊائريڪٽر گڏ ڪيائين. شاندار تقريب ٿي، راڳ رنگ، جهمريون ۽ ريفريشمينٽ، سائين ايوب قادري، الهڏنو ۽ مان گڏ ويٺا هياسين. ايوب قادريءَ کي اٿاري راڳ ۽ جهمر وارن کي پئسا ڏناسين. زندگيءَ ۾ مان صرف ٽي دفعا ائين پئسا ڏئي سگهيو آهيان. قادري ته جهمرين جا ٻه هٿ به بي ساختگيءَ ۾ هڻي رهيو هو. اهڙو وڊيو به ڀريل هيو.
پوءِ وقت جي هلندي پڄنديءَ وارن کيس واپس رتوديرو ڪاليج موڪليو، نه ڪنهن کي چنبڙيو نه وري ڪا شڪايت ڪيائين. مون کان پڇيو هئائين؛ “ٺيڪ آهي نه.“ مون کيس جواب ۾ چيو هيو؛ “بلڪل ٺيڪ.“
رتوديرو ڪاليج جي “سرهاڻ ميگزين“ جي مواد گڏ ڪرڻ وارن ۾ سومرو صاحب به شامل هيو. مسٽر عبدالقادر منگي صاحب، جيڪو ان وقت لاڙڪاڻي جو ڊي سي هو، سو پڻ اصل رتوديرو جو آهي، تنهن ڪري هن جي لڳ لاڳاپن ۽ ادبي ذوق جي ڪري، سڀني ڪاليج وارن، هن ۾ فنڊ وغيره ۽ انٽرويو وغيره لاءِ وڌيڪ اميدون رکيون، ڪافي ميل جول ۽ ڪچهرين کان پوءِ سومري صاحب کي ڪم سونپيو ويو ته هو منگي صاحب سان لاڙڪاڻي رابطي ۾ رهي.
ان سلسلي ۾ ڊي سي آفيس جو هڪ ڀيري احوال ڏنائين ته، “منگي صاحب سان ٽائيم وٺي وڃي مليس. اڃا مختصر حال احوال ٿيا ته ڪمشنر صاحب جي آفيس مان منگي صاحب لاءِ فون آيو، مون کي تاڪيد ڪري ويو ته وڃجانءِ نه، مان اچان ٿو. ڪمشنر آفيس پهچي فون رستي مون سان مسلسل رابطي ۾ رهيو ۽ اچڻ جو چوندو رهيو. ٽي وي، چانهيون، منجهند جي ماني کان پوءِ آخر پي اي کي ٻڌائي هليو آيس.“
ايف ايم لاڙڪاڻي تي منگي صاحب جو انٽرويو هليو، مرحوم هدايت منگيءَ کانئس انٽرويو ورتو هو. مون ان سلسلي ۾ سومري صاحب کان پڇيو، هن چيو ته “منگي صاحب ۽ مان گڏجي ريڊيو اسٽيشن تي ويا هئاسون. انٽرويو ٿيڻ کان پوءِ آخر ۾ سنڌي لوڪ گيت ٻڌبو آهي. منگي صاحب ٻه ڪلام ٻڌايا ۽ مون کي چيو ته ڪو به هڪ اوهان چونڊيو....
ڪلام هيو: “عشق ڪجي هاڻي ڪنهن سان، جان جو جانان نه رهيو“ گڏجي ٻڌو هيوسون. بيماريءَ دوران ملندا هياسين ته منگي صاحب لاءِ پڇندو هو. هند جا سنڌي اديب، سنڌ ياترا دوران جڏهن سکر ساڌ ٻيلو گهمڻ آيا ته منگي صاحب هنن جي ڊنر ڪئي. مون کان پڇيو هئائين ته توکي منگي صاحب ٻڌايو هو، مان کيس مختصر جواب ڏنو هو ته “نه“ هو ان وقت ڊي سي او سکر هيو.
سومري صاحب جي تڏي تان جڏهن واپس آيو هيس ته منگي صاحب کي ڪراچي ۾ فون ڪئي هيم. هن سڄو تفصيل ورتو هو، امپارٽنٽ ڪال اچڻ ڪري لائين ڪٽجي پئي وئي ته وري لائين ملائي يا هولڊ ڪرائي مرحوم بابت پنهنجا تاثرات ڏنا هئائين، ڪافي ويجهڙائي هين.
(۶) مرحوم پروفيسر دادوءَ کي ساري ڪئين ڳالهيون ٻڌائيندو هو. استاد بخاريءَ لاءِ ته “سائين جي ايم سيد، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڏانهن، استاد بخاريءَ کي خط لکي ڏنائين. استاد بخاريءَ اهو خط وٺي حيدرآباد شاهه صاحب کي ڏنو ۽ کيس چيائين ته سائين جي ايم سيد نوڪري ڏيڻ لاءِ ڏنو آهي.
شاهه صاحب وٽ ٻيا به ماڻهو ويٺا هئا. هن وراڻيو ته جي ايم سيد جو نوڪر آهيان. هل! ڪانهي ڪا نوڪري.
استاد بخاريءَ چيو ته مان سائينءَ کي موٽي اچي شڪايت ڪئي ته ڪهڙي ماڻهوءَ ڏي موڪليو اٿوَ. هن ته دڙڪا ڏنا آهن. سائين ڪجهه ڪو نه ڪڇيو هو.
رات جو سائين غلام مصطفيٰ شاهه ڪار تي آيو ۽ سائين جي ايم سيد کي منهنجو آرڊر ڏئي ويو ۽ ڪا ڀل چڪ خدا معاف ڪندو. باقي قصو بلڪل ائين آهي.
(۷) دادوءَ جي هڪ زميندار جي ڏاڍي لڳندي هيس. سومري صاحب ان بابت مون کي ٻڌايو ته؛ “لاڙڪاڻي بدلي ڪرائڻ کان، ان مون کي روڪيو هيو ۽ بلڪل صاف چيو هئائين ته “تون لاڙڪاڻي ۾ خوش رهي ڪو نه سگهندين.“ جيئن ته قدآور آهين تنهن ڪري منهنجي صلاح تي عمل به نه ڪندين.
(۸) هڪ عورت جو قصو به ٻڌايو هئائين پر لکڻ مناسب نه ٿو لڳي. ان ۾ ڪا به خرابي نه هئي پر هڪ عورت جي غيرت منهنجي لاءِ حيرت جو باعث هئي.
(۹) هڪ من موجي موڊ ۾ چيو هيومانس “ڏاڍو ظالم آهين، ضعيفن کان نفرت ڪندو آهين، اها لڪائي به نه سگهندو آهين. تنهنجي منهن مان هڪ اهڙي ڪيفيت هجي ٿي پيو سامهون وارو ڏسندو آهي.“
وڏو ٽهڪ ڏنو هئائين ۽ هڪ قصو ٻڌايو هئائين.
“هڪ واقفڪار سان وڃي مليس، کيس هٿ ڏنم، جواب ۾ هن چيو ته مان توهان کي ڪو نه سڃاڻان ٿو. تعجب لڳو هو، پر سور سهي ويو هيس.“
ڪجهه عرصي کان پوءِ ريل ۾ ويٺو هجان، اهو همراهه اچي ڀرسان بيٺو چيائين سڃاڻو ٿا. جواب ۾ چيو مانس بلڪل نه ۽ منهن پري ڪري آرام سان ويهي رهيو هيس.
(۱۰) دادو ڪاليج ۾ گڏ رهندي پروفيسر عبدالڪريم مڱريي صاحب ۽ مرحوم دين محمد تنيي جا ڪيئي قصا ٻڌائيندو هو. انهن مان به هڪ لکان ٿو.
مڱريو صاحب، دادوءَ ليڪچرر مقرر ٿيو اتي هاسٽل ۾ چيائين ته تنيو صاحب سان گڏ ڪمري ۾ رهندس.
مڱريو صاحب هڪ ڏينهن شهر ويو، تنيي صاحب ڇا ڪيو ته هن جو لڪس صابڻ کڻي جورابا، رومال ۽ گنجي وغيره ڌوتائين. لڪس صابڻ پاڻيءَ ۾ ڳري باقي وڃي چپر بچيو.
سائين اچي صابڻ سان هي حشر ڏٺو، پر ڪڇي ڪو نه سگهيو. مون کي اچي احوال ڏنائين پوءِ معاملي کي ٺاهي ڇڏيوسين.
“ائين وقت ڪٽيو، ائين عمر لٽي“ (اياز)
سائين مڱريو جهڙو ڪير ٿئي! شريف ۽ همدرد انسان، آخري ڏينهن ۾ هڪ دوست کي چيائين: “حج تي ٿو وڃان يار جو منهن به نصيب ٿيندو الائي ڪو نه“ روئي پيو.
مڪي ۾ سومري صاحب جي وفات جي خبر پيس. موٽي اچي ٻڌايائين، هن لاءِ عمرو ڪيو، روئي مالڪ کان هن جي مغفرت لاءِ دعائون گهريم.
قرآن شريف جي هڪ آيت جو مفهوم آهي.
“موت پنهنجي مقرر وقت تي اچڻو آهي.“
موت بابت شاهه عنايت شهيد ۽ سرمد جا فارسي شعر پڙهڻ وٽان آهن.
(۱۱) وارهه جي ماستري بابت ٻڌايو هئائين ته “عبدالغفار سومرو صاحب (لاڙڪاڻو) ۽ مون کي گڏ آرڊر مليو هو. پهرين رات وارهه جي مسجد ۾ ستا هئاسين. ڪو به ڏٺل وائٺل ڪو نه هيو، عبدالڪريم پروفيسر صاحب ٻڌايو، عبدالغفار سومري صاحب جي پيءَ جو اتي واقفڪار هيو ان ٻه کٽون ڏنيون هين. بعد ۾ عبدالغفار سومرو صاحب CSS ڪري تعليم کاتو ڇڏي ويو.
(۱۲) وارهه کان بنگل ديري بدلي ٿي آيو. محمد صالح ڀٽو صاحب هيڊ ماستر هيو. ان بابت ٻڌايائين ته هڪ ڏينهن هن ٻڌايو ته مان سڀاڻي سکر ويندس.
دير سان نڪتس، رتيديري کان لهي شهر هليو ويس، چانهن وغيره پي هاءِ اسڪول بنگلديري پهتس. ڏسان ته ڀٽو صاحب آفيس ۾ ويٺو آهي، وڃي سلام ڪري هٿ ملايومانس، صحيح ڪيم ٻاهر نڪري آيس.
دوستن ٻڌايو ته صاحب سکر وڃي رهيو هو، توهان کي رتيديري گهمندي ڏسي واپس آيو آهي. سو اهڙو هوندو هيو اسڪولن جو انتظام. ٻيو ٻڌايائين ته ڀٽو صاحب ڪوٽ ڪرسيءَ پويان رکي پاڻ نڪري ويو هو. اسان سمجهيو ته ڀٽو صاحب اتي آهي. آخري پيرڊ ۾ خبر پئي ته اسڪول جو انتظام ڪوٽ پيو هلائي.
چانڊوڪين واريون راتيون، بهار جي موسم، ٽهڪ چلولايون، سڀ نينهن جو مفهوم ۽ جادو وڃائي چڪيون آهن. ڀلا چاڪيءَ واري ڏاند جو صبح، شام، ڏينهن ۽ رات سان ڪهڙو سروڪار هن کي گول دائري ۾ گهه ناهي ڪرڻو، جيستائين هن جي جان ۾ آتما آهي.
گهٽ ۾ گھٽ ٻه دفعا روزانو پوسٽ آفيس کان گذرندو آهيان. ڀتيون، در، دروازا ۽ دريون سڏينديون آهن.
اياز جي ڪتاب “جڳ مڙوئي سپنو“ ۾ لکيل آهي ته “منهنجي پيءَ جي وفات کانپوءِ ڪمدار مون کي گهوڙي تي ٻني ڏيکارڻ وٺي ويو هو، هن اتي پهچي چيو هو “هي زمينون توهان جون آهن“ اياز لکي ٿو ته مون ڏٺو ته زمين ٽهڪ ڏئي کلي رهي آهي ۽ چوي پئي تو جهڙا ڪيئي انڌا منڊا منهنجي منهنجي ڪندا آيا ۽ هلندا ويا مٽبا ويا مان اتي جو اتي آهيان.
مان پوسٽ آفيس جي ڀتين کي چوندو آهيان “مڪين مٽجي ويا آهن ته ڪو سڃاڻپ وارو به ڪو نه رهيو آهي، خط ۽ ڪارڊ ته نه اڳ وٺندو هيس ۽ نه هاڻي گهرجن.
“اياز“ ته سنڌ جو جينئس آهي. مان ته خود غلاميءَ جي ور پيو چڙهندو وڃان، مالڪ رحم ڪندو (اياز جو لکيل ڪوٽيشن لفظ به لفظ نه آهي ممڪن آهي هيٺ مٿي هجن، پر مفهوم ساڳيو هوندو.)
مٿئين گريڊ ۾ پروفيسر صاحب جو پروموشن ٿيو، مالڪ ڏيندو آ ته ڇپر ڦاڙي ڏيندو آ. سينئر پروفيسر رهجي ويا ۽ مرحوم جو نوٽيفڪيشن نڪري ويو. ٻه ٽي مهينا گذري ويا. اسان ٽئي ڄڻا پوسٽ آفيس ۾ ويٺا هياسين ۽ ڪچهري هلي رهي هئي. سائين ايوب قادريءَ چيو؛ “منگي، سومرو پروموشن جي ماني ڪو نه ٿو کارائي. ادا اهو چڱو نه ٿو ڪري.” سمجهيائين پئي. مون کيس چيو؛ “سومري صاحب کي ڇڏ آءٌ ويٺو آهيان. بندوبست بهتر نموني ٿيڻ گهرجي.” سومري مرحوم، قادريءَ کي وڏي آواز ۾ چيو
“پــــيــــــار ڏئــــــي پـــــــيـــــار گــــهـــريــــن ٿو،
عاشق ناهين، آهين ڪو وڏو واپاري.”
(بخاري)
اسان جي اديبن ۽ دانشورن ۾ “استاد بخاري” منفرد ۽ جهانديده هيو. هن پياري جي علاج لاءِ اخبار ۾ اپيل شايع ٿي. ٻي ڏينهن استاد بخاريءَ جو بيان ڇپيو، “منهنجي واهر ڪندڙن جي مهرباني، پر مون کي ڪجهه نه گهرجي، منهنجي گهر وارن وٽ ايترو ڪجهه آهي جو هو منهنجو علاج ڪرائي سگهن ٿا. تنهن ڪري ڪنهن اهڙي جي سار لهو جنهن وٽ واقعي ڪجهه به نه آهي.“
سومري صاحب پوءِ انهن بيانن جو سڄو پسمنظر ٻڌايو. استاد بخاري ڏاڍو پيار ڪندو هيو، بخاري “استاد“ لنڊن کان موٽي آيو، سِگا وارن جو ساليانو ڪنوينشن ولي ڀائي آڊيٽوريم ۾ هيو استاد (۱۹۸۰ع) اتي مهمان خاص هيو.
سانجهيءَ کان اڳ ۾ سيٽن جي رزرويشن شروع ٿي ۽ آهستي آهستي سڄو هال ڀرجي ويو. ايڏيون گهڻيون سنڌي فيمليز ۽ شخصيتون هڪ هنڌ مون ڪڏهن به نه ڏٺيون هيون.
سائين غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ٻيا نامور سنڌي دانشور موجود هئا. هال جي گئلري، ڪنڊون پاسا ۽ سينٽر وارو رستو به بيٺل ماڻهن سان ڀرجي ويو هو.
ڊاڪٽر سليمان شيخ، ولي محمد روشن ۽ ٻين تقريرون ڪيون. آجياڻو، سِگا جو تفصيل وغيره وغيره.
استاد بخاري صاحب پنهنجي واري وقت تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو. ڪجهه اٿيا، تاڙيون وڳيون. استاد چيو؛ “هيڏي آجيان، هيڏي پنهنجائپ!” ٻئي هٿ کڻي جهيڻي انداز ۾ وڌيڪ چيائين: “اڃا استاد بيمار رهندو!؟!” ڪوڪريا پئجي ويا. مرد ۽ عورتون، ٻار ۽ ٻڍا، سڀ اٿي بيهي رهياسون ۽ تاڙيون بس ئي نه پيون ڪن.
مون سوچيو هو؛ اسان سڀ ان وقت هڪ فيملي هئاسون. سومري صاحب قصو ٻڌي، استاد جي صحبت جون ڪئين ڳالهيون ٻڌايون هيون. تحريڪ ايم آر ڊي جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو هئائين، ڪاليج ۾ برگيڊيئر اچڻو هيو. عابد لاکو ۽ ٻيا پٽڪا ٻڌي آيا هئا. برگيڊيئر تقرير شروع ڪئي ته ڪنهن ڳالهه تي سڀ اٿي هليا ويا. برگيڊيئر سڀڪجهه ڏسي ڳاڙهو ٿي ويو هيو. پوءِ استاد جي تمام گهڻي حجت ۽ سمجهائڻ تي سڀ موٽي آيا هئا ۽ ڦڏو ٽري ويو هو. هونءَ به دادو ضلعو MRD دوران سخت Reaction رڪارڊ ڪرايو هو.
پوسٽ آفيس ۾ الله ڏنو ٻوهڙو، صبح جو منجهند لاءِ، گهران ماني کنيو ايندو هو. مان گهران ماني گهرائيندو هيس. وڏي سنگت ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ۴-۵ کان گهٽ نه ٿياسين. ماڻهو وڌي ويندا هئا ته تندور جي ماني ۽ ڀاڄي، هوٽل تان گهرائيندا هئاسين. انبڙين جي مند ۾ انبڙيون، گجرون، موريون ۽ ونگين جو موسم آهر سلاد به گڏجي ٺاهيندا هئاسين. ڊش، ڏونگا، پليٽون ۽ پنڊيون وغيره جي لسٽ ڀت تي لڳل هوندي هئي ته هي هي سامان اسان وٽ موجود آهي. گڏجي ماني کائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو، خاص ڪري الله ڏنو صاحب جي ڪڻڪ جي صبح واري ماني جيڪا مکڻ سان مکيل هوندي هئي. ڏاڍي وڻندي هئي. ٿري جوئر، ٻاجهر ۽ سانئون وغيره پيٽ ڀرڻ لاءِ کائيندا آهن. “ڪڻڪ“ خدائي نعمت سمجهندا آهن. اهڙيءَ طرح ڪچي جي “بوسي ڪڻڪ“ جي مکڻ يا سچي گيهه سان مانيءَ کي خدا جي نعمت سمجهي مزي سان کائيندو آهيان. ڀل ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٺريل ڇو نه هجي، مون ڏٺو آهي، سمجهدار ماڻهن کي پنهنجي اولاد جي غذا تي به توجهه نه آهي. مون کي ته منهنجي پيءُ ۽ ماءُ ڏاڍي توجهه سان کارايو ۽ پارايو آهي. ميڪسي ڪڻڪ رٻڙ پيٽ ۾ وجهڻ برابر سمجهندو آهيان هر سال ۱۵-۱۶ مڻ ڪڻڪ وٺي اسٽور ڪندو آهيان جيڪا کٽي ويندي آهي.
پروفيسر، قادري، الله ڏنو ۽ مان ان مانيءَ جي بندوبست کي سڏيندا هئاسون “مدرسو“، وقت ٿيندو هو ته وڏي آواز ڪو نه ڪو چوندو هو؛ “ادا وارو ڪيو پيٽ ۾ ڪوئا ٿا ڊوڙن! مدرسي جو بندوبست ڪريو.“
مانيءَ کانپوءِ سگريٽ، چانهن، ٻير يا نارنگيون وغيره، عزت ڀريو “محمد جمن“ جيڪو مون کي ننڍي کان سڃاڻي، پيو سائين سائين ڪندو، مفت ۾ خدمت ڪندي ٿڪبو نه هو، پوسٽ آفيس مان جوڳي جوءِ مٽائي ويا ته هو رٽائر ڪري وڃي گهر ويٺو، چيائين؛ “هڻ مزا نهين اوندا.“
“جنهن کي ڏسي پاڻ کي چوندو آهيان.“ اهڙو ته ٿي ڏيکار، سنڌين کي ٻيو ڪجهه نه ٿو ڏئي سگهين ته هنن کي محبت ڀريا لفظ ته ڏئي سگهين ٿو. سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جا جملا چوڻ سولا آهن، پر “جمن“ ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. آصف زرداريءَ جي محترمه سان شاديءَ کانپوءِ هن کي زرداري صاحب به ڪري سڏيندا هئاسين. سومري صاحب جو خاص خيال رکندو هو، چانهن واري معاملي تي تڪليف وٺي، هوٽل وارن کي ايلاز ڪري مٿان بيهي سڀني کي سٺي چانهه پياريندو هيو. جيڪڏهن ٻيو ڪو چانهه کڻي ايندو هو ته اها نڙيءَ مان نڪري ايندي هئي، پوءِ جمن جا مزا هوندا هئا، وڙهي پوندو هيو چانهه آڻيندڙ سان. منهنجو ۽ سندس پٽ جو نالو به عاشق، محترمه وٽ اسلام آباد رهندو هو. اوڏانهن ويندو هو ته سوين ڳالهيون موٽي اچي ٻڌائيندو هيو. پيجارو لينڊ ڪروزر ۽ رموٽ تي هلندڙ جا احوال ۽ جمن جو انهن گاڏين تي اسلام آباد جو سير.
اڄ به اوچتو ملندو آهي “سائين! زمانه مٽ گيا ئي“ ڀاڪر پائي ملندا آهيون. اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ايندا آهن.
“ڪير ٿو چوي ته سنڌ تباهه ٿي وئي آهي. اسان پڙهيل تباهه ٿي ويا آهيون، هي ڊڀن جهڙا ماڻهو اڄ به منهنجي نظر ۾ کير ٿر جبل وانگر عزت ماب آهن.“
“جـــــي لــــوڻ لـــڱــــين لائين، چـــيـــري چيري چم،
مـــــون ڪُـــــر اڳي نه ڪئو، اهڙو ڪـــوجهو ڪم،
جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين.
(مرشد لطيف)
محفل مچندي هئي ته مان شاهه جا شعر معنيٰ ۽ تشريح سان سڀني کي ٻڌائيندو هيس.
سرتيون سڄي سڃ، متان ڪا مون سين هلي،
پـــــاڻي نـــــاهه پــــنـــــڌ گــــھــــڻـــو، رائـــو رڳــــي رڃ،
مــــــتــــان مــــري اُڃ، ڏيــــــو پـــــاراتـــــو پنهونءَ کي.“
“هڪ نه رسيو هوت، گهوري ٻاجهه ٻين جي“
(شاهه)
ايڏو Will Power ڏيندڙ مرشد لطيف اسان کان ڪير کسي سگهي ٿو؟
سالن کانپوءِ موڊ ٿيو ته وڃي ڪو فنڪشن ڏسجي ته پنهنجا ڏاها ۽ دانشور ڪٿي پهتا آهن. لائيرس فورم سکر وارن اياز جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو.
سائين قادريءَ جي ننڍي ڀاءُ محمد پنهل سان گڏجي سکر وياسين. سوڀو گيانچنداڻي ۽ ابراهيم جويو موجود هيا، ماڻهو ايترا ٿورا هئا جو پروگرام ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو.
ڪڏهن ڪڏهن چار دانشور گڏ ڏسندو هئس، اياز، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي ۽ ايڊووڪيٽ فتاح ملڪ اڄ چئني مان رڳو فتاح ملڪ موجود آهي. باقي راهه رباني وٺي هليا ويا هئا. سڀني ڳالهايو مون کي تڏهن سخت صدمو رسيو جڏهن فتاح ملڪ اياز لاءِ چيو ته، “هو بزدل هيو تڏهن ته ضياءُ جي دور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلري نه ڇڏي هئائين. ڇو ته اياز کي خبر هئي ته جيڪڏهن هو ائين ڪندو ته جيل هليو ويندو.“ مون سمجهيو ته هي ڪامريڊ اياز جي مسلمان ٿيڻ ڪري هاڻي سڀ لاڳاپا ۽ رشتا ناتا وساري چڪا آهن. مانيءَ تي لوڪس پارڪ ۾ (قاسم پارڪ سکر) سڄي نم جي چاڙهيءَ وارا ماڻهو ڄڻ اچي شريڪ ٿيا هئا، نه ته سامعين بلڪل گهٽ هئا. ايڏي گروهه بندي جو مونس اياز ته دعوت هوندي به نه آيو هو. اياز جي ڀاڻيجي جيڪو وڪيل آهي ان سٺو ڳالهايو هو، برڪت علي ڀٽ جي راڳ دوران “اياز“ کي بزدل سڏڻ وارا تهمت ۽ غصو مٽائڻ خاطر محمد پنهل کي اٿاري ٻه ٽي ڏهين جا نوٽ هن ۽ مان ٻن پوڙهن “سوڀي ۽ جويي“ صاحبان تان گهوري برڪت جي باجي تي رکياسين. پوءِ ته نوٽن جا مينهن وسڻ لڳا. ماڻهن سو سو جا نوٽ به ڏيڻ شروع ڪيا ۽ تاڙيون وڄنديون رهيون ۽ سڄي رونق ئي مٽجي وئي.
اياز منهنجي محبت جي ميدان جو استاد آهي، هن مونکي پنهنجي ذات، خاندان، گهر، دوستن، روايتن، ڪلچر، تاريخ، ٻولي، سچائي، ڪتابن ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي ڪنڊي ۽ ڪانڊيري سان عشق ڪرڻ سيکاريو آهي. هن جا لفظ منهنجي ڪنن ۾ ٻُرن ٿا.
“ڀٽي! اچ ته ڊوڙيون، پنهنجي وڏڙن جي هڏڙن جي دز جيئن اسان جي ڦڦڙن تائين هلي وڃي“ موهن جي دڙي جي سير دروان رشيد ڀٽيءَ کي چيو هئائين.
هو دهريو هو تڏهن به استاد، مسلمان ٿيو ته به استاد. اوهان انصاف ڪريو. سج ۽ چنڊ دهريا آهن؟ اياز سنڌ جو سج به آهي ته چنڊ به آهي. ڀل اهو ٻيو ڪونه مڃي، هر ڪو آزاد آهي. پر اياز کي ڪو گاريون ڏئي اهو غير مهذب رويو آهي.
اياز جي صرف هڪ خامي آهي جو هو ٻين جا لوڙها لتاڙڻ، ٻنڌڻن ۾ سکيو. ان کانسواءِ هن جو هر پاسي کان Defense ڪري سگهجي ٿو. هو ڀٽائيءَ کي پنهنجو ڇو ٿا سڏن؟ هو به ته روحانيت جو قائل ۽ وحدت الوجودي هيو.
سڄو منظر موٽي اچي محفل ۾ دوستن کي ٻڌايو هيم. قادري صاحب چيو هو ته اهو لک، سومري صاحب به تائيد ڪئي هئي. پر منهنجي “نَھَ کي نَوَ ڪوٽ” دليل هيو.
سنگت لکي پئي، ڇا رهيل آهي، جو مان لکان مان نالو ۽ شهرت واري عزت ڪمائڻ، ڪو نه ٿو چاهيان، مان ته عاشق صرف “گم نام عاشق”رهڻ ٿو چاهيان.
اڇو پاڻي لڙيو ٿيو، ڪالو ريو ڪنگن،
ايندي لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا
(شاه)
مان هنج نه سهي، پر اياز منهنجو هنج آهي. اياز سان هٿ ملائيندي مان محسوس ڪندو هيس ته ڄڻ ڪو عاشق محبوب سان هٿ ٿو ملائي، باقي “قاضي ڄاڻي، قيام ڄاڻي” اتي ڪنهن جو وس نه آهي. فارسي شعر جو ترجمو آهي. سواءِ اي سنڌ! جي، اي سنڌ! تنهنجي عشق ۾ هو مون کي ڪهن ٿا.
”وڏو غوغاءُ آهي، تون به ڪوٺي تي چڙهي ڏس، ڪيڏو نه وڻندڙ نظارو آهي.“ سائين جي ايم سيد ۽ اياز، موجوده دور جا سنڌ جا ٻه وڏا عاشق هئا. صدين گذرڻ کانپوءِ اهڙا ماڻهو ڄمندا آهن. روز روز جنم ڪونه وٺندا آهن.
۱۸/۱۲/۲۰۰۵ تي لاڙڪاڻه رائيٽرس ڪلب وارن جي سڏ تي نظاماڻي ليبر هال ۾ پروفيسر نذير احمد سومري جي تعزيتي پروگرام ۾ غلام حسين صاحب ۽ مان گڏجي شريڪ ٿياسي. محفل ۾ موجود هڪ دردوند ڪامريڊ، سومري صاحب لاءِ چيو هو.
“وڏين ڪارين اکين، ڪارن وارن ۽ وڏي قد وارو منهنجو پيارو دوست......“
هن جي ادائگي ۽ لفظ ڏاڍا وڻيا هئا. اسان جلدي هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ويا هئاسون. مسلم شميم (اردو اسپيڪنگ ڪراچي) ناز سنائي ۽ ٻين مهمانن به سٺو نڀايو هو.
سومري صاحب مرحوم کي، علاج لاءِ مشورا ڏيندڙ اي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر خليل احمد ڪٽپر به پنهنجا تعلقات بيان ڪيا ۽ هن جي شخصيت بابت تاثرات ڏنا هئا.
واپسي تي گهمڻ کان لاچار ٿي پيو هيس، سو پاڻ کي بهتر ڪرڻ خاطر، غلام حسين ڪٽپر کي چيو هيم ته ڪو فارسيءَ جو ترجمي سان شعر ٻڌاءَ
هن چيو هو ڪهڙو؟
لاهور واري مغل ملڪه نور جهان وارو
بر مزارِ ما غريبان، ني چراغ ني گل،
ني پرِ پروانه سوزند، ني صدائي بلبل.
ترجمو: “اسان غريبن جي قبر تي نه ڏيئو ٻرندو نه گل ٽڙندو ۽ نه ڪنهن پتنگ جو پر سڙندو ۽ نه وري ڪا بلبل جي صدا هوندي.”
مان ڪٽپر صاحب کي چيو، “غريب لفظ ڪڍي ٿو ڇڏيان. هوءَ مسافر ته هئي، تنهن ڪري اهو سهڻو ٿي لڳي. هونءَ به اسان سڀ مسافر ته آهيون.“
نئون ديري شهر ۾، پروفيسر مرحوم جو جن سان واسطو هيو، انهن سڀني کان ويجهو “ديوان هوند راج“ هوندو هيو. هن کي ميڊيڪل اسٽور آهي. خط پٽ واري زماني ۾ معرفت هن جي هوندي هئي. سائين ايوب ۽ مان به هن جي غائب ٿيڻ کانپوءِ هن جي ڳولا اتان شروع ڪندا هئاسين.
سومري صاحب کي هوند راج متعلق مان چوندو هيس ته ديوان جڏهن سفاريءَ سان گڏ هيٽ پائيندو آهي ته يورپين ڪنٽريز جي ڪنهن يونيورسٽيءَ جو پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر لڳندو آهي.
سندس گورو رنگ، ڪلين شيو، مٿو وارن کان خالي، مهذب رويو ۽ مرڪ ڏسڻ وٽان هوندي آهي. مان کيس عرصي کان ڊاڪٽر سڏيندو آهيان. سندس ڀاڳوند پٽ ڊاڪٽر دليپ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهيو، جاپان جي اسڪالر شپ تي اوڏانهن ويو. هاڻي آغا خان اسپتال ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪري ٿو. پروفيسر صاحب، بيماريءَ دوران اتي علاج لاءِ ويو ته خصوصي طور انٽرنيٽ تي ويهي. بيماري ۽ علاج لاءِ معلومات وٺي. دوائون تجويز ڪيون هئائين ۽ کيس چيو هيائين ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ به هن بيماريءَ جو ان کان وڌيڪ علاج نه آهي.
ڊاڪٽر ڪيپٽن رٽائرڊ سليم الله صاحب سان به سومرو صاحب، علاج بابت ويجهو رهيو. آخر ۾ ته مجبور ڪيو مانس ته ڊاڪٽر صاحب کي سڄو فائيل ڏيکاري صلاح وٺوس. قدرت الله هن کي وٺي ويو هو ۽ پوءِ شڪايت ڪئي هئائين ته پروفيسر صاحب مڪمل ڊوز نه ٿو وٺي. عذر اهو ڏيندو هو ته فائدو نه آهي.
ڦڪيون تڏهن فرق ڪن
جڏهن امر الاهي ٿئي. (شاهه)
ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو پنهنجي زندگي بابت ڪتاب آيو. ڪتاب ۾ هن سائين غلام مصطفيٰ شاهه ۽ شيخ اياز تي تنقيد ڪئي آهي.
پروفيسر صاحب ان بابت صلاح ڪئي ته جواب تيار ڪيو آهي شايع ڪرايان ٿو. مان هن کي روڪي نه سگهيو هيس پر اصل ۾ مان چاهيان پيو ته هو نه لکي. جواب شايع ٿيو تعريفي خط آيس وغيره. اهو سڀ ڪجهه شيئر ڪندو هو پر مان کليل نموني پنهنجو موقف هن کي نه ٻڌائيندو هيس. ته متان هن کي دل ۾ ٿي پوي. ڏاڍو حساس هوندو هو پر جذباتي اصل (مون سان) نه هيو.
منهنجي ڊاڪٽر مبارڪ سان عقيدت ڪو نه آهي. اهو ڪتاب مون به پڙهيو هو. مان چاهيان پيو ته ان جي جواب ۾ ڪو يونيورسٽيءَ ۾ هن سان گڏ رهندڙ لکي ته اهو بهتر نموني لکي سگهيو پئي.
مون کي ياد آهي ته علي محمد شاهه راشدي جنگ اخبار ۾ “مشرق و مغرب“ لکندو هو. راشدي صاحب ۽ زيڊ اي سيلري جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا. راشدي صاحب، پنهنجي اسٽينو ٽائپسٽ کي گهرائي ٻن ٽن قسطن ۾ اهو مواد شايع ڪرايو، آخر سليري راشدي صاحب کان معافي ورتي هئي.
ڊاڪٽر مبارڪ به انسان آهي، هن جون به ڪمزوريون هونديون، جن جي خبر آهي، اهي انهن کي عيانِ ڪري، بهترين جواب تيار ڪن ها.
نمبر ٻيو ته ڊاڪٽر مبارڪ پاڪستان جو نه پر برصغير جو مڃيل ليکڪ آهي. ان جي جواب ۾ ابراهيم جويو، سراج ميمڻ، پليجو يا قادر جوڻيجو صاحب وغيره لکن ها، ته مزو اچي ها. آخر ۾ بلڪل نئين ڳالهه، “اسان ۾ خاميون ڪمزوريون، ڪوتاهيون ۽ ڪچايون آهن ته ضرور“ انهن کان اسان ڪيستائين ڪنڌ ڪڍرائينداسين. موهن جي دڙي جي تهذيب، منڇر ايشيا جي وڏي ڍنڍ، سنڌي ادبي سنگت ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم، ڀٽو صاحب ۽ بينظير ڀٽو جي آسري ڪيستائين جيئنداسين. پنج دفعا سنڌي وزيراعظم ٿيا آهن پوءِ به خوار خراب آهيون. ڪا ته خرابي آهي.
پير ڳوٺ، جيڪو نئون ديرو جو محلو ئي آهي. قديم ڳوٺ آهي. پيرن (راشدين) جي ڪري هنڌين ماڳين مشهور هيو.
پيرن جي حڪمت ۽ پيري مريديءَ کان پوءِ مرحوم ذوالفقار شاهه راشدي جي شاعري به ڳوٺ جو نالو نمايان ڪيو آهي. مرحوم ذوالفقار راشديءَ جي ياد ۾ هن جي پٽ جڏهن ذوالفقار اڪيڊمي قائم ڪئي ته سومرو صاحب ان سان وابسته رهيو.
جڏهن شعر ٻڌائيندو هو ته ذوالفقار راشديءَ جا شعر به چئي ويندو هو. هڪ دفعي پڇيو هئائين؛ “ڇا ڳالهه آهي. دل کولي داد ڪونه ٿو ڏين.“ رهي نه سگهيو هيس. هن کي چيو هيم؛ “راشدي صاحب، نورالهدي شاهه جي لکڻين تي ڌر بڻجي، اهڙي تنقيد ڪئي هئي جو جيئيري مان ان کي وساري نه ٿو سگهان.“
مان نور الهديٰ شاهه جي ڌر آهيان توڙي جو ادب ۾ منهنجي ڪابه حيثيت نه آهي، مان ته صرف پڙهندڙ آهيان. راءِ رکڻ ۽ محبت ڪرڻ ۾ آزاد آهيان، مرحوم ذوالفقار راشدي سٺو شاعر هجڻ سان گڏ نقاد به هيو. هو عاشق مزاج ۽ خرچ ڪرڻ وارو انسان هيو. شهري اديبن ۽ دانشورن کي دل کولي ٻهراڙيءَ جون سوکڙيون، سچو گيهه، ماکي، آڙيون، بدڪون ۽ تتر وغيره موڪليندو هو.
ڪچي جي ڪري هتي تتر جام ٿيندا هئا. شاهه صاحب وڳڻن جي پاسي به رهندو هو. اتي سندس زمينون هونديون هيون. وارهه، نصير آباد ۽ وڳڻن وغيره جون ڍنڍون ۽ ڍورا سائبيريا جي پکين سان سياري ۾ ڀرجي ويندا هئا ۽ تمام سستا وڪامندا هئا. غريب ماڻهن جو روزگار هوندو هو. مان ڪيترا دفعا جيئرا خريد ڪري گهر کڻي آيو هيس. هنن جو گوشت سخت ۽ لذيذ ٿيندو هو.
B.Ed جي دوران سکر ۾ رهڻ ڪري ان سان منهنجو خاص انس رهيو آهي. اتي استادن ۽ دوستن سان ڪيل رهاڻيون، هاسٽل جتي رهندا هئاسون، لب مهراڻ ٻن پلين جي وچ ۾ درياهه جو پيٽ، ۽ ٻيٽ ساڌ ٻيلو، ٻيڙيون، آواره گردي ڪندڙ جوانن جا روپ، ڄڻ ڪلهه جون ڳالهيون آهن. توڙي جو ايترو وقت گذري چڪو آهي، جو وار ڪارن مان اڇا ٿي ويا ۽ هاڻ ته اڇا وار به اڏامندا پيا وڃن. پروفيسر سان حال احوال ٿيندا هئا. ڪارن نيڻن ۽ ڪارن وارن سان گڏ ادائن ۽ صدائن جو ذڪر خير به ٿي ويندو هو. ڏاڍي وقار ۽ حجابن وارو دور هيو.
سائين محمد هاشم ڊکڻ صاحب (پيرڳوٺ خيرپور) ۽ سائين رشيد احمد ميمڻ صاحب (آسٽريليا رٽرن) (اصل دادو) منهنجا پسنديده استاد هئا، هوشيار، ذهين ۽ صلاحيتن وارا استاد هئا. مون سان والد وانگر، شفقت سان پيش ايندا هئا. ڊکڻ صاحب وٽ وڃڻ معنى چانهه ضرور پيئڻ، روزانو ۱۵، ۱۶. پاڻ چانهه جو بل ڀريندو هو. سومري صاحب سان جڏهن ڳالهيون ڪندو هيس ته بي ساخته چوندو هو؛ “منگي وڏو خوش نصيب آهين.“
هڪ دفعي ڪمپيئرنگ ڪري رهيو هو، هڪ ادي اسٽيج تي اچي مائيڪ جي سامهون بيهي رهي، نه ڪجهه ڳالهائي رهي هئي ۽ نه وري اسٽيج تان هيٺ لهي رهي هئي. ڀرسان وڃي آهستي چيو هيو مانس ته ادي هلي پنهنجي سيٽ تي ويهو.
هاسٽلرس جي سالياني فنڪشن تي سکر جون فيمليز ايتريون اينديون هيون جو ڪرسين ۽ ويهڻ جو مسئلو پيدا ٿي پوندو هو، سڄو آڊيٽوريم ڀرجي ويندو هو.
B.Ed ڪاليج ۾ مسٽر فضل محمد ڀٽي پرنسپل ٿيو ته سومرو صاحب خيرپور ايندي ويندي لهي پوندو هو. تڏهن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ڪو نه هيو ته اتر سنڌ جو بي ايڊ ڪاليج سکر ڪو ايجوڪيشن جو وڏو ڪاليج هيو. نواب شاهه کان به اسٽوڊنٽس ٽيچرس ٽريننگ لاءِ ايندا هئا.
مسٽر فضل محمد ڀٽي اسان جي شاعر “تبسم“ صاحب جو ويجهو “عزيز“ آهي ۽ نئون ديرو هاءِ اسڪول ۾ استاد به ٿي رهيو آهي. هن جا ڪافي شاگرد سٺين نوڪرين تي آهن. هن جي ڪليگس سان به منهنجو اٿڻ ويهڻ رهيو آهي. ڀٽي صاحب کان اڳ ڪميشن پاس ڪري ڪاليج سائيڊ ڏانهن هليو ويو. ان وقت سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن مان محنت ڪري ڪميشن پاس ڪري تعليم کاتي جو گهڻو تعداد روينيو، پوليس ۽ ڪسٽم وغيره ۾ چونڊجي ويندو هو.
لاڙڪاڻي جي ٽينڪ روڊ تي ڪافي دفعا مون سان سومرو صاحب ملندو هو، پڇڻ تي ٻڌائيندو هيو ته ڀٽي صاحب ڏانهن وڃان ٿو. اڄ ڪلهه هو رٽائرڊ آهي ۽ اسٽيشن جي سامهون ڪٿي گهر اٿس.
پروفيسر ۽ مان محبت ۽ پيار جو مبهم ۽ شائسته لفظن ۾ پنهنجي عمرين جي حساب سان ذڪر ڪندا هياسي. مان محبت کي رات جي طوفاني برسات ۾ کنوڻ جي تجلي وانگر سمجهندو آهيان. جنهن کي به اهو جلوو ملندو آهي، اهو زندگي جا ڏک سولائي سان سهي ويندو آهي. جيڪو رهجي ويندو آهي، ان مان انسانذات کي فائدو نه رسندو آهي. هو پنهنجي محرومين جا پلو مظلومن مان پيو ڪڍندو آهي. هو هميشه لاءِ رلي ويندا آهن. “محبت“ مون وٽ سهارو آهي، “سختين سهڻ جو!“ اهو سهارو ٽٽي پوندو آهي ته ماڻهو اندران ئي اندران ڀور ڀور ٿي ويندو آهي.
“کنوڻ“ کي ڏسي سگهجي ٿو، پر محبت کي ڏسي نه ٿو سگهجي. آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ شام جو چٽ جي گرمي ۽ اٻس جي هوا جو هلڪو جهونڪو، گلاب ۽ رابيل جي خوشبو، محبت وانگر آهي، انهن کي محسوس ته ڪري سگهجي ٿو پر لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو آهي.
محبت ڪجي پر سنڌي روايتن ۽ اخلاق جي خلاف بڻجي نه. نه پاڻ تماشو بڻجي ۽ نه ٻين جي عزت جو جلوس ڪڍجي. محبت لڪندي ڪو نه آهي. پر پوءِ به ان کي لڪائڻ ۾ سڀني جي عزت آهي. سومري صاحب عرصو ٿيو جو مون کي انگلستان جي بادشاهه ايڊورڊ اٺين جي آمريڪي عورت سان عشق ۽ محبت جو داستان ٻڌايو هو. برطانيه جي آئيني رڪاوٽن جي ڪري هن ۱۹۳۶ع ۾ بادشاهيءَ کي لت هڻي ان محترمه سان شادي ڪئي هئي. هوءَ شادي شده هئي، هن جو نالو ويلس ۽ مڙس جو نالو ارنسٽ سپمسن هيو. ايڊورڊ جڏهن طلاق يافته ويلس سان شادي ڪئي ته فرانس ۾ رهي پيو. ۳۵ سال گڏ رهيا. مرڻ کان پوءِ ايڊورڊ جو لاش برطانيه آندو ويو هو ۽ ويلس واپس فرانس ۾ رهي پنهنجا ڏينهن پورا ڪيا هئا.
سومري صاحب، مٿين جوڙي جو ٻيو قصو به ٻڌايو هو، پر ڪتابن مان مون کي اهڙي تصديق ٿي نه سگهي آهي، ان ڪري اهو نه ٿو لکان.
ان وقت عبدالقادر منگي صاحب جي گهر واري گذاري وئي هئي. فورن ان کي خط لکيو هيم يا کيس ٽيليفون تي ٻڌايو هيم ۽ چيو هيم ته: “وارو ڪر ڪا محبت جي ئي ٻي شادي ڪر. بچي پوندين گناهن کان.“ هو ان قصي کان اڳ ۾ ئي واقف هيو. جواني، ٽي نوجوان ٻار (ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ) مڙس ڦاسي پيو هو. فيصلي ڪرڻ ۾ جلدي ڪو نه پئي ڪيائين. اولاد کي پيءُ سان گڏ والده واري کوٽ به ڀرڻ جا جتن ڪرڻ لڳو هو. ان ذهني خلفشار واري دور ۾ بنگلا، ڪارون ۽ کاڌا پيتا ڪو نه وڻندا هوندس. پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار هيو. زماني جي ٿڌي ڪوسي ۽ جهان کان واقف هيو، سڀ پاسا سوچي، اولاد جي رضامندي سان ٻي شادي ڪيائين.
تازو هڪڙو محترم شخص سان ملڻ ٿيو، هن پنهنجي اسڪول جي زماني ۾ گڏ پڙهندڙ ڇوڪريءَ سان محبت جو قصو ٻڌايو. هن جو لهجو، جملن جي ادائگي، چهرو ۽ سنجيدگي، ڳالهه کي وزن وٺائي رهي هئي. هن چيو ته ۴۰، ۴۵ سالن کان دل ۾ سانڍيل منهنجي محبت آهي. هن کي بلڪل خبر نه آهي، پر هن سان منهنجو انس رهيو آهي. مان هن کي ڪڏهن به دل ۽ ذهن مان ڪڍي نه سگهيو آهيان. هن کي ڀلائڻ جي ڪوشش به نه ڪئي اٿم. ٿي سگهي ٿو هن محسوس ڪيو هجي. پر ڪڏهن به هن ڪو اظهار به نه ڪيو آهي، جو مان ڊاڙ هڻي سگهان. اسان جون فيمليون وقفي وقفي سان ملنديون رهنديون آهن. هن جو مڙس ۽ ٻار، منهنجا ٻار ۽ گهر واري، هڪ ڊرائنگ روم يا پڪنڪ پوائنٽ تي گڏ هوندا آهن.“
اهو انسان سومري صاحب جي واسطي وارو آهي. محبتن کي ائين لڪائڻ ۽ ساهه سان سانڍڻ ڪڏهن سنڌ جي روايتن ۾ شامل هو.
هن جو نالو لکڻ مناسب نه آهي، ”گلاب کي ڪهڙي نالي سان به سڏيو، ھو خوشبوءِ ۽ رنگ ۾ ساڳيو هوندو.“ (شيڪسپيئر)
سومري صاحب سان جڏهن به ملڻ ٿيندو هو ته جلدي سوال ڪندو هو ته “ڇا ٿو پڙهين؟“ هڪ دفعي ڏاڍو اداس ۽ تتل هيس. فورن چيو مانس، “يار ڪتابن ۾ ڇا آهي؟ اڄ ڪلهه ماڻهن جا چهرا ۽ نيتون پيو پڙهان. بظاهر شريف ۽ پڙهيل ماڻهن جي منافقت، ٺڳين ۽ هيرا ڦيرين وارو باب، ڏاڍو حيرت ۾ وجهندڙ ۽ دلچسپ آهي.“
سياڻو ماڻهو هو، گڏجي هلي، ايوب قادريءَ کي ڳولي ڪچهري ڪري ۽ چانهه وغيره پي تازا ٿيا هياسين.
ٻئي دفعي به ائين ڦاٽي پيو هيس، هن سان، “سومرا، منهنجي ذهن ۽ اندر ۾ دوزخ واريون ڇوليون آهن. مان خاڪ ٿي ويندس. زمانو ائين ئي رهندو.“
پوءِ هميشه چوندو هو، “مون کي روز نئين دوزخ کي پار ڪرڻو ٿو پوي! شل الله رحم ڪري.“ ائين چئي پوءِ چوندو هو، “تون به هڪ دفعي اندر جي دوزخ جو ذڪر ڪيو هيو.“
منهنجي ذاتي راءِ آهي ته انسان اگر هزارين سال زندهه رهي، پوءِ به هن مانڊاڻ کي سمجهي ڪو نه سگهندو. اسان جي ايڏي Approach نه آهي. اسان جهڪڻ ۽ ٻاڏائڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون. جنهن ايمان جو حڪم ٿيل آهي، ائين ڪيون ۽ بهتر ٿيڻ جي ڪوشش ڪريون. ٻيو ڪجهه اسان جي وس نه آهي.
مرحوم نذير احمد سومري جو واسطو سردار الله بخش جلباڻي مرحوم سان به هيو. سومري صاحب کي ذاتي طور تي سڃاڻندو هيو. لاڙڪاڻي ڊويزن جو ڪمشنر جناب نظر محمد مهر صاحب، هسٽاريڪل سوسائٽي طرفان رتوديرو ۾ فنڪشن ڪرايو، موضوع هيو، “رتوديرو جي تاريخي حيثيت“.
پروفيسر صاحب ڪمپيئرنگ ڪري رهيو هو. اسٽيج تي مهر صاحب ۽ سردار صاحب سان گڏ ٻيا به ويٺل هيا.
جلباڻي صاحب ان وقت سخت غصي ۾ اچي ويو، جڏهن رتوديرو نالي پٺيان مقررن رتو مل وغيره وٺڻ شروع ڪيو. بدر ابڙي صاحب چيو هو ته، “ممڪن آهي رتوديرو، موهن جي دڙي جي دور جو هجي.“ مان اتي موجود ڪو نه هيس. اهو جلباڻي صاحب، سومري صاحب ۽ ٻين جي زباني ۽ اخبار ۾ پڻ پڙهيو هو. سردار، جواب ۾ ڳالهائڻ پيو چاهي. پر مهر صاحب هن سان حجت ڪندي چيو هو ته “توهان ۽ مان آخر ۾ ٿا ڳالهايون، جيئن هميشه ٿيندو آيو آهي.“
جلباڻي صاحب فنڪشن ڇڏي ڳوٺ هليو آيو هو. جڏهن مان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پنهنجي ذاتي ڪم خاطر مليو مانس ته امام راشدي ۽ پروفيسر تي ڏاڍو ناراض هيو، ٻه اڍائي ڪلاڪ گفتگو ڪئي سون. موضوع کٽي ئي نه. رات ٿي وئي، لاچار کانئس موڪلائي نئون ديرو آيس. سومري صاحب کي ڳولي سمورو تفصيل ٻڌايم. آخر ۾ طئي ٿيو ته گڏجي جلباڻي صاحب وٽ هلنداسين. قدرت جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو اوچتو جلباڻي صاحب ڪراچي هليو ويو ۽ اتي اهڙو سخت بيمار ٿي پيو، جو وفات ڪرڻ کان پوءِ سندس مڙهه مسو ديرو آيو. ٻه ٽي سال لاڳيتو ڪراچيءَ جي اسپتالن ۽ پنهنجي بنگلي تي بيمار رهيو.
جلباڻي صاحب جا وڏا، سياست ۾ ايوب کهڙي ۽ قاضي فضل الله جي ويجهو هئا. اهڙي طرح جنرل ضياءَ جي دور ۾ مجلس شورى جو ميمبر ۽ صوبائي صلاحڪار ٿي رهيو. سنڌ يونيورسٽيءِ مان ماسٽرس ۽ ايل ايل بي ڪئي هئائين. اتي جيئي سنڌ وارن جي ويجهو رهيو، پر Active يا عهديدار نه هيو. مرحوم عبدالحميد جتوئي، غوث بخش بزنجو، امان الله شيخ ۽ شاهه محمد شاهه وارا ايم آر ڊي تحريڪ هلڻ کان اڳ مسو ديري آيا هئا. جلباڻي صاحب سڄو جلبُ گهرائي سٺي مانيءَ جو بندوبست ڪري سٺو آدرڀاءُ ڪرايو هو. مان اتي موجود هيس، جتوئي صاحب، شيخ صاحب ۽ شاهه محمد شاهه سان ڪچهري ٿي هئي. عبدالحميد جتوئي ته ٻه ٽي سوال اهڙا ڪيا جو جلباڻي صاحب جي موجودگيءَ ۾ مان جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو هيس. بعد ۾ امان شيخ مون کي ٻڌايو هيو ته “سابق جيئي سنڌ وارا پڇن پيا ته جلباڻي صاحب جي راڄ ۾ رهندي ڪو ائين ڳالهائي ۽ سوچي سگهي ٿو.“
منهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ سردار صاحب مون کي ڏاڍو ڪم آيو هو. مائٽن جا ڦڏا، نوڪريءَ جي بدلين جا چڪر، سنگت جا ڪم ڪار، مطلب ته جيڪي وس ۾ هوندو هيس، اهو وڏڙن ابي ۽ چاچي جي ڪري چانهه به پياريندو هو ۽ مسئلي جي حل ۾ به مدد ڪندو هو.
سندس ننڍو ڀاءُ مير لياقت علي خان مرحوم چوندو هو: “ڪم سان آيو هوندين، ائين ڪچهري ڪرڻ لاءِ ڇو نه ٿو اچين؟“ گڏ کيڏيا ۽ پڙهيا هياسين، مان مانيٽر هوندو هوس. فيئر بوڪ بلڪل نه ٺاهيندو هو. استاد اهڙا هوندا هئا جو غريبن ۽ سردارن جي ٻارن ۾ ڪو فرق نه رکندا هئا. مان هن کي لم ٺپ ڪري اٿي بيهڻ کان بچائي وٺندو هئس. سردار صاحب کان گهڻو پرڀرو ٿي ڪچهري ڪندا هئاسين. هاڻي ته صرف سندس ٽيون نمبر ڀاءُ امجد علي خان ئي منهنجي سڃاڻڻ وارن مان بچيو آهي. باقي سڀ نوجوان آهن. الله کين خوش رکي.
مسو ديري ۾ اڄ به جلباڻي قبيلي جون ٻه شاخون جدا جدا پاڙن ۽ ويڙهن جي صورت ۾ رهن ٿيون. (۱) رتاڻي شاخ (۲) ڳاڙهاڻي شاخ. رتو خان جلباڻي جي پاڙي مان آهن. رتاڻي پاڙي مان ئي سردار هيو. پڳ جا حقدار رتاڻي خاندان مان آهن.
ڳاڙهاڻي، ڳاڙهو خان جلباڻي جو اولاد آهن. ٻنهي شاخن جي خاندان کي وڏڙن جون زمينون ورثي ۾ مليون. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندن جون زمينون به انهن آباد ڪيون. ڪجهه ڪليم ٿيا پر شروع کان اهي اردو وارا مسو ديري ۾ اسان ڪو نه ڏٺا. اهي سڀ سامهون جون ڳالهيون آهن. شجرن ۽ ڪتابي ڳالهين ۾ وڃبو ته تمام گهڻي ڊيگهه ٿي ويندي. ڀانڊي واري مقبري ۾ به دفن ٿيل جلباڻي مرحوم آهي. هن وقت قبيلي جو موجود سردار، علي نواز خان ولد الله بخش آهي، جيڪو نوجوان ۽ ڪيڊٽ ڪاليج جو پڙهيل آهي.
سومري صاحب جي زندگيءَ ۾ ڪچايون ڦڪايون هونديون. اهي نه لکڻ جو مان ذميوار آهيان. پر ڪنهن ڏي جوابده بلڪل نه آهيان. جيئن مورخ هوندو آهي.
مان ڪوپ مان چانهه جي سپ وٺڻ جو عادي آهيان. تنهنڪري ڪوپ جا ٿلها ڪنا به چانهن پيئڻ ۾ مون کي بي مزي ڪندا آهن. سومرو صاحب بسيءَ ۾ چانهه پيئندو هو. جنهن ڪري اڪثر ڪري هن جا صاف ۽ ڪلف ٿيل ڪپڙا چانهه ۾ خراب ٿي پوندا هئا. هن جي ڪپڙن ۾ سگريٽن جا سوارخ هوندا هئا. پنج وقت نماز پڙهندو هو، جنهن ڪري بوٽن سان ته حالت ڪندو هو. بوٽن جو پويون پاسو سينڊل وانگر ڪري ڇڏيندو هو.
هڪ دفعي نئون بوٽ وٺي آيو. اهو مون کي به وڻيو. لاڙڪاڻي مان وڃي اهڙو وٺي آيس. صرف نمبرن جو فرق هيو. اهو بوٽ مسجد مان ڪو چورائي ويس. ملڻ سان بغير وقت وڃائڻ جي چيائين، “منگي هڻي ڇڏيئي! بوٽ چورائجي ويو. ڏاڍو ڏک ٿيو.“ سمجهايو مانس؛ “هيتري عمر ٿي اٿئي، نماز پڙهڻ جا به ڪجهه آداب آهن. بوٽ هميشه پنهنجي سامهون يا اهڙيءَ طرح ڀر ۾ رکجي جو چورائڻ وارو ڏهه دفعا سوچي ته مالڪ نه صرف نماز پڙهي رهيو آهي، پر بوٽ ۽ سامان جي چوڪيداري به ڪري رهيو آهي.“
سائين ايوب جي وفات کان پوءِ سرور سومري (غلام سرور سومرو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو) جي هوٽل تي پروفيسر سان گڏجي رهاڻ به ڪندا هياسين ۽ چانهه به پيئندا هئاسين. هوٽل وري ڇا آهي. هڪ بينچ جو اوڀر منهن آهي ۽ هڪ اسٽول. تمام ننڍڙي ايراضي آهي. ڀرسان مائٽ جي پڙي اٿس. ان بينچ جو منهن اولهه طرف آهي، ماڻهو وڌي ويندا آهن ته ان تي به ويهندا آهن. سالن کان چانهه اتي پيئندا اچون. چانهه تازي ٺهندي آهي. جيئن ڪراچي ڪلفٽن تي سمنڊ ڪناري لهرون ڏسبيون آهن. تيئن مان اتي ويهي ماڻهن جي اچ وڃ ڏسندو آهيان. ڏٺل وائٺل، اڻ ڏٺل، فقير، فقيراڻيون، هيروئني، داداگير، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل، روزگار سان ۽ بي روزگار، هرڪو هُل هُلاڪن ۾. ڪنهن کي مرڻ جيئڻ جي ڪا پرواهه نه. بظاهر هر ڪو ڪيڏو خوش ۽ چالاڪ نظر اچي ٿو. دردن مٿان اسان ڪيئن تهه چاڙهي ٿا ڇڏيون. ايئن ڇو آهي؟ فنڪاري آهي يا فطرت جي تقاضا؟ ڀلا رڙين ڪرڻ سان حالتون تبديل ته ڪو نه ٿيون ٿين. تنهنڪري مرڪندي وقت گذارجي ته بهتر.
اڄ اڪيلو وڃي چانهن پيتم. اتي اڪيلو ويهڻ سزا سمجهندو آهيان. ويچارو ٿي پوندو آهيان. پوءِ به ويهي رهيس. سرور سومري کان پڇيم. پهرين چانهه گهڻي ۾ وڪڻندو هئين. ٻڌايو هئائين، “ٻِين آني ۾.“ هاڻي اها ڇهين روپين ٿي وئي آهي. ۱۲ پئسن واري چانهه ۶۰۰ پئسن ۾ ٿي وئي آهي. پر اها ٻي آني واري چانهه لاڙڪاڻي جي سپنا هوٽل جي چانهه کان بهتر هوندي هئي. مون کي ياد آ، هر هر ٿري لاهڻي پوندي هئي. چانهه جي ٿري چپن کي چنبڙي پوندي هئي. اڄ نج کير ئي ڪو نه رهيو آهي، چانهه جي مٿان ٿري ڪيئن ٺهي.
ڄاڻي واڻي سرور سان پروفيسر جو ذڪر ڪو نه ڪيم. اڳ ٻه ٽي دفعا ذڪر ڪيو اٿمانس. اڌ ڪلاڪ کن ويهي اٿي آيس.
مرحوم احمد علي شاهاڻي به سومري صاحب جي ويجهن صحبتين ۾ هيو. سندس ڳوٺ چوهڙ پور هيو، جتان مائٽن جي جهيڙن ڪري ڏاڍو تنگ ۽ خفا ٿي، لڏڻ جو پروگرام ٺاهيائين. مون سان صلاح ڪيائين، مان نه روڪي سگهيو مانس ۽ نه وري همٿايو مانس ته وارو ڪر. الائي ڪيترن ماڻهن سان صلاحون ڪيائين. ٺٽو، نئون ديرو، هيڏي هوڏي، شريف ترين ٻچڙيوال ماڻهو اصل بي چين ٿي پيو هو. سومري صاحب ڳالهه ٻڌائي ته ڳوٺ شاهاڻي صاحب آيو ۽ مون کي چيائين ته پير ڳوٺ ۾ جاءِ وٺي ڏي، اتي گهر ٺاهيندس. سومري صاحب جيڪو چيس، اهو مون کي ٻڌايائين، جيڪو لکڻ مناسب ناهي. نتيجو اهو نڪتو ته شاهاڻي صاحب، لڏڻ کان بس ڪري ويهي رهيو يا اسان سان ڳالهيون ڪرڻ ڇڏي ڏنائين. مرحوم احمد علي شاهاڻي ترت پوءِ هن جهان مان لڏي ويو. هن جا ٻچڙا اڃا اتي چوهڙ پور ۾ رهن ٿا. هو پڙهيل لکيل، عربي ۽ فارسي ڄاڻندڙ، بااخلاق ۽ دو ٽوڪ جرئتمندي سان ڳالهائيندڙ، چوندو هو، “ادا منگي! اهڙو جهان ٿي پيو آ، جو جنهن کي چانهن پياريندين اهو اٿڻ کان پوءِ ضرور تنهنجي گلا ڪندو! نه ته ماني نه وڻندس.“
هڪ دفعي ٻڌايائين؛ “هڪڙي ماڻهوءَ کان نالو پڇيم! هن نالي کان اڳ ۾ حاجي سان نالو ٻڌايو. مان هن کي چيو ته ادا، مان نمازي احمد علي شاهاڻي آهيان.“ اهڙا انسان هليا ويا. جن جون ڪيئي ڳالهيون اکين اڳيان ترن ٿيون.
سائين نجي الله صاحب سان اروڙ ۽ ڪالڪان ديوي جي (مندر) گهمڻ جو پروگرام هيو. صبح جو عبدالخالق ۽ مان سائين وٽ پهتاسين ته شاهاڻي صاحب اتي اڳ ۾ ئي ويٺو هو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته؛ “ڳوٺ مهمان آيل آهن. سوير ڀاڄي وٺڻ آيو آهيان.“ اسان پوٺوهار گاڏي جي پٺين سيٽ تي ويٺاسون، شاهاڻي صاحب کي سائينءَ پاڻ سان ويهاريو ته “موٽي ٿا اچون.“ سکر، روهڙي نيٺ اروڙ پهچي محمد بن قاسم واري شهيد ٿيل (ڊٺل) مسجد جا آثار ڏٺاسون. ماموئين وارو بيت زبان تي تري آيو:
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ
بهه مڇي ۽ لوڙهه، سمي وبندا سوکڙي.
پوءِ جو ڏسون ته شاهاڻي صاحب غائب آهي. ڪافي دير انتظار ڪرڻ ۽ هيڏي هوڏي ڏسڻ کانپوءِ، ان کانسواءِ ئي ڪالڪان ديوي جي رستي تي، جبل ڏانهن هلياسون.
ڳوٺ اچي جڏهن شاهاڻي صاحب سان ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ملياسون ته ٻڌايائين ته “ادا، نجي الله صاحب زور آور ماڻهو آهي. لڪي ويهي رهيس. توهان ويا پوءِ بس آئي. ان تي روهڙي، سکر ۽ نيٺ ڳوٺ پهتس.“
عبدالخالق ڪنڌر صاحب، سومري صاحب ۽ منهنجي واسطي وارو آهي. منهنجي زندگيءَ ۾ اهو واحد سنجيده نوجوان آهي، جنهن سان اٿڻ ويهڻ، گهاٽائپ، حجت ۽ دل جون ڳالهيون آهن. مان وڏي واڪ چوندو آهيان؛ “جيڪڏهن باقي شهرين مان ٽي اهڙا ماڻهو مون کي ملن ته شهر جي سوشل لائيف اسان بدلائي سگهون ٿا.“ ڏاڍو سنجيده ۽ ڪاز سان سچو رهڻ وارو آهي. لالچ بنهه نه اٿس، هر ماڻهوءَ کي ڪم اچڻ وارو انسان آهي. هٿ جو ڪشادو. ڀٽن جي شهر ۾ اهڙا ڀٽڪا ڪم ڪندو آهي، جو الامان، الله پناهه ۾ رکندو اٿس. سنڌ بوڪ اسٽال. ڄڻ الائي ڪيترن ماڻهن جي اوطاق ۽ گڏجڻ جو ذريعو آهي. سومري صاحب کي جڏهن فون تي نه ملندو هيس ته اتي ايندو هو. منهنجو مڙهه مقام اهو هئو. ڪچهري، کائڻ پيئڻ ۽ چانهه وغيره به اتي. نه ملندو هيو مانس ته نياپو اتي ڇڏي ويندو هو. هو ٻئي پاڻ ۾ به گهرا هئا. ڪتاب ۽ رسالا به کانئس وٺندو هئس.
بيماريءَ جي دوران مولوي عبدالرحيم ڪنڌر صاحب سان مسجد ۾ ملڻ ايندو رهندو هو. هن کان دعائون گهرائيندو هو. مولوي صاحب، عبدالخالق ڪنڌر جو وڏو ڀاءُ آهي. هيءَ سڄي فيملي فقيرن جي نالي سان مشهور آهي. عبدالرحيم صاحب، مدرسن ۾ مذهبي تعليم پڙهيل ۽ ڪميشنڊ پروفيسر آهي. وڏن کان وٺي پير مٺا جي مسلڪ سان لاڳاپيل آهن. هو تبليغ لاءِ پنجاب، سرحد ۽ دبئي وغيره تائين ويندو آهي.
سومري صاحب سان ٻين به ڪيترن جو تعلق هيو، ڪهڙا لکي ڪهڙا لکان؟ عاجز آهيان!
نڪتيون، تنهن جون ڳالهڙيون،
جيئن پاڻيءَ تي هنج
(اياز)
زندگيءَ جي رڃ ۾ زخمي هرڻ
ٿا پڪارن، ڪو وڃي پاڻي ڀرڻ
(اياز)
ادائون، صدائون بڻجي ويون
محبتون جفائون بڻجي ويون،
عجيب آهي قانونِ فطرت،
يادگيريون سزائون بڻجي ويون.
(عاشق)