تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم

ڪتاب ”اسان جي ٻولي اسان جي تعليم “ جو مرتب ناميارو ليکڪ ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو صاحب آهي. هي ڪتاب سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد پاران 1985ع ۾ ڇپايو ويو
Title Cover of book اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم

  ٻه اکر

معاشري ۾ فرد جي ڳالھ ھجي يا قومن جي برادريءَ ۾ ڪنھن قوم جي، ھيڪلِي ۽ ننڍي ھستي ھميشہ پيارُ چاھي ٿي، ڀروسو چاھي ٿي ۽ مانُ چاھي ٿي – ڇو ته اُن کي پنھنجو جيئنُ عزيز آھي. پر جڏھن اُن تي پڌرو ٿي وڃي ٿو ته اُن سان پيار نه پر ڳَلٿو ٿئي ٿو، اُن تي ڀروسو نه پر شڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ اُن جو مانُ نه پر اُن سان ڌؤنس روا رکي وڃي ٿي - ۽ اُھو سمورو وقت، اُن جي اُپت ۽ اِثاثي، وسائل ۽ ورثي ۾ ئي ڏاڍي پَکَ جي ھوس ناڪ اک کُتل آھي – تڏھن اُھا 'معاشري' کان. 'برادريءَ' کان، مُنھن موڙڻ تي مجبور ٿئي ٿي، ۽ پنھنجي جيئاپي لاءِ آراڌا جتن ڪري ٿي. اھڙيءَ ڪيفيت جو آخري ۽ واحد عنوان ھيءُ بڻجي ٿو ته اُن جي ڪابه حَقي ڳالھ نٿي ٻُڌجي، اَڌ ٻُڌجي ٿي، ۽ غلط ٻُڌجي ٿي، ۽ ڪڏھن به نٿي مڃجي – ايتري قدر جو، اُن کي يقين ٿي وڃي ٿو ته سواءِ زور جي معاشري يا برادريءَ کان اُن کي حق ملڻو نه آھي. اُن حالت ۾ معاشري يا برادريءَ ۽ اُن ننڍيءَ ھستيءَ جي وچ ۾ ويڇي ۽ ڌاريائپ جي فولادي ڀِت اُڀي ٿي وڃي ٿي، ۽ پوءِ اُھا آراڌي انساني ھستي، فرد جِي يا قوم جِي، پنھنجي ذات ۾ پاڻ ئي جدا ھڪ 'معاشرو'، جدا ھڪ 'برادري'، بڻجي پوي ٿي: ۽ پوءِ موٽ ۾ زور جي عمل سان اُھا انفراديت ۽ اُھا قوميت وري ڪڏھن مات نٿي ٿئي – سواءِ اِن صورت جي، جو مِٽجي وڃي يا پاڻُ ميٽي ڇڏي. اھڙي خودشناس ۽ باشعور انفراديت ياقوميت (جيسين پاڻُ نٿي ميٽي، تيسين) پنھنجي ذات ۾ ھڪُ پاڻَ – زورو ڪرشمو، ھڪَ پاڻَ – پورِي قدرت بڻجي جيئي ٿي، يعني فقط خود- اراديت جي شرط تي، ۽ اُن جي وجود جو ڪُل انساني برادريءَ جي وجود ۾ پوءِ مستقل ۽ مساوي حصو قائم رھي ٿو.
سنڌي معاشري ۽ سنڌي قوم کي به تاريخ ۾، ڪافي ڪجھ وقت، دنيا جي ٻين اڪثر معاشرن ۽ قومن وانگر، ڌارين جي تسلط ھيٺ، اِن طرح جي ڳلٿي، تشڪيڪ ۽ ڌؤنس جو نشانو بڻجي رھڻو پيو آھي. اڄ به اُن جي ڪنھن حَقي ڳالھ کي ٻُڌو نه ٿو وڃي، اَڌورو ٻُڌو ٿو وڃي، ڄاڻي ٻُجھي غلط ٻُڌو ٿو وڃي، ۽ ھرگـز مڃيو نٿو وڃي. اڄ به اُن جي اَنيڪ جائز قومي تمنائن سان گڏ، جيڪي اُن جي وجود جي بقا لاءِ لازمي آھن، اُن جي پنھنجي قومي ٻوليءَ جي جائز امنگن ۽ حَقن کي، ڏٺن وائٺن ڳلٿي ۽ ڌؤنس جي اقدامن سان دٻائڻ جي ساڳيءَ انھيءَ جارحانه ۽ قابضانه پاليسيءَ تي عمل ٿي رھيو آھي. سنڌي اديبن ۽ فنڪارن کي حرصائي، 'علاقائي' بي آب و گياھ پَٽَن مان ڪڍي، 'قومي' سرسبز چراگاھن ڏانھن نيو وڃي ٿو؛ سگھارن ابلاغي ذريعن – پريس، ريڊئي، ٽيليويزن- کان، 'علاقائي' ٻوليءَ کي پرڀائي ۽ ڌناري رکڻ ۽ 'قومي' ٻوليءَ کي آڍي مَکي، وڏو ڪري، مُلڪن ۽ ماڻھن مٿان مڙھڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو؛ مملڪتي سھولتن ۽ موقعن کي- ادارائي، تنظيمي، تعميلي، ۽ پڻ تعليمي دائرن ۾ - 'قومي' ٻوليءَ جي سلطاني رتبي کي وڌائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو، ۽ 'علاقائي' ٻوليءَ کي نظر مان ڪيرائي ڇڏيو وڃي ٿو ته ڀَل ته اُھا پنھنجي مُنھِن مِٽيءَ ۾ ليٿڙندي رھي؛ ھٿرادو نظرياتي تبرڪات ۽ تعقيدات جي آڙ وٺي، ھڪ ساھيءَ ۾ مذھب کي قوم جو واحد اِساس چئي، 'علاقائي' ٻوليءَ جي نظراندازيءَ جو جواز، ۽ ٻي ساھيءَ ۾ ٻوليءَ کي قوم جو ٻيو اِساس چئي، قومي ٻولي جي تقديس جو جواز موجود ڪيو وڃي ٿو، ۽ اِئين اسين جيڪي پنھنجي مادري ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃون ٿا تن کي خلافِ مذھب ۽ ملڪ- دشمن، قوم- دشمن چئي، تشڪيڪ ۽ ڌؤنس جي نشاني ھيٺ رکيو وڃي ٿو، ته جيئن اسين خاموش رھون، پيش پئون، ۽ پنھنجي انفراديت، پنھنجي قوميت، پنھنجي انسانيت تان ھٿ کڻون، ۽ معاشري ۾، قومن جي برادريءَ ۾، ڏاڍن جي شِڪم پُريءَ لاءِ نرم نرم ۽ سڻڀو گراھ بڻجون.
ھِن ڪتابچي ۾ ”اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“ جي عنوان ھيٺ، پنھنجن خير طلب ۽ دانشمند بزرگن ۽ سڄڻن جِي پُختي راءِ ۽ نيڪ صلاح پيش ڪئي ويئي آھي، ته اسان کي پنھنجِي اِھا ٻين جي سڻڀي گراھ بڻجي وڃڻ جي قسمت قبول ڪانھي، ۽ اِن انڪار ۾ اسين دين، سياست، تعليم ۽ ھر علمي ۽ صالح نظرياتي صداقت سان پوريءَ طرح سچا آھيون ۽ سچا رھنداسين.
اميد ته خيالن جي ھيءَ ياداشت، جيڪا خاص طرح سنڌي ٻارن ۽ نوجوانن جي مائٽن ۽ استادن، ۽ سنڌ جي تعليم دانن ۽ تعليم ڪارن، ۽ تعليمي عملدارن ۽ اعليٰ حڪومتي اختيار جي صاحبن جي توجھ لاءِ شايع ڪئي ويئي آھي – اِھي اسان جا عزيز، دوست ۽ ڪرم فرما سڀ ڌيان سان پڙھندا، ويچاريندا، ۽ جي اُن سان متفق ٿين ته اُن کي، پنھنجي پنھنجي دائري ۾، عمل ۾ آڻڻ جا پورا جَتن ڪندا- اِھو ئي اسان لاءِ اسان جي ھِن نماڻيءَ محنت جو لائق صد تحسين عِوض ٿيندو.

حيدرآباد سنڌ
محمد ابراھيم جويو
14 آگسٽ، 1985ع