تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم

ڪتاب ”اسان جي ٻولي اسان جي تعليم “ جو مرتب ناميارو ليکڪ ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو صاحب آهي. هي ڪتاب سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد پاران 1985ع ۾ ڇپايو ويو
Title Cover of book اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم

قومي زبان ۽ تعليمي زبان

قومي زبان ۽ تعليمي زبان
*****
عثمان علي انصاري

ڪنھن به ملڪ جي ”قومي زبان“ جي تعين جو حق اُنھيءَ ملڪ جي سياسي مدبرن، يعني حڪومت ھلائڻ وارن، کي ھوندو آھي، ۽ ھجڻ به گھرجي. پوءِ اُھي سياستدان اُنھيءَ مسئلي جا سمورا پھلو اڳيان رکي، عوام جي عام فھم زبان کي قومي زبان قبول ڪندا آھن، ۽ رفتي رفتي اُنھيءَ قبول ڪيل زبان کي غير محسوس طريقن سان وڌائيندا ۽ مالامال ڪندا ويندا آھن. ليڪن ”تعليم جي زبان“ جو تعين ڪرڻ فقط 'تعليم' جو حق آھي: يعني ته تعليم جي ماھرن جيڪو عام حُڪم تعليمي زبان جي باري ۾ ڪيو آھي، ان کي سياست يا حڪومت پُٺي نٿي ڏيئي سگھي، ۽ جيڪڏھن ڪن خاص مجبورين جي ڪري ڏيندي، ته قوم جي تعليمي ترقيءَ جون اميدون ھڪ خواب جي صورت اختيار ڪري منتشر ٿينديون وينديون. تعليم جي ماھرن جو ساريءَ دنيا جي تعليمي زبان لاءِ ھڪ ئي حڪم آھي. ڪھڙو؟ ته ' ٻار کي تعليم فقط اُنھيءَ زبان ۾ ڏني وڃي، جا اُنھيءَ ٻار جي نيم شعوري زبان آھي '- يعني ته اُھا زبان، جنھن ۾ ٻار خواب لھندو آھي – اُھا زبان جا بي اختياريءَ جي حالت ۾ سندس منھن مان نڪري: ڇو ته اھڙيءَ زبان جي ڳالھائڻ يا سمجھڻ ۾ ٻار جي ذھني قوتن تي بار نه پوندو؛ اھڙيءَ زبان ۾ ڪنھن ماستر يا ڪنھن بزرگ جِي سمجھاڻي بنان ڪنھن تڪليف جي سمجھي سگھندو؛ ڪنھن به مشڪل مسئلي کي، جو اھڙي زبان ۾ لکيل ھوندو، ٻار تمام ٿوريءَ ذھني ڪاوش سان ذھن نشين ڪري سگھندو. پر جي تعليم جي زبان سندس خواب جي زبان نه آھي، ۽ ٻي ڪھڙي به دنيا جي بھترين زبان آھي، ته سندس ذھني تازگيءَ جو تمام وڏو حصو فقط انھيءَ زبان جي سمجھڻ ۾ خرچ ٿي ويندو، ۽ معلومات جو نُور سندس ذھن ۾ داخل نه ٿي سگھندو. اھو آھي ”تعليمي زبان“ بابت 'تعليم' جو نظريو، جو بلڪل حتمي ۽ آخرين نظريو آھي، جنھن ۾ ڪابه ردبدل نٿي ٿي سگھي. نيم شعوري زبان جي پڙھيل کي ' تعليم يافته 'چئبو آھي؛ ۽ ٻين کي ' تعليم زده ' چوڻ گھرجي، توڻي جو انھن بي. اي يا ايم. اي جي ڊگريءَ به پنھنجي صحت جو نذرانو ڏيئي ھٿ ڪئي ھجي.
نيم شعوري زبان ڪھڙيءَ طرح سِکبي آھي، ڪڏھن سِکبي آھي، ۽ ڪنھن کان سِکبي آھي: انھن سوالن جا جواب به تعليم جي نظرين مطابق ھجڻ گھرجن، ڇوته نيم شعوري زبان کي دنيا جي ' تعليم جي بنيادي زبان ' قبول ڪيو ويو آھي.
ھاڻي پھرين سوال جو جواب آھي ته اُھا زبان غير شعوري طرح ٻار سِکندا رھندا آھن؛ نه پاڻ سِکڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، ۽ نه ڪو ٻيو کين سيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
ٻيو سوال آھي ته اُھا زبان ٻار ڪڏھن سِکندا آھن؟ تعليم جو جواب آھي ته اُن وقت سِکندا آھن، جڏھن کين ڪابه زبان ڪانه ايندي آھي: يعني ته بلڪل صاف سليٽ تي، جا پھرين زبان پنھنجا نشان ڇڏيندي ايندي، ۽ ٻار بنا ڪنھن ڪوشش جي اُنھن نشانن کي غير شعوري طور قبول ڪندو ايندو آھي. ھيءَ ته ھڪ قبول ڪيل حقيقت آھي ته خوراڪ کان پوءِ ٻئي نمبر ۾ ھڪ ٻار جي وندر جو سامان آواز ۾ ٿيندو آھي. ھڪ روئندڙ ٻار کي پرچائڻ جا قدرت ٻه طريقا ھر ھڪ ماءُ کي سيکاريا آھن: ھڪ ٿڃ ڏيڻ، ۽ ٻيو ڪنھن به قسم جو آواز ڪرڻ – مثلًا، يا ته جھِنجھِڻ جو، يا ڪنھن شيءِ تي ٿـَڦ ٿـَڦ ڪرڻ، ۽ يا ٻار سان ڳالھائڻ جو. اھو وقت آھي، جڏھن ٻار غير شعوري طرح سان ڪا زبان سِکندو ٿو رھي، ۽ ماءُ زبان سيکارڻ جي ڪوشش کان سواءِ فقط ٻار کي پرچائڻ يا مامتا جي محبت ونڊڻ جي ڪوشش ۾ ٻار کي زبان سيکاريندي ٿي رھي. تعليم جي ماھرن جو چوڻ آھي ته ڪوبه انسان پنھنجي خوشيءَ سان ۽ قدرتي طرح فقط اھڙي زبان سِکندو آھي، جا اُن وقت سندس ذھن تي پنھنجا نقش ڇڏيندي، جڏھن سندس ٻاراڻي ذھن تي ٻيو ڪوبه نقش موجود نه ھوندو؛ باقي ٻيون سڀ زبانون زماني جون مجبوريون کيس سِکڻ تي مجبور ڪنديون آھن، ۽ اھڙي مجبوريءَ جي موچڙن سان سِکيل زبانن ۾ ڪو به انسان ماھر ٿي ڪين سگھندو آھي، ۽ نه اُنھن زبانن ۾ ھٿ ڪيل علم کيس ' تعليم يافته ' سڏائڻ جو حقدار بڻائي ٿو سگھي. جي اوھان کي اِھو نظريو مشڪوڪ ٿو نظر اچي ، ته پنھنجيءَ ڄاڻ سڃاڻ وارن مان ڪنھن به ھڪ کي نظر ۾ رکي، پاڻ منصف ٿي، پاڻ کي ٻڌايو ته اُنھيءَ شخص کي اوھين ڪنھن ٻاھرينءَ زبان ۾ ماھر سمجھو ٿا؟ اسان مان ھزارين شخص انگريزيءَ ۾ تعليم وٺي پنھنجن ڪمن ۾ ماھر ٿيا آھن، وڪيل ٿيا آھن، انجنير ٿيا آھن، ۽ خدا معلوم ٻيو ڇا ڇا ٿيا آھن، پر ڇاڪاڻ ته اھو ڊاڪٽريءَ جو يا وڪالت جو يا انجنيري جو علم ھڪ اھڙيءَ زبان ۾ پِرايو اٿن، جا زبان مجبوريءَ ھيٺ سِکي اٿن، تنھنڪري نه منجھن تخليقي قوتون پيدا ٿي سگھيون، نه کين جدت جي واٽ مِلي: ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ کڻي چئجي ته ” مجبوريءَ مري ويا، ماھر ٿي نه مُئا“. پري نه وڃو، پنھنجي ڪنھن وڏي کان وڏي ڊاڪٽر جي لياقتن جي ڀيٽ ڪنھن انگريز ڊاڪٽر سان ڪري ڏسو، اوھان کي ھڪ نمايان فرق نظر ايندو. اُھو فرق اِن ڪري نه آھي ته اسان جا جوان ڪنھن به علم پرائڻ ۾ انگريز جوانن کان ذھني قوتن ۾ گھٽ آھن؛ پر اُھو فرق ھن ڪري آھي ته اسان جا جوان اُھو علم ھڪ اھڙي زبان ۾ ٿا حاصل ڪن، جنھن زبان جي سمجھڻ ۾ کين پنھنجي سموري ذھني تازگي خرچ ڪرڻي ٿي پوي، ۽ معلومات کي سمجھڻ لاءِ سندن دماغ ۾ باقي بلڪل ٿوري قوت وڃي ٿي بچي.
ٽيون سوال آھي ته نيم شعوري زبان اسان جا ٻار ڪنھن کان سِکندا آھن؟ اِنھيءَ جو ڪجھ جواب ته ٻئي سوال جي جواب ۾ اچي چڪو آھي، باقي ھيٺ ٿو ڏجي. ڪوبه ٻار اُھا نيم شعوري ۽ بنيادي زبان اسڪول ۾ ڪونه سِکندو آھي، ڇوته اسڪول ۾ داخل ٿيڻ واريءَ عمر کان اڳ ھر ھڪ ٻار اندازًا 850 لفظ پنھنجيءَ زبان جا سِکي پوءِ اسڪول ۾ داخل ٿي سگھندو آھي ( اُھو عرصو ڪن ملڪن ۾ 5، ڪن ۾ 6، ۽ ڪن ۾ 7 سال آھي). تنھنڪري، تعليم جي ماھرن جو چوڻ آھي ته اُھا نيم شعوري زبان ھر ھڪ ٻار گھر ۽ گھِٽيءَ ۾ سِکندو آھي. ' گھٽيءَ ' مان مراد آھي، راند ڪرڻ جي جاءِ.
مٿئين بحث کان پوءِ ھيءُ قطعي فيصلو ٿي چڪو ته ھر اُنھيءَ سنڌي ٻار کي سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ گھرجي، جنھن جي گھر ۽ ماحول جي زبان سنڌي آھي، ۽ جنھن ٻار جو شعوري ۽ نيم شعوري (سجاڳي ۽ ننڊ) حالتن ۾ سنڌي زبان سان واسطو رھي ٿو، ۽ گھڻي کان گھڻو وقت اُھا زبان ڳالھائيندو يا ٻڌندو ٿو رھي.
ھينئر سوال ٿو پيدا ٿئي ته سنڌي زبان ۾ ڪنھن معقول حد تائين تعليم ڏيڻ لاءِ ڪتاب ۽ معلم موجود آھن؟ ۽ سنڌي زبان ۾ ٽيڪنيڪل تعليم ڏيڻ جون صلاحيتون موجود آھن، يا موجود ٿي سگھن ٿيون؟ جواب سڀني سوالن جا بلڪل صاف آھن. ڪجھ ڪتاب آھن، ۽ ڪجھ جا باقي تيار ٿي سگھن ٿا، بشرطيڪ مصنفن جو ارادو پختو ھجي، ۽ حڪومت جون ھمدرديون ساڻ ھجن. مثلًا، انھيءَ ساڳيءَ سنڌي زبان ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ بي. اي تائين ڪورس تيار ڪرايا ھئا، ۽ انھيءَ وقت جي سنڌ گورنمينٽ سڀ قانون جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايا ھئا. سائنس ۽ حسابن جا ڪتاب ته اڄ تائين موجود آھن. فلسفي ۽ سائيڪالاجيءَ جا ڪتاب پڻ موجود آھن. انھن کان وڌيڪ ڪتاب، ضرورت آھر تيار ٿي سگھندا. مطلب ته سنڌي زبان ۾ سڀني تعليمي مضمونن تي ڪتاب لکڻ يا ترجمن ڪرڻ جون صلاحيتون موجود آھن. معلم به ابتدائي ۽ ثانوي حدن تائين موجود آھن، ۽ وڌيڪ تيار ٿي سگھندا، جيڪڏھن حڪومت فقط ھن ھڪ ڳالھ تي ھمدرديءَ سان غور ڪري ته سنڌ ۾ به فطري لياقت موجود آھي، ۽ سنڌي به قوم جي تعمير ۾ برابر جي حصي وٺڻ جا اھل ثابت ٿي سگھن ٿا.
خيال فرمايو ته جنھن ٻار جي نيم شعوري زبان اردو آھي، ۽ کيس تعليم به اُنھيءَ زبان ۾ ملي ٿي، اھڙي ' تعليم يافته ' جي ڀيٽ ۾ ھڪ سنڌي ڪيئن اچي سگھندو، جنھن جي نيم شعوري زبان ته آھي سنڌي، ۽ اعليٰ تعليم لاءِ اردو، بنگالي يا انگريزي پڙھي ٿو نڪري؟ نه سندس معلومات مڪمل ھوندي، نه زبان، ۽ نه وري سندس تندرستي ٺيڪ ھوندي؛ ڇو ته ٽئين درجي ابتدائيءَ کان پنھنجيءَ زبان سان سندس تعلق گھٽبو ويندو، ۽ ڀٽائيءَ جي فرمودي موجب –
” ڌُريان ئي ڌار، جي وڍي وڻ جدا ڪِئا،
تن سُڪن ڪيھي سار، ته ڪي اُٺا مينھن ملير ۾!“
اُنھيءَ ٻار کي نه پنھنجيءَ زبان سان پيار رھندو، نه پنھنجيءَ زبان جي جواھر پارن جي ڄاڻ ھوندي. ھوڏانھن، ھڪ مجبوريءَ جي حالت ۾ حاصل ڪيل زبان، ماشا ئي ڦيرائي ڦٽا ڪيا ھوندس: ويھن – ٻاويھن ورھين جي ڄمار ۾ اکين تي سٺ سالن جي پوڙھن وارا چشما لڳا پيا ھوندس، ۽ لغڙيءَ جھڙو بدن، ٽيٽيھر جھڙين ٽَنگن کي کنيون پيو ھلندو. جڏھن به ڪنھن نوڪريءَ لاءِ ويندو، ته بالا آفيسر کيس ڏسي متعدي خطرو محسوس ڪندو ته متان منجھانئس سِلھ نه ٿي پوي! - ۽ ”جاءِ خالي ڪونھي“ جو جواب وٺي، گھر جو پنڌ وڍيندو. فوجي ڀرتيءَ لاءِ ويندو ته اتان کُتو جواب ملندس، ڇو ته اتي به ڪمزورن ۽ اپاھجن جي جاءِ ڪانھي. باقي رھيون پٽيواليون، سي به يا نصيب! ھَرَ ڪاھڻ جي ھمت، يا ڪنھن ٻئي بدني پورھئي جي قوت، ' قومي زبان ' جي حوالي ڪيائين؛ نوڪريءَ کان جواب، ته باقي رھيو پِنڻُ يا لَنگھڻ! سنڌ پاڪستان جو عضوو آھي، ۽ سنڌي فطرتًا وفادار گروھ جا فرد آھن. پاڪستان سٺ لک سنڌين کي پنھنجي اعليٰ خدمتن کان پري نٿو رکي سگھي. تنھنڪري، ھڪ تعليم جي ماھر جي حيثيت ۾، منھنجو پاڪستان سرڪار کي عرض آھي ته ملڪ جي جانثار سنڌين جي تعليم تي وڌيڪ توجھ ڏيئي، اُنھن جي فطري صلاحيتن ۽ خدمتن مان پاڪستان جي ترقيءَ جو ڪم ورتو وڃي. اھو سڀ ڪجھ تڏھن ئي ممڪن ٿي سگھندو، جڏھن سڀني پاڪستانين کي سندن نيم شعوري زبان ۾ مڪمل تعليم ملندي. پر، جيڪڏھن ڪن سياسي مصلحتن موجب اِئين نٿو ٿي سگھي، ته حڪومت قانون پاس ڪري ڇڏي ته ڪابه ماءُ پنھنجي ٻار سان نه سنڌيءَ ۾ ڳالھائي، نه پشتو ۾، نه بلوچيءَ ۾.... يا اڙدوءَ ۾ ڳالھائي، يا بنگاليءَ ۾، يا انگريزيءَ ۾! پاڪستان جي ' تعليمي ماھرن ' جيڪا رپورٽ تازو ڇپرائي پڌري ڪئي آھي، تنھن موجب علاقائي زبانون تعليم جي ميدان ۾ به پٺتي اڇلايون ويون آھن، ۽ نسبتًا ' قومي زبان ' ۽ انگريزيءَ زبان کي نھايت گھڻي اھميت ڏني ويئي آھي. اھا اھميت سياسي پھلوءَ کان ڏسڻ وارن کي شايد نھايت شاندار نظر ايندي ھجي، پر ٻارن جي بدني ۽ ذھني ترقيءَ جي نقطه نظر سان ڏسڻ وارن کي اھڙي روش نٿي ڏيکارجي – بلڪ سمجھجي ٿو ته ڪجھ وقت کان پوءِ اسان جي مدبرن کي اِنھيءَ فيصلي تي مجبورًا نظرثاني ڪرڻي پوندي.
اسان کي پنجابي، پشتو يا بلوچي زبانن جي صلاحيتن جي، يا سندن موجوده علمي ۽ ادبي ذخيرن جي پوري پوري ڄاڻ نه آھي، ۽ نه وري اسان کي اھا به خبر آھي ته انھن علائقن جي ٻارن جو اڙدو، بنگالي ۽ انگريزي زبانن سان، اسڪول کان ٻاھر ڪيترو ۽ ڪھڙو واسطو ٿو رھي: البت سنڌي زبان لاءِ اسين بنا ھٻڪ جي چئي سگھون ٿا ته اسان جي زبان ۾ ھر ھڪ تعليمي مضمون تي ڪتاب موجود آھن، اسان وٽ پنھنجو ادب آھي، اسان جي زبان ھر ھڪ موضوع تي ھڪ معقول حد تائين خيالن جي اظھار ڪرڻ جي اھل به آھي، ۽ وڏي ڳالھ ته اسان جي زبان ۾ ڪنھن ٻيءَ زبان مان لفظن يا محاورن کي پنھنجو گوديار ٻار ڪري قبول ڪرڻ جي لياقت به آھي. خبر نٿي پوي ته اڌ ڪروڙ انسانن جي اھڙيءَ نيم شعوري زبان کي اسان جي مدبرن ڇو نظرانداز ڪيو آھي! ڇا، پاڪستان کي سنڌين مان ڪنھن جي به خدمت جي ضرورت نه آھي؟ پاڪستان جي تعليمي ماھرن کي ھيءَ ته ضرور ڄاڻ ھوندي ته سنڌي ٻارن جي چوويھن ڪلاڪن جي زبان سنڌي آھي. جي اِئين آھي، ته اسين پڇڻ ٿا گھرون ته ڪھڙي تعليمي نظريي ھيٺ اسان جن ٻارن کي سندن فطري زبان ۾ مڪمل تعليم ملڻ کان محروم ڪيو ٿو وڃي؟
”ترڪِ سبب ز روي شريعت ڪجا رواست؟“
ڪنھن ٽولي جي تعليمي زبان مقرر ڪرڻ لاءِ اسين ٻيو به ھڪ تعليمي نظريو پيش ٿا ڪريون، جو پڻ نيم شعوري زبان جو حق ثابت ڪري ٿو. ڪنھن به اسڪول يا ڪاليج جي ڪنھن به ڪلاس ۾ جڏھن ڪو ماستر صاحب يا پروفيسر صاحب سبق پاڙھي يا ليڪچر ڪري رھيو آھي، ۽ سندس زبان به شاگردن يا ٻڌندڙن جي ماحول جي زبان ھوندي آھي ته به ٻڌندڙَ انھيءَ ليڪچر جو فقط 33 سيڪڙو سمجھي ۽ قبول ڪري سگھندا آھن، ڇو ته ڳالھائڻ واري جي گفتگوءَ ٻڌندڙن جي فھم جي رفتار ۾ فرق ٿيندو آھي؛ پر جيڪڏھن ليڪچر واري جي زبان ٻڌندڙن جي ماحول جي زبان کان ڪا علحده زبان آھي، يعني سنڌي ٻڌندڙن جي اڳيان جيڪڏھن اڙدو يا انگريزيءَ ۾ ڪجھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪبي، ته فقط 8 سيڪڙو سندن دماغ ۾ رھي سگھندو، سو به تڏھن، جڏھن کين اڙدو يا انگريزي زبان ايندي ھوندي، ۽ سندس فھم (Intelligence quotient) اوسطًا ھڪ سؤ جي قريب ھوندو. اِنھيءَ جو صاف مطلب ھيءُ نڪتو ته سنڌين کي سنڌيءَ ۾ جيڪڏھن ڪو تعليمي مضمون پاڙھبو، ته 33 سيڪڙو سندن دماغ ۾ ويھندو؛ باقي ٻيءَ ڪنھن به زبان ۾ فقط 8 سيڪڙو. پوئينءَ حالت ۾ ماستر صاحب يا پروفيسر صاحب جو 92 سيڪڙو پورھيو ئي پاڻيءَ ۾، ته شاگردن جو ڏينھن کَريو. اھڙيءَ طرح، جي ناقص تعليم وٺي ۽ پنھنجي تندرستي وڃائي، جڏھن اسان جا نوجوان اچي گرئجوئيٽ ٿيا، ته آخر ۾ وري به پاڪستان کي ڇيھو رسيو؛ ڇو ته ' مجبورن ' جا ٽولن جا ٽولا نڪرندا آيا، جي ھوند ٻيءَ صورت ۾ ماھر ٿي ٻاھر نڪرن ھا. پوءِ ڇو ڪين اجائي ھٺ ڌرمي ختم ڪري، پنھنجي ٻارن کي سندن ' نيم شعوري زبان ' ۾ تعليم ڏيئي، پاڪستان لاءِ جانٺا خدمت ڪرڻ وارا پيدا ڪريون؟
ھن وقت تائين اسان جي تعليمي ادارن جيڪي جنسون پيدا ڪيون آھن، تن مان اسان جا اڳوڻا ڌاريا حاڪم مطمئن ھئا يا نه، سا حقيقت ھِن ڳالھ مان ظاھر آھي ته 1920ع تائين اسان جي بھترين ھستين کي به ڪنھن جوابدار عھدي تي اچڻ جو شرف حاصل ڪين ٿيو ھو. بعد ۾، ملڪ جي آزاديءَ ۽ پاڪستان پيدا ٿيڻ کان پوءِ، ڇاڪاڻ ته ' ضرورت ايجاد جي ماءُ ٿيندي آھي '، اسان کي جيڪي ورثي ۾ مليا، تن کي ڪليڪٽريءَ کان وٺي گورنر جنرليءَ تائين کڻي وياسين، ۽ ھِن مغالطي ۾ رھياسين ته پنھنجا حاڪم اِجھي ٿا ملڪ ۾ کِير ۽ ماکيءَ جون نھرون وھائين. پر، واقعي جيڪي ڪجھ ٿيو، سو پاءُ اٽي کائڻ وارن کان ڳُجھو نه آھي. ڪن جزوي ھستين کي ڇڏي (مستثنيات جو ھئڻ ڪُليي کي ثابت ڪندو آھي)، باقي جي لاءِ ھِن چوڻ ۾ اسين حق بجانب آھيون ته اھو سمورو ' خستِ اول ' جو ڪرشمو ھو، جنھن بنياد کان چوٽيءَ تائين عمارت کي ڏِنگو رکيو.
ڌارين حاڪمن، جن اسان تي ھيءُ موجوده تعليم جو سرشتو مڙھيو ھو، تن تي ڏوھ نٿو رکي سگھجي، ڇو ته اُنھن اُھو تعليم جو سرشتو ھڪ خاص منصوبي تحت سِٽيو ھو. اُھو سرشتو لارڊ ميڪاليءَ جاري ڪرايو، ۽ ماستر صاحبن کي کليل حُڪم ڏنو ھئائين ته ' جي حضوري ' (Courtiers) قسم جا تعليم يافته پيدا ڪريو، جي حاڪمن جي اڳيان ذرڙن جو ڪم ڏين. ظاھر آھي ته ھو انھيءَ ڪم ۾ ڪامياب ٿيا ۽ دنيا ڏٺو ته اسان ' بابُو ' پيدا ڪيا. پر ھينئر ته حالتون نراليون آھن، اسان جن بزرگن کي اکيون کولڻ گھرجن. صوبائي تعصب جا مھڻا ڏيئي اسان کي خاموش ته ڪري سگھبو، پر قوم جي ٻَچن کي آخر ڪيستائين پنھنجين صلاحيتن وڌائڻ کان محروم رکي سگھبو؟ ساڍن ٽن ڪروڙ پاڪستانين جي مشترڪه ذھني سرمايي مان پورو پورو فائدو نه وٺڻ، قوم کي ذھني ڏيوالي ۾ وجھڻ جي برابر ٿيندو. اپاھج ۽ نيم خواندا نه ڪڏھن قوم کي مضبوط بڻائي سگھندا، ۽ نه ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ ڪو دل گھريو حصو وٺي سگھندا. تنھنڪري، سرڪار کي گھرجي ته ملڪ جي تعليمي زبانن کي قومي زبانن کان علحدو وجود ڏئي، ۽ اُنھن جي مڪمل ترقيءَ جا وسيلا نھايت فراخدليءَ ۽ محبت سان مھيا ڪندي رھي – تان جو اسان جون علاقائي زبانون ٻين ترقي يافته ملڪن جي تعليمي زبانن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ڏيئي پنھنجي جاءِ وٺي بيھن، ۽ اسين ڌارين جي ويڻن ٻُڌڻ کان ڇُٽون. ھينئر اغيار اسان تي چٿرون ڪري رھيا آھن ته پاڪستاني ٻارن جي ' گھر ۽ گھٽيءَ جي زبان ' ھڪ آھي، ته ' اسڪول ۽ ڪاليج جي زبان ' ٻي: سوچين ھڪ زبان ۾، ته پڙھن ٻيءَ زبان ۾، تفريح جي زبان ۾ ڪچھريون ڪن، ۽ مجبوريءَ جي زبان ۾ علم پرائين! ' تعليم ' ٿي چوي ته ”ٻارن کي علم اھڙن ذريعن سان ڏيو، جو ھو اسڪولي ڪم کي تفريح ڪري سمجھن، نه عذاب “ - ۽ علم پرائڻ جو وڏي کان وڏو ذريعو زبان آھي.
”مُئيءَ جو وس واڪا، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو!“

[ روزانه ' مھراڻ '، ڪراچي، جو سالگرھ نمبر – 1960ع ]