تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم

ڪتاب ”اسان جي ٻولي اسان جي تعليم “ جو مرتب ناميارو ليکڪ ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو صاحب آهي. هي ڪتاب سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد پاران 1985ع ۾ ڇپايو ويو
Title Cover of book اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم

سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ٻولي امر آھن

سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ٻولي امر آھن
.... سنڌ، سنڌي قوم ۽ سندس ثـقافت ۾ ڪي اھڙيون امتيازي خوبيون موجود آھن، جيڪي جيڪڏھن گُم ٿي وڃن، ته انھن جي پورائي يا تلافي ڪنھن به ٻئي ملڪ، ڪنھن به ٻي قوم ۽ ڪنھن به ٻي ثـقافت ھٿان نه ٿي سگھندي .... جيسين اسان وٽ اھي امتيازي خصوصيتون موجود آھن، تيسين اسان جي سنڌ، اسان جي سنڌي ثـقافت ۽ اسان جي سنڌي ٻولي قائم آھن .... پنھنجي ٻوليءَ ۽ ادب کي جيڪڏھن اسان پنھنجو ڪري سمجھيو، ۽ ان جي قسمت سان پنھنجون قسمتون ڳنڍيوسين، ته نه فقط اِن ڳالھ جو ڪو امڪان ڪونھي پر اِھو ڪو سوال ئي ڪونه ٿو اُٿي ته اُن کي ڪنھن قسم جو ڪو گزند پھچي سگھي ....
ادب، واندڪائيءَ جي وندر، ناموريءَ جو ذريعو ۽ پئسي پيدا ڪرڻ جو وسيلو به برابر آھي، پر اُن جو اصلي شان ڪنھن زياده اعليٰ ۽ پاڪيزه مقصد لاءِ مخصوص آھي. ادب ذريعي انسانن جي ذھن کي اڇو اجرو ۽ صاف ڪري سگھجي ٿو؛ کين صحيح سمجھ ۽ شعور سان روشناس ڪري سگھجي ٿو؛ سندن دلين ۾ ھن عيبدار دنيا کي بدلائي، نئين سر ٺاھڻ جا جذبا ۽ اُمنگ، ھمتون ۽ ارادا پيدا ڪري سگھجن ٿا؛ منجھن علم جو احترام، سچ لاءِ محبت، ۽ حسن جي صحيح پرک پروڙ لاءِ گھربل جمالياتي حِس، ۽ انسان جي عظمت جو قدر ۽ احساس پيدا ڪري سگھجن ٿا. جيڪڏھن اديب ۽ ناشر، ادب جي انھن اعليٰ مقصدن کي خيال ۾ رکنداسون، ته يقيناً پنھنجي ادبي تخليقن ۽ مطبوعات کي سندن مڙني معنوي توڙي ظاھري وصفن سان پھرين سينگاري ٺاھي، مڪمل ڪري پوءِ ئي پنھنجن محترم پڙھندڙن اڳيان پيش ڪرڻ جي جرئت ڪري سگھنداسون. جڏھن پنھنجي پڙھندڙن لاءِ عزت ۽ محبت جو اظھار، انھيءَ صورت ۾ اسين ڪنداسون، تڏھن ئي ھنن جي دلين ۾ اسان لاءِ محبت ۽ عزت جا جذبا پيدا ٿيندا؛ ۽ پوءِ اديب، ناشر، ۽ پڙھندڙ ھڪ ئي گڏيل مقصد، يعني ٻوليءَ ۽ ادب جي تحفظ ۽ ترقيءَ، لاءِ مخصوص ڪري سگھندا ....
[ ”ون يونٽ، اديب، ناشر، ۽ پڙھندڙ“ – ”مھراڻ“، بھار، 1955ع ]
[b] ٻولي، آواز جو ھڪ مھاساگر آھي [/b]
. اُن ۾ لفظن جي موتين جا ڀنڊار ڀريا پيا آھن. اديب ۽ ليکڪ اُھي سڄاڻ ۽ ساڃاھ وارا غواص آھن، جيڪي ھِن بحر بي پايان مان رڳو املھ ۽ عين گھرج وارا موتي چونڊي ٻاھر ٿا آڻين، ۽ پوءِ اُنھن مان ويھي پنھنجي ادب جون مالھائون ٿا پوئين. لفظن جي اِھا چونڊ ۽ جائيتي جڙت ئي آھي، جيڪا ھڪ اديب جي عبارت کي امتياز ٿي بخشي. ياد رکڻ جھڙي ڳالھ آھي ته ٻوليءَ جو ھر لفظ پس منظر ۾ معنائن جي ھڪ دنيا پاڻ وٽ رکي ٿو: ۽ جڏھن ڪو لفظ ڳالھائجي ٿو يا ٻُڌجي ٿو، تڏھن اُھو پنھنجي اُنھيءَ سموريءَ دنيا سميت اچي ٿو اسان جي سامھون بيھي.
لفظ جي اُنھيءَ دنيا کي جڏھن سمجھبو، تڏھن ئي اُن جو صحيح ۽ وزنائتو استعمال ڪري سگھبو. اھو ئي سبب آھي، جو دنيا جي مقبول عام اديبن ھميشہ ڌارين ٻولين جي غير ضروري لفظن، اصطلاحن ۽ ترڪيـبن ۽ خود پنھنجي ٻولين جي ڳَرن ۽ غير مانوس لفظن کي استعمال ڪرڻ کان انتھائي پرھيز پئي ڪئي آھي: ۽ اُن جي عيوض ھنن ھميشہ ڏٺل وائٺل، سنوان سِڌا، عام فھم ۽ سادا سودا لفظ پئي ڪم آندا آھن.....

[ ”لفظن جي چونڊ“ – ”مھراڻ“ سرءُ 1955ع ]

[b]قوم ۽ قومي ثقافت جي وجود جو دارومدار ٻوليءَ تي آھي[/b]. پر اُھا ٻولي جيڪا فقط گھرن جي چوديوارن ۾ يا رڳو زندگيءَ جي رواجي ۽ مختصر معاملن ۾ ئي ڪم ٿي اچي، ۽ قوم جي علمي ۽ ادبي ضرورتن ۽ قومي زندگيءَ جي ٻين اھم معاملن لاءِ ڪارگر نه آھي، سا موجوده زماني ۾، قوم ۽ قومي ثقافت جي وجود جو ڪو ڀروسي جھڙو بنياد نٿي بڻجي سگھي. ظاھر آھي ته سنڌي قوم ۽ سنڌي ثقافت کي به جيڪڏھن زندھ رھڻو آھي، ته اُن لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي پڻ زندھ رھڻ گھرجي. نه فقط زندھ رھڻ، بلڪ کيس لازمي طرح ھڪ اعليٰ علمي ۽ ادبي پڻ بڻجڻ گھرجي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ترقيءَ جا ممڪنات بي انداز موجود آھن؛ پر سندس گذريل صدھا سالن جي تاريخ جا المناڪ داستان شاھد آھن ته کيس پنھنجي فطري صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ جا ڪڏھن به ڪي سازگار موقعا نصيب نه ٿيا آھن. ڌاريان حاڪم سدائين ھِن ڪوشش ۾ رُڌل رھيا ته علمي ۽ ادبي رُتبو فقط سندن پنھنجين ”حاڪمانه“ ٻولين لاءِ ئي مخصوص رھي: تنھن ھوندي به سنڌي ٻولي نه فقط پاڻ کي زندھ رکيو، پر ايڏيءَ مڪمل ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ رھي ڪري به پاڻ وٽ ھڪ اُھو عظيم ادبي سرمايو پيدا ڪيائين، جنھن لاءِ دنيا جي ھر ڪا سُڌريل کان سڌريل ٻولي به مٿس رشڪ ڪري سگھي ٿي. تنھنڪري، ھاڻي جڏھن چيو وڃي ٿو ته سنڌي ۽ سنڌي قوم آزاد آھن، جيڪڏھن سنڌي ٻوليءَ کي اُنھن مڙني بندشن کان آزاد نه ڪيو ويو جيڪي ڌارين مٿس عائد ڪيون ھيون، ۽ وڌڻ ويجھڻ جا اُھي سمورا موقعا جن کان کيس ھيلتائين محروم رکيو ويو ھو، کيس مھيا ڪري نه ڏنا ويا، ته پوءِ اُن کان وڌيڪ بدنصيبي سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ثقافت لاءِ ٻي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي!
اسان جا پوئين کان پويان ”نئين روشنيءَ وارا“ حاڪم، انگريز، پڻ اسان جي ٻوليءَ کي ھڪ ”ورنيڪيولر“ يعني ھڪ ”غلامن جي ٻولي“ سڏيندا رھيا: جنھن جو مطلب ھيءُ ھو ته سندن سامھون اسان جي ٻولي ھڪ اڻ سڌريل، ۽ علمي شان کان ڪريل ٻولي ھئي. اِھو ئي سبب ھو، جو ملڪ جي تعليمي سرشتي ۾، ھنن پنھنجي ”شاھانه“ ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ اسان جي ٻوليءَ کي اُھا غير اھم جڳھ ڏني، جو ھوءَ، خاص طرح علمي ۽ ادبي دائري ۾، اسان لاءِ ڪنھن به ڪم جي نه رھي، ۽ نتيجو ھيءُ نڪتو، جو اسان جي ٻولي خود اسان جي نظرن ۾ ئي ڪري پيئي. پرائمري اسڪولن ۾ سو، پنھنجي مادري زبان جي معرفت، اسان جا ٻار اڌو گابرو انگ اکر سِکي سگھيا ٿي؛ باقي سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ”محڪوم“ ٻولي ڪو شانائتو پير پائي، اُھا ڳالھ ”حاڪمانه“ ٻوليءَ جي موجودگيءَ ۾ ڪيئن ٿي ممڪن ٿي سگھِي؟ تنھن کان سواءِ، حاڪمن جو بنيادي مقصد ته فقط پنھنجي حڪومت کي قائم رکڻ جو ھوندو آھي: تنھنڪري، انگريزن کي فقط ھڪ محدود تعداد ”تعليم يافته“ غلامن جو گھربل ھو، جن جي ھٿان ھو پنھنجي حڪومت جو چرخو ڪاميابيءَ سان ھلائي سگھن. اُنھيءَ لاءِ پڻ لازمي ھو ته تعليم جو سرشتو اھڙو تجويز ڪيو وڃي، جو ھڪ ته اُھي ”تعليم يافته“ غلام ڪٿي به گھرج کان وڌيڪ نه پيدا ٿي وڃن، ۽ ٻيو ته کين تعليم فقط اُھا ئي حاصل ٿئي جا کين ”غلاميءَ“ لاءِ تيار ڪري ۽ اُن جو خوگر بڻائي. سنڌ جي سدا حيات شاعر، شاھ لطيف. اھڙن ”تعليم يافته“ غلامن جي تعريف، جن کي ڌاريان حاڪم پيدا ڪرڻ گھرندا آھن، ھِن ريت ڪئي آھي:
جو ”فارسي“ سِکيو، گولو، توءِ غلام؛
جو ٻَڌو ٻن ڳالئين، سو ڪِنءَ چائي ڄام؟
اُڃو تان ”آب“ گھري، بُکيو تان ”طعام“!
اِيءُ عامن سندو عام، خاصن منجھان نه ٿئي.
.... اڄ دنيا ۾ ڪوبه ملڪ موجود نه آھي، جتي گھٽ ۾ گھٽ اُھا تعليم جيڪا ھڪ سُڌريل ۽ مھذب شخص لاءِ موجوده دنيا ۾ لازمي سمجھي وڃي ٿي، سا اتان جي ماڻھن کي سندن پنھنجي مادري ٻوليءَ معرفت نه پر ڪنھن ٻيءَ ڌارينءَ ٻوليءَ معرفت ڏني ويندي ھجي .....
.... اڄ جڏھن تعليم سؤ في صدي عام ڪرڻ قومن جي زندگيءَ جو ھڪ لازمي ۽ بنيادي اصول بڻجي چڪو آھي،- جيڪڏھن انھن حالتن ۾ اسان کي پنھنجي مادري ٻوليءَ کي نه فقط محفوظ رکڻو آھي بلڪ اُن کي علمي ۽ ادبي حيثيت ۾ اڳتي وڌائڻو آھي، ته پوءِ اسان کي پنھنجي تعليمي سرشتي جي مدد سان ئي اِھو عظيم مقصد حاصل ڪرڻو پوندو.
سنڌي ٻار کي صحيح معنيٰ ۾ تعليم سان روشناس ٿيڻو آھي، ۽ ٿيڻ گھرجي: ۽ اُھا تعليم کيس سندس پنھنجي مادري زبان ذريعي ئي حاصل ٿيڻ گھرجي. اِھو اسان جو پيدائشي حق به آھي، ۽ بنيادي فرض به. اُن لاءِ ھڪ ته اسان کي پنھنجي سموري تعليمي سرشتي کي بنھ نئين سِر ٺاھڻو پوندو، ۽ ٻيو ته اُن لاءِ اسان کي سوين مناسب ۽ مفيد ڪتاب يا اصل لکڻا پوندا، يا ترجمو ڪرڻا پوندا. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گھڻگھرن جي سامھون اڄ اِنھن ٻن مقصدن کان سواءِ ٽيون مقصد ڪا اھميت ڪونه ٿو رکي....
[ ”سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جو تعليمي سرشتو“، سماھي ”مھراڻ“، سيارو، 1955ع ]

ٻوليون قدرت جا معجزا ۽ انساني تاريخ جا وڏا ڪرشما ھيون. ڪنھن ٻوليءَ جو سرجڻ ئي معنيٰ ته ڪنھن سماج جو، ڪنھن قوم جو سرجڻ، ڪن تھذيبي، سياسي ۽ معاشي ادارن جو سرجڻ، ڪنھن حڪمران قوت جو، ڪنھن سياسي اقتدار جي مرڪز جو وجود ۾ اچڻ، ۽ خود خدا به ته پوءِ ماڻھن سان ماڻھن جي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪلام ٿي ڪيو! ۽ سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻھو به اِنھيءَ لاءِ ته آخر آزاد نه ٿيا ھئا ته پنھنجي ڳالھ تان دستبردار ٿي، اردو سياسي اقتدار جا غلام بڻجي وڃن.
[ ”مھراڻ“- 4، 1984ع – ھو جي ھئا ھِت، ص 250 ]
'ٻولي'، آوازُ – دانھَن ۽ دانھن جو جواب – ٻوليءَ جا لفظ، ٻوليءَ جون ڳالھيون، زندگيءَ جي وڏي وٿُ آھن ۽ اُن لاءِ وڏو آٿت آھن، بلڪ ماڻھن لاءِ ماڻھپي سان جيئڻ جو بنياد آھن. روسي اديب ترگنيف (83 – 1818ع )، جنھن پنھنجي عمر جو سڄو اڌ عرصو ڪنھن طرح بي وطنيءَ ۾ گذاريو ھو، پنھنجي روسي ٻوليءَ لاءِ ھڪ موقعي تي چيو ھو: ”جڏھن به مان شڪ ۾ ويڙھجي وڃان ٿو، جڏھن به پنھنجي ملڪ تي ويچاريندي منھنجو مَن لرزجي ٿو، تڏھن او منھنجي عظيم، سگھاري، سچار ۽ آزاد روسي ٻولي! تون ئي مون کي ڏڍ ڏين ٿِي ۽ مون کي بچائين ٿِي. جي تون نه ھجِين، ته پڪ ئي پڪ، جو ڪجھ منھنجي وطن تي وھي رھيو آھي، اُن کي ڏِسي، آءٌ ھوند ڊھي، بنھ پَٽ اچي پوان: پر ڪو ائين آخر ڪيئن ٿو مڃي سگھي ته ھھڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گھٽ ڪنھن قوم کي مليل ھوندي!“ اسين به پنھنجي ٻوليءَ لاءِ چئي سگھون ٿا ته اُھا اسان جو ڏَڍ آھي، آٿت آھي، اسان جا شَڪ ۽ نراسايون دور ڪري ٿي؛ ۽ جيڪا ٻولي اسان کي ..... 'سندي ذات ھنجن' جھڙو نثر ڏيئي سگھي ٿي ۽ اُن جھڙي پرک ڏيئي سگھي ٿي، اُھا ٻولي ڪيئن نه عظيم ھوندي! ۽ نيٺ اِئين ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته ھھڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گھٽ ڪنھن قوم کي مِلي ھجي؟
[ ”سندي ذات ھنجن“، 1983ع – مھاڳ، ص 2 - 3 ]






محمد ابراھيم جويو
---------------------