تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم

ڪتاب ”اسان جي ٻولي اسان جي تعليم “ جو مرتب ناميارو ليکڪ ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو صاحب آهي. هي ڪتاب سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد پاران 1985ع ۾ ڇپايو ويو
Title Cover of book اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم

سنڌي زبان ۽ ذريعي تعليم

سنڌي زبان ۽ ذريعي تعليم
*****
مولانا غلام محمد گرامي

سنڌي زبان نھايت قديم ۽ تاريخي زبان آھي. برصغير ھند و پاڪ ۾ ھن کان وڌيڪ جھوني زبان ٻي ڪانه آھي. ڪن عالمن لکيو آھي ته خود سنسڪرت به سنڌي زبان کان پوءِ پيدا ٿي آھي.
سنڌي زبان ھڪ علمي ۽ سرمائيدار زبان آھي، جنھن کي پنھنجي لُغت آھي، ۽ اندازي طور منجھس 2 لک لفظ آھن. چيو وڃي ٿو ته انگريزي زبان ۾ به 2 لک کن لفظ مس ٿيندا. اصطلاحات ۽ محاورات جو وڏو انداز انھن کان سواءِ آھي.
ھن ٻوليءَ کي پنھنجو رسم الخط آھي، جنھن کي عربي – سنڌي رسم الخط چيو وڃي ٿو. اھو پوري اسلامي دنيا – ايران، مصر، افغانستان، بلوچ اراضي، ملايا، انڊونيشيا، ترڪي – جي ٻولين ۽ انھن جي رسم الخط کان تاريخي طور قديم رسم الخط آھي، جو خالص عربي رسم الخط تان ورتل آھي. ان جي مقابلي ۾ فارسي ۽ اُڙدو، پشتو ۽ بلوچي رسم الخط ۾ وڏو فرق آھي. فارسي نستعليق خط آھي، ۽ اُڙدو ان تان ورتل آھي. گويا پوري دنيا ۾، عربي رسم الخط وانگر، محفوظ ۽ علمي رسم الخط فقط سنڌي زبان جو رسم الخط آھي، جنھن ۾ ھزارھا ڪتاب ڇپجي چڪا آھن.
سنڌي ٻوليءَ کي پنھنجو گرامر آھي، جو ھر حيثيت سان مستقل ۽ سائنٽيفڪ آھي، جو سنسڪرت ۽ عربي صرف و نحو وانگر ڪامل به آھي، پر ڪِن حيثيتن سان انھن کان به وڌيڪ علمي ۽ فني آھي.
سنڌي زبان کي پنھنجي عظيم تاريخي حيثيت سان گڏ، رڳو ٻوليءَ جي وجود ۽ ان جي لساني تشڪيل، لغت جي ترتيب، صرف و نحو جي اصولن متعلق وڏو علمي ۽ تاريخي ذخيرو موجود آھي. سنڌيءَ کان سواءِ ھندي، سنسڪرت، پارسي، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ علم الالسنه متعلق تمام گھڻا ڪتاب ڇپجي چڪا آھن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ادب ۽ لغت متعلق علمي طرح ڇنڊڇاڻ ڪيل آھي.
سنڌي زبان ذريعي تعليم رھندي آئي آھي. سندس ادبي ۽ شعري ذخيرو اگرچه سمن جي راڄ ۾ پيدا ٿيو، پر ڪلھوڙن جي دور ۾ ٺٽي جي عالمن ۽ بزرگن سنڌي ٻوليءَ کي ديني تعليم لاءِ ذريعي تعليم ڪري استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. محمد ھاشم ٺٽوي ۽ ابوالحسن ڏاھري، ملا معين، مخدوم صادق نقشبندي، مخدوم ضياءالدين، ۽ ان کان سواءِ ان دور ۾ پاٽ، بوبڪ، ھالا، چوٽياريون، سيوھڻ، مٽياريءَ ۾ جي به مڪتب ۽ مدرسا ھئا، تن ۾ ديني ڪتاب، عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ ۾ به پڙھايا ويندا ھئا. ان کان پوءِ ميرن جي راڄ ۾ اگرچ سرڪاري زبان فارسي ھئي، پر ذريعي تعليم وري به سنڌي ٻولي ئي رھندي آئي آھي. خود انگريزن جي دور ۾ به پوري صوبي جي تعليمي نظام لاءِ ذريعي تعليم سنڌي ٻوليءَ کي قبول ڪيو ويو، ۽ تصنيف ۽ تاليف لاءِ ھندن ۽ مسلمانن ھن ٻوليءَ ۾ ئي پنھنجا ڪتاب لکيا. اھڙيءَ زبان کي پنھنجي تاريخي ۽ تعليمي منصب ۽ حَق کان محروم ڪرڻ لاءِ ڪوبه علمي ۽ تھذيبي دليل نظر نٿو اچي.
سنڌيءَ کي مادري زبان ھئڻ جو پڻ حَق ۽ شرف حاصل آھي. صدين کان اھا ٻولي ھن مُلڪ جي ماڻھن جي مادري زبان رھندي آئي آھي؛ ۽ تعليمي نقطي نظر سان ماھرن جي اھا راءِ آھي ته اُھا تعليم ئي ڪاگر ثابت ٿئي ٿي، جا ٻارن کي مادري زبان ۾ ڏني وڃي ٿي....

( مھراڻ، 4 – 1959ع )