سنڌي ٻولي – اُن جو ماضي، حال ۽ مستقبل
*****
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
.... انسان جي پيدائش جي اِھا ھڪ تقاضا آھي ته کيس پنھنجي خيالن جي بيان ڪرڻ جھي قوت ھجي – يعني ته انسان کي ٻيءَ مخلوق جي ڀيٽ ۾ اھڙي ھڪ مخصوص ٻولي ھجي، جنھن ۾ ھو مسلسل طور پنھنجي اندروني جذبات، احساسات ۽ خيالات کي بيان ڪري سگھي. مطلب ته انسان ذات جي ھر گروھ جي ٻولي، ۽ اُن ۾ خيالات جو اظھار ڪرڻ، اھي ٻيئي ھر گروھ جا پيدائشي حَق آھن. انسان ذات جي مختلف گروھن جي مختلف گروھن جي مختلف ٻولين جو وجود، ۽ انھن جي ساخت ۽ سِٽا، فطرت جو ھڪ ايڏو وڏو معجزو آھي، جنھن تي لسانيات جا ماھر جيئن جيئن ٿا وڌيڪ ويچار ڪن، تيئن تيئن ٿا واھ واھ ڪن. فطرت جي سوانح نگار ۽ انسانيت جي علم بردار جلال الدين روميءَ فطرت جي ھن معجزي کان متاثر ٿي چيو ته:
ھر ڪسي را اصطلاحي داده ايم – ھر ڪسي را سيرتي بنھاده ايم
ھنديان را اصطلاح ھند مدح – سنديان را اصطلاح سند مدح.
( يعني ته ھر ڪنھن کي پنھنجي جدا ٻولي مليل آھي، ۽ ھر ڪنھن جي ھڪ جدا طرز زندگي آھي: ھند وارن کي ھند جي ٻولي جُڳائي، ۽ سنڌ وارن کي سنڌ جي ٻولي سونھي.) مطلب ته ھر قوم کي پنھنجي ھڪ نرالي ٻولي آھي، ۽ ھڪ نرالو تمدن آھي؛ ۽ جيئن ته اُھي خصوصيتون قانونِ فطرت جي عين مطابق آھن، انھيءَ ڪري انھن جو احترام به لازمي آھي.
.... جيئن ته بحيثيت قومن جي [ يورپي قومن وٽ ] انصاف، احسان ۽ مساوات جا نظريا ناپيد ھئا، ۽ سڄي راند طاقت جي ھئي، انھيءَ ڪري جنھن قوم جي سياسي آزادي ختم ھئي، اُن جي ٻوليءَ ۽ تمدن جي ڪشمڪش، لڳاتار جھيڙن ۽ جنگين، فسادن ۽ خونريزين جي تلخ تجربي بعد[انھن]
يورپي قومن به آخر اھو سبق سِکيو ته جيئن قومن کي گھڻي وقت تائين غلام نٿو رکي سگھجي تيئن ملڪ جي اندر ڪنھن ٻوليءَ کي به فنا نٿو ڪري سگھجي. ھر ھڪ ملڪ اندر ملڪي قوم جي مختلف گروھن پنھنجن ٻولين کي تسليم ڪرائڻ لاءِ جدوجھد ڪري، آئيني طور پنھنجي ٻولين کي تسليم ڪرايو....
مطلب ته ڪافي تلخ تجربي بعد، يورپي قومن پنھنجي سياسي شعور ۽ علمي ترقيءَ سان، ھر ملڪ اندر ٻولين جي مسئلي کي جنھن طرح حَل ڪيو آھي، تنھن جو مختصر خاڪو ھيءُ آھي: سئزرلئنڊ ۾ چار قومون آباد آھن ته ملڪ جون قومي توڙي سرڪاري زبانون به چار تسليم ڪيون ويون آھن – يعني فرينچ، جرمن، اطالوي ۽ رومانچ؛ بيلجم ۾ ٻه قومون، ”فليمنگس“ ۽ ”ويلوس“ آباد آھن، ته ٻنھي جون زبانون قومي ۽ سرڪاري زبانون تسليم ٿيل آھن؛ ڪئناڊا ۾ فرينچ ۽ انگريز قومون آباد آھن، ته فرينچ توڙي انگريزي قومي ۽ سرڪاري زبانون تسليم ٿيل آھن؛ آئرلئنڊ ۾ انگريزي توڙي آئرش ٻيئي سرڪاري آھن؛ ناروي جي ملڪ ۾ يڪي ”نارويجن“ قوم آباد آھي، ۽ اصولي طور سڄيءَ قوم جي ٻولي به ساڳي آھي، مگر زماني گذرڻ سان آھستي آھستي شھري ۽ ٻھراڙيءَ جي ٻوليءَ ۾ فرق ٿي ويو، ۽ ”رڪس مال“ شھري زبان بڻجي ويئي ته ”لئنڊس مال“ ٻھراڙيءَ جي ٻولي. موجوده صورتحال ھيءَ آھي ته ھن ساڳئي ملڪ جي ساڳي قوم، پنھنجي ساڳيءَ ٻوليءَ جي ٻنھي محاورن کي قومي ۽ سرڪاري زبانون قرار ڏنو آھي، انھيءَ لاءِ ته ملڪ جي ھر باشندي جي تسلي ٿئي، ۽ ملڪ جي ماڻھن ۾ ڪابه رِيس يا عداوت پيدا نه ٿئي.... انگريزن جي ملڪ ۾ اسان جي ھڪ ضلعي جيتري اراضي آھي، جنھن کي ”ويلس“ سڏجي ٿو: اتي جي رھاڪن جي زبان ڪافي آڳاٽي وقت کان ”ويلش“ ھئي؛ سياسي ۽ علمي تجربي بعد، انگريزن ھن ننڍڙي ضلعي جي ننڍڙي ٻوليءَ کي محفوظ ڪرڻ ۽ ترقي ڏيارڻ ضروري سمجھيو. ھن وقت انگريزن جي منسٽري آف ايڊيوڪيشن ۾ ”ويلش“ ٻوليءَ لاءِ ھڪ جدا ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ جدا يونيورسٽي آھي، انھيءَ لاءِ ته ھيءَ ٻولي زندھ رھي ۽ ترقي ڪري. ويلس جي جملي اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ ”ويلش“ ٻولي پھريون نمبر مکيه زبان ڪري پڙھائي وڃي ٿي، ۽ خود انگريزيءَ کي اُتي ٻيءَ نمبر ٻوليءَ طور پڙھايو وڃي ٿو.
زبان متعلق يورپ جي انھن تلخ تاريخي تجربن کان متاثر ٿي، روس جي اندر بڪي حڪومت، جا 1917ع واري انقلاب بعد قائم ٿي، ان ساري ملڪ جي سورھن جدا جدا ڀاڱن جي ماڻھن جي زبانن کي قومي ۽ سرڪاري زبانون تسليم ڪري، پنھنجي ملڪ اندر ٻولين جي مسئلي کي ھميشہ لاءِ حل ڪري ڇڏيو....
ھن وقت اسان جي آزاد ملڪ پاڪستان – جنھن کي ”اسلامي جمھوري رياست“ قرار ڏنو آھي – اُن ۾ ٻولين جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ، اسان وٽ شاندار اسلامي روايات موجود آھن، جن موجب اسان جي ملڪ جون مڙئي خطي وار ٻوليون سنڌي، بنگالي، ڪشميري، پشتو ۽ بلوچي قابل عزت ۽ احترام آھن، ڇاڪاڻ ته اُھي مڙيئي ٻوليون قرآني حقيقت ۽ حڪمت ” خلق الانسان علمہ البيان“ جون آئينه دار آھن ....
[ صدارتي خطبو، سورنھين سنڌي ادبي ڪانفرنس، لاڙڪاڻو، اپريل 1956ع ]
محمد ابراھيم جويو
----------------------