تعليم جو مؤثر ذريعو مادري زبان آھي
محمد ابراھيم جويو
----------------------
پھرين ٻولي، جا ٻار ٻُڌي ٿو، سمجھي ٿو، سِکي ٿو ۽ ڪم ٿو آڻي، سا ھُن جي ماءُ جي ٻولي آھي.
اوسين تائين ته تعليم لاءِ ماءُ جي ٻولي ئي نه رڳو مؤثر، سڀ کان مؤثر، پر واحد ذريعو سمجھي وڃي ٿي ۽ مڃي وڃي ٿي.
اُن کان پوءِ به، دنيا جي آزاد ۽ مھذب انساني معاشرن ۾ ھرھنڌ، ۽ سڄيءَ انساني تاريخ ۾ اڄ تائين، تعليم جي نه فقط مؤثر پر سڀ کان سَستي ۽ سڀ کان آسان ذريعي طور ماءُ جي ٻولي ئي قبولي ويئي آھي ۽ استعمال ٿيندي آئي آھي.
فقط ٻاھران آيل مذھبَ ۽ ٻاھر جا فاتحَ ۽ حاڪمَ ئي مڪاني طور رائج ماءُ جي ٻوليءَ جي اِھا حيثيت ۽ اِھو حق ۽ اُن جي اِھا لياقت قبولڻ کان انڪاري رھيا آھن ۽ انڪار ڪن ٿا - ۽ اُن ۾ ھر طرح اُنھن جا بالادستي ۽ استحصالي مفاد موجود ھجن ٿا.
غير مادري زبان ذريعي تعليم ورتل قومون يا معاشرا سدائين متعلقه مادري زبان وارين ' تعليمي ' قومن يا معاشرن جا غلام، تابع ۽ محتاج رھيا آھن – اقتصادي، سياسي ۽ سماجي طور – سڌا سنوان ۽ ظاھر ظھور يا اڻ سڌي ۽ اڻ لَکائتي نموني.
اھڙن زيردست ۽ تابع معاشرن ۾ جڏھن تعليم لاءِ ٻوليءَ جي ذريعي جي ڳالھ ڪجي ٿي، ته تعليم جي سڄي سماجي مانڊاڻ يا ساج سٽاءَ (Mechanism) کي نه، پر فقط اُن جي رسمي پھلوءَ کي خيال ۾ رکي پوءِ اُھا ڳالھ ٿي ڪجي – ڇو ته اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، ڪتابن، اخبارن، ريڊين ۽ ٽيليويزنن، ۽ ڌارينءَ ٻوليءَ جي مذھبي واعظن ۽ مبلغن ۽ اُن جي اھڙن ٻين حڪومتي يا بالادستي واسطن کان علاوه ۽ انھن کان بلڪل دور رھي ڪري، ماڻھن جو باقي سڄو پنھنجو وقت پنھنجي مادري زبان جي سماجي فضا سان تعلق دوران، کين پنھنجي مادري زبان ۾ ئي حسي تربيت ۽ ذھني تعليم ملندي رھي ٿي. بالادست ۽ استحصالي مفاد کي دراصل اھا عين فطري ۽ قدرتي صورتحال به ڏکي لڳندي آھي، ڇو ته اُن ۾ ھو زيردست معاشري يا قوم کي پنھنجي گرفت مان انيڪ نمونن ۾ آجو ٿيندي ڏسي ٿو – يا ڪم از ڪم، محڪوم قوم جي اُن غير رسمي تعليم جي دائري ۾ ھو پاڻ کي ڪٿي به موجود نٿو ڏِسي، ۽ اِنھيءَ ڪري اُن محاذ تي ھو پاڻ کي ڪمزور ٿو محسوس ڪري، ۽ اِنھيءَ ڪري بي اطمينان، ناخوش بلڪ غصي ۾ ڀريل رھي ٿو. ۽ پنھنجي اِھا بي اطميناني، ناخوشي ۽ ڪاوڙ پوءِ ھو اِئين ظاھر ڪندو آھي، جو ھو تابع معاشري يا قوم جي زبان جي استعمال ۽ اثر بلڪل ختم نه، ته به وڌ کان وڌ ۽ ھر طرح گھٽائڻ ۽ محدود رکڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. اُن ڪوشش ۾ پھريون نشان اُن جي اڳيان اِھو ھوندو آھي ته ڪنھن طرح زيردست معاشري جي ٻوليءَ کي رسمي تعليم جي ذريعي جي حيثيت ۽ عمل کان محروم رکيو وڃي – ريجھ راز ۽ ماٺ ميٺ ۾، نه ته زوران زوريءَ ۽ حڪما حڪميءَ به، بلڪ ٻنھي طريقن جي گڏيل ڪاريگريءَ ۽ ڪارستانيءَ وسيلي.
رسمي تعليم جي ميدان يا سرشتي ۾، ٻوليءَ جي حيثيت يا اھميت جي ڳالھ ٿي ڪجي، ته اُن لاءِ ٻوليءَ جي ٽن ڪارجن کي خيال ۾ رکڻو پوي ٿو: (1) تدريس جي ذريعي (Medium of Teaching) جو ڪارج – ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ تعليم لاءِ؛ (2) تدريس جي ھڪ مضمون (A subject of Teaching) جو ڪارج؛ (3) اَڻ – اَکرائي (Illiteracy) جي خاتمي لاءِ ذريعي جو ڪارج.
تدريس جي ھڪ مضمون طور ڪنھن ٻوليءَ جي تعليم کي اُن حد تائين ۽ اُن نوع جي ئي اھميت ملندي، جيتري ۽ جھڙي اھميت اُن کي تدريس جي ذريعي طور سڄي تعليم جي سرشتي ۾ مليل ھوندي. جيڪڏھن تدريس جي ذريعي جو ڪارج اُن کي ابتدا کان وٺي اعليٰ تعليمي درجي تائين ادا ڪرڻو آھي، ته خود اُن جي پنھنجي تدريس يا سِکيا جو اھتمام (ھڪ مضمون جي صورت ۾) اُن ئي معيار يا درجي جو ۽ اُن ئي سطح مطابق ڪرڻو پوندو – جيئن انگريزن جي دور ۾، اسان وٽ، خاص طرح انگلش ميديم تعليم جي متوازي سرشتي ۾، موجود ھوندو ھو؛ يعني، سڄي تعليمي سِٽاءَ ۾، سڄو زور، ابتدا کان اعليٰ سطح تائين، انگريزيءَ جي پڙھائيءَ تي؛ ۽ ڪا ٻولي ثانوي طور پاڙھڻ ۾ ايندي ھئي ته اُھا به فرينچ، لئٽن، جَرمن وغيره – نه سنڌي، نه اردو، ۽ نه وري محڪوم رعايا جي ٻي ڪا ٻولي. دنيا ڄاڻي ٿي ته اُنھيءَ خاص ۽ متوازي انگلش ميڊيم سرشتي تعليم جا پڙھيل امير نسل جا، يا اِئين انگريزي پڙھي نئينءَ مان ڪي امير بڻيل، خاص شخص ئي ھوندا ھئا، جيڪي انگريزي سامراج جي عملداري سرشتي جا ھتي اسان وٽ معتبر ۽ معتمد سُتونَ يا ٿنڀا ھوندا ھئا، ۽ اُھي ' عام رعايا ' جي ڪا ٻولي پڙھندا يا سِکندا به ھئا ته اُھا به فقط پنھنجي عملداريءَ جي ڏينھن ۾، ۽ سا به رڳو پنھنجن آقائن جي مفاد ۾ پنھنجي عملداريءَ جي فرضن ۽ ذميدارين جي ڪامياب ادائگيءَ لاءِ. انگريز سامراجَ، ملڪ جي سڄيءَ سياست کي لڳ ڀڳ اھڙن ئي انگريزي پڙھيل 'دانشورن ' ھٿان آخر تائين پنھنجي ضابطي ۾ رکيو، ۽ پوءِ جنھن حال ۾ ۽ جنھن صورت ۾ اسان جي ھيءَ دنيا ھو ڇڏي ويا، اُھا اڄ به گھڻي قدر سندن ئي پنھنجي عالمي مفاد جو رنگ ۽ روپ اختيار ڪيو بيٺي آھي. تدريس جي ھڪ مضمون طور ٻوليءَ جي تعليم، ٻين ڳالھين کان علاوه، ماڻھوءَ ۾ تخليقي ۽ اظھاري صلاحيتن کي وڌائي ٿي ۽ اُن حد تائين ھن جي مَن ۾ خود پنھنجي لاءِ ۽ اُن ٻوليءَ جي 'معاشري' لاءِ عزت ۽ قدر جو جذبو اُڀاري ٿي ۽ پختو ڪري ٿي - ۽ جيڪڏھن اُھا ٻولي ڪنھن پر ماڻھوءَ جي پنھنجي مادري ٻولي نه آھي ته، ردعمل طور، ھن جي مَن ۾ پنھنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۽ اُن جي وسيع ۽ عام معاشري لاءِ، جيڪو ھن جو پنھنجو اصل معاشرو آھي، بنھ ڌِڪار نه، ته به ھتڪ، ٺٺول ۽ لاغرضائيءَ جا رُخ اڪثر اُڀرن ٿا؛ ۽ اُن سان گڏ، جيڪڏھن ھن کي سندس ذاتي ۽ طبقاتي مفاد به اُن طرح، يعني اُن ڌارينءَ ٻوليءَ جي معرفت، سِڌ ٿيندي ڏيکاري ڏين، ته پوءِ ته ھو پنھنجي ٻوليءَ ۽ پنھنجي جنمي ۽ اصلي معاشري کان پوري بيگانگي اختيار ڪرڻ ۽ انھن جي مفادن جي زيان کي نه رڳو خاموشيءَ سان برداشت ڪرڻ بلڪ اُنھن کي پنھنجن ھَٿن سان پاڻ قربان ڪرڻ کان به ڪين گسندو. اِنھيءَ ڪري ئي مھذب ۽ آزاد معاشرا پنھنجي تعليمي سرشتي ۾ خود پنھنجي مادري زبان جي تعليم لاءِ بلڪل بنيادي ۽ مرڪزي حيثيت مقرر ڪندا آھن ۽ اُن تعليم کي اُن سرشتي جي اعليٰ کان اعليٰ سطح تائين خصوصي اھميت ڏيندا آھن.
اڻ اکرائيءَ جي خاتمي لاءِ، يعني اڻ پڙھيل بالغن، مَردن ۽ عورتن، جي تعليم لاءِ، ماءُ جي ٻوليءَ کي اڄ، پوري پوري تجربي کان پوءِ، دنيا ۾، پست کان پست معاشرن لاءِ به، واحد، سَستي ۾ سَستو ۽ آسان ۾ آسان ذريعو تسليم ڪيو ويو آھي.
ساڳيءَ ريت، ابتدائي تعليم لاءِ پڻ، عالمي پيماني تي، ۽ سماجي ۽ انساني مفاد جي سڀني حَلقن ۾ - پوءِ اُھي سياسي نوع جا ھجن، مذھبي نوع ھجن يا تھذيبي نوع جا ھجن – اتفاق راءِ سان، مادري زبان کي ئي واحد، سَستي ۾ سَستو ۽ آسان ۾ آسان ذريعو تسليم ڪيو ويو آھي.
بالغن جي تعليم توڙي ابتدائي تعليم لاءِ ڪا مادري زبان ذريعي جو ڪم ڏيئي سگھي، اُن لاءِ سڀ کان اول جا ضروري ڳالھ، بطور شرط جي، مڃي ويئي آھي، اُھا آھي اُن زبان جي رسم الخط يا لپيءَ جي موجودگي. ٻيو اُن سان لاڳاپيل، ضمني، شرط اُن لاءِ اھو ضروري مڃيل آھي ته، اُن لپيءَ ۾ لکيل پڙھائيءَ جو اڳ تيار ٿيل، مواد موجود ھجي، ۽ ٽيون ته وڌيڪ پڙھڻ، ۽ پڙھائيءَ کي جاري رکڻ لاءِ شايع ٿيل ۽ شايع ٿيندڙ مواد به ڪافي ڪنھن انداز ۾ موجود ھجي، ۽ چوٿون ته پڙھائيءَ لاءِ تعليمي طور لائق ۽ پڻ تربيت پاتل استاد به موجود ھجن. ھنن ڳالھين سان گڏ، مالي وسيلا، پڙھائيءَ لاءِ مرڪز، ضروري قسم جو فرنيچر ۽ ٻيا گھرج جا سامان به موجود ھجڻ کپن – پر ظاھر آھي ته اُھي تعليم جي نظام لاءِ عام گھرج جون شيون آھن ۽ ڪنھن خاص زبان جي پڙھائيءَ لاءِ ئي فقط لازم نه ھونديون آھن. اِنھيءَ ريت ڏٺو ويندو ته اُن عام ضرورت جي ساز سامان سان گڏ ڪنھن خاص زبان جي تدريس لاءِ جن ڳالھين جي خصوصي ضرورت آھي – يعني لپيءَ جي، ڪتابن جي ۽ استادن جي – تن جو فوراً (يعني ڪنھن مقرر ڪيل، خاص مدت ۾) موجود ڪرڻ اھڙو ڪو مشڪل مسئلو ڪونھي، جيڪو وقت جي حڪومت حل نه ڪري سگھي: بشرطيڪ اُھا اُن مسئلي کي، پنھنجي ھڪ فرض منصبيءَ طور حَل ڪرڻ گھري، ۽ اُن لاءِ عالمي طور مڃيل ۽ آزمايل اصول اختيار ڪري ۽ طريقا عمل ۾ آڻي. دنيا ۾، خاص طرح ٻيءَ عالمي جنگ کان پوءِ، جڏھن سوين ملڪ مغربي سامراجيت جي بيٺڪي اِشڪنجي مان آزاد ٿي، خودمختيار ٿي ۽ مستقل وطن جو درجو حاصل ڪري چڪا آھن – مثلاً آفريڪا جي ' اونداھي ' کنڊ جا ڪيترا ملڪ – تن جي ڪوڙئين بلڪ سوين مادري زبانن جي تعليم لاءِ اِن قسم جا اھتمام ڪيا ويا آھن، ۽ اُتي اڄ بالغن جي پڙھائيءَ لاءِ، ۽ پڻ ٻارن جي ابتدائي تعليم ۽ درجي بدرجي اعليٰ تعليم لاءِ اُتان جون اُھي مادري زبانون، تدريس جي ذريعي طور ۽ پڻ تدريس جي مضمون طور، استعمال ٿي رھيون آھن.
اِن سلسلي ۾، يعني مادري زبانن جي اِنھيءَ تعليمي ڪردار (Educational role) جي حمايت ۾، جيڪو مادري زبانن جو فطري ۽ اصولي ڪردار آھي، عالمي پيماني تي، پھريون ڀيرو 1951ع ۾، ”يونيسڪو“ (UNESCO) جي ماھرن جي ميٽنگ ۾، ھڪ زوردار ۽ پُراعتماد آواز اٿيو. اُن ميٽنگ جي ڪاروائيءَ جي رپورٽ پوءِ 1953ع ۾ سڄيءَ دنيا جي قومن جي عام اطلاع طور پڌري ٿي، جنھن ۾ ھڪ مطلق ڪُليي طور، اِھو رايو ظاھر ڪيو ويو ته ”تعليم جو عمل، بھترين قسم جو، ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ئي ممڪن آھي.... شاگردن کي پنھنجي اسڪولي تعليم ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ئي شروع ڪرڻ گھرجي.... ۽ اُن جو استعمال تعليم جي ممڪن کان ممڪن مٿاھين درجي تائين وڌائبو رھجي.“ (UNESCO), “The Use of Vernacular Languages in Education” Report of UNESCO Meeting of Specialists (1951), Monographs on Fundamental Education V111, p. 47- 8, Paris. UNESCO 1953. اُن کان پوءِ، ھيءُ رايو، ھيلتائين ڪيئي ڀيرا، دنيا جي ماھرن ۾ ۽ تعليم دانن جي قومي ۽ بين القوامي اجلاسن ۾ وري وري پئي اعلانيو ويو آھي. مثلاً، ”انگريزيءَ جي ڀيٽ ۾ آفريڪي ٻولين جو تعليم استعمال“ بابت ڪوٺايل يونيسڪو جي ھڪ خصوصي ڪانفرنس ۾، ھيءُ نتيجو اخذ ڪيو ويو ته ”جيڪو ٻار پنھنجي ٻوليءَ جي ماحول ۾ رھي ٿو، تنھن لاءِ بھترين صورت ھيءَ آھي ته ھن کي سندس مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني وڃي،“ ۽ ٻيو ته ٻارن کي جيتري به زياده ۾ زياده ٿي سگھي اوتري مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ گھرجي (ڏسجي: ”آفريڪي ڪامن ويلٿ جي ملڪن ۾ ٻوليءَ ۽ تعليم جو مسئلو“ از بي – ڊبليو- ٽفن، ص. 73 – 78، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، لنڊن، 1968ع )B.W.Tiffin, “Language and Education in Common wealth Africa” in: Daken J. et al (eds.), “Language in Education”, pp. 83- 84, London, Oxford University Press. 1968. اُن کان پوءِ 1972ع ۾ يونيسڪو جي ماھرن جي مشاورتي ڪاميٽيءَ جو ”ٻوليءَ جي تعليم بابت سرڪاري پاليسيءَ جي ترتيب ۾ لسانيات ۽ سماجي لسانيات جو دخل ۽ ڪردار“ جي موضوع تي مذاڪراتي جلسو ٿيو؛ جنھن ۾ ”يونيسڪو“ جي 1953ع واريءَ رپورٽ سان نئين سر اتفاق ظاھر ڪيو ويو، ۽ چيو ويو ته ”خود اھڙين حالتن ۾، جڏھن ڪنھن مادري زبان جا ڳالھائيندڙ ايتري تعداد ۾ موجود نه ھجن، جو اُن ۾ تعليمي مواد جي ڪتابي اشاعت ڪنھن وڏي پيماني تي مناسب لڳي، ڪم از ڪم شروعاتي انگن اکرن جي سِکيا، بھرحال، انھن حالتن ۾ به، مادري ٻوليءَ ۾ وڌيڪ مفيد ٿيندي“ (ڏسجي، ”ٻولي سِکيا جي عمل ۽ پاليسيءَ ۾ لسانيات ۽ سماجي لسانيات جو ڪردار،“ ص 11، يونيسڪو، پئرس، 1972ع). UNESCO, “The Role of Linguistics and Socio- Linguistics in Language Education and Policy”, p-11, E/D/Ws/286, Paris. UNESCO, 1972.
”اقوام متحده جي ”يونيسڪو“ تنظيم طرفان تعليمي اصول ۽ عمل بابت اِھي اظھار ۽ اعلانيه رايا، اِن مسئلي تي عالمي فتويٰ جو درجو رکن ٿا، جن جي تسليميءَ کان انڪار ۽ تعليم کان گريز فقط اُھي حلقا ڪن ٿا، جي پنھنجي استحصالي بالادستيءَ ۽ حاڪميت کي قائم رکڻ چاھيندا آھن، يا اُھي جيڪي پنھنجي زيردست حيثيت يا غلامانه صورتحال تي راضي ھوندا آھن يا اُن تي مطمئن رھن ٿا.
[ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن، ميرپور خاص، جي لطيف يادگار مجلس، مورخه 19- 11- 1981ع، جي تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي ميڙ ۾ پڙھيل تقرير: ”اخبار تعليم“، سيپٽمبر- ڊسمبر 1981ع ]