اسان جي سنڌي زبان
*****
علامه ع . م . دائود پوٽو
اسان جي پياري ' سنڌي '، ھڪ قديم زبان آھي ..... موجوده يورپ جي متمدن ٻولين کان به آڳاٽي آھي. اُھي اڃا وجود ۾ ئي نه آيون ھيون، ۽ اُڙدوءَ جو ته اڃا اير ڀير به معلوم ڪونه ھو، ته سنڌي زبان ھڪ پاڪيزي نموني ۾ ڳالھائڻ ۽ لِکڻ ۾ ايندي ھئي. جھرجھنگ ۾ انڌ جا اھل الله سنڌي بيت ۽ دوھرا جھونگاريندا ھئا. انھن ۾ ايترو سوز ۽ ساز ھوندو ھو، جو ٻڌندڙ محو حيرت ٿي ويندا ھئا؛ ۽ ڪيترائي ڪيفي، ڪباب ٿي، جان فدا ڪندا ھئا. ڇا، مخدوم احمد ڀٽيءَ ھڪ سماع جو بيت ٻُڌندي ساھ نه ڏنو؟ ڇا، ھڪ سيلانيءَ، شاھ لطيف جو ھيٺيون بيت پڙھندي، پنھنجي حقيقي محبوب جي سِڪ ۾ پران نه تياڳيا؟
ھيڪليائي ھيل، پوريندس پرينءَ ڏي،
آڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄن سيل،
ته ٻيلي آھن ٻيل، سُور پريان جا ساڻ مون!
انھن قرب جي وٽين ۾ اڃا به ماکيءَ جھڙو مَڌُ آھي، کرو ڪو انھيءَ جي چاشني چَکي-
جي چَکين ته چريو ٿئين، اِن ميخاني جو مَندُ!
ڪي سطحي ماڻھو چوندا آھن ته سنڌي ھڪڙي ٺَلھي ۽ سَکڻي زبان آھي، ۽ منجھس ادب بلڪل ٿورو آھي – خصوصًا اسان جا حريف ۽ اڙدوءَ جا دلدادا اھڙي دعوا وڏيءَ ھام سان ڪندا آھن – پر اِھا سندن عظيم غلطي آھي .... سِنڌي ادب بابت ھيترو چوڻ ڪافي آھي ته جڏھن انگريزن ھندوستان ۾ پير پاتو، تڏھن ڪنھن به ڏيھي ٻوليءَ ۾ ايترو علم ادب ڪونه ھو، جيترو سنڌيءَ ۾ موجود ھو..... مطلب ته سنڌيءَ ۾ ھر ڪنھن قسم جي صلاحيت رکيل آھي، جا کيس دنيا جي ادبي ٻولين ۽ ڪَرُ کڻائي سگھي ٿي. شعر جو ته [اسان وٽ] ڪاٿو ئي ڪونھي! ساري مُلڪ ۾ پکڙيو پيو آھي ....[ھيءُ] سڄو نظمي ادب باطراوت، ورجيسن سان ڀريل، طبعزاد، ججھو، لفظن توڙي عبارتن ۾ گوناگون، ۽ ساڳئي وقت سادو ۽ فطرتي آھي .... [تحقيق اسان جي] ' سنڌي '، ھڪ تونگر زبان آھي .... منجھس ھڪ عاليشان ھمه گير ادب جون سڀئي صلاحيتون موجود آھن. ڇا، اھڙيءَ ٻوليءَ کي سنڌي پنھنجي ھٿان وڃائيندا....
ڀائرو، اوھان ۾ غيرت آھي، ته اُٿو – پنھنجي اباڻي ورثي جي سنڀال ڪريو! جا ٻولي مخدوم عبدالحسن، مخدوم محمد ھاشم، سيد عبداللطيف، بزرگ گروھڙيءَ ۽ ٻين عاليشان ھستين جي ھنج ۾ پَلي آھي، ۽ جيڪا لفظن ۽ اصطلاحن ۽ ٻين ڪلامي خوبين جي ڪري ڪنھن به ٻوليءَ کان گھٽ نه پر گھڻو بلند ۽ بالا آھي، تنھن کي اوھين نڌڻڪو ڇڏي ڏيندا؟ جنھن قوم کي پنھنجو ' ادب ' نه آھي، سان اڄ ڪنھن به قطار ۾ نه آھي: جيڪڏھن اوھان پنھنجو سارو ادب وساريو، ته ڌوٻيءَ جي ڪُتي وانگر نه گھر جا ٿيندا، نه گھاٽ جا! اکيون پَٽيو، جاڳو، پنھنجو ورثو سنڀاليو، - نه ته سُتت اوھان کي پڇتاءَ جون تريون مھٽڻيون پونديون!
[ ”الوحد“ جو آزادي نمبر، 14 آگسٽ، 1949ع ]