اسان جي مادري زبان ۽ اُن جي
تعليم ۾ اھميت
”تعليم جي سڄي ناڪامي بنيادي طرح ٻوليءَ جي ناڪامي آھي.“
..... ..... .....
”ھر صاحب علم شخصُ لازمي طرح ٻوليءَ جو صاحب آھي.“
..... ..... .....
بي اختيار يا ڪم- اختيار معاشري جي آڏو پنھنجي بنيادي حقَن جي حفاظت لاءِ فقط ٻه رستا موجود رھن ٿا: پھريون، پاڻ کي بااختيار يا زياده بااختيار بڻائڻ لاءِ جدوجھد ۽ قرباني؛ ۽ ٻيو، ”تانسين ڀڳي سان ئي ڀير جانسين رتو راس ٿئي“ – يعني تنھن وچ ۾، حالتن پٽاندر، جو ڪجھ پنھنجي بھتريءَ لاءِ ممڪن ٿي سگھي، اُن تي عمل ڪرڻ.
سنڌي معاشري جو پڻ، ٻين زندھ انساني معاشرن وانگر، ھڪڙو اھم ۽ بنيادي حق پنھنجي زبان جي حفاظت ۽ فروغ آھي – ڇو ته اُن تي ئي سندس سڄيءَ سڃاڻپ بلڪ پوري وجود ۽ اُن جي افاديت جو دارومدار آھي.
اقوام متحده جي منشور ۾ ملڪن جي لساني اقليتن جو وجود تسليم ٿيل آھي، ۽ سندس بنيادي انساني حَقن جي دستاويز ۾ اقليتن جي ٻولين ۽ تھذيبن جي بچاءَ جو واعدو ٿيل آھي. ھم مذھب انساني اجتماع ۾ لساني اقليت جو وجود قائم رھي ٿو، ختم ڪونه ٿو ٿئي. ھم مذھب اڪثريت به ھم مذھب اقليت مٿان ڏاڍ ۽ اُن جي حَق تلفي ڪري سگھي ٿي.
آزاديءَ کان پوءِ ڪجھ جذباتي ترنگ ۾ ۽ ڪجھ گروھي مفاد جي ڇِڪ سبب، اسلام سان گڏ اردوءَ کي پاڪستان جي نظرياتي اِساس جي ھڪ عنصر طور اڳيان آڻيندي، مڪاني ٻولين کي ۽ خاص طرح سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي ۽ تھذيبي حيثيت کي نظرانداز ڪيو ويو، بلڪ اُن کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
ڪراچيءَ ۾ سنڌي پرائمري ۽ ثانوي اسڪولن جو ڪافي تعداد ۾ بند ٿيڻ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان امتحاني ٻوليءَ طور سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ جي يڪ طرفي ترديدَ- اِن سلسلي جا ڪافي ڳرا ۽ مھلڪ قدم ھئا.
اُن وقت کان پوءِ وقت بوقت، بلڪ مرڪزي حڪومت جي ھر تبديليءَ سان تعليمي ڪميشنن جا انعقاد شروع ٿيا، ۽ ھر ڀيري ”مادري ٻوليءَ“ جي اصطلاح کي ”قومي ٻوليءَ“ جي پرڪشش ۽ رعبدار اصطلاح سان ڍڪيندي، اردوءَ کي سڄي ملڪ ۾ تعليم جي ذريعي طور رائج ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رھيون – جنھن جي نتيجي ۾ پڻ سنڌ ۾ سنڌيءَ جي محڪم بيٺل تھذيبي اھميت ۽ تعليمي درجي کي ڌَڪ لڳڻ جا امڪان اٿندا ۽ نقصان پھچڻ جا انديشا سامھون ايندا رھيا.
1958ع ۾ پھرئين مارشل لا جي دوران، قومي يڪجھتيءَ جي مفاد ۾ سنڌ جي اسڪولن ۾ سنڌ جي صوبائي حڪومت طرفان عمل ۾ آندل مساويانه لساني فارمولا کي ختم ڪري، اردوءَ کي يڪ طرفي فوقيت ڏياري ويئي، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌي معاشري ۾ تھذيبي طور گروھي تفريق ۽ امتياز جي صورت پيدا ٿيڻ جا آثار اُڀري اڳيان آيا، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ اُن جا ھاڃيڪار نتيجا پڻ نمودار ٿيا.
تنھن وچ ۾، ۽ پوءِ گھڻي وقت تائين، قومي ۽ سرڪاري ٻوليءَ جا ٻولين جي آئيني حيثيت جي سلسلي ۾ فڪر ۽ عمل جون ڪيئي متضاد صورتون اٿنديون رھيون، ۽ ڪافي ڪشمڪشا کان پوءِ، جنھن ۾ ڪيتريون ئي ناڪاميون ۽ نامناسب ڳالھيون واقع ٿينديون رھيون، نيٺ 1973ع جي آئين ۾ مسئلي جي ھڪ صورت ملڪي سطح تي، ۽ اُن جي آڌار تي خاص طرح سنڌ ۾ صوبائي سطح تي، طئي ٿي، جنھن جي منصفانه تعميل جو سوال اڃا به التوا جي حالت ۾ موجود آھي.
ھن سڄي عرصي ۾، سنڌي معاشري جي باخبر، ذميدار ۽ حساس حلقن طرفان پنھنجي ٻوليءَ جي وجود جي تسليميءَ ۽ اُن جي تھذيبي ۽ آئيني مفاد جي حفاظت لاءِ مناسب پيش قدمي ٿيندي رھي، ۽ پنھنجي ھن بنيادي انساني حَق جي دفاع ۽ بحاليءَ لاءِ گھربل جدوجھد ۾، سنڌي معاشري جي ڪابه اھڙي اھم شخصيت، ڪوبه ادارو يا جماعت ڪانھي، جنھن پنھنجي وس آھر پورو پورو حصو نه ورتو ھجي. ھزارين پترا، سوين ڪتابچا، ڪيئي ڪتاب، عرضداشتون، ليک، ٺھراءَ ۽ عرض ناما شايع ٿيا، ۽ تقريباً ھر مرڪزي حڪومت آڏو اديبن، عالمن ۽ تعليمدانن جا وفد پيش ٿيندا رھيا، جن مان ھر ھڪ جو ذڪر لازم ته آھي، پر ھن موقعي تي، خاص طرح وقت جي تنگيءَ جي خيال کان، مناسب نٿو لڳي. البت، اُن سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان 9 نومبر 1962ع تي ”يوم سنڌي زبان“ جي ملھائڻ ۽ وسيع پيماني تي دستخطي مھم ۽ جي طوماري دستاويز جي تياريءَ، ۽ 1960ع ۾ ”سنڌي زبان سوسائٽي“ جي قيام ۽ اُن سوسائٽيءَ پاران 1962ع ۾ ھڪ تفصيلي عرضداشت جي تياريءَ ۽ تڏھوڪي صدر پاڪستان، مارشل محمد ايوب خان، کي وفد جي صورت ۾ ان جي پيش ڪرڻ جي ڳالھين جو ھن موقعي تي، فقط يادگيري طور، ذڪر ڪري ڇڏڻ مناسب ٿو معلوم ٿئي.
ھيتري ساري لاڳيتي، بي خوف ۽ بي لوث اجتماعي جدوجھد جو ئي نتيجو آھي، جو اڄ اسان جي پنھنجي مادري ٻوليءَ جي حيثيت ھِتي اسان وٽ اُھا ئي قائم آھي، جيڪا آزاديءَ کان اڳ اُن جي ھئي – يعني:
(1) ابتدائي ۽ ثانوي اسڪولن ۾ ڏھين ڪلاس تائين اسان جي مادري ٻولي اڀياسي مضمون به آھي ۽ ذريعو تعليم به آھي.
(2) ڪلاس چوٿين کان 12 ڪلاس تائين غير سنڌي تعليم وارن شاگردن لاءِ سنڌي لازمي اڀياسي مضمون جي حيثيت رکي ٿي – جيئن سنڌي ذريعي تعليم وارن شاگردن لاءِ اردو لازمي اڀياسي مضمون آھي.
(3) ٻارھين ڪلاس کان پوءِ (سنڌ يونيورسٽيءَ) جي بي – اي جي تعليمي سطح تائين پڻ اسان جي مادري زبان اڀياسي مضمون به آھي ۽ اڪثر نصابي ڪورسن لاءِ تعليم جي ذريعي طور پڻ تسليم ٿيل آھي.
(4) ايم – اي جي سطح جي تعليم سنڌيءَ ۾ (بحيثيت اڀياسي مضمون جي) سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ۽ پڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ وٽ سنڌيءَ جي ذريعي تسليم ٿيل آھي.
(5) سنڌ يونيورسٽيءَ وٽ سنڌي ٻولي ڊاڪٽوريٽ آف فلاسافيءَ جي سَنَدَ لاءِ تحقيقي مضمون جي ٻوليءَ طور تسليم ٿيل آھي.
(6) صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن وٽ ملازمتن لاءِ مقابلي جي امتحانن ۾ سنڌي بحيثيت ھڪ مضمون جي ۽ پڻ ڪِن محدود حالتن ۾ امتحاني ٻوليءَ جي، ۽ مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن وٽ پي – سي – ايس جي اعليٰ ملازمت لاءِ مقابلي جي امتحان ۾ فقط بحيثيت ھڪ مضمون جي تسليم ٿيل آھي.
(7) اسان جي مادري ٻولي، اردوءَ سان گڏ (جنھن کي آئيني طور مرڪزي حيثيت ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو به مليل آھي)، سنڌ صوبي جي سرڪاري زبان طور تسليم ٿيل آھي.
ھڪ مرڪز پسند وفاقي طرز حڪومت ۾، وفاق جي ھڪ اڪائيءَ جي حيثيت ۾، جيڪا اِڪائي مطلق ۽ مستقل اقليت ۾ ھجي، اسان کي پنھنجي مادري ٻوليءَ جي اِن حيثيت تي خوش ھجڻ جا ڪافي سبب آھن. اِئين برابر آھي ته اُھا اُن جي اصلوڪي حيثيت ھئي ۽ اُن حيثيت کي اسين وڏي اجتمائي جدوجھد کان پوءِ تسليم ڪرائي يا قائم رکي سگھيا آھيون، ۽ اُن لاءِ اسان کي وري وري جدوجھد پئي ڪرڻي پئي آھي، ۽ آئينده به شايد اِئين ٿئي – ”زندگيءَ جي نعمتن لاءِ دائمي سجاڳيءَ جي قيمت“ ڏيڻي ئي آھي، ۽ اُن سلسلي ۾ اسين پوريءَ طرح فقط تڏھن مطمئن ۽ بي خوف ٿي سگھون ٿا، جڏھن تعليم جو شعبو خالـص صوبائي اختيار ۾ ھجي ۽ اُن ۾ مرڪز جي دخل اندازيءَ جو امڪان نه رھي - ۽ اِھو پاڻ کي يعني سنڌي معاشري کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ جي مسئلن مان ھڪ مسئلو آھي، جنھن لاءِ ھيڻن ۽ اقليتي معاشرن کي جدوجھد ڪرڻ ۽ قربانين ڏيڻ جي ضرورت رھي ٿي. بھرحال، ھِن وقت ائين به برابر آھي ته اسان جي ٻوليءَ جي اِنھن تھذيبي ۽ تعليمي حيثيتن مان ڪي گھڻي قدر ڪاغذ تي ئي موجود آھن ۽ عملي طور اِنھن سڀني حيثيتن جو شرف اُھا پوريءَ طرح اڃا نه ماڻي سگھي آھي، ۽ اُن لاءِ گھڻيءَ حد تائين حڪومت جي انتظامي چرخي ۽ اُن جي ڪِن خاص پرزن جي عدم توجھي، سرد مھري ۽ خصومت ئي ذميدار آھي - ۽ جنھن لاءِ پڻ متاثر ٿيل معاشري تي جدوجھد ۽ قربانيءَ جو فرض لازمي طور عائد ٿئي ٿو.
ھنن سڀني ڳالھين کان پوءِ، ھِن سلسلي ۾ اسان کي پاڻ به سوچڻو آھي ته موجوده حالتن ۾، جڏھن اسان جي معاشري ۾ اسان جي مادري ٻوليءَ جي تسليم ٿيل تھذيبي ۽ تعليمي حيثيت ايڏي حوصله افزا آھي، تڏھن، اُن جو پنھنجي اُنھيءَ حيثيت سارو معاشري ۾ قدر به ٿئي ۽ اُھا عملي طور پنھنجو اُھو درجو ماڻي به سگھي، ۽ اُن جي وسيلي، تعليم ۽ تھذيب جي دائري ۾، خود اسان جو معاشرو به اُھو فروغ ۽ اُھا پنھنجي صلاحيت حاصل ڪري سگھي، جيڪا اُن کي ھڪ زندھ ۽ باوقار معاشري جي صورت ۾ حاصل ھئڻ گھرجي – اُن سڀ لاءِ اسين پاڻ ڇا ٿا ڪري سگھون، ۽ پنھنجي ڪوشش ۽ عمل سان ڪيتري قدر ۽ ڪھڙيءَ طرح پنھنجي مادري ٻوليءَ جي ان مڃيل حيثيت کي حقيقي صورت ڏيئي سگھون ٿا؟
منھنجي خيال ۾ اسين ھِن سلسلي ۾ ھيٺيان اقدام ڪري سگھون ٿا:
(1) اسان جا اديب ۽ عالم انفرادي طرح ۽ اسان جا علمي ۽ ادبي ادارا، پنھنجن پنھنجن سونپيل ۽ ھٿ ۾ کنيل فرضن ۽ ذميدارين جي تعميل طور، ٻارھين ڪلاس کان مٿي ھر اھڙي تعليمي نصاب جا ڪتاب، جنھن لاءِ سنڌي ٻولي اڀياسي مضمون يا تعليمي ذريعي طور تسليم ٿيل آھي، لکي سگھن ٿا، لکائي سگھن ٿا، ۽ ڇپائي ۽ شايع ڪرائي سگھن ٿا.
ھن سلسلي ۾ ٻارھين ڪلاس جي تعليمي سطح تائين گھربل درسي ڪتابن جي لکائڻ، ڇپائڻ ۽ موجود رکڻ جي سرڪاري ذميداري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ تي عائد ٿيل آھي، جنھن کي پورو ڪرڻ اُن جو منصبي فرض آھي، ۽ اُن ڪم ۾ سندس ناڪاميءَ جي حالت ۾ اُن کان پوري پوري جواب طلبي ڪرڻ اسان استادن ۽ مائٽن جو به فرض آھي، ۽ اُھو اسان جو حَق به آھي.
حڪومت جي تعليمي ۽ ثقافتي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ اسان جا پنھنجا دردمند ۽ باھمت عملدار، پنھنجي پنھنجي دائري اختيار ۾، ۽ وٽن موجود حڪومتي وسيلن آھر، ھن ڪتابي ميدان ۾ يعني انھن جي تياريءَ، اشاعت ۽ استعمال جي سلسلي ۾ ڪافي ڪجھ ڪري سگھن ٿا.
(2) اسان جا استاد ۽ تعليمي ادارن جا منتظم ۽ سربراھ، پرائمري تعليمي سطح کان وٺي يونيورسٽيءَ جي تعليمي سطح تائين سنڌيءَ جي تعليم ڏانھن خصوصي توجھ ڏيئي سگھن ٿا – جيئن اڀياسي مضمون طور اُن جي پڙھائي ۽ ذريعي تعليم طور اُن جو استعمال، جديد کان جديد طريقن سان، بھتر کان بھتر نموني ۽ دل جي پوري ذوق ۽ ڪامل ذھني صلاحيتن سان، عمل ۾ اچي سگھي.
(3) اِنھيءَ حقيقت جي مدنظر ته اڄ اسان وٽ خاص طرح وڏن شھرن ۾، سنڌي ذريعي تعليم وارن اسڪولن ۽ اسان جي ٻارن لاءِ مادري زبان جي بنيادي تعليمي سھوليتن جِي سخت اڻاٺ آھي، اسان کي حڪومت جي ذميدار اختياريءَ وارن کان ھڪ طرف پنھنجي اِن بنيادي حَق وٺڻ جون پنھنجي پنھنجي منھن توڙي جماعتي طور گڏيل ڪوششون ڪرڻ گھرجن؛ ۽ ٻئي طرف اسين ”پنھنجي مدد پاڻ ڪريو“ جي اصول تي عمل ڪندي، پنھنجي محلي ۾ پنھنجن ٻارن لاءِ ٻاراڻا ڪلاس، پرائمري اسڪول ۽ پڻ ھاءِ اسڪول قائم ڪري ۽ ھلائي سگھون ٿا.
(4) اسين پنھنجي محلي ۾ ۽ پنھنجي ڳوٺ ۾ سنڌي ڪتابن جا مرڪز، لئبررين ۽ پڙھائي گھرن جي صورت ۾، قائم ڪري ۽ ھلائي سگھون ٿا.
(5) اسان کي، وس پڄندي، ڪڏھن به پنھنجي ٻارن کي ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ جي ٻاراڻي ڪلاس يا پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرڻ نه گھرجي. مجبوريءَ کان ڪنھن ٻار جي حالت ۾ جيڪڏھن اِئين ڪرڻو به پوي، ته گڏوگڏ، ڪم از ڪم پنھنجي گھر ۾ پنھنجي اُن غريب ٻار کي اسين پاڻ پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾، پڙھڻ لکڻ به سيکاري سگھون ٿا.
اسان کي انساني نـفسيات ۽ تعليمي فلسفي جو ھيءُ بنيادي اصول ھميشہ ياد رکڻ گھرجي – جيڪو اقوام متحده جي تعليمي، تھذيبي ۽ سماجي بھبود جي اداري (يونيسڪو) ھيٺين لفظن ۾ قلمبند ڪري، دنيا جي سڀني زبانن متعلق ۽ سڀني ماڻھن جي عام اطلاع لاءِ شايع ڪرايو آھي:
”.... ٻار لاءِ بھترين تعليمي ذريعو سندس مادري زبان آھي. بھترين تعليم شاگردن جي مادري زبان ذريعي ئي ڏيئي سگھجي ٿي.... تعليم بھترين نموني سان مادري زبان ذريعي حاصل ٿي سگھي ٿي.... پوءِ ڀلي ته شاگرد ٻارُ ھجي يا بالغُ.... قومي زبان مادري زبان جي جاءِ نٿي ڀري سگھي....“ (يونيسڪو طرفان نومبر 1951ع ۾، ”تعليم ۾ مڪاني زبانن جي استعمال“ تي پئرس – فرانس، ۾ سڏايل سڄيءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏيءَ تعليمي ماھرن جي ڪانفرنس جا فيصلا ۽ سفارشون.)
يونيسڪو جي تعليمي ماھرن جا اِھي فيصلا انساني نفسيات جي ھيٺ بيان ڪيل ھڪ بنھ بنيادي ۽ اَٽل حقيقت تي ٻَڌل آھن:
ٻار جي تعليم شروع ڪرڻ وقت ڪنھن جي ڪھڙي به نيت ھجي، پر اُن نيت ۾ ٻار جي خود پنھنجي ڪابه دلچسپي ڪانه ھوندي آھي. مائٽن کي، سماج کي ۽ حڪومت کي اُن وقت پنھنجون پنھنجون الڳ الڳ مرادون ۽ نيتون ٿي سگھن ٿيون، جيڪي ڪجھ متضاد ۽ ڪجھ موافقت ۾ به ھونديون آھن، پر اُنھن جي ڪنھن به نيت سان خود ٻار جو شعوري اتفاق يا واسطو ڪونه ھوندو آھي.
جڏھن مائٽ ٻار کي ٽن سالن جي عمر ۾ ڪنھن ٻاراڻي ڪلاس ۾ يا ٻه سال پوءِ پرائمري ۾ ويھاري ٿو، تڏھن خود ٻار جو پنھنجو فطري اتساھ يا دلچسپي ڪھڙي ھوندي آھي؟ فقط ھڪ: ۽ اُھا ھيءَ ته ھو پنھنجي دنيا کان واقف ٿئي، ۽ اُن واقفيت کيس پنھنجي اُن دنيا تي قابـض ٿيڻ يا ھجڻ جو شعور ۽ خوشي ڏئي ٿي. سندس ھن ڄاڻ جي اتساھ جي پوري ڪرڻ لاءِ ٻار وٽ پنج حواس ته آھن ئي، پر اُن لاءِ ھن کي تنھن وچ ۾ ٻي به ھڪ حاصلات، فطرت جي ھڪ تحفي طور، ھٿ اچي ويندي آھي - ۽ اُھا ھوندي آھي ھن جي ڳالھائڻ جي اٽڪل، يعني ھن جي مادري ٻولي. ھيترو وقت، ھو گھر ۾ پنھنجي مائٽڻ جي محفوظ پناھ ھيٺ رھيو، تنھنڪري ھو نه ڪنھن کان ڊڄي ٿو، نه ڪنھن جو پاڻ ئي مَٺگھرو آھي، ۽ بنھ ھڪ بي ميار معصومَ وانگر پنھنجي مائٽاڻي پناھ گاھ مان نڪري، پنھنجي چوڌاري موجود شين کي ڏسي ٿو ۽ پنھنجي دنيا کي ڪجھ وڌيڪ وسيع ڪرڻ گھري ٿو.
ھاڻي، بلڪل اِنھيءَ پَلِ، جڏھن ھن جي نازڪ ۽ نرمل دل دنيا جي نيڪيءَ ۽ گھڻگھرائيءَ جي تَرنگ ۾ ڀريل آھي، ٻار کي ھڪ اھڙي وايومنڊل ۾ آڻي وڌو ٿو وڃي، جيڪو ھن جي مادري ٻوليءَ جو وايو منڊل نه آھي! ۽ ھڪدم ھو ڏسي ٿو ته نه ھن کي ڪوئي سمجھي ٿو ۽ نه ھوئي ڪا ڳالھ ٿو سمجھي! ھن جي ڪلاس جي ڪمري ۾ جيڪا ٻولي چالو آھي، سا ھن جي ٻولي ڪانھي! ٻار کي اوچتو صدمو ٿو رَسي – ڌاريائپ جو صدمو - ۽ ھو سڄو نراسائيءَ ۾ ويڙھجي ٿو وڃي. ھِن جي ٻولي، جيڪا ھن لاءِ ھن جي گھُر ھئي، ۽ اُن پَلَ تائين سڄي ھن جي زندگي ھئي، اُھا ھن جي اسڪول ۾ ھن جي ڪنھن ڪمِ ڪانه ٿي اچي. نتيجي ۾، ھو اُن پنھنجي نئينءَ دنيا کان ھميشہ لاءِ، ذھني طور، جذباتي طور، ڪَٽجي ٿو وڃي، ۽ ھن جي مَن ۾ اڪيلائپ جو احساس، پيدا ٿي پوي ٿو. اُن ڌاريائپ واريءَ فضا ۾ ٻار لاءِ اھڙو ڪو خطرو به واقعي ڪونھي ته اُتي ڪو ھن تي اُلر ڪندو، ھن کي ڌڪ ھڻندو يا اھڙو ڪو نقصان پھچائيندو: پر سچو پچو ھڪڙو خطرو ھن کي اُتي آھي، ۽ اُھو اِھو آھي ته اُتي ھو ڌيان تان لھي ويندو، ۽ اِنھيءَ ڪري ھن جو قدر گھٽجي ويندو، ۽ ھو خسيس لڳندو.
اسان سڀني کي، جن کي پنھنجن ٻارن جي تعليم جي اھميت جو احساس آھي، ياد رکڻ کپي ته ”اسڪول جي دنيا ۾ جيڪي به شغل، دلچسپيون ۽ ڪم ڪار ٿين ٿا، انھن ۾ ھڪ ھڪ کان ۽ سڀني کان وڌيڪ اھم شيءِ اُتان جي ٻولي آھي؛ ۽ اُھا ئي ھڪ شيءَ آھي، جيڪا اُن اسڪول جي دنيا ۾ ھرڪو ٻار پاڻ سان کڻي وڃي ٿو. ڪلاس روم ۾ موجود اُنھيءَ ھڪڙي بنيادي سچ، اُنھيءَ ھڪڙيءَ بنيادي حقيقت، جو اسان سڀني کي احساس ھئڻ کپي، ۽ اُن ھڪڙي ننڍڙي سچ ۽ اُنھيءَ ھڪڙيءَ ننڍڙيءَ حقيقت سان اسان سڀني کي انصاف ڪرڻ کپي: ۽ اسان جي ٻار جي تعليم جي سموريءَ ڪاميابيءَ جو دارو مدار اُنھيءَ ھڪڙيءَ ڳالھ تي آھي – ڇو ته ”تعليم جي سڄي ناڪامي بنيادي طرح ٻوليءَ جي ناڪامي آھي“ ۽ ”ھر صاحب علم شخص لازمي طرح ٻوليءَ جو صاحب آھي.“
[25 اپريل 1980ع، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي ڪل سنڌ ڪانفرنس، حيدرآباد، جي موقعي تي پڙھيو تقرير- ”ھلال پاڪستان“، 1 – مارچ، 1983ع ]