لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳجهارتون

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (276) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”ڳجهارتون“ جو سموهيندڙ ڪڇ- ڀُڄ هندستان جي علائقي ”ٻني“ جي ڳوٺ پناهواري جي سنڌي دوست ڪلاڌر مُتوا آهي. هي ڪتاب شري هرشد ترويدي، رجسٽرار سنڌي ساهتيه اڪادمي، گجرات پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو.
“پرولي” لوڪ هردي جو هڪ قديم اظهار آهي. ذهني شخص جي اتپتي آهي. ان مان اسان کي انساني دماغ جي وڪاس جي ڄاڻ ملي ٿي. پرولين جو واهپو وندر، ورونهن، ريجھ ۽ رهاڻ خاطر ڪيو ويندو آهي.
Title Cover of book ڳجهارتون

اڃان لاتيون لنون پيا

منهنجي مٺڙي ٻني اها وني آهي جيڪا ڳجهارتن، پهاڪن، چوڻين لوڪ گيتن، واين، بيتن ۽ ڳيچن جهڙن سنڌي لوڪ ادب جي ڳهڻن سان جهنجهي پيئي آهي. جنهنجي پنهنجي هڪ سندرتا ۽ سونهن آهي. جنهن سندرتا کي ڌسڻ پسڻ لائي ان پارکو اک جو هئڻ گهرجي جيڪا اک هن جي ثقافت واري گهونگهٽ ۾ لڪل هيرن جواهرن کي ڏسي پسي سگهي. ٻني نه صرف ڏسڻ پسڻ جي شيه آهي پر ماڻڻ جي شيه آهي. ورهاڱي وقت جيڪي اسان جا هندو سنڌي ڀائر پنهنجا اجها اوتارا، ٻنيون ٻارا ڇڏي آيا انهن لائي ته هي علائقو انتهائي اهميت جي حامل آهي. پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي جيڪڏهن ڪنهن سنڌي سڄڻ کي سڪ پاٻوه آهي. هو مارويءَ جا مال چاريندڙ ماروئڙا، ۽ سسئي جا سيڻ جتڙا ڏسڻ چاهي ٿو ته هن کي گهرجي ماءُ ٻني جي ڀلاري ڀون جو هڪڙو چڪر ضرور هڻي. منهنجي دعوي آهي ته هن کي هت اچي اها شيه ملندي جا ثقافت جي خيال کان هن جي خوابو خيال ۾ به نه هوندي. ۽ اها چيز هن جي دل ودماغ کي سنسڪرتيءَ جي واس کان واسي ڇڏيندي. ۽ کيس هڪ انوکي احساس جي انوڀوتي ٿيندي.
مارچ 2010 ۾ اسان جي مانواري نامياري اسڪالر جناب لڇمڻ خوبچنداڻيءَ جو فون آيو ته ڪلاڌر مان ٻني اچڻ ٿو چاهيان. چيومان ”سائين اسان جا ڀليرا ڀاڳ ڀلي ڪري اچو، جي ڪري اچو. 10 ۽ 11 تاريخ تي ڀڄ ۾ سينٽرل ساهتيه اڪيڊمي، نئي دهلي ۽ گجرات ساهتيه اڪيڊمي گانڌينگر جي گڏيل تعاون سان ڪڇي ٻوليءَ جو سيمينار به رکيل آهي، توهان اگر ڪڇي ٻوليءَ جو به واءُ سواءُ لهڻ چاهيو ته انهن تارخن ۾ اچو.“ اهو ڄاڻي هنن کي پاڻ ڏاڍي خوشي ٿي ۽ هو آديپور کان ٿيندي ڀڄ پهچي آيا. ٻه ڏينهن ڪڇي ساهتيه تي پڙهيل مقالا ماڻياسين. جن مقالن ۾ هن لکندڙ بندي جو ”ڪڇي ۽ سنڌي ساهتيه جا سنگم“ مقالو به شامل هو.سيمينار سماپت ٿيو شام جو جيپ ۾ چڙهي اچي ٻنيءَ پهتاسين. ۽ رات جو ٻني جي ڪچهريءَ جو سائين جن کي لطف وٺرايوسين. ٻئي ڏينهن اتفاق سان ڀر واري ڳوٺ ۾ هڪڙي ننڊڙي شادي به هوئي. سائين جن کي اوڏاهن به وٺي ويوس. منڊپ ۾ ويهي چانهه پاڻي کان پوئي ڳجهارتون ڄاڻندڙ ٻن چئين يارن کي سڏ ڪيم ته اصل ڪچهري ڄمي ويئي. ڳجهارتن مٿان ڳجهارتون اچڻ لڳيون. سائين جن کي مزو اچي ويو.
شام جو ويڙهار ڳوٺ (جتي شري پرسو گدواڻي رهندا هئا) وڃي رهيا هئاسين ته خوبچنداڻي صاحب چيو ته ”ڪلاڌر انهن ڳجهارتن کي ڪٺو ڪجي ته ڪيئن؟ سائين گدواڻي صاحب ان ڏس ۾ ڪم ڪيو هو پر منهنجي خيال ۾ اڃان به وڌيڪ ڪم ٿيڻ کپي. ڇا توهان پنهنجي سنسٿا جي تحت اهو ڪم ڪري سگهو ٿا؟ “ مون لائي ته اها آڇ انڌو گهري ٻه اکيون مثل هئي ۽ مون انهي ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي سنسٿا ” ٻني سنڌو سيوا سنگهه “ جي نگراني ءَ ۾ اهو ڪم ڪرڻ جي رضامندي ڏيکاري. بس پوئي صرف زباني منظوريِ تي ئي انهي پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.
هن کان اڳ هن صنف تي سائين گدواڻي صاحب ڪم ڪيو هو جيڪو 1990 ۾ ڪتابي صورت ۾ اسان جي سامهون آيو. جنهن ڪتاب ۾ 147 ڳجهارتون درج ٿيل آهن. جنهن کي ويهن سالن کان مٿي جو عرصو گذري ويو آهي. مون فيصلو ڪيو ته مان في الحال ان ڪتاب کي هٿ به نه لائيندس ۽ وري نئين سر ڳجهارتون رڪارڊ ڪندس ،۽ لکندس، هڪڙو ته مون ڏسڻ تي چاهيو ته ڇا انهن ويهن سالن واري عرصي ۾ ڳجهارتن ۾ ڪا ڪمي بيشي ٿي آهي يا نه . ۽ ٻيو منهنجو مقصد هو ته انهي بهاني ڳجهارتون آڊيو جي صورت ۾ رڪارڊ به ٿي وينديون. ائين ڳجهارتن جي عمر کي ٿورا وڌائي به سگهبو. ان سلسلي ۾ ٻني ءَ جي تقريبن سڀني ڳوٺن جا چڪر هنيم. ۽ ٻنيءَ ۾ رهندڙ سڀني قومن جي سگهڙن يعني ڳجهارتن جي ڄاڻن سان مليس. ڪن ڪن ڳوٺن ۾ ته ٻه ٻه ڀيرا ويس. ڪچهريون ڪيونسين. انفرادي طور به سگهڙن سان مليس. جتي جتي به ڪا ڳجهارت ملي ٿي ان کي پنهنجي موبائيل فون ۾ رڪارد ڪري ٿي ورتم. ڪن سگهڙن سان ته موبائيل فون تي ڪچهري ڪري ڳجهارتون رڪارڊ ڪيم. منهنجي ٻنيءَ ۾ رهندڙ ڪن شاگردن ۽ دوستن کي به ان ڪم ۾ شامل ڪيم. ايئن هنن ۾ به هن ڪم لائي اتساه جاڳائڻ ۾ ڪاميابي ملي، جنهن ڳالهه جي مونکي ڏاڍي خوشي آهي. وڏي ڳالهه ته جن جن سان مليس انهن هن ڪم کي واکاڻيو سڀني چيو ته اهو ڪم ضرور ٿيڻ کپي. ماڻهن جو هن شيه ۾ اتساه ڏسي منهنجي به دل وڌي ۽ سچ پڇو ته ڪم ڪرڻ ۾ مزو اچڻ لڳو.
شروع ۾ منهنجو انومان يا کڻي چئجي ته پڪ هئي ته ڳجهارتن جو گراف هيٺ لٿو هوندو. موبائيل ۽ انٽر نيٽ جي زماني ۾ يا هن وٺ پڪڙ جي دور ۾ ڳجهارتن جهڙي ڳوڙهي صنف ڀلا ڪيئن جالي سگهي هوندي. منهنجو اندازو هو ته ڏيڍ سو ٻه سو ڳجهارتون به سيهڙجي ويون ته غنيمت چئبي، ان ۾ اهي ڳجهارتون به اچي وڃن ٿيون جيڪي شري گدواڻي ءَ جي ڪتاب ۾ اڳ ئي ڇپجي چڪيون آهن.
مئي مهيني ۾ جڏهن سيهڙيل سڀني ڳجهارتن کي سرن مطابق الڳ لکي شري گدواڻيءَ واري ڪتاب سان ڀيٽيم ته منهنجي حيرت جي انتها نه رهي. ان ڪتاب ۾ ڏنل 80-90 ڳجهارتون اهڙيون هيون جيڪي يا ته نج پج انهي انداز ۾يا ڪن ٿورن گهڻن ڦيرڦارن سان وري مليون. ۽ تقريبن 50 – 60 ڳجهارتون اهڙيون نڪتيون جيڪي مونکي سگهڙن وٽان نه مليون. ان جو مطلب ايئن هرگز ناهي ته اهي ڳجهارتون هاڻي ٻنيءَ مان موڪلائي چڪيون آهن. پر ڳجهارتون ڏيڻ ڀڃڻ جو به هڪ نشو هوندو آهي سمو هوندو آهي. اگر ڪچهري ڄمي ويندي آهي ته ڳجهارتون پنهنجو پاڻ سگهڙن جي زبان مان ترڪي نڪرڻ لائي آتيون هونديون آهن. ۽ جي ماحول موڊ ناهي ته ايندڙ ڳجهارتون به دل تي ناهي چڙهديون آهن. مونکي پڪ آهي ته اهي ڳجهارتون جيڪي مونکي ناهي ملي سگهيون اهي به اسان جي سگهڙن جي سينن ۾ ضرور جيئريون هونديون پر مونکي انهن جي حاصل ڪرڻ جو شرف نه ملي سگهيو آهي. ۽ شايد منهنجون پنهنجون به مريادائون هيون جن جي ڪري ايئن شايد نه ٿي سگهو آهي.
بحر حال مونکي پوڻا ٽي سوکن ڳجهارتون مليون، مان سمجهان ٿو اهو هڪڙو سٺو تعداد چئبو. مان 18 کان 81 سالن جي عمر جي ماڻهن سان مليس. مونکي ان ڳالهه جي بيحد خوشي آهي ته مون ڏٺو ٻنيءَ جي نوجوان ٽهيءَ وٽ اڃان به اهو زخيرو موجود آهي. هن پروجيڪٽ جي سلسلي ۾ جن جن نوجوانن سان ملڻ ٿيو هنن خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته مان ڳجهارتون ڪٺيون ڪري رهيو آهيان ائين اهي ڳجهارتون ٿوريون محفوظ ٿي وينديون. انهن نوجوانن ۾ ڪيترائي نوجوان سگهڙ اهڙا هئا جن جي عمر 25 کان 30 سالن جي آس پاس هئي.
هن ڪم لائي مون شادين مرادين وارن موقعن جو استعمال ڪيو، جتي جتي به شادي وارو موقعو هوندو هو ته مان اتي خاص هن ڪم لائي پهچي ويندو هوس . ڇو ته شادين ۾ سڀني قوم جا ماڻهو گڏ ٿيندا آهن. شادين وهائن وارن موقعن تي جڏهن به نوجوانن کي گڏ ڪري ڳجهارتن واري روح رهاڻ پي ڪرائي سين ته سڀني کي ڏاڍو مزو پي آيو ۽ ڳجهارتن جو هڪڙو دور هلي ٿي نڪتو. جن کي ٿوريون گهڻيون ڳجهارتون آيون ٿي انهن ته اتساهه سان حصو ورتو ئي پي، پر ڪيترا ئي اهڙا نوجوان به مون ڏٺا جن کي ڳجهارتون نه پي آيون يا کين ڳجهارت ڏيڻ ڀڃڻ جو ڏانو ڏات نه هئي، انهن به دلچسپي پي ڏيکاري ،انهن به چيو ته واقعي اسان کي به هن شيه ۾ دلچسپي وٺڻ گهرجي ۽ هنن ڪن ڏيئي ڌيان سان اهي ڳجهارتون ٻڌيون پي. يا وري پنهنجن موبائيلن ۾ رڪارڊ ڪيون پي. ۽ ڪافي اهڙا نوجوان مون وٽان منهنجي ڪمپيوٽر مان به ڳجهارتون ڊائون لوڊ ڪري ويا آهن. ائين ٻنيءَ جي ڳجهارتون ڄاڻندڙ نوجوانن جو ڳانڍاپو به پنهنجو پاڻ ٿيڻ لڳو. هاڻي اهي موبائيل ذريعي هڪ ٻئي کي ڳجهارتون ڏيندا، ڀڃيندا آهن.
ٻنيءَ ۾ ڳجهارتون ڏيندي سگهڙن جي زبان مان ”واهه ادا واهه“ ، ”جئي پئي“، ”نه ادا نه“ ”پنڊ جو پئي کائي“. ” مري وئي“. ”ڀڃي ڇڏي“..“” اتي ڙي اتي“، ” اڀي ڪر“. ” سڄي ڪر ، سيل (سال) ڪر، وغيره جهڙا ڳجهارتن سان منسلڪ لفظ ٻڌي اصل مزو پي آيو. ايئن اڃان ايندڙ پنجاه سالن تائين ٻنيءَ جي لوڪ ادب (ڳجهارتن) يا ٻنيءَ جي سنڌيت کي لهر لوڏو ناهي ۽ اهو ٻنيءَ جي لوڪ ادب لائي سٺو سوڻ آهي.
ها، البت هاڻي ٻنيءَ ۾ به اها اڳوڻي واندڪائي ناهي رهي. اڳي ماڻهو صرف مالوندا ماڻهوء هئا مال کي چارڻ ، ڏوهڻ ٻڌڻ کان علاوه ٻي ڪا ڪرت ڪونه هئي. ٻيو ڌنڌي روزگار جو ڪو وصيلو ڪونه هو. تعليم به ڪونه هئي. شام جو واندڪائيءَ ۾ ويهي ماڻهو ملاکڙا يا ڪچهريون ڪندا هئا. پر هاڻي حالتون بدليون آهن. ماڻهن ۾ سجاڳي اچڻ شروع ٿي آهي ماڻهو مال مينهون گايون پالڻ کان علاوه ٻيا به ڌنڌا پورهيا ڪن ٿا. ڌنڌي روزگار جي پويان ٻني ڇڏي ٻاهر به وڃڻ لڳا آهن . جنهن جي ڪري اهي اڳوڻيون واندڪايون هاڻي ناهي رهيون ان ڪري رهاڻين ڪچهرين وارا اهي دور هاڻي گهٽجي ويا آهن. ڪچهريون ته اڃان به ڪنهن حد تائين ٿين ٿيون پر نوجوان انهن ڪچهرين ۾ به موبائيل جي بٽڻن ۾ ريجهيا پيا هوندا آهن.
ٻي ڳالهه ته ٻنيءَ ۾ ماڻهو تقريباََ پنج سو سالن کان آباد آهن. هتي سنڌي اسڪول ازل کان ئي ڪونه آهن. سنڌ سان اچڻ وڃڻ وارو اڳي جيڪو سلسلو هو اهو به گهٽجي ويو آهي انهي ڪري سنڌي ٻولي ڏينهون ڏينهن هٿن مان کسڪندي، ڪمزور ٿيندي پئي ٿي وڃي. ۽ ان تي ڪڇي يا گجراتي ٻوليون هاوي ٿنديون پيون ٿيون وڃن. پر پوئي به ڪنهن حد تائين اڃان سنڌي ڳجهارتون، سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي ثقافت جهڙيون شيون باقي آهن.
وڏڙن سان ڪچهريون ڪندي جهوني زماني ۾ ڳجهارتن جي ڇا افاديت ۽ اهميت هئي ان جو به اندازو آيو . اڳي ٻنيءَ جا سگهڙ ماڻهوء ڳجهارتن ۾ ڳالهائي ڪچهريون ڪندا هئا. جنهن جو ذڪر سنڌ ۾ سومار شيخ جي ڇپيل ڪتاب ” ڪڇين جا قول“ ۾ ڪيو آهي . سيڻوڏو ڳوٺ جي حاجي ميان احمد به اهڙيون ٻه ڳجهارتون ٻڌايون جيڪي ٻن سگهڙن پاڻ ۾ هڪ بئي کي ڏنيون هيون. اهي ٻئي ڳجهارتون به توهان سان ونڊڻ جو من ٿئي پيو. ميين عبدالرحمان ميين ايوب کي ڳجهارت ڏني ته
” ڏڌ وڻ جيئن ويندياس نرنان هوندم جتي،
هن عضوي سنديون ڳالهڙيون وڃين نرنان سان ڪندياس.“
(ڳجهارت جا پاوا آهن؛ ڏڌ جي مهي، وڻ ڪهي. عضوو من. نرناس ساهڙ، نرنان مهار.)
سال آهي ته؛
” ڪهي مهي ويندياس ساهڙ هوندم جتي.
من سنديون ڳالهڙيون وڃين مهار سان ڪندياس “.

تنهن تي جواب ۾ ميين ايوب به ڳجهارت ڏني ته”
عضوي ذات ويندياس نرنان هوندم جتي،
پنهنجي سنديون ڳالهڙيون وڃين نرنان سان ڪندياس.“
( هن ڳجهارت جا پاوا هيئن آهن عضوي جي تري، ذات جا مري. نرنان ساهڙ، پنهنجو حال، نرنان مهار)

.” تري مري ويندياس ساهڙ هوندم جتي.
هن حال سنديون ڳالهڙيون وڃين مهار کي چوندياس.“

ان طرح ادل متوو جنهن جي عمر تقريبن 80 سالن جي هئي هن چيو ته اسان جي جوانيءَ جي دور ۾ اسين دوست ڪڏهن ڪڏهن ته رهاڻ ۾ رنگ ۾ اچي ويندا هئاسين ته ڳجهارتن ۾ ڳالهائيندا هئاسين. ان بابت هن هڪڙو قصو به ٻڌايو، جيڪو مان سمجهان ٿو پڙهندڙن لائي مزيدار ٿيندو.
هن چيو ته جڏهن اسين بلڪل جوان هئاسين ته هڪڙي دفعي ٻنيءَ ۾ سانده ٻه ٽي ڏڪر پيا. بک جي ڪري روز ڪنهن نه ڪنهن جو ڳائو مال مرندو رهندو هو. ته ڪڏهن ڪڏهن گدڙ به اهڙي ٿڪل مال جا ڀانڊا ڪڍي ويندا هئا. ايئن ئي هن جي دوست پانڌيءَ جي ڳئون جو ڪو گدڙ ڀانڊو ڪڍي ويو. صبوح جو پانڌي جهنگ مان موٽيو ۽ ادل کي ڳجهارت ۾ چيو ته ؛
” مال جن مٿي مرون پنهجون ڪن،
ڳهه پکياڻيون پنهنجون، لوهه جون ڪن،
نرنان چئي وري به نارنا ، وري به ڪا نارنان.

(هن ڳجهارت جا پاوا هن طرح ٿيندا ؛ مال جا آرس (آرس انهي جڳهه کي چئبو آهي جتي رات جو ڳئون وهنديون آهن) مرون گدڙ، پنهنجون ڊوڙون، ڳهه جي ٽڪ، پکي ڳجهه، لوهه جي لولوي، نرنان پانڌي، نارنا مارئي.)
ڀڃڻي ؛
آرسن مٿي گدڙ ڊوڙون ڪن،
اڄ به انهن ٽڪن تي ڳجهڙيون لنون،
پانڌي چئي وري به ڪا ماري ڙي
وري به ڪا ماري ري.
ڏسو ڪيئن نه ٻه سگهڙ پاڻ ۾ ڳجهارت ۾ ڳالهائي ويا. ٻئي هڪ ٻئي جي ڳالهه به سمجهي ويا ۽ ڳالهه راز ۾ به رهجي وئي.
ايئن ناهي ته ڳجهارتون صرف اڳي ئي جوڙيون وينديون هيون. هاڻي به جوڙيون وڃن ٿيون پوئي چاهي ان جو تعداد گهٽ آهي. پناهواري ڳوٺ جي الله بچائي نالي نوجوان واٽ هلندي يا بس ۾ سفر ڪندي ڪنهن کي موبائيل تان فون ڪندي ڏٺو ته سندس من ۾ از خود ڳجهارت جڙي پيئي. هن ڳجهارت ٺاهي ته؛
” نرنان ڪڍي نارنا اکر ٻوليءَ جو ڪيو.“
(هن ڳجهارت جا پاوا هيئن ٿيندا ؛ نرنان بندو، نارنان بندي، اکر جو انگ، ٻوليءَ جو قول.)
هن ڳجهارت جي ڀڃڻي هيئن ٿيندي ته؛
”بندي ڪڍي بندِي لڳائي انگَ ڪال ڪيو.”
ڏسو نه هن ڳجهارت ۾ انگريزي لفظ ڪال (call) ڪيئن نه سنڌي ٻوليءَ ۾ ٺهڪي ويو آهي. ۽ اوپرو نه پيو لڳي جيڪو اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي دريا دليءَ جي ساک پيو ڏي. ۽ ٿي سگهي ٿو اگر پڙهيل ڳِڙهيل نئين پيڙهي ڳجهارتن ۾ دلچسپي وٺندي ته ڪمپيوٽر سان منسلڪ لفظ به پاون طور استعمال ٿي سگهندا. ”ڪمپيوٽر“ “ ۽ موبائيل لفظ پاڻ پاوا ٿي پوندا، مثال طور ڪمپيوٽر جو پيغام، اي ميل، آئي ڊي، سيو ڪرڻ، ڊليٽ ڪرڻ، ڪاپي ڪرڻ، موبائيل جو ميسيج وغيره جهڙا لفظ ٺهي پوندا. ۽ هن طرح جون به ڪي ڳجهارتون ايندڙ زماني ۾ ٻڌڻ لائي ملن ته ان ۾ حيرت ناهي.
نرنان تو مونکي عضوي موبائيل جو ڪيو،
پر مون ته توکي ڪاٺ، ڪمپيوٽر جو ڪيو آهي.
هن ڳجهارت جا پاوا هيئن ٿيندا نرنان يار، عضوو دل،موبائيل جو ڊليٽ [delet] ڪرڻ ، ڪاٺ جو من ۽ ڪمپيوٽر جو محفوظ يعني سيو ڪرڻ (save).
دوست تو مونکي دل تان ڀلي ڊليٽ (Delit) ڪري ڇڏيو آهي،
پر مون ته توکي من ۾ سيو ڪري ڇڏيو آهي.
ڳجهارتون علائقي يا سماج ۾ گهٽجندڙ گهٽنائن کي به ڪيئن پاڻ ۾ محفوظ ڪري ڇڏين ٿيون ان جو به هڪ عمدو مثال مليو. اها ڳجهارت پڇم علائقي جي ابراهيم سرهئي نالي هڪڙي سورهيه ماڻهوء جي ٿيل قتل تان جوڙي ويئي هئي. مان سمجهان ٿو اها به هت ونڊي ڇڏيان ته جيئن پڙهندڙن کي به ڄاڻ پوي ته ڳجهارتن وارو اهو فن بنيءَ ۾ نه صرف جيئرو آهي بلڪ وڌي ويجهي به پيو ۽ ان ۾ ڪيتري نه ووڌتا به آهي. ڳجهارت آهي ته؛
” نار وڌي ڙي نرنان ٻه ٻوليون پنهنجون ڪيئه.
نه ڪاٺي آيئه ڪا ، ڪپڙ جو ڪيرائي ذات جي مال جي ڪري ، عضوي جيءَ تي مونکي مال جو ڏني. جيڪو ڪپڙي تان نه لهي.“

(نار وسندي. نرنان مصرو. ٻوليءَ جي اڳهين. ٻي پانهين. پنهنجي نظر. ڪاٺي آڏي. ڪپڙ جو ڇٽ. ذات جا سمان. مال جي سڃي. عضوي جي دل. مال جو داڳ. ڪپڙ جو ڌوتو.)

وس وڌي ڙي مصرا تنهنجي .
جي اڳهين ۽ پاهين نظر ڪيئه ته آڏي آيئه ڪا.
ڇٽ ڇاڻي سماٽ سڃين ڪري دل تي داڳ ڏنئه .
جيڪو ڌوتي نه لهي. ڌوتي نه لهي.)
ٻنيءَ ۾ رهندڙ هر جاتيءَ جي ٻوليءَ جي پنهنجي هڪ خاصيت يا لب و لهجو آهي. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪي الفاظ هڪ ٻئي کان مختلف به هوندا آهن. پر ڪچهرين ۾ اهي لب و لهجا ۽ اهي لفظ هڪ ٻئي ۾ هير خير ٿي ويندا آهن . جيڪي ماڻڻ وٽان هوندا آهن.
دعا آهي ته ٻنيءَ ۾ سگهڙ ماروئڙن سينن ۾ ڳجهارت وارو فن وڌندو ويجهندو رهي۽ اڃان به وڌيڪ وسعت اختيار ڪري. ۽ شل ائين ئي لاتيو لنوندا رهن.

ــ ڪلاڌر متوا