ڪهڙي ڳالهه ڪيان ڳجهارتن جي
ڳجهارتون ڀڃڻ ،سلڻ سان دماغي ڪسرت ٿئي ٿي، انهي ڪري دماغ کي هڪ چت ڪري سوچڻ جي به عادت پئي ٿي، گڏوگڏ دماغ ۾ لفظن جو ذخيرو وڌي ٿو.
ڳجهارتن ۾ عشق و محبت جا، لوڪ داستانن وارين سورمين جا، تواريخ جا، علاقائي ثقافت جا، ذڪر ملن ٿا ــ درشن ٿين ٿا.
ٻنيءَ مان مليل ڳجهارتون اڪسرو بيشتر سسئي ـ پنهون، عمر ــ ماروي، مومل راڻو، سورٺ رائي ڏياچ، ليلان چنيسر، ليلا مجنو، ۽ سهڻي مهار جهڙين سنڌي لوڪ داستانن تي آڌارت آهن.
ڪنهن به لوڪ داستان يا تواريخي قصي سان منسلڪ ڳجهارت کي سرائتي ڳجهارت چيو ويندو آهي. ۽ ان کان علاوه ٻئي ڪنهن عام موضوع تي آڌارت ڳجهارت کي بي سري ڳجهارت طور سڏيو ويندو آهي. سرائتي ڳجهارتن به ڪي ڳجهارتون ست سريون هونديون آهن. تنهن کان علاوه هڪ ٺپيون ۽ ٻه ٺپيون به ڳجهارتون هونديون آهن.
جنهن ڳجهارت ۾ پائو يا ٺپ صرف هڪڙو ئي هوندو آهي ان کي هڪ ٺپي ڳجهارت چيو ويندو آهي. هڪ ٺپي ڳجهارت ڳولهڻ ۾ ذرا مشڪل ٿيندي آهي ڇو ته ان جو پاون وارو ڪينواس سوڙهو ٿي ويندو آهي. ان ڪري ڌڪ هڻڻ جي گنجائش به گهٽجي ويندي آهي. ان ڪري سچا سگهڙ اهڙيون ڳجهارتون ڏيڻ کان پاسو ڪندا آهن. ها پر جڏهن ڀڃيندڙ ڪنهن به ڳجهارت کي نه ڇڏيندا آهن ته پوئي ڳجهارت ڏيندڙ انهن کي ڦاسائڻ جي لائي هڪ ٺپي ڳجهارت جو سهارو وٺندو آهي. هڪ ٺپي ڳجهارت جو مثال ؛
ڪاٺي هلي، ڪاٺي چلي، ڪاٺي ڪڍي پار.
ڪاٺي هلندي ڪيچ ڏي، ڪاٺي ڪُٽي ٻار.
هن ڳجهارت ۾ صرف هڪڙو ئي پائو آهي ڪاٺي ( ڪاٺي ــ ڪام) جيسي تائين ڀڃيندڙ ڪاٺيءَ جي ڪام نه چوندو ڳجهارت ڪونه ڀڄندي.
اهڙي طرح ڳجهارت ٻه ٺپي به ٿيندي آهي جنهن جا پاوا ٻه هوندا آهن. مثال طور؛
جهنگ جون ساريم سومرا هو لوهه جون اباڻن.
جهنگ جون ماکيون، لوهه جون ڇاڻيون.
ڀڃڻي ؛ ماکيون ساريم سومرا هو ڇاڻيون اباڻن.
ست سريون ڳجهارتون؛ هونئن ته جنهن ڳجهارت ۾ ستن ئي سنڌي لوڪ داستانن جا اهڃاڻ ملن ان کي ست سري ڳجهارت چئبو آهي پر اگر ڪنهن به ڳجهارت ۾ ٻن کان وڌيڪ سرن يا سورمين جا اهڃاڻ ملن ته ان ڳجهارت کي به ست سري ڳجهارت چيو وڃي ٿو.
مثال آهي؛
ٻي نرنائن جي وچ ۾ حاڪم آئون نه هياس،
تنهن نرنان بنا شهر ۾ روح نه ٽڪي راس،
ڪاٺي پائي رڇ ۾ چم جون ڇڪيندياس،
سُڻي وڻ نرنان جو عضوي مڇي ٿيندياس.
(نرنان هڪڙوهوت ٻيو بلوچ، حاڪم جي جوڙي، نرنان راڻو، شهر ڪاڪ، عضوو روح، ڪاٺيءَ جي منڌي، رڇ مٽ، چم جون ڇهئون، نرنان ساهڙ، وڻ نڙ، عضوو تري، مڇي ڪپار.)
سسئي چوي ٿي ؛ هوت ۽ بلوچ جي جوڙي آئون نه هياس،
مومل چوي ٿي ؛راڻي بنا ڪاڪ ۾ منهنجو روح نه ٿئي راس،
ماروي چوي ٿي ؛ منڌيون پائي من ۾ ڇهئون ڇڪيندياس،
سهڻي چوي ٿي ؛ سڻي نڙ مهار جو تري آئون هن پار ويندياس.
لوڪ داستان اسان جي وندر ورونهن جو سامان ته آهن ئي آهن پر انهن ۾ اتهاس ــ تواريخ جون به ڳالهيون اچي وڃن ٿيون. جنهن ۾ اسان جو تواريخي ورثو سمايل آهي. انهي ورثي جي مختلف ڳالهين کي ڳجهارتون وائکو ڪن ٿيون ۽ اسان جي ڌيان کي انهن تواريخي قصن ڏانهن ڇڪي ٿيو وڃن. جيڪي قصه اسان کي ڳجهارتن ۾ انهن لوڪ داستانن وارين سورمين جي واتان ٻڌڻ لائي ملن ٿا. اچو ته انهي مالا ۾ پويل مڻين مان هڪ هڪ مثال کي ڳجهارت جي روپ ۾ ماڻيون.
سورمي سسئ؛
جر فقير سسئي هو ڪاٺئون ڏير آيا.
( جر جي ستي، فقير جو اوجاڳو، ڪاٺ جو ڪرڪو)
ڀڃڻي ؛ ستي جاڳ سسئي هو ڪڙڪي ڏير آيا.
سورمي ماروي ؛
ڌڻ جا ساريو سومرا، جرجا ڪريو پون،
تن ڌڻ جن منجهان مارو کايو ڪوت ڪن،
مونکي مان نين هنن ڌڻ جن منجهان.
( ڌڻ جا ڪڪر، جرجا لڙڪ، ڌڻ جون کنڀيون، ڌڻ جا کڏا)
ڪڪر ساريو سومرا مونکي لڙڪ ڪريو پون،
تن کنبين منجهان مارو کايو ڪوت ڪن،
مونکي مارو نين هنن کڏن منجها.
سورمي سهڻي؛
عورت کي اڌ رات جو اکر ڪي نه ڪري،
سڻي گاهه نرنان جو وڃي وڻ چڙهي،
(عورت سهڻي، اکر جو سيپارو، گاهه نڙ، نرنان ميهار، وڻ ساتار)
ڀڃڻي ؛ سهڻيءَ کي سي پارو ڪي نه ڪري،
سڻي نر ميهار جو سا تار چڙهي.
سورمي ليلان ؛
اديون مون پارئون ڪاٺي ٿي،
نرنان کي چئو، نارنان کي اڀ جو نه.
(ڪاٺيءَ جوميڙو، نرنان چنيسر، نارنان ليلان،اڀ جو لوڌي.)
اديون مون پارئون ميڙ ٿي چنيسر کي چئو،
ليلان کي لوڌ نه.
سورمي سورٺ؛
نرنان آيو تنهن کي ٻوليءَ جي ڏي.
( نرنان پينار، ٻوليءَ جي جي)
ڀڃڻي ؛ پينار آيو تنهن کي جيءُ ڏي.
سورمي مومل
نالو اٿئي منهنجا پرين ڇڏ نالي جي پچار،
جيئن نالو تون راڄ ۾ تيئن نالو آئون سڀ ڄمار.
( نالو آيو، نالو موٽڻ، نالو راڻو، نالو راضي)
آيو آهين منهنجا پرين ڇڏ موٽڻ جي پچار،
جيئن تون راڻو راڄن ۾ تيئن آئون راضي سڀ ڄمار.
ڪنهن زماني ۾ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ لائي صرف ڳجهارت ئي ذريعو هوندي هئي. پنهنجي ڳالهه کي لڪ ڇپ ۾ رکڻ لائي ڳجهارت جو ئي سهارو ورتو ويندو هو. ته پيار جو اظهار به ڳجهارتن ۾ ٿي سگهي ٿو.
نالي وارا هئاسون، رڇ نه ٿياسون،
ڪاٺ جن ۾ پئي ذات ٿياسون.
(نالو اميدو، رڇ گڏون، ذات جا مري، ڪاٽ جو ڦوڙائو.)
اميدگار هئاسون گڏ نه ٿياسون،
انهي ڦوڙاهي ۾ مري وياسون.
عشق ۽ محبت تي به ڳجهارتون جوڙيون ويون آهن جن ۾ پرين جي خوبصورتيءَ کي سٺي نموني ڳايو ويو آهي . هيٺ ڏنل ڳجهارت ڏسو جنهن جي ڀڃڻي ڄڻ ته ڪو شاه سائن جو بيت آهي.
ننڊ ۾ اڳي هئا، ٻيا ڪپڙ جا ڪيائون،
وجهي پٿر وجود ۾ ڪاٺي ڪڍيائون
انهن کي آئون نالا ڪيئن نه ڏيان؟
( ننڊ جا سهڻا، ڪپڙ جا کنهنبا، پٿر جو سرمو، ڪاٺ جي پٽي، نالو مبارڪ)
سهڻا اڳي سپرين هئا ٻيو کنهنبا ڪيائون،
وجهي سرما اکين ۾ پٽيون پاڙيائون،
انهن کي آئون مبارڪون ڪين نه ڏيان.
عام رواجي جيون جي ڪرت ڪارين تي به ڳجهارتون ملن ٿيون. اڳي زماني ۾ ماين کي واندڪايون هونديون هيون. اهي شام جو ڪنهن جي گهر جي پاڇي ۾ گڏ ٿي ويهنديون هيون ۽ ڳالهين سان گڏ هڪ ٻئ کي سيرون ڏيئي مٿي مان ٽولر(جون) ڪڍنديون هيون. اها ڳالهه هن ڳجهارت ۾ ڪيڏي نه سهجتا سان اچي وئي آهي.
مٽيءَ جي ڪونه ڪيئه ، هاڻ وڻ جي ڪر ته وڃا.
(مٽيءَ جي سر ، وڻ جي چوٽي)
سيرته ڪونه ڏنئي ، هاڻ چوٽي ڪر ته وڃان.
اهڙي طرح سان ڌرم يا کڻي چئجي نصيحت واري ڪنهن سبق تي آڌارت به ڳجهارتون ملن ٿيون. جنهن جو مثال حاضر آهي.
جر فقير جو جن سان،نالا نام به تن سان.
(جر جي ڪشتي، فقر جو ڪستو، نالو رام ، نالو ريجهيو.)
ڪستيون ڪستا جن سان، رام به ريجهيو تن سان.
يا
ڪاٺي ملڪ وسار، منهنجي انهي نرنان سين.
(ڪاٺي کوٽي، ملڪ جي کوڻ، نرنان رسول)
ڀڃڻي ؛ کوٽي کوڻ وسار، منهنجي راهه رسول سين.
اهڙي طرح ٻني علائقي ۾ اڃا ڳجهارتون قائم آهن. جيئن ته سڀني کي خبر آهي ماڻهن جي دلين مان اهي ڳجهارتون ڳولهي ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڇو ته ان جو ڪو پيمانو ڪونه آهي ته ڪنهن به سگهڙ جي دل کي ماپي سگهجي يا سڪين (scan) ڪري سگهجي ته ڪنهن جي دل ۾ ڪيتريون ۽ ڪهڙيون ڳجهارتون آهن؟ ۽ ڳجهارتون به ماڻهو موڊ ۾ هوندو آهي ته پانهين دل جي تي تري اينديون آهن. نه ته ڪڏهن ڪڏهن ايندڙ ڳجهارتون به زبان تي نه اينديون آهن. اسان جي اڪادمين، سنسٿائن، ۽ خاص ڪري راشٽريه سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد، نئي دهليءَ کي هن طرف خاص ڌيان ڏيئي اهو ذخيرو محفوظ ڪرڻ واري ڏس ۾ ڪي عملي قدم ۽ اپاو ڪرڻ گهرجن. ته جيئن اسان جي سنڌي لوڪ ادب جو هي املهه خزانو وقت جي ڌوڙ هيٺان ريٽجڻ کان بچي وڃي.
ــ ڪلاڌر متوا