(6)
شام جي وقت ھڪ عباسي ڇوڪرو مون وٽ اچي ويٺو. مونکي چيائين: ”دادو منھنجي ڏاڏي جا ھينئر اٽڪل 75 سالن جي آھي ۽ اوھانکي ۽ اوھانجي ماءُ کي چڱيءَ طرح سڃاڻندي آھي. ھُنجي دل آھي اوھان سان ملڻ جي ۽ خبر چار وٺڻ جي پر جيئن ته اسان ۾ پردي جو رواج آھي ته عورتون ٻاھر نڪري نه سگھنديون آھن ۽ ڏاڏيءَ مونکي ڳالھ ڪئي ته جڏھن ھندو ھندوستان وڃڻ لاءِ تيار ٿيا تڏھن ھنجي عمر اٽڪل 10- 12 سال ھئي ۽ منھنجي نانيءَ سان گڏ برقعو پائي اوھانجي ماءُ سان ملڻ آئي ھئي. توھانجي ماءُ سان موڪلائي دعا گھري ھئي ته اوھان جلد موٽي ايندا پر سالن جا سال گذري ويا توھان ڪونه آيا. ھينئر توھان آيا آھيو ته منھنجي ڏاڏيءَ کي گھڻي خوشي ٿي آھي ۽ مونکي چوي ٿي ته گھر وٺي اچوس.“ مان اُن ڇوڪري جي ڏاڏيءَ جو پيار ڏسي منھنجي دِل ڀرجي آئي. مون چيومانس ته پوءِ ھلنداسين پر پوءِ وڃي ڪونه سگھيس. ھينئر ياد ڪري دُک ٿئي ٿو.
منھنجي دوست لال بخش جي گھر ويس. اُتي اُنجي گھر واريءَ سان ڳالھ ٻولھ ٿي. اُن چيو ته جڏھن اُھا اٽڪل 8- 10 سالن جي ھئي ته پاڙي مان ھندو لڏي رھيا ھئا. اسانکي ڏاڍو دُک ٿئي پيو ۽ خدا کان دعا پيا گھرون ته جلد واپس اچن پر ڪونه آيا سندن جايون خالي ڏسي دُک ٿيندو ھو.
سومرن مونکي نِينڍ ڏني ته سندن اوطاق ۾ چانھ پيئڻ ھلو. شام جو ٻه- ٽي جوانن سومرا پاڙي جي مُنھن ۾ ويھاريو. اُتي مان ڪِن سومرن جي پڇا ڪئي. ھڪ سومرو جنھنجو نالو حسن (استاد حسين بخش- استاد لونگ) ھو ۽ ننڍپڻ جو دوست ھو ان لاءِ پڇيو. جواب مليو ته ھو گذاري ويو. اُنجو پٽ مون سان ڀاڪر پائي اچي مليو. حسين بخش ۽ مان ملھ وڙھڻ ۾ ٻئي ھوشيار ھوندا ھئاسين. ملھ جي چٽاڀيٽي رکندا ھئاسين. حسين بخش، مسلمانن جا ٻه ڇوڪرا ھڪ پاسي ۽ اسان ھندن، مان، ساڌو ۽ ويرو ھوندا ھئاسين. پھريائين ساڌو سامھون واري ڇوڪري سان ملھ وڙھندو جيڪو ھارائيندو ھو سو ويھي رھندو ھو ۽ کَٽندڙ سان ٻيو نمبر سامھون وارو ملھ وڙھندو ھو. گھڻو ڪري منھنجي ۽ حسين بخش جي چٽاڀيٽي ھوندي ھئي. ھو به ھوشيار ھو ۽ بدن جو ڀريل ھوندو ھو. ھيٺ ڪرندو ئي نه ھو. مان اٽڪل ڪري اُنکي ڍر ڏيندو ھوس، جڏھن ھو ٿورو بي خبر ٿيندو ھو ته مان پير سان سندس پِنيءَ تي گھڻي زور سان ڌڪ ھڻندو ھئس ته ھو گوڏي ڀر ويھي رھندو ھو. مان يڪدم سندس مٿان چڙھي ويندو ھئس. مونکي ياد آھي ڪڏھن ھو به مونکي ڪيرائي وجھندو ھو. پر افسوس آھي ھو ھينئر موجود نه آھي شل خدا ھنکي بھشت ۾ رکي اِھا اسانجي دعا آھي.
حسين بخش جي پُٽ کي مون به ڀاڪر پاتو ۽ دلجاءِ ڏني. پوءِ ھتان اُتان جون ڳالھيون ڪري چانھن پي موٽي آياسين.
ميرن سان وري ھڪ ملاقات ٿي. ڳالھين ڪندي مون ميرن کان پڇيو ته توھان اڳ ۾ نڪرندا ھئا سٺا ڪپڙا پائي، پٺيان نوڪر کڻندا ھئا. اڪيلا ڪڏھن به نه نڪرندا ھئا. ھاڻي اوھين اِئين ڪونه ٿا ڪريو؟ توھان جا ڇوڪرا گھمن ڦرن ٿا سڀني سان ملن ٿا. مير احمد نبيءَ جواب ڏنو ته اڳ ۾ اسان مير ٽالپر ھئاسين ۽ رياست جا حاڪم ھئاسين. ھاڻ پنھنجو اسٽيٽس رکڻ لاءِ اِھي ڳالھيون ضرور ڪرڻيون پونديون ھيون. مون چيومانس اڳي توھان شڪار ڪندا ھئا، ڪڪڙ ويڙھائيندا ھئا، باز ھٿن تي کڻي گھمندا ھئا ۽ ٻيا ننڍا وڏا شونق گھڻا ڪندا ھئا پر ھينئر اُھي شونق ڪونه آھن. مير صاحب جواب ڏنو ته اڳي گھاٽا جھنگل ھوندا ھئا ۽ جھنگلي جانور ھوندا ھئا ۽ شڪار ڪرڻ جو حاڪمن جو رواج ھوندو ھو پر ھينئر ريتي رواج ٻيو آھي ۽ سماج ۾ رھڻو پوي ٿو. عام پبلڪ ھينئر زور ۾ آھي ۽ اُنھن جي راءِ رکڻي پوي ٿي. ٻيو ته ھينئر اسانجي سمجھ ۾ آيو ته جيو- جنتو کي مارڻ ھڪ پاپ آھي. جيئن ھڪ چوڻي آھي ”مروان موت ملوڪان شڪار“ ۽ ٻيو پبلڪ ويڇو رکڻ ڪري اسان اُنھن کان پري ٿي وينداسين. اڄڪلھ ووٽنگ جو زمانو آھي. اسانجا ننڍا پڙھڻ ۾ ھينئر شونق رکن ٿا. اڳي پوءِ راڄنيتي جي سيٽن لاءِ اميدوار بيھڻ جي آشا رکن ٿا.
جڏھن مان پاڪستان وڃڻ جي تياري ڪئي ته ڪيترن ماڻھن مونکي چيو ته پاڪستان وڃڻ ٺيڪ ناھي. اُتي گھڻا ڊپ آھن. ٻيو ته توھانجا ڪي به مائٽ ڪونه آھن ۽ ٻي جاتيءَ جي ماڻھن وٽ وڃو ٿا جنجو رستو صرف دوستي آھي. خون جو رشتو ضروري آھي. پاڪستان ۾ ڪنھن وقت اھڙي حالت ٿيندي آھي جو مائٽ کانسواءِ ڪوئي مدد نه ڪندو آھي. خون جو رشتو بلڪل ضروري آھي. اُتي مونکي ھڪ پنھنجي ڪٽنب جو مثال ياد آيو ۽ مون ڏيکارڻ چاھيو ته دوستي ۽ پيار جو رشتو خون جي رشتي کان وڌيڪ ٿيندو آھي. بابا منھنجو ھڪ ڏينھن لاڙڪاڻي ويا ھئا. اُتي ھڪ رات مندر ۾ رھيا. رات جو مندر ۾ سمھڻ وقت بابا ھڪ ڇوڪري کي سڏ ڪيو جنھنجو نالو گوپالو ھو. ڇوڪرو مندر ۾ ڪم ڪار ڪندو ھو روٽي به اُتي ئي کائيندو ھو. ڇوڪري جي عمر اٽڪل 10- 12 سالن جي ھئي. بابا اُن کي چيو ته ٽَنگن کي زور ڏي ته مان توکي خرچي ڏيندس. ڇوڪرو بابا کي زور ڏيئي رھيو ھو ۽ پڇندي جواب ۾ چيائين ته منھنجو ماءُ پيءُ ٻئي ڪونھن، منھنجو ڏاڏو آھي اُھو به ڏاڍو ٻُڍو آھي. مان مندر ۾ ئي رھندو آھيان. بابا اُن کي پاڻ سان ھلڻ لاءِ چيو. اتي توکي روٽي ڪپڙا سڀ ملندا. صرف گھر جو ڪم توکي ڪرڻو پوندو. ڇوڪرو خوش ٿي ھلڻ لاءِ تيار ٿيو. لاڙڪاڻي مان صبوح جو سويل گاڏي نڪرندي ھئي. بابا جن پنجين بجي وڃڻ لاءِ تيار ٿيا. مندر جي پوڄاريءَ کي چيائين: ڇوڪرو اُٿي ته اُن کي چئج ته ھلڻ جو ضرور نه آھي. بابا جن اسٽيشن تي پھتا، ٽڪيٽ وٺي گاڏيءَ جي دٻي ۾ ويٺا. ايتري ۾ اُھو ڇوڪرو به اچي پھتو. بابا کي چيائين ته، ”واھ سائين واھ! مونکي ڇڏي اوھان اڪيلا ھليا آيا. مان توھانکي نه ڇڏيندس.“ بابا ڇوڪري کي پاڻ سان گڏ ويھاري سکر پھتا. گيٽ کان ٻاھر نڪرڻ لاءِ بابا جن پنھنجي ٽڪيٽ ڏني، ڇوڪرو پٺيان ٻئي پاسي کان نڪري اچي بابا سان گڏيو. سکر ۾ سوڀيديري جو ٽوپڻداس رھندو ھو. اُتي رات رھيا. ٻئي ڏينھن وري سويل گاڏي ھئي. بابا جن کي خيال آيو ته پرائو ڇوڪرو ساڻ وٺي ٿو وڃان. اُھو ٺيڪ ناھي. ٽوپڻداس کي چيائين، ”گوپالو اُٿي ته اُن کي لاڙڪاڻي جو ڀاڙو ۽ خرچ لاءِ پئسا ڏيئي لاڙڪاڻي موٽي وڃڻ لاءِ چئجو.“ بابا جن اسٽيشن تي آيا ته ڇوڪرو اڳ ۾ ئي پليٽفارم تي بيٺو ھو. بابا دل ۾ خيال ڪيو ته مونکي ڇوڪرو ڪونه ڇڏيندو. اُن کي وٺي سوڀيديري ۾ آيا ۽ ھو گھر جو ڀاتي ٿي ويو. امان ۽ بابا کي پنھنجو ماءُ پيءَ سمجھي گھر ۾ رھڻ لڳو. منھنجا وڏا ٻه ڀائر اُن وقت ننڍڙا ھئا ۽ اُنھن جو وڏو ڀاءُ ٿي سنڀالڻ لڳو. اُن کان پوءِ اسان ٻِن ڀائر ۽ ڀيڻ جو جنم ٿيو. ھن اسانکي ڪَڇ تي کڻي گھمائي وڏو ڪيو. اسانجو ڄڻ سڳو ڀاءُ ھو. جڏھن گوپالو جوان ٿيو ۽ ڌنڌي لائق ٿيو تڏھن بابا اُنکي ھڪ ٽانگو ۽ گھوڙو وٺي ڏنو جو اُن جو شونق گھوڙن سان ڏاڍو ھوندو ھو. آھستي آھستي ٻه نوڪر ھڪ در محمد ۽ گُلو رکيائين. ٽي ٽانگا ۽ چار گھوڙا پاڻ وٽ ھوندا ھئس. سوڀيديري کان راڻيپور ريلوي اسٽيشن تي ماڻھو کڻي ويندا ھئا. بابا ميرن کان ھڪ زمين ورتي اُھا زمين زوار عيسيٰ جي مسجد کان شروع ٿيندي ھئي ۽ ھُن پاسي ميرن جي نوڪرن جي ڪوٺيءَ تائين ھوندي ھئي. ميرن جو شرط ھو ته اُن زمين کي پڪي ڀِت ۽ اندر پڪي ڪوٺي نه ٺاھرائيندا. اُن کي چوڌاري ڪَنڊن جو لوڙھو ڏنل ھو ۽ وچ ۾ ڪچو دروازو رکيل ھو. مير اسان کان ڪجھ به ڀاڙو يا عيوضو نه وٺندا ھئا. جڏھن اسان ھندوستان تيار ٿياسين تڏھن اُھي سڀ گھوڙا، مينھون ۽ گايون اُتي جي ماڻھڻ ۽ نوڪرن کي ڏئي آياسين. جن به جيترا پئسا ڏنا اُھي ورتاسين. ھينئر مون ڏٺو اُھا زمين ائين ئي خالي پيئي ھئي. مان اِئين چوڻ چاھيان ٿو ته اسانجي ڀاءُ گوپالو جيئن ته سَڳو ڀاءُ نه ھو تنھن ھوندي به ھُن اسان سان رشتو نباھيو. دوستي ۽ پيار جو رشتو به رت جي رشتي جھڙو پڪو ٿيندو آھي. ھڪ ٻئي تان جان قربان ڪندا آھن. منھنجو سوڀيديري جي دوستن سان اھڙو رشتو آھي جو خون جي رشتي کان به وڌيڪ آھي. مان اڪيلو سڀني ٻي جاتيءَ وارن جي وچ ۾ رھيس.
ھندوستان ۾ واپس پھچڻ سان اچي ٿيلھو کوليم جنھن ۾ ٻه ٽي ڪتاب سونو (احسن) وڌا ھئا. ھڪ ڪتاب ڏٺم جنھن ۾ شعر لکيل ھئا. مھاڳ ۾ لکندڙ (لالڻ چنو) ھو. مون لالڻ کي آخرين پارٽيءَ ۾ ڏٺو ھو. مونکي گھڻو ارمان ٿيو ته شاعر ٿي ايترو شرميلو جو مون سان ڪڏھن ھڪ ڀيرو به ڳالھائڻ ڪونه آيو. شاعر کي ته ھر ھڪ سان ڳالھائڻ کپي ۽ اُن مان ھنکي ڪجھ لياقت وٺڻ کپي. ماڻھوءَ جو گُڻ، اوگڻ، لياقت، بيوقوفي، سُٺائي، خرابي، سونھن، بدزيبي، رنگ، ڍنگ، چال چلت، روشني، اوندھ، چاندني، چنڊ چڪور، ليلا مجنون، جنگ، ميدان، رڻپٽ، پربت، پھاڙ، ندي، سمنڊ، انسان، شيطان سڄي ڪائنات جو تصور ڪري شاعري لکڻي پوندي آھي. پر مونکي به پاڻ تي دُک ٿيو ته مان اھڙي شاعر سان ڇونه مليس. لالڻ سوڀيديري جو نالو ڪڍندو ته مونکي به اُن تي فخر ٿيندو. مان خدا کان دعا گھران ٿو ته لالڻ کي وڏو شاعر بڻائي. آمين.....
جڏھن مان سوڀوديرو ڇڏڻ وارو ھوس ته اُن رات سوڀيديري جي رھواسين ھڪ ميوزڪ پارٽي رکي جنھن ۾ معزز ماڻھن کي نينڍ ڏني ويئي. اُنجي رھنمائي اُستاد رحيم بخش عباسيءَ ڪئي. ڪم ڪندڙ ڍولڻ (مٺل) سونو (احسن) سراج عباسي، محمد علي جماڻي، لالڻ چنو ۽ ٻيا ماڻھو مئڊم نورجھان عباسي، ھيڊ ماستر سوڀوديرو ھاءِ اسڪول اُستاد نصير احمد پٺاڻ ۽ گھڻا سرڪاري عملدار، سڀ انسپيڪٽر پوليس اُن محفل ۾ آيا ھئا. گانا بجانا شروع ٿيا. گھڻا گيت ڳايا ويا. وچ ۾ استاد رحيم بخش منھنجي ساراھ ۾ ھڪ ننڍي تقرير ڪئي. پوءِ مونکي ڪجھ لفظن چوڻ لاءِ چيو ويو. مان ٿوري ۾ اُنھن جا گھڻا گھڻا شڪرانا مڃيا. سندن مھمان نوازيءَ جو قدر ڪيو. مان اُنھن سان اقرار ڪيو ته اوھانجي محبت جو پيغام ھندوستان جي ماڻھن کي پھچائيندس. ٻنھي ملڪن ۾ صلح ۽ امن ھئڻ ضروري آھي. اِھا دعا خدا کان گھرندو رھندس. منھنجي ڳالھائڻ کان پوءِ مونکي گھڻن ماڻھن سوکڙيون ڏنيون ۽ منھنجي گھر جي مِٽي به شيشي ۾ بند ڪري ڏني. اجرڪ ۽ اُتان جي ٽوپي به پھرائي. گاني واري منھنجي ساراھ ۾ ۽ منھنجي ڪتاب ”منھنجو صوڀوديرو“ تي گانو ڳايو جو وڻندڙ ھو. پڇاڙيءَ ۾ سڀ اُٿي بيٺا جيئن اسان ھندوستان ۾ آيو لعل جھولي لعل چئي نچندا آھيون تيئن اُتي ھو جمالو، ھو جمالو جتن جو جمالو چئي نچڻ ۽ تاڙيون وڄائيندا رھيا. سڀ نچڻ لڳا. ڏٺم ته سب انسپيڪٽر ۽ پوليس وارا ڊريس سان به نچڻ لڳا. مونکي به پاڻ سان نچائڻ لڳا. اِھو سلسلو اٽڪل 15- 20 منٽ ھليو. تنھن کان پوءِ ڀاڪر پائي سڀ موڪلائڻ لڳا ۽ پارٽي ختم ڪئي ويئي.
ٻئي ڏينھن صبوح جو سويل پھرئين علي جماڻي آيو ۽ اُن نوجوان مونسان 5- 10 منٽ ملاقات ڪئي. ھي غريب ڪٽنب مان ھو ۽ سٺي ڊگري ۽ ڪامپيوٽر جو ڪورس ڪيل آھي. مون ھن کان پڇيو نوڪري ڪھڙي ڪندو آھين؟ ھن جواب ۾ چيو ته اڃا اھڙي سٺي نوڪري ڪانه ملي آھي. پاڪستان گورنمينٽ ۾ ڪوشش ڪري رھيو آھيان. مان ھنکي خاطري ڏني ته خدا توکي سٺي نوڪري ڏياريندو جو تون ايماندار ۽ محنتي ڇوڪرو آھين. تنھن کان پوءِ گھڻا ماڻھو آيا ۽ مون کي چيائون ته موڪلاڻيءَ جا ٻه اکر اوھان چئو ته وڏي مھرباني. مون اُن وقت چيو ته اوھان جيڪو مانُ ڏنو آھي اُنجي گھڻي خوشي آھي. پر مان ھڪ دُک پاڻ سان گڏ کڻي ٿو وڃان. سڀ انتظاريءَ ۾ مون ڏانھن نھارڻ لڳا. مان ٻن منٽن کانپوءِ چيو، ”سوڀيديري“ ۾ سڀني ننڍن وڏن سان مليس پر منھنجا ٿورا ھم عمر ۽ مونکان وڏا جن سان مان رانديون ڪيون ۽ سنگت ۾ رھيس اُنھن مان ڪيترا ھن دنيا ۾ نه آھن. خدا جي رضا تي راضي رھڻو ٿو پوي. مان سڀني کي چيو اُٿي بيھو ۽ ٻه منٽ مون سان اُنھنجي ياد ۾ دعا گھرو ته شل کين الله تعاليٰ بھشت ۾ جاءِ بخشي.
سڀ ماڻھو اُٿي بيٺا، ٻه منٽ بلڪل شانت ٿي ويئي تنھن کان پوءِ سڀ ڳالھائڻ لڳا.
مان ھڪ پيغام سوڀيديري وارن لاءِ ڇڏي آيس ته سڀ جيئن ته، ناظم نورجھان، عبدالرحمان، رحيم بخش، مير عنايت علي، مير احمد نبي، مير محمد خان جا فرزند، مير ذوالفقار، مير احسن (سونو) علي جماڻي، آرب، ارباب (ڍولڻ) سراج عباسي، مير سرفراز خان، قادر بخش شيخ، لالڻ چنو، اُھي سڀ سوڀيديري جي درويش مھدي شاھ، دادلي پير جي دعا وٺي ۽ پير ڪامل شاھ جي رھنمائيءَ ھيٺ اڳتي وڌندا ته سوڀوديرو ھڪ آدرش ڳوٺ ٿي ويندو ۽ سنڌ ۾ چمڪي پوندو....