(7)
عبدالرحمان جو پُٽ زاھد حسين مونکي ۽ سندس ڪٽنب کي ڪلفٽن تي وٺي ھليا. ڪلفٽن سمنڊ جو وڏو ڪنارو آھي، اُن کي بيچ به چئبو آھي. اسانجي ممبئيءَ ۾ جيئن جوھو بيچ آھي تيئن ڪراچيءَ جو ڪلفٽن آھي. سڄو ڪنارو ماڻھن سان ڀريو پيو ھو ۽ سمنڊ جون ڇوليون شور مچائي اچن وڃن پيئون. ھزارين ماڻھو اُن ۾ سنان ڪري رھيا ھئا. ممبئيءَ ۽ ڪراچيءَ جي بيچ ۾ صرف اھو فرق ھو جو ممبئيءَ ۾ بدني نمائش گھڻي آھي پر ڪراچيءَ ۾ اھا ڳالھ نه آھي. بيچ تي ٻارن لاءِ اُٺ، گھوڙا ۽ ٽانگا چڙھي گھمڻ لاءِ ھئا. بيچ جي ڪناري تي بائونڊريءَ جي ڀِت ڏنل ھئي. ماڻھو اُن ڀِت تي ويھي نظارو ڏسندا ھئا. ٿورو ھيٺ ماڻھن جي ويھڻ لاءِ بينچون به رکيل ھيون. اسان به اُتي ويھي سمنڊ جي ڇولين جو نظارو ڏٺوسين.
ٻئي ڏينھن ڪراچيءَ جي جھونن يادگارن جو ديدار ڪرڻ وياسين. مان ڪراچيءَ ۾ ڏيڍ سال ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ پڙھيو ھئس اُنڪري ٿوري ڪراچيءَ جي واقفيت ھئي. منھنجو مھمان نواز مسٽر عباسي پھرئين مونکي جناح جي مقبري تي وٺي ھليا. اُنکي 'نمائش' چوندا آھن. صدر بازار ٿيندا بندر روڊ تان سوامي نارائڻ مندر ۾ آياسين. مندر ۾ پوليس جو بندوبست ھو. اسان ڪار مان لھي مندر ۾ وياسين. مندر ۾ ھٿ جوڙي پرارٿنا ڪئي. اُتي ھڪ ڇوڪرو گُل ٿالھيءَ ۾ وجھي پوڄا جي تياري ڪري رھيو ھو. ڇوڪري کان پڇڻ تي جواب ڏنائين ته، ”پوڄاريءَ جو ڇوڪرو آھيان. منھنجو پيءُ مٿي سمھيو پيو آھي. منھنجي پيءُ جو نالو مائوجي آھي ۽ اسين ٿر جا رھواسي آھيون. پندرنھن سالن کان وٺي ھن مندر جي شيوا ڪندا آھيون.“ پڇڻ تي ھن وڌيڪ چيو ته پنجاھ سٺ گھر ھندن جا آھن ۽ اُھي پوڄا ڪرڻ ايندا آھن. ٿوريون ھندو مايون به اينديون آھن. ڪابه تڪليف ڪانه آھي. پوليس به ايندي آھي. ٻاھر نڪتاسين. پڌر ۾ ھڪ ھندو نالي برج لعل مليو. ھو به مٿو ٽيڪي نڪتو پئي. پڇڻ تي ھُن جواب ڏنو، ”پاڻ چڱو ته جڳ چڱو“ اسين سڀني سان چڱيءَ طرح ھلندا آھيون ته اُھي ٻي جاتيءَ وارا به اسان سان چڱيءَ طرح ھلندا آھن. برج لعل کي ھڪ دڪان آھي. سندس گراھڪ سڀني ذاتن جا ايندا آھن. روڪڙ اوڌر ٻئي آھن. اُڌر ڪير به نه کائيندو آھي. ڪراچيءَ کان ٻاھر اسانجا ٻيا مائٽ به رھندا آھن. مندر مان نڪري اسان جھونو ميونسپل ڪوٺو ڏسندا ڊينس ھال ۽ بولٽن مارڪيٽ ٿيندا نيٽي جيٽيءَ تي آياسين. نيٽي جيٽيءَ جو نالو ساڳيو ئي آھي. اُن جي مٿان اوور برج ٺھي ويئي آھي ۽ سڀني پاسن کان روڊ ٺھي ويا آھن. اُتان موٽندي بنس روڊ، گاڏي کاتو، رام باغ ڏسندا واپس ڪلفٽن روڊ تان گھر آياسين.
رات جو اسلام آباد مان عبدالنبي عباسيءَ جو فون آيو ته ھڪ ڏينھن ھولارام کي ترسايو، ھو به اچي ٿو. ٻئي ڏينھن مسٽر عباسي ڪراچيءَ آيو. مسٽر عباسيءَ جي اوھان کي ٿوري واقفيت مان ڏيان ٿو. ھو به مونسان گڏ پڙھندو ھو ۽ ھينئر پاڪستان جي سرڪار ۾ اسٽيٽ منسٽر آھن. پر منھنجي ننڍپڻ جي دوستي ھُن کي اڃا ياد آھي. سنڌ ۾ ته ھڪٻئي جي تمام ويجھا ھئاسين. پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ ڪڏھن ڪڏھن خط لکندا ھئاسين. ھُن به مونکي پاڪستان اچڻ لاءِ گھڻو لکيو ھو. اسلام آباد مان ڪراچيءَ آيا. صبوح جو مان کيس ملڻ لاءِ سندس گھر ويس. گھر ۾ ڀاڪر پائي ھڪٻئي سان گڏياسين. ڳالھين ڪندي ڪندي مونکي ھُن ھڪ ننڍپڻ جي ڳالھ ياد ڏياري جا مونکي ياد نه ھئي. اُھا ڳالھ ھينئر ھِتي لکان ٿو.
جڏھن اسان پھرين درجي انگريزيءَ ۾ آياسين ته اسان پاڻ ۾ ورڊ ميڪنگ راند ڪندا ھئاسين. ھڪ ڏينھن مان ۽ عبدالنبي راند ويٺي ڪئي. چار پنج ڇوڪرا ٻيا به شامل ھئا. ننڍي دٻي ۾ اي. بي. سيءَ جا ھزار اکر ھئا. پاٺي جي چٽڪي کڻندا ھئاسين، اُن تي اي. بي. سيءَ جو اکر لکيل ھوندو ھو. اکر ملائيندي ورڊ ٺاھيندا ھئاسين. اُن ڏينھن مون اَٺ لفظ ٺاھيا ھئا ۽ عبدالنبيءَ به اَٺ ورڊ ٺاھيا ھئا. ورڊن ٺاھڻ ۾ منھنجو ۽ عبدالنبيءَ جو ٽَڪر لڳندو ھو. ٻيا ڇوڪرا ايترا ورڊ ٺاھي نه سگھندا ھئا. منھنجو ھڪ ورڊ DEN ٺھيل ھو. عبدالنبيءَ ئي لفظ کڻي منھنجو ورڊ کسي اُنکي NEED ٺاھيو. منھنجا ست ورڊ ٿيا ۽ عبدالنبيءَ جا نَو ورڊ ٿيا. عبدالنبي ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳو پر انھيءَ وچ ۾ مون ٻه ورڊ ٻيا ٺاھي ورتا. ھينئر ٻنھي وٽ نَو- نَو ورڊ ھئا. راند جو نيم ھو ته جيڪو ڏھ ورڊ ٺاھيندو اُھو راند کٽيل سمجھيو ويندو. ايتري ۾ مان ٻه لفظ ھڪ ھيٺان ۽ ھڪ دٻي مان آيو ايل. ئي. عبدالنبيءَ جو NEED ورڊ کڻي اُنکي NEEDLE ٺاھيو. اھڙيءَ طرح مون اُھا راند عبدالنبيءَ کان کٽي ھئي.
اِھا ڳالھ عبدالنبيءَ پنھنجي يادگيريءَ مان ڪئي. مون عبدالنبيءَ کي چيو ته ”يار، تو ھارَ جو بيان ڪري ثابت ڪيو ته تو ۾ سچ ڳالھائڻ جي ھمٿ آھي.“ اسان ڪلاڪ کن ڳالھيون ڪري موڪلايوسين ته ٻئي ڏينھن وري ملنداسين.
ٻئي ڏينھن ٻه ھندو انجنيئر عبدالنبيءَ سان ملڻ آيا ھئا. مونکي به اُنھن سان گڏجڻ لاءِ گھرايو ويو. ھڪ جو نالو گورڌن ۽ ٻئي جو نالو گھنشام ھو. اُنھن مونکان ھندوستان جي باري ۾ پڇيو. مان اُنھن کي پنھنجي لياقت آھر جواب ڏنو. پوءِ مان گورڌن کان پڇيو جنھن چيو ته اسان ٻنھي پنھنجي نوڪري ڪراچيءَ ۾ ڪئي آھي. 40 سال ڪراچيءَ ۾ ڪڍيا آھن. عباسيءَ سان گھڻي دوستي آھي. ھي جڏھن اسلام آباد مان ايندا آھن تڏھن اسين ھن سان گڏجڻ ايندا آھيون. عباسيءَ جي گھڻي ساراھ پئي ڪيائون. مون اُنھن کي چيو ته مان عبدالنبيءَ کي ننڍپڻ کان سڃاڻندو آھيان. عبدالنبي ننڍي ھوندي ڏاڍو سھڻو ھوندو ھو. ھن سان سڀ دوستي رکڻ چاھيندا ھئا۽ ھنجي ڳالھائڻ لاءِ پيا سِڪندا ھئا. عبدالنبيءَ ويٺي ٻُڌو ۽ چيائين ته ھولا تون به ته گھٽ سھڻو ڪون ھوندو ھئين. گورڌن چيو ته تڏھن ته اوھانجي دوستي آھي. دوستي ھميشہ ھڪجھڙن سان ٿيندي آھي. گھنشام تيستائين چُپ ويٺو ھو. پوءِ قرآن مان ھڪ ٻه آيت پڙھي اُنجو مطلب سمجھائڻ لڳو. مون چيو اوھين قرآن به ڄاڻو ٿا جواب ۾ چيائين ته ”جھڙو ديس تھڙو ويس.“ مان اُنھن کي ھندوستان اچڻ جي نينڍ ڏني. ورنديءَ ۾ ھا ڪين. ٻئي ڏينھن عبدالنبي موڪلائي اسلام آباد ويا.
منھنجي دوست ماستر لعل بخش جو پُٽ عبدالستار ڪراچيءَ ۾ رھندو ھو. ھو حج جي کاتي ۾ ڊائريڪٽر آھي. ھو پنھنجي گھر وٺي ھليو ۽ گھڻو آڌرڀاءُ ڪيائين. ھنجو گھر ڪراچيءَ جي جانورن جي باغ ڀرسان ھو. مون ڏٺو ته اُن باغ جو دروازو ۽ ٻاھريون نظارو ساڳيو ئي ھو جو مان 57 سال اڳ ۾ ڏٺو، ڪابه بدل سدل ڪانه ھئي. عبدالستار چيو ته باغ اندر ڏسندا؟ مون چيو ھينئر ٽائيم ڪونھي ۽ جھڙو اڳ ۾ ھو تھڙوئي ھوندو. اُن کان موڪلائي منھنجي دوست عبدالرحمان جي وڏي پُٽ ظھور حسين جي گھر وياسين. ظھور ڪراچيءَ ۾ مڇي کاتي ۾ ڊائريڪٽر آھي. ھنجي آفيس ڪياماڙيءَ تي آھي. پاڻ ڪلفٽن روڊ ھڪ فلئٽ ۾ رھندو آھي. اُنکي سرڪاري ڪار مليل آھي. پنھنجي ڪار به اٿس. مونکي ڪار ۾ گھمائڻ لاءِ وٺي ھليو. وڏن وڏن ڪامپليڪس ۾ گھمڻ ھليو. مون ڏٺو ھڪ- ھڪ ڪامپليڪس ٽِن ماڙين جو ٺھيل ھو جن تي سڀ دڪان ھئا. دڪان به نئين فيشن ۽ ڪانچ جا ٺھيل ھئا. مٿي وڃڻ لاءِ ھلندڙ ڏاڪڻ ۽ لفٽ به ھئي. سڀ قسمن جا سامان دڪان تان ملندا ھئا. گھڻيون زالون برقعي ۾ اچن پيون، ڪي ٿوريون زالون برقعي کانسواءِ ھيون. مرد گھڻو ڪري پٺاڻي ڊريس ۾ ھئا. ڪي- ڪي سوٽ بشرٽ ۾ ھئا. اسان سڄو ڏينھن گھمي ڦري گھر موٽي آياسين.
منھنجي دوست جو پوٽو جنھن کي پيار مان پوپٽ چوندا ھئا، اُنجو اصل نالو محمد شھمير ھو. مون سان گھڻو ڪري گڏ اچي ويھندو ھو. ڪڏھن به گھمڻ ويندا ھئاسين ته ھو مونسان گڏ ھلندو ھو ۽ مِٺيون مِٺيون ٻاراڻيون ڳالھيون ڪندو ھو. ھو ڏھن سالن جو ھو ۽ پنجين درجي ۾ پڙھندو ھو. ھو مونکي پرولي ڏيندو ھو ۽ چاھيندو ھو ته مان پروليءَ جو جواب برابر نه ڏئي سگھان. مان ھنکي پرولي ڏيندو ھوس ته ھو ٻڌائي خوش ٿيندو ھو. ھڪڙي ڏينھن مونکي مٿي پنھنجي گھر اچڻ لاءِ زور ڀريو. مان ھن کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھو گھڻو زور ڀرڻ لڳو. ھن چيو ته توھان اسانجو مٿي گھر ڏسو. منھنجو لڪڻ کڻي ھٿ ۾ ڏنو ۽ چيائين اُٿو مون سان گڏ ھلو. ٻار جو ضد ڏِسي مان اُٿيس، اُن سان مٿي ھلڻ لڳس. اسين ڏاڪڻ تان چڙھي مٿي آياسين. مٿي سندن ٽي ڪمرا ھئا ۽ سٺا سينگاريل ھئا. ھڪ ڪمرو ھنجي ماءُ پيءُ جو، ٻيو ڀينرن جو ۽ ٽيون ڪمرو سندس جو ھو. ھيٺ ڏاڏو ڏاڏي ۽ مھمانن جو ڪمرو ۽ رنڌڻو ھو. مونکي ھڪ ڳالھ ياد آئي ته پوپٽ ھميشہ ھارائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. اڄ مان ھنکي ھارائي مزو وٺان. ھنجي ماءُ پيءُ جي اڳيان مون پوپٽ کي چيو، ” پوپٽ تون ڏھن سالن جو آھين ۽ ھِتي رھندو آھين. اٺن سالن کي ڇڏي ٻه سال توکي گھڻي سمجھ آھي. ھينئر پنجين درجي ۾ پڙھندو آھين. تون روز اسڪول ويندو آھين ۽ واپس مٿي ويندو آھين، اھڙي طرح تون ڏاڪڻ تي روز گھٽ ۾ گھٽ ٻه ٽي ڀيرا چڙھندو لھندو آھين. ھينئر حساب ڪر ته سڄي سال ۾ تون گھٽ ۾ گھٽ ھزار دفعا ڏاڪڻ تي چڙھيو ۽ لٿو آھين. ھاڻي ٻڌاءِ ته تنھنجي ڏاڪڻ کي گھڻا ڏاڪا آھن؟“ پوپٽ ويچارو الجھن ۾ اچي ويو ۽ چيو ته مان ڏاڪا ڪڏھن به ڪونه ڳڻيا آھن. مون ھُن کي ٻڌايو ته مان صرف ھڪ ڀيرو مٿي چڙھيو آھيان ۽ مان توکي ڏاڪا برابر ٻڌائي سگھان ٿو. پوپٽ منھن ننڍو ڪري ويھي رھيو. ٿوري دير ۾ ھو منھنجي لڪڙي کڻي لڪائي ڇڏي ۽ مونکان پڇيائين ته اوھانجي لڪڙيءَ ۾ گھڻا سوراخ آھن؟ مون ھنجي چالاڪيءَ تي گھڻو عجب کاڌو ڇوته مون ڪڏھن سوراخ نه ڳڻيا ھئا ۽ ڌُڪو ھڻڻو پيو ۽ اُھو غلط نڪتو. مون ھنکي چيو ته نه پاڪستان کٽيو ۽ نه ئي ھندوستان کٽيو ٻئي ھڪجھڙا ڀائر آھن. ٻئي ڀيري پوپٽ کي ھارائڻ جي خيال کان مون ھڪ پرولي ڏني، ”ھڪ ماڻھو 7 ماڙ فلئٽ ۾ رھندڙ لفٽ ۾ لھندو ته ستين ماڙ کان چڙھندو پر جڏھن ھو واپس موٽندو ھو لفٽ ۾ چڙھندو ھو ته پنجين ماڙ تي لھندو ھو. ٻه ماڙيون ڏاڪڻ جي رستي چڙھي ويندو ھو. سڀ ماڻھو ويچار ڪندا ھئا ته ھو اِئين ڇو ٿو ڪري. ھاڻي تون ٻڌاءِ ته اھو ائين ڇو پيو ڪري؟“ پوپٽ خيال ڪري چيائين ڪثرت جي خيال کان ائين ڪندو ھوندو. مون نه ڪئي. پوپٽ چيو توھان ٻڌايو. مون ھن کي چيو ته لفٽ ۾ بٽڻ ھوندا آھن. اُھي بٽڻ ھيٺان کان مٿي ھوندا آھن، جنھن ماڙ تي وڃڻو ھوندو آھي ته اُن بٽڻ کي دٻائبو آھي. ھينئر اُھو ماڻھو تمام بندرو ھو. اُن بٽڻ تي ڪونه پھچي سگھندو ھو. اُن جو ھٿ صرف پنجين ماڙ جي بٽڻ تائين لڳندو ھو، جنھن ڪري اُنکي پنجين ماڙ تي لھي ڪري ستين ماڙ تي وڃڻو پوندو ھو. ھينئر مون کٽيو. پوپٽ مونکي ٻي پرولي ڏني جنھن جو جواب مان نه ڏيئي سگھيس. پوپٽ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته ھاڻي اسان ٻئي ھڪجھڙا ڀائر ٿياسين.
منھنجي مھمان نواز مونکي ھڪ ڳالھ ٻڌائي ته، ھندوستان مان ھڪ مھمان ڪراچيءَ ۾ گھمڻ آيو. پنھنجي مھمان نواز سان ڪراچيءَ جي ھڪ محلي ۾ گھمڻ ويا. جڏھن ھڪ ڳليءَ ۾ پھتا ٿه مھمان نواز اُن کي چيو ته توھان پنھنجو ڪنڌ ھيٺ ڪري ھلو ڇو جو سامھون مڪان وارو اوھانکي ڏسي متان اوھانکي گولي ماري. اُن ڀؤ کان ڪنڌ ھيٺ ڪيو ۽ دوست جي پاسي لِڪندو ھليو. جڏھن ڳلي پار ڪري آيا ته مھمان نواز چيو ته ھينئر ڀلي ڪنڌ مٿي ڪري ھلو. اُن ڏٺو ته اُنجو دوست مھمان نواز پاڻ اوچو سِرُ ڪري اُن ڳليءَ مان ھليو پئي. مھمان اُن کان پڇيو ته توھان ڪنڌ ھيٺ ڪري ڪونه پيا ھلو، ھو اوھان کي گولي ھڻي ھا ته توھان ڇا ڪريو ھا؟ تنھن تي ھُن جواب ڏنو ته ھو مونکي گولي نه ھڻي ھا. ھو گولي صرف مھمان کي ھڻي ھا، ڇو جو مان اڳئين سال ھن جي مھمان کي گولي ھنئين ھئي. ھو منھنجي مھمان جو دشمن آھي. جيئن خون بدلي خون، تيئن مھمان بدلي مھمان. مھمان کي سمجھ ۾ نه آيو ته ھيءُ ھڪ چرچو آھي يا مُلڪ جي ماڻھن جي مذاق. ھندوستان- پاڪستان ٻه ڀائر آھن. ھڪ ٻئي تي مذاق ڪرڻ جي بدران پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جي ساراھ ڪن ته بھتر.
مان جڏھن خيرپور ۾ رات رھيو ھئس ته اتي ديوان تلوڪ چند ۽ پرڀوءَ جن وٽ رات رھيس. تلوڪ چند کي ڪپڙي جو دڪان آھي ۽ پرڀوءَ کي ڪٽلريءَ جو دڪان آھي. ٻنھي جا دڪان تمام سٺا ھئا. گراھڪي به خاصي ھئي. ٻنھي ڄڻن منھنجو چڱو آڌرڀاءُ ڪيو. رات جو روٽي اُنھن وٽ کاڌي. اُنھن منھنجي سمھڻ جو بندوبست شوالي مندر ۾ ڪيو. صبوح جو گھڻا ھندو ماڻھو مٿي ٽيڪڻ لاءِ مندر ۾ اچن پيا. اُنھن کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته خيرپور ۾ پنجاھ کن گھر ھندن جي پئنچايت سان ڳنڍيل آھن ۽ سڀ خوش آھن. زور زبردستي ڪابه ڪانه آھي. مون ڏٺو ته پھراڻ ھندن جو به پاڪستاني مسلمانن جھڙو ھو. ننڍيون ھندو ڇوڪريون ڏٺم ته اُنھن کي مٿي تي دُپٽو ضرور ھو. ھندو مسلمان سڃاڻڻ ۾ تڪليف ھئي. پڇڻ تي ئي خبر پوي ته ھو ڪھڙي ڌرم جا آھن.
ڪنھن به ھڪ سنڌي ھندو ۽ ھڪ سنڌي مسلمان کي ھڪجھڙا ڪپڙا پھرائي ٻنھي کي ھڪ ھنڌ ڇڏيو ته سڃاڻڻ مشڪل ٿيندو ته ھندو ڪير؟ مسلمان ڪير؟ ھڪ ٻئي کي گھٽ ڪرڻ جي بجاءِ ھڪ ٻئي کي عزت ۽ پيار ڏيڻ گھرجي. مذھبن مُلڪ منجھايا آھن. ڏسبو ته ٻنھي ملڪن جون ريتون رسمون، کائڻ پيئڻ، رھڻ پھرڻ، ڳالھائڻ ڳائڻ، گھمڻ ڦرڻ سڀ ھڪجھڙو آھي. مان جڏھن ھالاڻي مندر ۾ ويس ته مون سان ٽي مسلمان ساڻ ھئا. ھالاڻي مندر جو سنڀاليندڙ راجڪمار اسان سڀني کي ھندو سمجھيو. پڇاڙيءَ تائين ھنکي خبر نه ڪانه پيئي. ھلندي مون ھن کي ٻڌايو ته اڪيلو ھندوستان کان آيو آھيان باقي ھي ٽيئي مسلمان منھنجا دوست آھن.
سوڀيديري ۾ مون ڏٺو ته مُحرم جو پِڙ اڃان ساڳيو ھو. جڏھن اسان ننڍا ھئاسين ته محرم جي ڏِڻ تي ڏاڍو مزو ايندو ھو. پڙ وڏو ميدان ھو. اُن جي وچ ۾ ھڪ جھنڊو کُتل ھوندو ھو. مٿي ڪپڙي جو جھنڊو ھوا لڏندو ھو. پڙ جي ڪُنڊ تي ٻه ڪوٺيون ھونديون ھيون جن ۾ ڪاٺ جا ٻه تابوت رکيل ھوندا ھئا. محرم مھيني ۾ اُنھن تابوتن کي رنگين پَنن سان سينگاريندا ھئا. محرم جي ڏينھن اُنھن ٻنھي تابوتن کي کڻي سوڀيديري جي ٻنھي بزارن ۾ سرگس ڪڍندا ھئا. اڳيان دُھل شرنائي وچ ۾ تابوت ۽ پٺيان ماڻھو ھلندا ھئا. اسان ننڍا ڇوڪرا ھندو- مسلمان ڇاتيءَ تي ڌڪ ھڻي ھاءِ حَسن، ھاءِ حُسين چوندا اُنھن سان گڏ ھلندا ھئاسين. ڪيترا مسلمان پاڻ کي زنجير جي چھنبن وارا جھڳٽا پٺيءَ تي ھڻي رت ڪڍندا ھئا. اسانجون ھندو زالون گھرن جي درن مان منھن ڪڍي تابوتن کي ھٿ جوڙينديون ھيون. اھو سرگس اچي اچي وڏي پِڙ ۾ سماپت ٿيندو ھو. مون پنھنجن دوستن کان پڇيو اڄ به محرم اِئين ئي ٿيندو آھي. جواب ڏنائون، ھڪ ڪمي آھي توھان ھندو ھينئر ڪونه آھيو باقي سڀ ساڳيون ڳالھيون آھن. اوھان جي ڪمي محسوس ٿيندي آھي.