مھاڳ : تاريخ جو غير معمولي ڪردار ”چاچا موريل زهراڻي“
اسان جي اکين آڏو بظاهر ڪي ماڻهو، ڪي شخص غيراهم، سادا سٻاجها ۽ معمولي انداز اختيار ڪيو هلندا ڦرندا ۽ زندگيءَ جو ڪٺن گاڏو گھليندا رهندا آهن. پر حقيقت ۾ اهي نه غيراهم هوندا آهن، نه پنھنجي دل ۽ دماغ ۾ سادا سٻاجها هوندا آهن ۽ نه وري معمولي. هي اُهي لاهوتي آهين، جن لاءِ بابا ڀٽائي چيو آهي ته:
”ڳُجهه نه ڳالھائين، لِڪا ڀُڻن لوڪَ ۾.“
لوڪ کي جيڪي ماڻهو هڪ هنڌ ويٺل نظر اچن ٿا، کين پيرين پُراڻا کيترا پاتل آهن ۽ حالَ بيحالُ اٿن، سي، غير اهم ۽ معمولي ڪٿي آهن!!! ڀلي اُهي پاڻ پنھنجي وجود جو احساس نه به ڏيارين، پر ٻيا سڀ ماڻهو سندن موجودگيءَ کي نه درگذر ڪري سگهندا آهن ۽ نه ئي انڪار. چوڻ جو مقصد ته، هنن جو علم، عقل، فھم ۽ سٻاجهائپ، سندن آس پاس جي ماڻهن لاءِ بحث جو مواد ۽ اتساھ جو وسيلو بڻيل هوندا آهن.
اِها الڳ ڳالهه آهي ته، ڪي مت جا مُوڙهيا ۽ ذهني ڪنجوس سندن سامھون شتر مرغ بڻجي ويندا آهن. نظرون ڦيري گذري وڃڻ مھل ايئن لڳندا ڄڻ شرم ۾ ٻُڏي ويل هُجن ۽ شڪي ٿيندا هُجن.
موريل زهراڻي انھن عالمن ۽ اديبن مان هڪ هو، جنھن جو هڏ قد جيترو سڦرو هو، اوترو ئي سندس علمي ۽ ادبي مايو اعلى درجي جو هُو هن جي جسامت جي حوالي سان مونکي ڪڏهن ڪڏهن خيال ايندو آهي ته، جيڪڏهن گانڌيءَ جي بدن تان کانڌيءَ جي چادر لاهي، پراڻي شلوار قميص يا گوڏ قميص پارائجي ها ته هُو صفا موريل زهراڻي نظر اچي ها. غلام حسين زهراڻيءَ کان موريل زهراڻيءَ تائين پھچڻ وارو سفر ڪھڙو ۽ ڪيئن گذريو، ان جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ سان نه منھنجو مقصد آهي نه تجسس. ها البت مان ايئن سمجهندو آهيان ته، غلام حسين زهراڻي منھنجي محبوب، يارَ ۽ ننڍي ڀاءُ دادلي زهراڻيءَ جو والد آهي ۽ موريل زهراڻي سنڌ جي هڪ وڏي عالم، شآعر ۽ سُچيت ماڻهوءَ جو نالو آهي.
پڙهيل لکيل، ڄاڻو گر ۽ اديب هُجڻ ڪو اهم يا وڏو ڪارنامو ته ڪونھي، نه ئي اها ڪنھن شخص جي اصل سڃاڻپ آهي. انسانيت، ماڻهپي ۽ بصيرت جھڙا هيرا، لعل يا گوهر جڏهن پڙهيل لکيل، ڄاڻوگر ۽ اديب جي شخصيت تي جَڙاءُ ڪن ٿا، تڏهن ئي ان جي اُها سچي سڃاڻپ بڻجي ٿي ۽ ڪارنامو هُجي ٿي.
اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ادب ۾ خاص طور وري شاعريءَ ۾ ڏتڙيل، مظلوم ۽ ويڳاڻپ جو شڪار طبقن جا شاعر عشق ۽ محبت واري شاعريءَ تي گهڻو زور ڏيندا آهن. شايد ان جو سبب فطري طور اِهو هوندو آهي ته، کين جيڪو احساس محرومي سماج کان پلئه پوندو آهي، ان جي مقابل هُو، پنھنجي اندر ۾ موجود پيار جي جذبن کي زماني جي ضرورت بڻائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.ان جي نتيجي ۾ سندن شاعري يا ٻين لکتن ۾ پيار ۽ عشق وارو حقيقي احساس ڀرڻ بجاءِ احساس محروميءَ جو عڪس نظر ايندو آهي يا وري اڃا به ٻه قدم اڳتي وڌي ڏسبو ته سندن لکڻين ۾ شھوت پرستيءَ جو پھلو نمايان هوندو آهي.
هن پسمنظر ۾ جڏهن موريل زهراڻيءَ جي شاعراڻا انداز تي نگاهه وجهون ٿا ته، هو غريب، مظلوم ۽ زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان محروم طبقي سان واسطيدار رکندي به پيار محبت ۽ عشق فشق واري اهڙي سطحي اظھار کان ڪوهين ڏور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ مجازي پيار ۽ شخصي عشق جي جاءِ تي انسانيت ۽ ماڻهپي سان پيار ملندو ۽ ڌرتيءَ توڙي ڌرتيءَ جي عام سادن لوڪن سان سچي عشق جو جلوو پسڻ لاءِ ملندو.
موريل زهراڻيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ جيڪي موضوع ڇُھيا آهن، سي زندگيءَ سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهن. هو ادب براءِ ادب بجاءِ ادب براءِ زندگيءَ جو قائل آهي. لطيف، سچل، سامي ۽ انھن جھڙا ٻيا شاعر، ڏاها ۽ ساڃاهه وند انسان سندس شعر تي حاوي آهن. انھن جو ذڪر بار بار سندس قلم جي زينت بڻيو آهي. ان کي لاشعوري ڪوشش به کڻي مڃجي، پر ان سچ کان به ڪـَنَ لاٽارَ نٿي ڪري سگهجي ته، انھن شاعرن ساڳئي انسانيت ۽ ماڻهپي جي پرچار ڪئي آهي، جيڪا موريل زهراڻيءَ جو پڻ آدرش آهي. ايئن کڻي چئون ته موريل زهراڻي سندن مِشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ شاعريءَ جو سھارو ورتو. ماڻھپي جي عظيم سبق کي ايندڙ نسلن تائين پھچائڻ لاءِ هن سُخنوري واري راهه اختيار ڪئي.
موريل زهراڻيءَ جي شاعريءَ ۾ مذهبي ڪردارن ۽ افڪارن جو ذڪر به وافر مقدار ۾ ملي ٿو. مون ڌيان ڪري اهڙو ذڪر پڙهيو، پر مون کي موريل جي ذڪر ۽ مُلي يا مفتيءَ جي ذڪر ۾ ڏينھن رات وارو تفاوت نظر آيو. مُلو مال ميڙڻ ۽ ڀِڀُ ڀرڻ لاءِ گلڪاري ڪري مذهبي پرچار ڪري ٿو، جڏهن ته موريل زهراڻي نج پج عوامي انداز ۾ اهڙو ذڪر ڪري ٿو. هن کي تاج پوشي، پڳداري ۽ مال سان ڪو سَروڪار ڪونھي، تنھنڪري هي عام جي زبان کي سھارو بڻائي، چڱائي، ڀلائي، سچائي ۽ انسانيت وارا گڻ نکارڻ ۽ اُڀارڻ لاءِ حمد، نعت، مناجات يا منقبت واري شاعري تخليق ڪري ٿو. هن وٽ اهو انداز ئي ناهي جنھن هيٺ ڪو مُلو متڀيد ڏيکاري ماڻهن کي ويڙهائڻ ۽ انسانيت جو خون ڪرائڻ ۾ ڪو عيب نه سمجهندو آهي. هي ته رَندي ۽ فقيراڻي انداز ۾ سڀني انسانن کي وحدانيت ۽ تصوف جا درس ڏئي ٿو.
مون جڏهن موريل زهراڻيءَ جي هيٺ ذڪر ڪيل تخليق پڙهي ته، سندس مٿان ناز به ٿيڻ لڳو ۽ زبان مان واهه واهه نڪري وئي. ڇاڪاڻ ته موريل ڪنھن هڪ فرقي جو شاعر ۽ پرچارڪ ناهي پر، هو سچ پچ پوري انساني نسل جو پرچارڪ آهي. توهان به هن جي فڪر کي ڏسو ۽ مزو وٺو:
پرڀو توکي ٿو سڏيان مون ڏي ڪَنُ ڏي،
رُکي روٽي ٿو کاوان، سڻڀو ڀوڄن ڏي.
**
ايمان جا مون وٽ ڍير ۽ ڍِڳَ آهن،
اَنَ جي کوٽ آهي، ٻَٽي مڻ اَنُ ڏي.
**
محل ۽ ماڙيون اميرن کي ڏئين مولا،
مونکي رهڻ جي لاءِ ڪکائين لانڍي يا ڇَنَ ڏي.
**
شري رام جا راکا سيتا جا لڄپال!
سنڌ جي دشمنن کي راوڻ جيئن جَمُ ڪٺن ڏي.
يا وري هي سِٽون ڏسو:
روزا نمازون صوم صلواتون چڱيون مگر،
بنده نواز بنجي عبادت فقير ڪر.
**
مَن عرف نفسه کي پُرجهي پَڪو ڪري،
خاڪيءَ مان ذاتي باقيءَ جي زيارت فقير ڪر.
هي غزل ڇائيتاليھن بندن تي مشتمل آهي، جيڪو سڄو سارو اعلى ظرف ۽ حرف جو مثال آهي. ٻيو به هڪڙو ٽيھن بندن تي مشتمل اهڙي ئي فڪر سان ڀرپور غزل آهي، جنھن جو مقطع ڏِسو ڪيڏي نه وڏي معنى ٿو ڏئي:
ٻئي جي گهر هٿ سيڪڻ زهراڻي نه وڃ،
پنھنجي گهر ۾ ٻاري مچ مچايون ويٺو رهه.
هڪڙو گيت 41 هن بندن تي مشتمل آهي، جنھن جي پھرئين سِٽَ ملاحظه ڪريو:
”هتي يار! يڪسان حرامي حلالي “
مٿيان سڀئي غزل ۽ گيت گهڻن بندن يا شعرن تي مبني آهن. ايترن بندن تي مشتمل شعر يا نظم اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ته، موريل زهراڻيءَ وٽ نه ڪافين، رديفن جي ڪمي آهي ۽ نه ئي فِڪر يا موضوعن جي ڪا کوٽِ آهي ۽ سندس فني جوڙجڪ به لاجواب آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي نه رڳو ڇند جي علم کان واقف هو پر عروض تي پڻ دسترس حاصل هئس.
موريل زهراڻيءَ جي هن ڪتاب ۾ غزل، گيت، نظم ۽ بيت شامل آهن، جڏهن ته پورا پنج غزل اهڙا پڻ شامل آهن، جيڪي خالص فارسي ۽ عربي زبان ۾ رچيل آهن. ان ۾ ڪو عجب ته نه لڳو ڇاڪاڻ ته کيس، نه رڳو انگريزي، اردو، سنڌي ۽ هنديءَ تي عبور حاصل هوس پر انھن سان گڏ بھترين عربي ۽ فارسي به ڄاڻندو هُئو. هنن پنجن ئي غزلن مٿان موريل زهراڻيءَ جو نالو ڊاهي پڙهي ڏِسو! توهان کي اهي ڪنھن وڏي فارسي شاعر جا محسوس ٿيندا.
اها حقيقت آهي ته هر قاريءَ جي الڳ الڳ سمجهه ۽ بصيرت هوندي آهي، ان ڪري منھنجي راءِ سان ڪوبه اختلاف رکڻ جو حق رکي ٿو ۽ اهو نه وسارڻ گهرجي ته مون کي به پنھنجي راءِ رکڻ جو اختيار آهي. پر هي شعري ڳٽڪو مطالعي هيٺ آڻيندڙ مھربان قاري پنھنجي ذهن ۾ هيءَ ڳالهه ضرور رکن ته هو موريل زهراڻيءَ جي پيار سان ڪيل پورهئي ۽ دل سان ميڙيل مڻين جو جائزو وٺي رهيا آهن، جنھن ۾ فن ۽ اسلوب جي ڪا کوٽ واڌ اڻٽر آهي، ته به سندس ذهني مشقت کي داد ڏيڻ ۾ ڪنجوسي بنھه نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته، اسان مان گهڻا ماڻهو دنيا جي هر عياشي ميسر هوندي ۽ بنيادي گهرجون مڪمل هوندي به اهي ڪم ۽ اهي چڱايون ڪرڻ کان قاصر آهيون جيڪي موريل زهراڻيءَ، پنھنجي مسڪيني حال ۽ پنھنجي عيال جي پيٽ قوت لاءِ هٿن جي زخمي ترين ۽ آڱرين سان پورهيو ڪندي سرانجام ڏنا.
مان هن جي اڏي تي ڪاٺوڙي پيتي تي ويھي، جھڙيءَ طرح نڙيءَ جي ڪئنسر سبب سندس جهيڻي آواز ۾ دنيا جھان جي ڳالھين ۽ زندگيءَ جي تلخ تجربن کي پنھنجي ڪنن ۾ جَهٽڻ ۽ هيئن ۾ هنڊائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. بلڪل اهڙي طرح هي ڪتاب پڙهندي ائين محسوس ٿيو ڄڻ، چاچو موريل زهراڻي سرگوشين ۾ مونکي پنھنجو هي ڪلام ٻڌائي رهيو آهي ۽ مان انتھائي گهڻو محظوظ ٿي رهيو هجان.
مونکي سندس وڇوڙي کانپوءِ به ان ڪاٺوڙي پيتيءَ تي يا صندليءَ تي ويھڻ ۾ اهو ئي سُرور ۽ اُهو ئي ساهس ايندو هو، جڏهن گهر جو ڳورو گاڏو گِھلڻ لاءِ دادلو ساڳي آر سان بوٽن ۽ چپلين ۾ ڇيد ڪندي پنھنجي هٿن ۾ ڇيد ڪرڻ لڳو هو.
چاچا موريل زهراڻي! جيڪڏهن تنھنجو روح ڪٿي آس پاس ۾ منھنجو آواز ٻُڌي رهيو آهي يا هي سِٽون پڙهي سگهي ٿو ته پوءِ ٻُڌ! تنھنجي تربيت ۽ تنھنجي محنت ساڀ پئي آهي، تون جنھن رستي تي پيرن ۾ لڦون وجهي قدم کنيا، انھن ساڳين قدمن تي پيرن ۾ لڦون وجهي اڄ تنھنجو ”دادلو“ ايترو لائق بڻجي ويو آهي، جو هاڻي انھيءَ ڏني واهڻ واري رستي تي هن جي ڪار ڌوڙ اُڏائيندي ڄڻ اُن ڏک ۽ اُن ڪَرب کي لٽيندي آهي، جيڪو تنھنجي وجود جو حصو بڻجي ويو هُو!!
[b]عـزيـز منگي
[/b] لاڙڪاڻو
23 ڊسمبر 2013ع