شاعري

سنڌ پنهنجي جدا گھرجي

قومي شاعريءَ جو ڪتاب ”سنڌ پنهنجي گهرجي“ محترم موريل زهراڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب دولھه دريا خان زهراڻي آهي. نثار کوکر لکي ٿو:
”ڪامريڊ موريل جي شاعري مون پڙهي آهي.منجهس هر دور جو رنگ چڙهيل آهي.پر مونکي سندس شاعري ۾ سنڌ جي صوفياڻي مزاج ء سنڌيت وارو رنگ سندس تخليقن مٿان نمايان نظر اچي ٿو.اهو گيڙو ء ڳاڙهو رنگ صرف ڪامريڊ موريل جي ڪاغذي تخليق مٿان نه پر بائلوجيڪل تخليق (اولاد) مٿان پڻ حاوي نظر اچي ٿو.جيئن ڪامريڊ پنهنجي دور جو يگانو شخص هو ء سندس محبت جو محور سنڌ هئي تيئن ئي سندس اولاد لاء دعا ته شل سندن سنڌ سان محبت سلامت رهي.“
Title Cover of book سنڌ پنهنجي جدا گھرجي

غلام حسين عرف ”موريل زهراڻي (جت)“ هڪ گمنام بلڪ تاريخساز شخصيت

غلام حسين عرف ”موريل زهراڻي (جت)“
هڪ گمنام بلڪ تاريخساز شخصيت

هونئن ٿيندو هيئن آهي ته قومون انهن عظيم انسانن کي جيئري ڪونه سڃاڻنديون آهن، جيڪي انهيءَ ئي قوم جو درد سيني ۾ سمائي تـڙپندا ۽ لڇندا آهن. وڏي واڪي، بي خوفي ۽ بيباڪي سان حق ۽ سچ جو نعرو هڻندا آهن. اهي ڏاها ۽ ڏات ڌڻي انسان پنھنجي ڏات ۽ شعوري سگهه، انسانيت جي هڪجھڙائي، بقا، ايڪتا، امن، آشتي، پيار، محبت، سلامتي، انصاف، رواداريءَ لاءِ استعمال ڪندا آهن. جيڪي انسان پنھنجي جان جي جوکم جي ڪابه پرواهه نه ڪندا آهن. مظلومن ۽ محرومن جي پڪار بڻجي ويندا آهن. انسان جي فطرت به واهه جي آهي ته اهڙن امر ۽ اڏول انسانن کي اها ئي قوم جيئري ئي جسماني، روحاني ۽ ذهني عذاب ڏئي ماريندي آهي.
انهن انسانن کي چريو چريو چئي، انهن مٿان چٿريون ڪيون وينديون آهن. انهن کي ڦاهين تي چاڙهيو ويندو آهي. لالچ ۽ خوف جي حربن سان هيسايو ۽ حرصايو ويندو آهي ليڪن اهي ڪنھن به ڄار ۾ ڦاسڻ وارا نه هوندا آهن. هنن جا حوصلا هماليه کان به وڌيڪ بلند ۽ اٽل هوندا آهن. هن کي ڪوبه طوفان لوڏي نه سگهندو آهي. هو صبر ۽ استقلال جا اعلى نمونا هوندا آهن. هو زماني کان مليل اذيتن ۽ عذابن کي مقصد خاطر لـَڇ برابر به نه سمجهندا آهن. جيئن سلطان الاولياءَ جن فرمايو ته:
تانسين تون نه فقير، جانسين سانگ سِسِيءَ جو،
ماڻيو تن ملير، جن جسو، مال مباح ڪيو.
مُئي کانپوءِ اها ئي قوم انهن لاءِ روئندي، رڙندي، ماتم ڪندي، وار پٽيندي، سينو ڪٽيندي ۽ هاءِ گهوڙا ڪندي آهي. انهن مٿان مقبرا اڏيندي آهي. اڪيڊميون ۽ فائونڊيشنون قائم ڪندي آهي. انهن جون ورسيون ملهائي سندن فڪر ۽ فلسفي کي اجاگر ڪندي آهي. پر افسوس جو اسان وٽ ته ڪڏهن ڪڏهن ائين به ڪونه ٿو ٿئي. اسين نه ڪنهن کي جيئري سڃاڻندا آهيون۽ نه مُئي پڄاڻا. جيئن ماکيءَ جو پنھنجو هڪ منفرد آرو ۽ انداز هوندو آهي. جو جڏهن به مرضي پويس ته ميڙيل چونڊيل ماکي چٽ ڪري ويٺل جاءِ تان اٿي وڃي ۽ جتي ۽ جنھن به جاءِ تي پور پويس ته اتي ويهي رهي. ڇونه اهي کھرا کھرا ڊڀ هجن يا ڪنڊن جو لوڙهو هجي. اهڙيءَ طرح اسان به پنھنجي مرضيءَ سان ڪنھن کي چاهيندا ۽ ڪنھن کي بنهه نه چاهيندا آهيون. يا ڪنھن تي ڪڏهن غور ئي نه ڪندا آهيون. اهڙن ڏات ڌڻين، ڏاهن، سڄاڻن، پارکن، اڏول ۽ بردبار عظيم انسانن مان گودڙيءَ ۾ لڪل لعل، علم ۽ ادب جو گوهر، تاريخ جو پارکو ۽ ٻوليءَ جو ماهر ۽ محقق، انهن سڀني گڻن کان وڌيڪ اعلى درجي وارو گڻ مسڪين، اهل دل، مارو ماڻهو، غلام حسين عرف موريل زهراڻي (جت) هڪ هو. هي املهه ماڻڪ ضلعي لاڙڪاڻي- تعلقي ڏوڪري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ڏنو واهڻ“ ۾ پيدا ٿيو. هن ڳوٺ جي هڪ ڪُکِ سان دادو ڪئنال ۽ ٻي ڪُکِ سان اڳوڻو ”نارو“ لڳو بيٺو آهي. هن ڳوٺ جي مٿان ئي دادو ڪئنال تي فال موري آهي. هتان ڪيئي شاخون ڦٽن ٿيون. سڄي ڳوٺ جي گڏجڻ، وندر ورونهن ۽ ڪچھري ڪرڻ جي واحد جڳهه به اها ئي موري آهي.جتي سڀ ڳوٺاڻا اچي گڏ ٿيندا آهن. پوءِ نِمن، ٽالهين، پپرن ۽ بڙن جي ٿڌين ٿڌين ڇانون ۾ هوا جي آڌار ۽ پاڻيءَ جي لھرن تي، لامن مٿان ويٺل پکين جي مِٺين مِٺين لاتين واري سُر ۽ سنگيت واري لڀائيندڙ ماحول ۾ هرڪو پنھنجي پنھنجي فن جا جوهر پيو ڏيکاريندو. ڪي تاس ويٺا کيڏندا، ڪي سياست ۽ سماجي معاملن ۽ صورتحال تي پيا ٽيڪا ٽپڻي ڪندا. ڪي ماضيءَ جي يادن ۾ گم ٿي عياشيون ويٺا ڪندا. ڪي سگهڙ ۽ سپورنجهه ڏور بيت، ڳجهارتن، پرولين، هنرن ۽ سينگارن سان ويٺا ورونهن ڪندا. هنن جي سيني مان ڏات ۽ ڏانءُ ائين ڇوليون هڻندي نظر ايندو آهي، ڄڻ ڪو درياهه اٿلي پيو هجي. انهن جي علم ادب، هنر، گهڙ ۽ گهاڙيٽي، ٻولي ۽ ٻوليءَ جي روانيءَ کي ڏسي ائين پيو ڀانئبو ته هي لکيا پڙهيا ڪتابن جي علم وارا اديب ۽ شاعر هنن اڳيان ڄڻ ٻار پيا لڳندا. اهڙي نموني رات ڏينھن مانجهي مردن جون منڊليون متل هونديون آهن. هڪ دلربا رونق ۽ دلڪشي نظر ايندي آهي. جڏهن اتان موريل ۽ مريد (مريد زهراڻي به هن ڳوٺ جو تمام وڏو ناميارو ۽ برک سگهڙ ۽ اهل دل انسان هو.) ان جي ماڳ کان لانگهائو ٿبو ته ازخود اوچتو ئي روح کي سَٽَ اچي ويندي ته ڪا گهڙي پهر اتي ويهي روح کي وندرائي وٺجي. هن نفسانفسيءَ جي دؤر ۾ وري اهڙو موقعو ملي الائي نه. ڪچھريءَ ۾ وڃي ويهبو ته اٿڻ تي دل ئي نه چوندي. پر وڃڻ واري کي ته وڃڻو ئي پوندو. البت اها ياد عمر ڀر دل مان ڪڍي ڪونه سگهندو. هن ڳوٺ کي چئني پاسن کان زيتونن، انبن ۽ ليمن جا موهيندڙ باغ آهن. جنھن ڪري هي ننڍڙو ڳوٺ هڪ سرسبز ماٿريءَ جو من موهيندڙ منظر پيش ڪري ٿو.
اهڙي مثالي ۽ شعور ڀرئي ڳوٺ ۾ هڪ انتھائي مسڪين گهراڻي ۾ غلام حسين عرف موريل زهراڻي (جت) جو جنم ٿئي ٿو. ”آڻين ۽ چاڙهين“ تي گذران، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اگهاڙو، حال، اصليت ۽ سادگي ڄڻ کين ورثي ۾ مليل هئي.غلام حسين جا وڏا بنيادي طور تي هاري هئا. واڻ وٽڻ جو ڌنڌو پڻ ڪندا هئا، جيڪو اڃا تائين ڪندا پيا اچن. سندن وڏا لوڪ ادب جي فن جا به وڏا پارکو هئا. ڪچهريءَ ۾ اچبو ته ڪانه ڪا نئين تخليق جي نئين سوکڙي کڻي اچبي. سا به اهڙي جو واهه واهه ٿي واڄٽ وڄي وڃن. غلام حسين عرف موريل انگريزيءَ ۾ ان وقت جي ميٽرڪ پاس هو. ان وقت ميٽرڪ تمام وڏي اعلى درجي جي تعليم هئي. جا ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندي هئي. سنڌ ۾ ڪو ورلي مسلمان ڇوڪرو ميٽرڪ پاس هوندو هو. ليڪن افسوس جو هي باصلاحيت ۽ باڪمال انسان ڪا چڱي خاصي معيار ۽ اهليت مطابق سرڪاري نوڪري حاصل ڪري نه سگهيو. جنھن جو بنيادي ڪارڻ سندس غربت، مفسلي ۽ خودداري هو. البت گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ پٽيواليءَ جي نوڪري مليس پر شايد اها نوڪري سندس مزاج سان ٺهڪي نه سگهي. يا ان مان سندس معاشي ۽ سماجي گهرجون پوريون نه ٿي ٿي سگهيون، جنھن سبب اها نوڪري ڇڏي ڏنائين. ان بعد فيض محمد چني کان ڳنڍ ٽوپي جو ڪم سکيائين. فيض محمد چنو ناميارو سگهڙ به هو، ان کان ڪو بلنگ کان علاوه لوڪ ادب جي سکيا به حاصل ڪيائين. فيض محمد چنو موجوده نامياري شاعر خير محمد چني جو والد هو. جنھن جو اصل ڳوٺ خير محمد آريجا آهي. موريل ڄڻ محبتن ۽ مرڪزن جي کاڻ هو. هن کي ننڍپڻ کان ئي سير سفر ڪرڻ ۽ فطرت جي دل لڀائيندڙ، حسين دلڪش ۽ اثر انگيز منظرن جي مشاهدن ماڻڻ جو تمام گهڻو شوق هو. بلڪ ائين کڻي چئجي ته هو فطرت جو عاشق هو ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. تنھنڪري هو وادين ۽ ماٿرين ۾ هوا جي لهرن ۽ سوساٽن ۾، پاڻيءَ جي لهرن هوا جي زور تي لهرن جو پاڻ ۾ پاڻ مٿان سٽجڻ جي آوازن ۾، پهاڙن ۽ صحرائن ۾، ٻيلن ۽ ٻيلائن ۾ غور ۽ فڪر ڪري انهن منظرن جي جهٽڻ ۾ گھري دلچسپي وٺندو هو.
غلام حسين عرف موريل ٻوليءَ جو ايڏو ته پارکو ۽ ڄاڻو هو جو ڪوبه ٻوليءَ جو لفظ ڏبس ته ان جو ابو ڏاڏو، بلڪ پڙ ڏاڏو به ٻڌائيندو ته هي لفظ اصل ڪٿان، ڪيئن ۽ ڪهڙي ٻوليءَ کان آيو ۽ ڪيترا مرحلا طئي ڪيا ۽ پنھنجو ٿي ويو. موريل کي سنڌي، عربي، فارسي، اردو، انگريزي ۽ سنسڪرت ٻولين تي ملڪو حاصل هوندو هو. هن ڪيترن ئي ناياب انگريزي ۽ فارسي ڪتابن جو ترجمو ڪرڻ پئي چاهيو ليڪن معاشي بدحالي ۽ ذهني پيڙائن سبب اهو ڪم چاهيندي به نه ڪري سگهيو.
جنھن لاءِ هميشه افسوس ڪندو هو. موريل زهراڻي (جت) سنڌ ۽ دنيا جي تاريخ تي پڻ دسترس رکندڙ هو. کانئس دنيا جو ڪوبه تاريخي واقعو پڇبو ته موريل ٺهه پهه ان واقعي جو تاريخي، سماجي ۽ تهذيبي پسمنظر به ٻڌائي ڇڏيندو. اهڙيءَ طرح هو ان واقعي جي وضاحت عقلي بنيادن تي ڪندو هو. هو چوندو هو ته ڪنھن به تاريخي واقعي کي اکيون ٻوٽي قبول ڪرڻ نه گهرجي، بلڪ ان روايت يا واقعي کي ان وقت جي سماجي، معاشي، معاشرتي ۽ سياسي حالتن جي تناظر ۾ پرکيو وڃي. موريل سنڌ جي تاريخ ۽ مسلم هسٽريءَ جو ڄڻ ته حافظ هو. هن وٽ سدائين تاريخ جا ڪتاب ۽ مختلف ٻولين جون ڊڪشنريون موجود هونديون هيون. جي ويٺو واندڪائيءَ وقت اڀياس ڪندو هو. انگريزي ٻولي جيئن ته تمام وسيع زبان آهي، جيڪا جغرافيائي لحاظ کان دنيا جي مختلف خطن ۾ مختلف انداز ۽ لهجي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. جيئن برٽش، آمريڪا ۽ فرانس وغيره ۾ ان جا اچار، محاورا مختلف ۽ الڳ نوعيت جا ٿين ٿا. ليڪن هي جُتيون ڳنڍڻ وارو غلام حسين عرف موريل سڀني قسمن جي اُچارن۽ محاورن تي هڪجيتري مهارت رکندو هو. ڇو ته هو اٽالين ٻوليءَ جي ڊڪشنري ڄاڻندڙ هو. جيڪا انگريزي ۽ فرانسيسي ٻوليءَ جو ڌاتو (Derive) آهي. تنھن ڪري هن کي انگريزي زبان جا مختلف اچار آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندا هئا. هو لفظن جي بگڙيل صورت کي پري ۽ پروڙي ويندو هو ته هي لفظ ڪھڙي زبان مان ڦٽي نڪتل آهي ۽ ان جو اچار ڇا ٿيندو.
گهڻو اڳ جڏهن لاڙڪاڻي کان موهن جي دڙي تائين پڪو روڊ ڪونه هو ۽ نه وري ڪو ٽرانسپورٽ جو مناسب بندوبست ٿيل هو. هاڻي ته منٽ منٽ ۾ سواري آهي. روڊ سپرهاءِ وي لڳو پيو آهي. سو ان زماني ۾ ٻاهرين ملڪن کان جي سياح ”موهن جو دڙو“ گهمڻ ايندا هئا ته ريل گاڏيءَ ذريعي موهن جو دڙو ريلوي اسٽيشن تي لهندا هئا. اتان پوءِ ٽانگن ذريعي ڏوڪري شهر ايندا هئا. جيڪو ريلوي اسٽيشن کان فقط ٻن ميلن جي پنڌ تي اوڀر طرف آهي. ڏوڪريءَ پهچي جڏهن اهي سياح وڌيڪ گائيڊنس يا معلومات حاصل ڪرڻ چاهيندا هئا. سندن ٻوليءَ جو لهجو وري اهڙو ته مشڪل ۽ اڻانگو جو ٻيو ڪو سمجهي ئي ڪونه سگهي. ان حالت ۾ ٻيو ڪوبه چارو نه ڏسي هڪ ڇنل جوتن کي ٽاڪن هڻڻ واري پٺيءَ ۽ پيرن اگهاڙي، سنهڙي ليک جهڙي سيپڪڙي موريل کي وٺي ويندا هئا. پوءِ موريل اچي روانيءَ سان انهن سان انهن جي ٻولي ڳالهائي کين حيرت ڏياري ڇڏيندو هو. اهي ٻاهران آيل سياح سندس ٻولي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ تي کيس (Weldon) ۽ (Appreciate) ڪندا هئا. (تڏهن اهي ماڻهو فخر ڪندا هوندا ته اسان جي سماج ۾ به هڪ اهڙو پارکو ۽ باڪمال ماڻهو بوٽن کي پالش ڪندڙ ۽ چَتيون هڻندڙ انسان موريل زهراڻي جت جي نانوَ ۾ موجود آهي (جيڪو انهن سياحن سان سندن ٻولي ڳالهائي ٿو.) هو چوندو هو ته مهمان نوازي اسان جي ثقافت جو بنيادي جزو ۽ ڪردار آهي، جڏهن به اسان وٽ ڪو مهمان ايندو آهي ته سمجهندا آهيون ڌڻي تعالى اسان تي مهربان ٿيو آهي جو مهمان موڪليو اٿس. اسين پنھنجي حال ۾ خوش رهندا آهيون. اسان جو ضمير خوش آهي، اسان جو روح خوش آهي. اهڙيءَ طرح دنيا جي سياحن جي دل ۾ هڪ نه مٽجندڙ ۽ نه وسرندڙ تصور چٽي ڇڏيندو هو. وزيٽرس جڏهن بگين ۾ چڙهي موهن جي دڙي تي ويندا هئا جيڪو ڏوڪريءَ کان 8 ميل کن اوڀر طرف ۾ واقع آهي ته موريل کي به پاڻ سان گڏ دڙي تي وٺي ويندا هئا.
موريل هڪ قسم جي لائبريري ۽ ادارو هو. علم ۽ ادب جي کاڻ هو. تاريخ جو حافظ هو. سندس سمورو گذر معاش ڳنڍ ٽوپي تي هوندو هو. يعني ڏوڪري شهر ۾ بوٽ پالش ڪندو هو ۽ ڇنل جوتن کي ٽاڪا هڻندو هو. سندس روزگار جو اهو ئي واحد ذريعو هو. شام جو ڳوٺ ويندو هو ته روز جي کاڌي پيتي جو سودو سامان وٺيون ويندو هو. گوڏن کان ٿورو هيٺ تائين سادي گوڏ، يا ڪڏهن ڪڏهن ٽڻن کان مٿي سوڙهن پاچن واري بافتي جي سلوار، قميص جون ٻانهون ٺونٺن تائين ڦاٽل. پاسن کان ڪڇن تائين بکيا اڊڙيل هوندا هئس. پيرن ۾ رٻڙ جي چپل، سو به هڪڙو پادر هڪڙي جو ته ٻيو پادر ٻئي چپل جو هوندو هئس. آهستي آهستي، ڌيري ڌيري، سوچي سمجهي، تڪي توري ڳالهائڻ وارو موريل، پراون پراڻن بوٽن تان مٽي رهڙيندڙ موريل، ڪير يقين ڪندو ته هي ايڏو مهان ۽ عظيم انسان آهي. سندس سيني ۾ علم ۽ دانش جو ڪيڏو مها ساگر سمايل آهي. ڪير يقين ڪندو ته هي بلند پايي جو ممتاز شاعر آهي. ڪير يقين ڪندو ته جيڪو روزانو کنڊ جو پاءُ، چانهه جو پتو، اٽي جا ٻه سير وٺي پٺيءَ تي رکيون پنڌ پيو ٿو دف دف ڪيون جاٺا هڻندو پکين ۽ وڻن سان ڳالهيون ڪندو ڳوٺ وڃي، سو ڪو ايڏو سالڪ، ڏاهو ۽ سپورنجهه انسان هوندو. موريل برابر مکڻ جيان صاف، شفاف ۽ نرم دل انسان هو. سندس دل ۾ هڪ وسيع ڪائنات هئي. هن جي سوچ هر قسم جي مت ڀيد ۽ محدود دائرن کان تمام مٿانهين هئي، جنھن ۾ ڪابه سرحد ۽ حدبندي ڪانه هئي. جتي ڪوبه رسمي ۽ روايتي حدن جو دنگ دڙو ڪونه هو. موريل، صوفي منش، اهل دل، وسيع نظر، کاهوڙي ۽ جاکوڙي انسان هو. تتل ڌرتيءَ تي کليل آسمان هيٺان فقط مٿان مٿي ڇانوَ لاءِ ٻن سنهين ڪاٺين تي لٽو ٽنگي ڇڏيندو هو. ان لٽي ڇانوَ هيٺان اوزارن جي پيتي رکي ويهي بوٽ پالش ۽ ڳنڍ ٽوپي جو ڪم ڪندو هو. پر ڪنھن کي ڪھڙي خبر ته ان اٺ فوٽ ٽنگيل ڪپڙي جي هيٺان فقط موريل نه بلڪ هڪ علم جو ادارو قائم ٿيل هو. جتان علم ادب ۽ شعور جون لوليون ملنديون هيون، جهوليون ڀربيون هيون. موريل جي چؤگرد ماڻهن جو ميڙو متو پيو هوندو هو. سڀ لکيا پڙهيا اديب، شاعر، سماجي ورڪر، استاد ۽ ليکڪ هوندا هئا. موريل بوٽ به ويٺو ڳنڍيندو هو ۽ ساڻن ڪچهري به ويٺو ڪندو هو. موريل تمام گهڻن شاگردن کي مفت ۾ روزانو ٻه ڪلاڪ پنھنجو روزگار سيڙائي انگريزي سبجيڪٽ جي ٽيوشن پڙهائيندو هو. انهن کان ڪنهن به طرح سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح ڪوبه اجورو ڪونه وٺندو هو، بلڪ کين چانهه به پنھنجي گهران پياريندو هو. نه فقط ايترو پر غريب شاگردن کي ڪتاب به پنھنجي گهران وٺي ڏيندو هو ۽ سندن فيون به پاڻ پنھنجي گهران ادا ڪندو هو.
هڪ ڀيري مون کانئس پڇيو هو ته ”موريل! تون پنھنجي شاعريءَ جو مجموعو ڇونه ٿو ڇپرائين؟ تنھن تي هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو هو ته، ”سرور منھنجي روح کي ڏنڀ نه ڏي، اها شاعري، شايد مون اڏوهيءَ جي کائڻ لاءِ لکي آهي.“
موريل جا اهي لفظ سمجهه ۾ اچڻ جھڙا هئا. اهو سوال ڪري مون تمام گهڻو پڇتايو. اهي لفظ ٻئي ڪنهن کي چهنڊڙيون پائن يا نه، پر مون کي هميشه جهوريندا ۽ ڏنگيندا رهندا آهن. اڄ موريل اسان وٽ موجود نه آهي، بلڪ سندس انساني خدمتون، علمي ۽ ادبي خدمتون، محبتون ۽ ڪردار اسان جي دلين ۾، اسان جي روح ۾ رچي ويل آهي. اهڙي حقيقت نگاري ۽ منظرڪشي ڪندي لاکيڻو لطيف فرمائي ٿو ته:
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
جيئن ته غلام حسين عرف موريل زهراڻي (جت) بلند پايي جو برک شاعر به هو، تنھنڪري سندس شاعريءَ مان (جيڪا مون سندس نوجوان اديب پٽن ناصر زهراڻي ۽ رشيد زهراڻيءَ کان حاصل ڪئي نموني طور ڪجهه صنفون پيش ڪريان ٿو ته جيئن سندس شعر جي بلندي ۽ شاعرانه پرواز جي پروڙ پئجي سگهي.

[b]وڇوڙي جو گيت:
[/b]اديون پنھنجي اباڻن جي وڇوڙي آءٌ آهيان ماري،
وسن ٿا نير نيڻن مان اکين مان آب آ جاري.
ڏسي گهر خالي اڄ تن جا، چو ان ٿي هيئن ڀري سڏڪا،
اچن موٽي اهي سانگي ته ٿيان، مان تن تان ٻلهاري.
منھنجو هي پران پريمي آ، تنين جي پريم پوتر سان،
الله کي عرض آ منھنجو، ملائيندو اهي باري.
غلام حسين زهراڻيءَ جي هڪ ڊگهي نظم مان ورتل ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا.
اهي خلق جي ڪن پيا دستگيري،
فقيريءَ ۾ پنهان انهن جي اميري،
انهن کي ملي آ خدا جي وزيري،
هلائن ويچارا نه شيخي نه پيري،
رسالت امامت جا ڳڻ يار ڳائن،
اڏي ڌار مئخانه پنھنجا وسائن،
نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن.
مرڻ کان اڳي يار هي ويا مري،
مري هن دنيا ۾ ٿيا جيئرا وري،
ٻيائيءَ جي باقي نه جن وٽ ذري،
انهن کان ويو موت هِتِ هُتِ ٽري،
مئي جيري زنده ٿي ديرا ڄمائن،
نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن.
انهن لاشعوريءَ کان ورتو شعور،
ڪيائون تڪبر تڙي دور دور،
بڻيا انس خالق جي حاضر حضور،
سدائين سکيا ٿيا لڌائون سرور،
نٿا نرڳ ۽ سرڳ کي ڪجهه هو ڀانئن،
نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن.
*
نه هڪ دم ٿا دنيا ۾ غافل رهن،
سدا خيال سان خيال پنهنجو ڳنڍن،
ڳجها راز سيني ۾ سانڍيو وتن،
اهو حال احوال آهي سندن،
ڪڏهن دم ٿا منصور وارا لڳائن،
نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنهن کي ستائن.
سماجي ۽ معاشي نا انصافين ۽ عدم توازن جي منظرنگاري ۽ نشاندهي ڪندي نهايت بيبياڪيءَ سان زهراڻي چوي ٿو ته:
افسوس اي زمانه، افسوس اي زمانه،
تو ۾ عدم ٿا ڏسجن انصاف منصفانه.
هتڙي حبش ۾ انسان بک ۾ مري ويا لک،
يورپ ۾ پر فھد01 جا کليل هئا خزانه.
ڪنڊن جا تاج پائي پهتا صليب تائين،
انسانيت جا حامي تِرُ پوئتي هٽيا نه.
ساقي رهيو نه باقي ساغر ٿيو پرزه پرزه،
مئخوار ڀي هليا ويا خالي ڇڏي مئخانه.
زهراڻيءَ کي ڀي تومان هڪ ڏينهن هلڻو پوندو،
مرقد ۾ ٿيندو خفتھ پنهنجا ڇڏي ٺِڪانه.
*
امراء جي هٿن ۾ غربا جي غربت ٿي وڪامي حيرت آ،
ايمان وڪامي دولت تي، عزت ٿي وڪامي حيرت آ.
جِت جنهن جي ڪمائيءَ تي ٿا پلن سرمائيدار وڏيرا سڀ،
اتي هاريءَ ۽ مزدور جي ڇو محنت ٿي وڪامي حيرت آ.
”زهراڻي“ ٿي انصاف ختم ويو آهي اٿس بس پويون دم،
راشيءَ جي اڳيان سچارن جي اهميت ٿي وڪامي حيرت آ.
*
ڌن وارا عياش ٿيا، نرڌن جو خدا حافظ،
چورن جي وڌي عزت، ڀاڳين جو خدا حافظ،
ڪري گرگ ٿو جذباتي، ڌڻ واهي بڻيو سوئي،
اهڙا جي ڌنار آهن، ٻڪرين جو خدا حافظ.
”زهراڻي“ سچارن کي اڄ ڪونه ٿو ليکي ڪو،
ڪوڙن کي ملي اهميت، سچن جو خدا حافظ.
بلبل جي روپ ۾ شاعر جي فرياد:
صياد، بلبل جي چمن ۾ هت اڏيو آ دام ٻڌ،
لاچار بلبل ٿي قـفس ۾ ڪري ماتام ٻڌ،
رحم ڪو مون تي ڪريو، هيڏي اچو، هيڏي اچو،
باغبان مون کي ڏسو، هيڏي اچو، هيڏي اچو.
مان قفس ۾ آهيان، منھنجا وري ٿو پَرَ ڪپي،
بيرحم ظالم پيو بيداد مون سان هيئن ڪري،
مون سان هيءَ ويڌن آ ليڪن ڪونه هو ڪوئي ڪُڇي،
مونکي هو نالان ڏسي ۽ خوب خوشتر ٿو ٿئي.
رحم ڪو مون تي ڪريو، هيڏي اچو هيڏي اچو.
ڇو ڀلا منھنجي صدا اڄ بي اثر بڻجي وئي،
فرياد منھنجي اڻ ٻڌي ٿي درگذر بڻجي وئي،
زندگي مون لاءِ صفا هاڻي زهر بڻجي وئي،
طائر اهل چمن بي بال وَ پَرَ بڻجي وئي،
قيد منھنجي مان سبق سو سکو، هيڏي اچو.
رحم ڪو مون تي ڪريو، هيڏي اچو هيڏي اچو.
*
محبت ۾ هزارين غم سهان ٿو،
مگر چپ چاپ ٿي چپ ۾ رهان ٿو.
ڪيم سڀ ڪجهه کڻي تنھنجي حوالي،
بچيو سر ساهه آ، سو ڀي ڏيان ٿو،
پڙهيم انگريزي، عربي ۽ فارسي اڳ،
سبق سورن جا اڄ توکان سکان ٿو.
موريل، موهن جي دڙي جي تھذيب ۽ تمدن، سماجي ۽ معاشي حالتن، تاريخي تسلسل سان هڪ تمام ڊگهو نظم لکيو. هُن هِن نظم ۾ ڄڻ هزارها سالن جي تاريخ کي قلمبند ڪيو آهي. هن نظم ۾ سنڌ، هند ۽ دنيا جي تاريخن جا حوالا ڏنا ويا آهن. ان نظم مان نموني طور چند سِٽون پيش ڪجن ٿيون.
هن دنيا دورنگيءَ ۾ عجب ٿئي اسرار،
ودوان سڀ ڳالهه جو قادر آ ڪرتار،
پوءِ پرٿويءَ تي پرڀوءَ جا آيا هن اوتار،
نالا گهڻن جا ياد نه ٿم، نڪو سندن شمار،
ويدن جي ودوانن کان هيءَ ٻڌم وستار،
ته ”موهن جو دڙو“ ملڪ هو سهڻو منجهه سنسار،
بيل گاڏيءَ تي بار کڻندا هئا، وڏا وزندار،
قوم دراوڙ هن ۾ آباد هئي اظھار،
ڪول، ڀيل، سنٿال پڻ هئا هتي يار،
هيون وارث ملڪ جون مٿيون قومون چار،
اتھاس پراچين جي پَتا ڏنا هي پار،
هتي ڪاريگر ماهر هئا محنتي هوشيار،
سڀيتا سندن جا اڄ ڀي ملن ٿا آثار،
ڊکڻ، سونارا، لوهر قابل هئا ڪنڀار،
ڪوري، رازا، موچي، چمڙيءَ وارا چمار،
راجا هو، راڻيون هيون، هئا راجڪمار،
هتي ملي مھراج جي لوڪ سڀا درٻار،
راجا پرجا جو پاڻ ۾ پريت، گهڻو هو پيار،
هتي اڌيرج هو ملڪ تاجدار،
ٻيا راجا گهڻا هئا هِن جا باجگذار،
هتي سوم ٻوٽيءَ جو پڻ ڪيو اٿن اذڪار،
سوم رس پيئندا هئا واسطي خمار،
جيئن موالي اڄ ٿا مڌ مٿي ڪن مار،
ڀُونءِ ڀلي آباد هئي گل ڦل سان گلزار،
ڪپهه، چانور، ڪڻڪ ۽ جام تِرَ جُوار،
بندر هو مهراڻ جو ڪنڌيءَ ساڻ ڪنار،
ايندا ويندا جھاز هِتي ۽ هُن پار،
سنڌي ڪندا هئا ڏيساور ڏور وڃي واپار،
انڊونيشيا، جاوا، سوماترا، زنجبار،
جپان چين کان وٺي ڪابل تائين قنڌار،
بلخ بخارا بابل ۾ ٿي ڪيائون ڪاروبار،
عراق، مصر، آفريڪا جي ڀي هئن خبرچار،
اڃا ان کان اڳتي ويندا هئا هُن پار،
ليومينا کنڊ هن ڌرتيءَ تي هڪڙو هئو ڌار،
پوءِ ٻڏي ويو غرق ٿي پيهي منجهه پاتار،
ڇهه ڪروڙ ماڻهن جا هئا منجهس گهرٻار،
مڊگاسڪر مالديپ سندس باقي بچيا آثار،
ڀاشا موهن دڙي جي اڃان زير ويچار،
لپي انهن جي لکڻيءَ جا آهن مهرن تي اچار،
ڪي محقق تاريخ ۾ هي ٿا لکن قول قرار،
آشوري، ڪلداني، ساساني بسيار،
آريا پڻ هتان لڏي ويا هئا اتر پار،
پوءِ موٽيا دڪشڻ ڏي ٻيو دفعو ٻيهار،
ميرو پربت اڄ جتي برف جا انبار،
ايڪسي موز انهن جو اتي نسل ٿي نروار،
هاڻي روس آمريڪا جو اتي اقتدار،
ڳاڙها هندي ڀي ويا هتائون هُن پار،
”زهراڻي“ جيڪو لکيو آ سڀ ڪتابن جي آڌار.

[b]سرور منگي
[/b]**