ڀٽائيءَ جو ڀڀوتي ڪردار: سائين موريل زهراڻي جي شاعريءَ تي هڪ نظر
”ڳنڍن سارو ڏينھن، ڇنڻ مُور نه سکيا.“
اهو ڀٽائيءَ جو ڀڀوتي ڪردارن جھڙو شخص سائين موريل زُهراڻي ئي هئو جنھن لاءِ بعد ۾ خبر پئي ته چچريل آڱرين جي ڪھاڻيءَ جو مکيه ڪردار اهو ئي انسان آهي جنھن جي چوڌاري ماڻهو ايئن سلام ڀري اچي ويھندا هئا جو هُن جي ڪلام ۽ سلام کي مٺائيءَ کان به وڌيڪ مٺو سمجهندا هئا. ڄڻ ڀٽائي هُنن کي سمجهايو هجي ته:
”سُڪوت ئي سلام، پريان سندي پار جو.“
پنھنجي سڀاءَ ۽ روين ۾ ماکيءَ جھڙو مٺڙو ماڻهو سائين موريل زهراڻي جڏهن ڳالھائيندو هو ته ڀٽائي جي صديون اڳ چيل اُها ڳالهه ياد اچي ويندي هئي ته :
پاڙي ويڄ هئام، سي مون مُور نه پُڇيا،
تيلاهين پيام، موريسر اکين ۾.
لوهي آرَ ۽ سُٽَ جي ڌاڳي سان ڳنڍ ٽوپ ڪري پنھنجي گهر جو چرخو هلائيندڙ هي ڪردار تاريخ جي انھن گمنام قومي ڪردارن منجهان آهي جن سنڌ ملڪ جي مستقبل کي روشن ڪرڻ جي لاءِ وڏا جتن ڪيا. ظاهر ۾ ته سائين موريل زهراڻي لوهي آرَ ۽ سُٽَ جي ڌاڳي سان ڳنڍ ٽوپ جو ڪم ڪندو هو پر پنھنجي علم ۽ دانائيءَ ڀريل گفتن ۽ ڳالھين سان ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن جي آبياري ڪندو رهندو هو. هُن وٽ سنڌ وطن ۽ سنڌي قوم جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا خواب هئا. هو سچو پچو سنڌ پرست انسان هو. هُن وٽ اول ۽ آخر سنڌ جي آزاديءَ جو ئي نظريو هو. تڏهن ئي ته پنھنجي هر گفتگو ۽ شاعريءَ ۾ سنڌ کي ڳايو اٿائين. پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ واضع چيو اٿائين ته:
توکي ڇا ادا گهرجي، مونکي ڇا ادا گهرجي،
آزاد وطن پنھنجو، سنڌ پنھنجي جُدا گهرجي.
سائين موريل زهراڻيءَ جي ذاتي زندگي ڏاڍي ڏُکي گذري هئي. هُن کي سورن ئي پاليو هو، سُک هُن جي پُکي ۾ نه پيا هئا، پورن هن کي پاليو هو. هُن جو تنُ ليڙون ليڙون ۽ پُرزا پُرزا ٿيل هو. سڄي عمر مسڪيني ۽ مفلسي حال ۾ گذري پر ڪڏهن به پنھنجي انفرادي ڏُکن ۽ اهنجن کي اجتماعي قدرن کان مٿاهون نه سمجهيو. هن جو مَنُ سدائين خوش ۽ آباد رهيو. هُن جي ذاتي زندگي ڀلي غريبي حال ۾ گذري پر پاڻ سڄي عمر سنڌ وطن جي آزاديءَ ۽ خوشحالي جا خواب اکين ۾ ٽانڪي خودداريءَ ۽ فڪري اُڏار سان پنھنجن نظرين تي بيٺو رهيو، جيئن سندس جو شعر آهي ته:
غيرت جي تقاضا آ، غيور جي دل اندر،
لوئي، ٽوپي ۽ پٽڪي جو بچاءُ گهرجي.
اڄ جڏهن تقريبن پنجويھن سالن کانپوءِ مونکي سندس شاعريءَ پڙهڻ جو موقعو مليو، تڏهن هُن جي شاعري پڙهندي اهو احساس ٿيو ته واقعي به ماڻڪ موتي لعل ڪڏهن به ضايع نه ٿيندا آهن. ڀلي انھن کي صديون گُذري وڃن پر جڏهن به ڪي جوهري ۽ ڪيمياگر انھن جي مٿان مٽيءَ جي پيل تھه ۽ دز صاف ڪندا ته اُهي نکري نروار ٿيندا. سائين موريل زهراڻيءَ جي شاعريءَ ۾ پڻ اهڙا بي بھا امُلهه موتي جڙيا پيا آهن. سندس جي شاعريءَ ۾ انفرادي دردن کان وٺي اجتماعي ڏُکن ۽ سُورن جو اظھار ٿيل آهي. سنڌ وطن جي عام لوڪن کان ويندي عالمي سطح جي شخصيت ۽ واقعن جو پڻ سندس شاعريءَ ۾ اولڙو پسي سگهجي ٿو. اُها ڪيڏي نه حيرت جھڙي ڳالهه آهي جو جڏهن سنڌ ۾ اسڪول ۽ مدرسا ڪوهن جي پنڌن تي هوندا هئا. پڙهيل پُرجهيل ماڻهون ناياب جنس هوندا هئا تڏهن ڏوڪري تعلقي جي پراڻي ناري ۽ دادو ڪئنال جي ٻيڪڙ ۾ ڳوٺ ڏنو واهڻ جو رهواسي سائين موريل زهراڻيءَ ان وقت به سنڌي، سرائڪي، عربي، پارسي ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ مھارت رکندو هو. دنيا جي مختلف فلسفن، نظرين ۽ فڪرن کان واقف هو. جنھن جو اظھار پنھنجي هڪ غزل ۾ پڻ هيئن ڪيو اٿائين ته:
پڙهيم انگريزي، عربي، فارسي اڳ،
سبق سُورن تنھنجن جا اڄ سکان ٿو،
ٻي لکپڙهه کان ڪيو آزاد مولا،
غزل ۽ گيت بس تو لئي لکان ٿو.
انھن ٻولين تي سندس دسترس، مھارت ۽ شاعريءَ جي تخليقي سگهه پڻ اُن منجهان لڳائي سگهجي ٿي ته سندس شاعريءَ ۾ جابجا اهڙا اُهڃاڻ ملن ٿا جنھن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڻ وقت جا وڏا عالم، اهلِ دل، صوفي ۽ ٻولين جا ماهر هئا. سماج اندر نام نھاد منصفن ۽ مسيحائن جي ظلمن جي نشاندهي انگريزي ٻوليءَ جي مُحاورن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌي غزل جو لباس پارائي اهڙي ته فني بناوت بيھاري اٿائين جو اُن کي پڙهندي دل مان واهه واهه نڪريو وڃي:
دس از ٽريو وٽنس اپان يو جج صاحب چئي،
غريبن کي سزا لڳايون ويٺو رههُ.
دي پيشنٽ از ويري ويري سيريس،
ڏوڪڙن لئه مريضن جي، دل دهلايون ويٺو رَههُ.
عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ سندس غزل پڙهڻ کانپوءِ سائين موريل زهراڻيءَ جي علم ۽ شخصيت جي رُخن جي ڪائي ڪٿ نٿي ڪري سگهجي. هو بحرِ بيڪران وانگر هميشه پنھنجي نظرين ۽ خيالن جون ڇوليون هڻندو رهندو هو. هُن جي شاعري ۾ فڪري اُڏار سان گڏ ٻوليءَ جي رواني ۽ فني جڙاوت پڻ پڪي نظر اچي ٿي، فارسي ٻوليءَ ۾ چيل هڪ غزل جون هي سِٽون مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿيون ته :
بارِ الاهي ديارِ بزرگانم، راز غير آزاد بکن،
دشمنانِ کشدر سندهيان، را برباد بکن.
زهراني جان نثار باش بم ميهن خويش،
در تاريخ رفتگان را ياد بکن.
هو صوفي لاڪوفي هو، عشق کي پنھنجو هادي ۽ امام ڪري ٿو مڃي، عشق کي ئي سجدو ۽ سلام ٿو ڪري، ۽ ان کان به وڏي ڳالهه اُها ته اُن عشق جي امامت ۽ عشق جي دنيا جي گاديءَ جو هنڌ، سنڌ کي ئي سڏي ٿو. سندس جي غزل جون سِٽون پڙهو ته:
عشق منھنجو آهي هادي، عشق آ منھنجو امام،
عشق کي سجدو سلام، عشق کي سجدو سلام.
عشق جي شاهيءَ ۾ آزاديءَ جو آهي احترام،
عشق جي دنيا جي گاديءَ جو آ سنڌ دارالسلام.
دنيا جي عظيم شاعر ڀٽائي گهوٽ کي پنھنجي لفظن ۾ خراج پيش ڪندي چوي ٿو ته:
شاعرن جا سرتاج وس سنڌ جا حامي لطيف،
شاعريءَ تنھنجي جا شيدائي سچل سامي لطيف،
شاعري تنھنجي ٻُڌي ۽ دنگ ٿا رهجي وڃن،
خسرو، فردوسي، سعدي، حافظ و جامي لطيف.
سائين موريل زهراڻيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي ثقافت جا عڪس، سچل جون سرمستيون، هوشوءَ جو هڪلون، هيمون جون هوڏيون ۽ هٺلايون، دودي جون دليريون، مخدوم بلاول، شاهه عنايت شھيد ۽ دريا خان جون قربانيون، مھراڻ جون موجون، ڪاڇي ۽ ڪڇُ جا منظر، ڪيچ مڪران ۽ وندر جي واٽ جا پنڌ نمايان نظر ايندا، موهن جو دڙو جي تاريخ پنھنجي شاعراڻي ڏات ۽ ڏانوَ جي بنياد تي منظوم ڪئي اٿائين جنھن جو ڪجهه ٽڪرو مثال طور ڏجي ٿو ته:
هن دنيا دورنگيءَ ۾ عجب ٿئي اسرار،
ودوان سڀ ڳالهه جو قادر آ ڪرتار،
پوءِ پرٿوي تي پرڀوءَ جا آيا هن اوتار،
نالا گهڻن جا ياد نه ٿم، نه ڪو سندن شُمار،
ويدن جي ودوانن کان هيءُ ٻُڌم وستار،
ته ”موهن جو دڙو“ ملڪ هو سھڻو منجهه سنسار،
بيل گاڏيءَ تي بار کڻندا هئا وڏا وزندار.
سائين موريل زهراڻيءَ جي شاعريءَ ۾ عالمي دنيا جي مفڪرن، عالمن، انھن جي فڪرن ۽ نظرين، اهم اسلامي واقعن، جائين، مُلڪن جي حڪمرانن کانسواءِ دنيا ۾ مختلف مُلڪن اندر پيدا ٿيندڙ سياسي اُٿل پُٿل ۽ قومي هلچل جو ذڪر اهڙي ته خوبصورت انداز ۾ آيل آهي جو شاعري پڙهندي ائين محسوس ٿيندو ته ڄڻ انھن واقعن ۽ قصن جا عڪس ذهن تي نقش ٿيندا پيا وڃن. انھيءَ منجهان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سائين موريل زهراڻيءَ جي عالمي سياسي سوجهه ٻوجهه ڪيتري وسيع آهي، جيئن هي ڊگهو غزل پڙهڻ کان پوءِ خبر پئجي ٿي وڃي ته هُن جو مطالعو ڪيترو وسيع آهي:
اڄ عالم فقر ۾ همٿ فقير ڪر،
سُڃ ڀينگ جي ڪشور ۾ نزهت فقير ڪر.
موجوده دور ۾ دنيا جا سڀ کان وڏا ۽ اهم مسئلا امن امان، عدل انصاف ۽ خوراڪ جي قلت ۽ گهٽتائي آهن، انھن کي بيباڪيءَ سان پنھنجي شاعريءَ ۾ اظھاريندي سعودي بادشاهه فھد سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته:
افسوس اي زمانا، افسوس اي زمانا،
تو ۾ عدم ٿا ڏسجن او صاف منصفانا،
هتڙي حبش ۾ انسان بُک ۾ مري ويا لک،
يورپ ۾ پر فھد جا کُليل هئا خزانا.
ملڪ ۾ عام طور تي ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ هيبتناڪ شڪل اختيار ڪري ويل فوجي آمر ضياءَ جي موت تي لکيل غزل پڙهڻ کانپوءِ محسوس ٿئي ٿو ته سائين موريل زهراڻيءَ جي سياسي نظر هر پيدا ٿيندڙ صورتحال تي پوندي رهي آهي جنھن کي پنھنجي شاعراڻي اک سان عڪس بند ڪندو رهيو آهي:
فنا ٿي ڪيئن مئو ظالم، پڙهو توبھه پڙهو توبھه،
ڏنائين ڪيئن الائي دم، توبهه پڙهو توبهه،
زمين و آسمان وچ ۾ جلايس باهه دوزخ جي،
سڙي ويس ماس هڏ و چمُ، پڙهو توبهه پڙهو توبهه،
زهراڻي زندگيءَ فانيءَ تي ڪھڙو ڀروسو آهي،
نه رهڻو آ هتي دائم، پڙهو توبهه پڙهو توبهه.
مذهبي متڀيد کان مٿاهون ٿي، جيو ۽ جيئڻ ڏيو واري اصول کي پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ اُجاگر ٿو ڪري. سندس هڪ نظم جو بندُ آهي ته:
مسجد مندر ڪليسا ڇڏي،
مذاهب جا جايُن کان ويا هو لڏي،
خوديءَ کي ڇڏيائون تڙي ۽ ٿُڏي،
هُجڻ کي هٽايائون ماري گُڏي،
ازل جي اشارن سان رمزون رلائن،
اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن.
انسان جي فڪري اُڏار قربانيءَ واري جذبي، نفي ۽ اثبات واري ڏاڪي کان ٽپي اناالحق واري خيال فنا ٿي وڃن کي هن طرح نظم ۾ بيان ٿو ڪري ته :
انا الحق جي ٻولي ٿا اظھارُ ڪن،
نه ٿا دار کان يار هو عارُ ڪن،
نفيءَ مان ٿا اثبات نروار ڪن،
ڀڄائي ٿا ابليس کي عار ڪن،
جُهڪائي ٿا مَلڪن کي سجدا ڪرائن،
اڏي ڌار مئخانه پنھنجا وسائن،
نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن.
سائين موريل زهراڻيءَ شاعريءَ جي گيت، غزل ۽ نظم کانسواءِ بيت جي صنف تي پڻ پنھنجي طبع آزمائي ڪئي آهي. جنھن ۾ پڻ پاڻ خاصو ڀرجهلو ڪيون بيٺا آهن. سندس بيتن ۾ خيال، فڪر ۽ فني بناوت کانسواءِ ٻوليءَ جو رس چَسُ ۽ روانگي پڻ موجود آهي، جيئن بيت جو هي نمونو پڙهي ڏسو ته :
جڏهن آتم گيان جو گروءَ ڏس ڏنوم،
تڏهن اڪثر اوم جو پاڻ منجهان پڙهيوم،
ثابت ٿيو سريمان ٺر اڪار لڌوم،
پرڀوءَ جو پاڻ مان پتو دوست پيوم
اندر اڌيراج جو سٿا ساڻ ڏٺوم
ڪُل مان جُزو جز جو جاني جان جُڙيوم
اڪالي اديسي کي اندر لول لوڪ ڏٺوم،
ظاهر ذوق ڪيوم ’زهراڻي‘ جي ذات کي.
سائين موريل زهراڻيءَ سڄي عمر جنھن فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ جي لاءِ جيڪي جتن ڪيا اڄ اُهي ڪنھن حد تائين نتيجه خيز ثابت ٿيا آهن. سندس جي تعليم ۽ تربيت جو ئي اهو نتيجو آهي ته سندس جي اولاد هُن جي علم ۽ عمل واري ڇڏيل لاٽ هٿ ۾ کڻي هن سنڌ وطن جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جي راهه جا راهي آهن. سندس ئي علم جي ٻاريل لاٽ مان دُکندڙ اُهي چڻنگون ناصر زهراڻي، رشيد زهراڻي ۽ دولھه دريا خان زهراڻي غلاميءَ جي راهُن ۾ هلندڙ راهگيرن لاءِ روشنيءَ جا اُهي ترورا ثابت ٿيندا جن کي نظر ۾ رکي هڪ نه هڪ ڏينھن اها منزل ماڻجبي جنھن جو اظھار سائين موريل زهراڻي پنھنجي هڪ بيت ۾ ڪيو آهي ته:
ورائي وٺنداسون سنڌڙي ڏاڏاڻو هي ڏيھه،
سنڌو ديش ٿيڻو آ، سنڌين جو ساڻيھه.
[b]هِدِنُ جيسر
[/b]منھن ماروئڙن جا
بچل واهڻ، تعلقو باقراڻي
9- ڊسمبر 2013ع
ضلعو لاڙڪاڻو.