ڀنل مِٽيءَ جي مهڪ جهڙو: چـاچـا مـوريـل زهـراڻي
پرڏيھه مان جڏهن سياح مـُھين جو دڙو گهمڻ ايندا هئا ته سندن گائيڊ کين چاچا موريل زهراڻيءَ سان ملائڻ ضروري سمجهندا هئا ۽ هو انھن پرڏيھين کي مُھين جي دڙي ۽ سنڌو سڀيتا جي عظمتن جا معراج ڪرائيندو هو. تڏهن دنيا جي مختلف خطن کان ايندڙ اهي پرڏيھي ڳنڍ ٽوپ ڪندڙ سادڙي ماڻهوءَ واتان روانيءَ سان انگريزي ٻولي ٻڌي دنگ رهجي ويندا هئا. چاچا موريل سنڌ جي تاريخ جا باب ڪپڙي جي تاڪئي وانگر سندن اڳيان کولي رکندو هو.
هو ڀٽائيءَ جي سُر رامڪليءَ جو اهو جوڳي هو، جنھن وٽ ويٺي ڏکندو ڏور ٿيندو هو، تنھنڪري ئي ڦٽ پاٿ تي اڏيل سندس موچڪي دڪان تي گراهڪن کان وڌيڪ سندس سنگتين ساٿين جو ميلو متل هوندو هو، پر-
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيئارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاھ)
اڄ نه بابا رهيو آهي نه چاچا موريل، پر سندس خيالن ۽ گفتن جي خوشبوءِ اڄ به اسان جي حواسن تي ڇانيل آهي. هاڻي جڏهن چاچا موريل جي لائق اولاد دادلي زهراڻي، رشيد زهراڻي ۽ درياءَ خان زهراڻيءَ جي ڪوششن سان ’سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ‘ پاران ”سنڌ پنھنجي جدا گهرجي“ واري عنوان سان چاچا موريل جو هي ڪتاب ڇپجي اوهان جي هٿن تائين آيو آهي ته يقينن اوهان به سندس ويچارن جي اهڙي وڻندڙ سڳنڌ محسوس ڪندا جھڙي مھڪ ڀنل مِٽيءَ ۾ هوندي آهي. ڇو ته چاچا موريل جي سمورين چاهتن، محبتن ۽ وفائن جو مرڪز سنڌ جي سدا ملوڪ ڌرتي ئي آهي، جنھن کي هو پنجوڙن ۾ قيد ڏسڻ نٿو چاهي. پر هو چاهي ٿو ته سندس ماءُ مِٽي آزاد فضائن ۾ ساهه کڻي ۽ سدائين شاد ۽ آباد هجي. هو چوي ٿو ته:
ڌرتي منھنجي سنڌ جي ڌرئون آهي ڌار،
ڪنھن جي طابع ڪين ٿي، سڄي سڀ ڄمار،
دودي، هوشو، بلاول جا اَٿي ڏيھن ۾ ڏهڪار،
دريا خان دولھه، عنايت جھڙا ڪونڌر هت ڪنڌار.
**
ورائي وٺنداسين سنڌڙي نه ڪبي ڇڏ ڇوٽ،
کسي جيڪا اسان کان، کوٽن ڪري کوٽ،
ڦري ويا اسان کي اسلام جي ڏئي اوٽ،
ڀڳوڙن، ڀاڙين آ ڏني اسان کي ٽوٽ،
ڊاهي ڪفر جا ڪوٽ، ورائي وٺنداسين سنڌڙي.
**
ورائي وٺنداسين سنڌڙي ڏاڏاڻو هي ڏيھه،
سنڌو ديش ٺھڻو آ، سنڌين جو ساڻيھه،
ڌڪي ڪڍنداسين ڌارين کي، ڦھڪا ڏئي ڦيھه،
کڻي ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، ڇاتي ڪري ڇيھه،
ڊوهن کي ڏئي ڊنبيھه، ورائي وٺنداسين سنڌڙي.
چاچا موريل زهراڻي پنھنجي شعرن منجهه رڳو ديس جي دردن جي ڳالهه نٿو ڪري پر ٻه قدم اڳتي وڌي ڌرتي ڌڻين کي دنيا جي مختلف قومن جا مثال ڌئي جدوجھد جي دڳ لائي ٿو ۽ کين اتساهي ٿو. هو ويٽنام، چين ۽ ڪوريا جي قومن وانگر اٿي کڙو ٿي ديس مان وحشين جي وحشت ۽ دهشت ختم ڪرڻ ۽ سنڌ دشمنن کي راوڻ وانگر عبرت جو نشان بڻائڻ جو درس ٿو ڏئي. هو پنھنجي شعرن ۾ سنڌ دشمنن کي للڪاري ٿو، سنڌ کي ڪربلا ۽ قبضا گيرن کي وقت جو يزيد قرار ڏئي ٿو:
دورِ يَزيد هوڏانھن ڦِري آيو هِتِ وري،
ڪرب و بلا ٿي سنڌ، حسنيت فقير ڪر.
قومي ڪاز سان گڏ و گڏ چاچي موريل سماجي براين ۽ بڇڙائين خلاف به پنھنجي قلمي جھاد ڪيو آهي، ”ويٺو رهه“ رديف واري غزل ۾ هن قوم ڦري ڪنگال ڪندڙن، ڪاپي ڪلچر، خانگي اسپتالن جي صورت ۾ دڪانداري ڪندڙ مسيحائن، پوليس گردي، تپيدارن جي پرڪارن، رشوت خوري، ڪورٽن ۽ مذهبن جي ٺيڪيدارن جي ڪڌن ڪرتوتن جي اثرائتي پيرائي ۾ نندا ڪئي آهي، هو طبقاتي استحصال جي به تصوير ڪشي ڪري ٿو.
”اَنُ اپايون اسان، ته کائن ٿا وڏيرا ڏس.“
چاچا موريل زهراڻي جي رب، سندس رسول صه ۽ ان جي آلِ جو ذڪر ڪري ٿو، اتي ڀڳوان ۽ رام کي به نه ٿو وساري. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته هن وٽ ڪنھن به قسم جي مذهبي تنگ نظري نه هئي.
جڏهن آتم گيان جو گروءَ ڏس ڏنومِ،
تڏهن اڪشر اوم جو، پاڻ منجهان پڙهيومِ.
چاچا موريل سنڌي ٻوليءَ جو ته وينجهار هيو ئي هيو پر کيس هندي، انگريزي، عربي ۽ فارسي ٻولين تي به دسترس حاصل هئي. هن پنھنجي اندر جي اظھار لاءِ نه رڳو سنڌي شعرن ۾ ٻين ٻولين جا لفظ ڪتب آندا آهن پر ڪيترائي شعر نج فارسي ۽ عربي زبان ۾ به چيا اٿائين، جيڪي هن ڪتاب ۾ شامل آهن.
”سنڌ پنھنجي جدا گهرجي“ نالي وارو هي ڪتاب شاعريءَ جي فني ڪسوٽيءَ تي پرکڻ بدران محبت پائي من ۾ مطالعو ڪرڻ جھڙو آهي.
[b]علي بخش پٺاڻ
[/b]18 ڊسمبر 2013ع
لبِ درياھه
03343513343
**