شاعري

آجپو گهرجي

”آجپو گهرجي“ شاعره خالده سحر سومرو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
ڊاڪٽر بدر سومرو لکي ٿو:
”سحر جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان سنڌ جا چوٽيءَ وارا شاعر به داد ڏيڻ کان رهي نه سگهندا ڇاڪاڻ جو هن سنڌ واسين کي بي بها ادبي ۽ شعوري سوکڙي تحفي ۾ پيش ڪئي آهي.“
Title Cover of book آجپو گهرجي

ادارو

ادارو

سنڌ ڌرتيءَ جي شاعرن ۾ قومي جذبو ڌرتيءَ جي ماروئڙن جو ڏک احساسن، اڌمن زندگيءَ جي هر مسئلي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ قلم جي نوڪ سان قلمبند ڪري انهن ماروئڙن جا احساس ٻين تائين پهچائين ٿا. ڌرتيءَ جي شاعرن ۾ هڪ خوبي اها به آهي جو پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا. شاعر جي نظر مان جيڪو ڪجهه گذري ٿو اهو ئي سڀ جو سڀ شاعر لفظن جي مالها ٺاهي سندر سندر جذبا قوم آڏو آڻي ٿو.
خالدہ ''سحر'' سومرو به انهن شاعرائن ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت بيهاري آهي، جيڪا پنهنجي ٽهيءَ جي قد آور شاعرائن ۾ شمار ٿي سگهندي. خالدہ سحر سومرو جو هي پهريون شعري مجموعو ''آجپو گهرجي'' توهان جي هٿن ۾ آهي ۽ توهان هن ڪتاب کي سٺي نموني سان ضرور پڙهندا ته خالدہ سحر جي
شاعريءَ ۾ توهان کي هن جي فن ۽ فڪر جي پروڙ ٿي ويندي.
هن دور تائين عورت جي حيثيت اسان جي معاشري ۾ ڪهڙي آهي، ان کان توهان ڀليءَ ڀت واقف به آهيو، پوءِ به سنڌ جي عورت ادب ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪندي پئي اچي پوءِ خالدہ سحر سومرو جي هن شعري مجموعي ۾ سڀئي غزل آهن ۽ هر هڪ غزل پڙهڻ جهڙو آهي. قلمڪار پبليڪيشن جو چوٿون ڪتاب آهي جيڪو توهان جي نيڻن جي آڏو آهي.
سال 2009ع کان هن فڪر ۾ هئس ته ڪو ادارو قائم ڪجي جنهن ۾ گڏيل دوستن جي سهڪار سان سلسليوار هر اديب ۽ شاعر جو مواد ڇپائي پڌرو ڪجي، انهيءَ مقصد لاءِ ڪيترن ئي شاعرن اديبن سان ملاقاتون ڪندو رهيس. نيٺ قلمڪار پبليڪيشن جو سٿ منظر عام تي اچي ويو. جنهن ۾ سائين جي ايم رئيساڻي، امتياز شاهاڻي، شيخ نهال جندائي، فياض مسافر بروهي ۽ آءُ شامل آهيون.
قلمڪار پبليڪيشن 2006ع کان ڪم ڪري پيو ۽ سلسليوار شاعر ۽ اديبن جا ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. ان سلسلي جي هڪ ڪڙي هيءَ به آهي. جنهن ۾ خالدہ سحر سومرو جو شعري مجموعو اوهان جي هٿن ۾ آهي ۽ توهان جي راءِ جي انتظار ۾ رهندو.

فقير محمد سنڌي
قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو