امتياز شاهاڻي
جڏهن ڪي احساس ڪر موڙين ٿا، جڏهن خواهشون جنم وٺي حسرتن جو روپ وٺن ٿيون، جڏهن من اندر ۾ ڪي خواب سجن ٿا، جڏهن نيڪ جذبا اڌما کائي ڪجهه چوڻ چاهين ٿا، ٺيڪ تنهن ويل لفظ، شاعريءَ جو روپ ڌاري وٺن ٿا، اهڙن ئي احساسن جو روپ خالده ''سحر'' سومرو جي شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿو.
خالده ''سحر'' پنهنجي شاعريءَ ۾ دل جي ڳالهه ضرور ڪئي آهي پر ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هن جي ڳالهه هر ان دردمند جي ڳالهه آهي، جيڪو ستايل سماج سان واسطو رکي ٿو، سندس شاعريءَ ۾ ڪکائن گهرن جي غريب ماروئڙن جي درد سان ڀريل احساس سمايل آهن. شايد هن غريب ماڻهن جا درد ويجهڙائيءَ کان محسوس ڪيا آهن، تڏهن ته هن طرح اظهار ڪري ٿي:
اڏامڻ ڏي پکين تون کليل پنهنجي فضائن ۾
پکين جي هاڻ پڃرن جا نه ڪر هي بند دروازا
خالده ''سحر'' جو نالو پنهنجي ٽهيءَ جي شاعرن ۾ خاص ڪري عورت
تخليقڪار جي صف ۾ يقينن هڪ الڳ مقام ماڻيندو.
امتياز شاهاڻي
لاڙڪاڻو
14.04.09