شاعري

آجپو گهرجي

”آجپو گهرجي“ شاعره خالده سحر سومرو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
ڊاڪٽر بدر سومرو لکي ٿو:
”سحر جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان سنڌ جا چوٽيءَ وارا شاعر به داد ڏيڻ کان رهي نه سگهندا ڇاڪاڻ جو هن سنڌ واسين کي بي بها ادبي ۽ شعوري سوکڙي تحفي ۾ پيش ڪئي آهي.“
Title Cover of book آجپو گهرجي

لڪي نه ڪجهه ڀي لڪائڻو آ

لڪي نه ڪجهه ڀي لڪائڻو آ
پيغام حق جو پڄائڻو آ

پنهنجي ئي گلشن کي پاڻ پاڻي
ڏئي اوهان لئه بچائڻو آ

بهار بادل سان ڀرجي ايندو
ڏڪار تنهن دم ڀڄائڻو آ

خدا جي قدرت خدا ٿو ڄاڻي
حيات کي بس هلائڻو آ

ڪوئي نه رهندو، هتي هميشه
سفر جو عرصو گذارڻو آ

اوهان اسان کي ڏکائيو ڀل
اسان کي پنهنجو نڀائڻو آ

ورونهن ويرن هٿان هٿئون هٿ
کسيو آ تنهن کي ورائڻو آ

اگر جي منزل مراد آهي
''سحر'' قدم کي وڌائڻو آ