پيش لفظ
فاش گويم آن کہ در دل مضمر است
اين کتابی نیست چیزی دیگر است
الله تعاليٰ انسان جي دماغ ۾ سڀ کان عظيم خزانو عقل جو رکيو آهي انهيءَ عقل کي سلطنت بدن آدم ۾ گويا عدہءِ وزارت حاصل آهي. اهڙي ذهن ۽ ضمير جي صاحبه خالدہ ''سحر'' سومرو به هڪ آهي جنهن پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي روشني وڌي آهي تڏهن ڀي عورت هجڻ جي ڪري آزاد اظهار کي محصور ڪيو آهي ليڪن سونهن سڀيتا ۽ سنڌ جي آجپي ۽ نجات واري فڪر ۽ نظريي سان منسلڪ آهي.
''سحر'' هي سنڌ سورن ۾ اڃان آهي اوهان هوندي
وطن کي آجپو گهرجي ادا نيڪين جي بدلي ۾
''سحر'' دل ڪيترو آخر ڪندس پنهنجي مان قبضي ۾
ڏسي ڏک سنڌ جا توکي سنيها ٿي ڏيڻ چاهيان
''سحر'' هن سنڌ ماتا جي اٿئي پارت ادا توکي
نه هر گز ڪنڌ اي ڪونڌر جهڪائڻ جي نه ڪوشش ڪر
'' سحر'' گهرجي آجپو اڄ سنڌ جو
اٿ اٿي ڪر ڪين ٻي تي ڀروسو
ڪفن ٻڌي اڄ وطن جي خاطر
''سحر'' ٿي نڪتين ثواب آهي
''سحر '' جي آهي تمنا هي ٻڌان !
آجپي لئه سنڌ تي وڙهندي وئين
''سحر'' سنڌ ماتا ڏسي اوهان ڏي
وطن جي غمن کي آهي ڪو مٽائي
ٻچڙن جو ڏسي خون ''سحر'' سنڌ ٿي سڏڪي
هر وقت پنهنجي ماءُ کي ارمان گهڻو آ
''سحر'' سنيها ڏي مارن کي
سنڌ بچايو وڙهندي وڙهندي
''سحر'' سلامت جيجي جيئي !
سنڌ جا ٻيڙا پار ڪجانءِ
سنڌ ''سحر'' آ جنت جهڙي
مٽي واري ناڻو سمجهو
''سحر'' سنڌ پنهنجي ڏکن ۾ رهي ٿي
تڏهن ڀي نه سنڌين جو اتحاد آهي.
''سحر'' جي شاعري سگهاري سرت ۾ سرجيل تازي تواني ۽ نئين نڪور آهي. ''سحر'' وٽ شاعراڻو مواد ڪافي موجود آهي انهيءَ آس سان ته آئيندہ به اهڙيءَ طرح اوهان جي هٿن ۾ ''سحر'' جا سهسين ڪتاب هوندا.!
ابوالقاسم محمد هاشم رئيساڻي
عيد گاهہ محلو، مدئجي