مهاڳ
''سحر'' جي شاعريءَ کي تمام غور و فڪر سان پڙهيو آهي. سندس سمورو شعر علم العروض واري قالب جي ماپ ۾ سمايل آهي ۽ ڪٿي به بحر وزن جي گهٽتائي يا چڪ نظر نه آئي، جنهن ڪري اهو سندس قابليت جو چٽو ثبوت آهي ۽ ساڳي وقت اصلاح ڪندڙ ڏانهن نظر ڪبي ته هن دور جو مايا ناز اصلاح ڪندڙ ۽ نه فقط بحر وزن جو ڄاڻو پر هن ڏس ۾ کيس کي استاد الشعراء چئجي ته ڪو وڌاءُ نه آهي. هي ''سحر'' جو بخت کليو جو اسان جي ''استاد الشعرآءَ'' محترم و مڪرم سائين جي ايم رئيساڻي مدئجويءَ جي مبارڪ هٿن ۾ مواد پهتو.
''سحر'' جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان سنڌ جا چوٽيءَ وارا شاعر به داد ڏيڻ کان رهي نه سگهندا ڇاڪاڻ جو هن سنڌ واسين کي بي بها ادبي ۽ شعوري سوکڙي تحفي ۾ پيش ڪئي آهي ''سحر'' انهن شاعرن ۾ شامل ٿي آهي. هن انسانن کي زبردست شعور ڏنو ۽ اڄ به انهن لاءِ سنڌ تي ناز آهي هلندڙ دور ۾ جيتوڻيڪ عورتن مان شاعري ڪندڙ جو ڳاڻاپو گهٽ واري خال کي ''سحر'' پر ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته عورت جو شاعريءَ جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ تمام مشڪل هوندو آهي، تنهن هوندي به هن سڀني رنڊڪن سان مهاڏو اٽڪائي شاعريءَ واري دنيا ۾ داخل ٿي داد حاصل ڪيو آهي، جنهن لاءِ واقعي ''سحر'' تحسين جي مستحق آهي، جڏهن ته هن جو جنم اهڙي سماج ۾ ٿيو آهي جتي عورت ذات کان ڪڇڻ پڇڻ جا سڀ حق کسيا ويا آهن، اهڙي سماج ۾ بهادر عورت جو پيدا ٿيڻ اسان سنڌي قوم جي لاءِ اعزاز ۽ فخر آهي ''سحر'' جي شاعريءَ ۾ سماجي براين کي عيان ڪرڻ به آهي ته پنهنجي ديس جي جي عظمت کي به ماڻهن جي حال تي ڀال ڪرڻ جو احوال به ڪيو اٿس ته سندن مٿان ٿيندڙ ظلم به نمايان ڪيا آهن انهن کان علاوه ''سحر'' پنهنجي والدين سان بيحد محبت جو اظهار ۽ سهيلين جو پيار هن طرح اظهاريو آهي:
*
اٿم ياد دل سان ابو ۽ امان،
خيالن ۾ سامهون اڱڻ ٿي پسان
*
ڏسان ٿي سهيلين سان گڏجي ويهي، مان سهرا ٿي ڳايان ادي جا گهڻا.
''سحر'' پنهنجي ننڍ پڻ جو اظهار هن ريت ڪيو آهي، پڙهي ته ڏسو!
*
ننڍپڻ جا قصا ڪين وسري سگهيا،
زخم دل جا اڃا ڪين ڀرجي سگهيا.
''سحر'' پاڻ کي غمن کان پري خوش زندگي رهڻ جي به ڳالهه ڪئي آهي:
پاڻ کي تو وٽ وڻائڻ جي ڪجي
ڳالهه ڪائي مسڪرائڻ جي ڪجي
هن پنهنجي شعر ۾ سماج جي اونائين جو دور ڪرڻ به نه وساريو آهي:
عجب دنيا جو هي دور آهي،
ڪميني ماڻهون جو زور آهي.
*
ڪٿي نه آهي شرف، شرافت
ڪمينو هرجاءِ مور آهي.
''سحر'' انسان کي خدا جي خوف ۽ موت کان به آگاهہ ڪري ٿي:
موت کان ڪين ماڻهون بچي ٿو سگهي
موت کي مهربان ٿيندو ناهي ڏٺو
''سحر'' اسلامي فڪر کي ضروري سمجهي اظهاري ٿي:
سڀن جي هتي رهگذر زندگي آ
سافر آ ماڻهون، سفر زندگي آ
'' سحر'' وقت جي حڪومت کي به پرکيو ۽ پروڙيو خوب آهي هن کي خبر آهي ته ''هاٿيءَ کي کائڻ جا ڏند هڪڙا ته ڏيکارڻ جا ٻيا'' پنهنجي حڪمرانن جو به اهڙو حال ظاهر ڪري ٿي:
امن جو اڃان وقت وريو نه آ،
ظلم آهي ظالم ته رهيو نه آ،
*
وطن کي سينگارڻ جا اعلان ٿيا،
اڃا فائدو ڪنهن کي رسيو نه آ
عوام الناس سان جيڪا هت جٺ ٿئي ٿي انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ کان ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي.
ستم ڪش تي ستم ويتر روا ٿيندو ڏٺو آهي،
وري وارو وريو ناهي جفا ٿيندو ڏٺو آهي.
اڃا ''سحر'' چوي ٿي ته ستم ظريفيءَ جي ڪري انسان جو ڪافي نقصان ٿئي ٿو:
انسان هتي پاڻ پريشان گهڻو آ،
هر ڪنهن جو ويو آهي ٿي نقصان گهڻو آ.
'' سحر'' پنهنجي ڌرتيءَ ماتا سان پيار کي شعر ۾ هيئن بيان ڪيو آهي:
مٽي ماتا مٿان صدقي ڪري سر ساهه نڀائي وڃ
ڪري قربان هر سامان ڌرتيءَ کي بچائي وڃ
''سحر'' پنهنجي سنڌ ماتا جي آزاديءَ جو اظهار پڻ هن طرح ڪري ٿي:
آزاد کان اوجهل ماڻهون،
گونگو، ٻوڙو، ڪاڻو سمجهو.
*
سنڌ ''سحر'' آ جنت جهڙي
مٽي، واري، ناڻو سمجهو.
ڊاڪٽر بدرالدين سومرو، مدئجي