ڪھاڻيون

ستين آسمان جا فرشتا

نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار محترم ماڻڪ ڪنگراڻي جي ڪهاڻين جو مجموعو ”ستين آسمان جا فرشتا“ اوهان اڳيان پيش آهي. طارق قريشي لکي ٿو:
”بس ماڻڪ جي تعريف ڪجي ته مختصر طور ائين چئبو ته ماڻڪ ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جو ۽ ڪاڇي جهڙو ئي آهي، (ڪاڇي جي ميدانن جيڏي دِل وارو ماڻهو) پوئتي پيل ۽ نظر انداز ڪيل پرڳڻي وانگر اڪيلو، خاموش ۽ موسمن جي مهربانيءَ تي انحصار ڪندڙ پنهنجي (Instinct) جبلت جي زور تي باقي رهندڙ هي جدوجهد جي علامت!ٻين جي لاءِ آسيس جھڙو.“
Title Cover of book ستين آسمان جا فرشتا

پبلشر جو نوٽ

سنڌي ڪهاڻيءَ کي جهڙيءَ ريت نوان نڪور نانءَ وقت سِر ملن ٿا ان مان چِٽو ٿي پيو آهي ته، هاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي دڳ آڏو جيڪو آيو سو سمجهو ته ڪک پن ٿي ويو....
هڪ وڏي اُٻَساهيءَ مان سنڌي ڪهاڻي نڪتي آهي ۽ هاڻي پاڻيءَ جيان پنهنجا گس گهاڙيٽا پاڻ ٺاهيندي اڳتي وڌندي ۽ انکي ڪير به سولائيءَ سان روڪي رنڊي نٿو سگهي...
نئون نياپو پاران گڏوگڏ ٽي ڪهاڻي ڪتاب پڌرا ڪرڻ تي اسان ته ڄڻ پنهنجو پاڻ کي پيا واڌايون ڏيون ۽ گد گد ٿيون.
ستين آسمان جا فرشتا: ماڻڪ ڪنگراڻي
مان سنڌ گهمڻ نه ويندس: عبدالواحد سومرو
پکين جي ڪا سرحد ناهي هوندي: عباس سارنگ
هڪ پاسي ڪهاڻين جا آبشار ته ٻي پاسي ناولن جي لڳاتار ٿيندڙ ڪڻڪڻ ۽ هاڻي ته ڄڻ ڪو وڏ ڦڙو هجي هڪ کان پوءِ ٻيو ناول به پنهنجي سونهن سندرتا سان عام آڏو اچي رهيو آهي...
۽ هي نوان نڪور ڪهاڻيءَ جا هڪ نه، ٻه به نه پورا ٽي ڪتاب به ته، اوهان جي من جي کليل ميدانن تي ڪبوترن جيا انيڪ رنگ ڇڏيندا...
ڪهاڻين جا ٽيئي ڪتاب نون ڪهاڻيڪارن جا آهن انڪري انهن منجهه ڪهاڻپو به بنهه نئون نڪور ۽ نون پاسن سان ٽٻٽار آهي....
هڪ پاسي سنڌ پرستي، ٻئي پاسي محبوبن جي مُرڪ ته ٽئين پاسي من اندر جي لوچ، لڇ پڇ ۽ ويراڳ...
ائين ٿو لڳي ڄڻ رنگ برنگي ڪپڙن جا ٿانَ هجن جي کلندا ٿا وڃن ۽ اسان بتال انهن جي رنگن، روپن ۽ سروپن جي ڳهر ۾ پاڻ ڇڏيندا ڄڻ محبوب جي ڀاڪر ۾ ڀرندا ٿا وڃون...
ڪتاب پڙهي پنهنجي راءِ کان ڄاڻو ضرور ڪجو...
ڇوجو ائين ڪرڻ سان لکارين کي ساهس سان گڏ اتساهه پڻ ملي ٿو ۽ لکاري نئين نڪور دنيائن جي کوج ۾ لهي ٿا وڃن ۽ جڏهن اچن ٿا ته ساڻن انيڪ ڪٿائون به رنگين پوپٽن جيان سندس چئوڦير ڦيراٽيون ڏينديون اچن ٿيون ۽ نراساين کي ٻلهارپ، سانت کي سُرٻاٽ ۽ ڪونجهائپ کي سندرتا ملي پوي ٿي...

سنڌي انعام