رڻ ۾ رات ٺري
اهڙي ڪاوڙ مون پنهنجي ڳوٺ جي پاڙيسري ڪاڪي ڪوڙي جي اکين ۾ اڪن لاءِ ڏٺي هئي، اڪن اسان جو هم عمر ۽ سهڻو نوجوان هو جنهن جي حسن تي ڳوٺ جي هر نينگري نڇاور ٿيڻ لاءِ تيار هئي. اسان ننڍي لاءِ گڏ راند ڪندا هئاسين، اڪن ڪچي جواني ۾ ڪاڪي ڪوڙي جي ڌيءَ ملوڪي (ملوڪان) سان عشق ڪندوهو، سڱ نه ملڻ جي ڪري هڪ رات اڪن ملوڪي کي گهران وٺي نڪري ويو هو. وڏي جاکوڙ کانپوءِ پوري ڳوٺ وارن گڏجي اڪن ۽ ملوڪي کي ڪچي ڳنڍي واري علائقي مان ٻنهي کي هٿ ڪري ڳوٺ وٺي آيا هئا. وڏي ميڙ منٿ ۽ هٿ جوڙ آزين نيازين کانپوءِ ڪاڪي ڪوڙي اڪن کي معافي ته ڏني هئي پر پنهنجي حياتي ۾ ڪاڪي ڪوڙي جي اکين ۾ اڪن لاءِ نفرت رهي. ۽ مون سان به اهڙي حالت رهي آهي. خاص ڪري آغا صاحب ته ڏمرجي حد تائين ڪاوڙيل هو، مان کاتي ۾ پٽيوالي طور ڀرتي ٿيو هئس ۽ ان نوڪري ملڻ جو مون کي واحد هڪ ئي سبب سمجهه ۾ ايندو هو سو آهي امڙ جون دعائون نه ته مون کي نوڪري ملڻ جو ڪوبه آسرو ڪونه پيو نظر اچي. مون به ته امڙ جي دل سان خدمت ڪئي آهي ماڻهو آهيان غلطي ڪوتاهي ٿي هوندي پر مون کي ياد نه ٿو اچي ته امڙ جي هدايتن ۽ سوچن جي دائري کان ٻاهر بيهي ڪو فيصلو ڪيو هجي، هر وقت امان جي خدمت ۾ رهندو هئس، ايتري تائين مٺي جي عشق ۽ ان سان شادي واري دلي خواهش به مروڙي ڇڏي هئي، امڙ جو هڪڙو جملي مون کي هن سان اڻواقف ڪرايو. ته اڄ کانپوءِ هن گهر ۾ توکي لڙڪندي نه ڏسان تنهنجي لاءِ ٻانهون (ڇوڪريون) کوڙ آهن ڳوٺ ۾ اها آخري ڇوڪري ڪو نه آهي. توکي هن ڇوري ۽ مون مان ڪنهن به هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي. ۽ مون امڙ کي ترجيع ڏني هئي. منهنجي پوسٽ ته پٽيوالي جي هئي، پر ميٽرڪ پاس هئس مٿان وري منهنجي ٽاپنگ اسپيڊ تمام سٺي هئي. اها خصوصيت منهنجي ترقي ۾ ڪم آئي، ٿيو ائين جو اسان وٽ عادل صاحب ڊائريڪٽر طور ڪجهه سال رهيو هو. عادل صاحب جو ننڊو ڀاءُ شهزاد اسان وٽ ڪلرڪ هو. شهزاد يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو. رڳو پگهار کڻڻ واري ٽائيم آفيس ايندو هو. شهزاد سهڻو سيبتو ۽ باادب نوجوان هو. هونئن ته صاحب کانسواءِ باقي سڀ ملازم منهنجا يار هئا. سڄو اسٽاف مون کي ڀائيندو هو سو شهزاد صاحب به منهنجو ڏاڍو سٺو دوست ٿي ويو. هم عمر هجڻ ڪري يونيورسٽي جي ڇوڪرين سان پنهنجي عشقن جا داستان مون کي ٻڌائيندو هو. شهزاد باقي اسٽاف کان اک بچائي مون کي ٻاهر وٺي وڃي چانهه ۽ بسڪوٽ به کارائيندو هو. شهزاد جي طفيلي مان امڙ جي بيماري جو بهانو ڪري هڪ ڀيرو يونيورسٽي به ويو هئس. جڏهن يونيورسٽي جا رنگ ۽ شاگرد لائيف جا لطف ۽ جواني جي اصل معنيٰ مفهوم ۽ ارڏايون منهنجي سامهون آيو ته شديد قسم جو محرومي وارو احساس ٿيو هو پنهنجي غربت ۽ بيوسي جو ان لمحي سموريون محروميون ڪر موڙي جاڳي پيون هيون ۽ اندر ۾ هڪڙي عجيب بي چيني جو لائو ٻري پيو هو. تڏهن پنهنجي پيءُ جي فوت ٿيڻ وارو درد بلڪه غربت جي احساس جو درد دل ۾ ڪنهن نوڪدار ڪاتي جيئن چڀڻ لڳو هو. ٻا ٻري ڪنڊو هانو ۾ کپي ويو هيم. يونيورسٽي کان موٽڻ کانپوءِ منهنجي اندر ۾ هڪ انقلابي تبديلي برپا ٿي هئي ۽ پوءِ شهزاد جي صلاح سان انگريزي سڌارڻ ۾ لڳي ويس، گڏوگڏ استاد رحيم بخش جي مهرباني سان موڪل کانپوءِ روزانو ڪلاڪ کن ٽائپنگ جي پريڪٽس به ڪرڻ لڳس. رحيم بخش اسان جي آفيس ۾ هيڊڪلرڪ آهي، جنهن پنهنجي بااثر ماتحت شهزاد جي چوڻ تي مون کي پريڪٽس جي اجازت ان شرط تي ڏني هئي ته اگر ڪو مسئلو ٿيو يا ڪنهن به قسم جي هيٺ مٿاهين ٿي ته ان کي کي فيس شهزاد ڪندو ۽ ذميوار مان پاڻ هوندس جنهن تي راضي ٿيو پوءِ ته رات ڏينهن هڪ ڪري انگريزي به سڌاريم ته ٽائيپنگ اسپيڊ به ٺاهيم. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو آغا صاحب انگريزي جو ٽائپنگ وارو ڪم مون کي ڏيندو هو، جڏهن به آغا صاحب مون کي ٽائپنگ جو ڪم ڏيندو هو.تڏهن منهنجي باقي اسٽاف تي اک ئي ڪونه ٻڏندي هئي. هرڪو مون کان پاسو ڪري گذرندو هو. ٿوري عرصي کانپوءِ آغا صاحب مون کي ڪلرڪي ڪرڻ لاءِ چيو، اهو ڏينهن ۽ اڄوڪي ڏينهن ڪم ڪلرڪي جو ۽ پگهار پٽيوالي واري کڻندو آهيان. پٽيوالي هجڻ باوجود ڪلرڪي جو ڪم ڪندي مان ڏاڍو خوش ۽ مطمئن هوندو هئس، بلڪه پنهنجي وڏي ڪاميابي سمجهندو هئس. تڏهن کان شهزاد جي بي انتها عزت ۽ استاد رحيم بخش کي پيار ۽ عزت مان استاد سڏڻ لڳو هئس. منهنجي اهڙي ڪاميابي تي اسٽاف مان ڪنهن کي به خوشي ڪون ٿي هئي. هڪ اڌ ڄڻي ته روبرو چئي ڏنو هو ته ڀائو اها تنهنجي صلاحيت نه هٿن تي لڳل مکڻ جو ڪمال آهي ۽ مان اهو مکڻ سترنهن سالن کان ڳوليندو پيو اچان، جيڪو مون کي اڃا سودو هٿ نه آيو آهي. جنهن جي استعمال سان مان به ڪنهن بالا آفيسر جي گڊ بڪ ۾ اچي سگهان، منهنجي اهڙي ڪاميابي تي امان ۽ مٺي تمام گهڻيون خوش ٿيون هيون، امان کي ته خوش ٿيڻ به گهرجي جو هن جي پٽيوالي پٽ کي ڪلرڪي جهڙي ۽ اهم ٽيبل ملي هئي، پٽ جي اهڙي ڪاميابي تي ماءُ کان وڌيڪ ٻيو ڪير خوش ٿيندو. اهم ٽيبل ملڻ کانپوءِ امان کي خط ۾ ڪراچي اچڻ لاءِ تيار ٿي ويهڻ جو چيو هئم، امڙ به ڪراچي جو ٻڌي سڀ تياريون ڪري ويٺي هئي. تياري وري ڪهڙي گهر ۾ الله جو نالو هو، رڳو ٻه ڪپڙن جا جوڙا ۽ ٻه ٽي ٿانو پوتي جي هڙ ۾ ٻڌي رکيا هئائين مان به رات ڏينهن هڪ ڪري امڙ کي ڪراچي وٺي اچڻ لاءِ محنت ۽ حڪمت عملي جوڙي پر امڙ جي حياتي ۾ اهو سڀ ممڪن نه ٿيو. ، ۽ پوءِ مان ڪڏهن پگهار نه بچڻ ته ڪڏهن وري موڪل نه ملڻ ڪري ڳوٺ وڃي نه سگهيس، تان جو امڙ هي دنيا ته ڇڏي وئي، پر ڪراچي تائين وارو سفر هن جي پيرن کي نصيب نه ٿيو. امڙ کي ڪراچي گهمڻ جو تمام گهڻو شوق هو، خاص ڪري سمنڊ ڏسڻ جو، امڙ کي مون سمنڊ تي نڪتل پنهنجا فوٽو ڏيکاريا هئا. صحرا جي رهاڪن کي پاڻي گهڻو پسند هوندو آهي. امڙ ٻي جهان جو سفر ته ڪري وئي پر ان کان ڳوٺ ۽ ڪراچي وارو سفر جنهن جي ڪل قيمت اڍائي هزار هئي نه ڪري سگهي. امڙ به ان ڪري سمنڊ کي پسند ڪندي هئي، پر شايد هن ڳوٺاڻي ڪائنات کي اها ڄاڻ ڪونه هئي ته سمنڊ جا ماڻهو ڪيترائي لوڻياٺا آهن، جو دوستي جي نالي تي دنيا جا سڀ ڪرائيم ڪندا آهن، بلڪه ذات کان ٻاهر ڪنهن جي به سوچ سفر ئي نه ڪيو آهي. هو ته بس هڪڙي مهربان ڪائنات هئي، پنهنجي گهر اندر مٽي جي ٺاهيل مسيت وانگر پاڪ پويتر هئي. ڪنهن کي ڪهڙي ڄاڻ ته شهر جي دنيا ۾ رشتا به ڪاروبار جا ٿيندا آهن. دل ته جام چوندي هئي ته معصوم دل امڙ جي سمنڊ ڏسڻ واري خواهش پوري ڪريان پر مان وقت جو کٽل ماڻهو امڙ جي حياتي ۾ اهو معمولي ڪم ۽ ان جي معصوم خواهش پوري نه ڪري سگهيس. شهر جي لوڻياٺ ۽ آفيس جي دائرن جي سياست کان اڻواقف هجڻ ڪري اڪثر ڪري بي عزتين جي طوفان کي منهن ڏيڻ ڪري بيزار ٿي فراريت جي راهه وٺندي. چاچي موساڻي واري هوٽل تي ٻيهر وڃي ڪم ڪرڻ وارو فيصلو ڪري وٺندو هئس، پر امڙ جي هدايت ٿڌي ڇانو جي نوڪري غنيمت آهي. سا وڏي احتياط ۽ محنت سان ڪندو رهه ۽ پوءِ مون امڙ جي هدايتن ۽ شهزاد جهڙي دوست جي صلاحن کي اکين تي رکندي نوڪري نه ڇڏڻ وارو فيصلو ڪري وٺندو هئس جنهن کانپوءِ اڄ تائين سڀني ڏکيائين کي فيس ڪيو. تان جو خيرن سان امڙ مون سان ملڻ ۽ ڪراچي توڙي سمنڊ ڏسڻ واري خواهشن سان گڏ هن دنيا جو سفر پورو ڪري هلي وئي. امڙ جي چالاڻي ته هڪ گهڙي لاءِ خوشي به ٿي هئي ان لمحي سوچيو هئم چڱو ٿيو ان آزار مان آزاد ٿي ويس. پر ڪڏهن امڙ جي گوڏي تي ڪنڌ رکي روئڻ لاءِ دل چوندي اٿم.
وقت گذرڻ سان گڏ منهنجي وارن ڏانهن سفيدي سفر ڪرڻ شروع ڪيو آهي، سرين اذيتناڪ ڏهاڙا ڏسڻ کانپوءِ به مان خوش هئس. منهنجي ارڏائي ۽ ڳوٺاڻي انا وقت جي ڳري پٿر هيٺيان ايندي رهي ۽ مان حالتن سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سوچڻ لڳو آهيان.
ڪيترن ئي ڪئي نه ڪئي گناهه جون سزائون ڀوڳڻ کان ويندي آفيس جي دائرن ۾ ٿيندڙ سياست کي فيس ڪندي سوين ڀيرا اذيت ناڪ گهڙين مان گذرندي اکين مان لڙڪ لڙيا هوندا ۽ پاڻ کي شهر جي ڪاساين وٽ ڦاٿل رڍ جيئان ڏسڻ باوجود امڙ جي لفظن ته ٿڌي ڇانوءَ جي نوڪري منهنجي مجبوري ٿي پئي آهي. تنهن ڪري هاڻ استاد موساڻي جي هوٽل تي گٽر واري (ٿانو ڌوئڻ) ڪرڻ جو خيال ماري ڇڏيو اٿم ۽ بس ڪم ڪرڻ ۽ پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ ڪم ڪندو پيو اچان.
جڏهن کان ميڊيم ماه نور اسان وٽ ڊائريڪٽر طور جوائن ڪيو آهي تڏهن کان منهنجي لاءِ پنهنجي آفيس ۾ قدرن درجا بلند ٿيڻ لڳا آهن. جونيئر سينيئر سڀ عزت ڪن ٿا. ايتري تائين جو منهنجي دور جو اسٽاف جيڪو ڳالهه ڳالهه تي چڙي منهنجي بي عزتي ڪرڻ لاءِ پٽيوالي هجڻ جو احساس ۽ حيثيت ياد ڏياريندا هئا، اڄ ڪلهه اهي به گهور گهور پيا وڃن ۽ اٿي بيهي ملن ٿا. اهو سڀ ڪجهه منهنجي سينيئر هجڻ ڪري انقلاب نه آيو آهي. پر اصل ۾ سڀني کي خبر آهي ته ميڊم ماه نور منهنجي جگري يار شهزاد جي گهرواري آهي. ميڊم ماهه نور ماڊرن قسم جي عورت آهي. هن جو اٿڻ ويهڻ ۽ ڊريسنگ تي سڄو اسٽاف مون کان لڪي لڪي مختلف قسم جا ڪمينٽس به ڪندو آهي، مگر منهنجي سامهون سڀ ميڊم ماهه نور کي ادب سان ۽ احترام ڀري ٻولي سان ياد ڪندا آهن، باقي نه ته جيڪو جتان ايندو آهي گذري ويندو آهي. هڪ اڌ ڀيرو مون به ايندي ويندي ڳالهيون ٻڌي ورتيون هيون. پر مون ٻڌيون اڻ ٻڌيون ڪري بي خبري جو تاثر ڏنو هوندو. ائين ڪريان به ڇو نه. هاڻي ته وقت گهڻو ڪجهه مون کي سيکاريو آهي. دراصل سڀ ڄاڻن ٿا ته منهنجا ميڊم ماهه نور توڙي ان جي مڙس روينيو جي سيڪريٽري شهزاد صاحب سان تمام گهڻا ۽ گهاٽا واسطا آهن. تنهن ڪري هرڪو پيو مون کان ڪن هڻندو آهي. آفيس وارا ته منهنجي ۽ شهزاد جي دوستي آزمائي به چڪا آهن. جڏهن شهزاد سيڪريٽري صحت هو تڏهن اسان جي ڊپٽي ڊائريڪٽر راهب صاحب جي منسٽر جي ناراضگي باوجود منهنجي چوڻ تي شهزاد صاحب ٽرانسفر روڪرائي هئي. ان معاملي کانپوءِ اسٽاف تي منهنجي هاڪ ويٺل هئي. پر اها مون کي خبر هئي ته شهزاد صاحب مون کي ڪهڙي ڇنڊ ڪڍي هئي، سڀني مون کي شهزاد صاحب جو جگري يار جون پوزيون ڏئي موڪليو هو. راحب صاحب جي بدلي رڪي به صحيح پر منهنجي ۽ شهزاد جي وچ واري تعلق ۽ حيثيت جي مون کي ڄاڻ پئجي وئي هئي، شهزاد صاف لفظن ۾ چيو هو ته ٻيهر اهڙي قسم جي جرئت نه ڪجان، شهزاد اهڙي حالت ڪئي هئي جيڪا پنهنجي ڪنهن به آفيسر اهڙو رويو اختيار ڪونه ڪيو هو، آفيشل ڪيريئر ۾ اهڙي جٺ ڪنهن به ڪونه ڪئي هئي. سڌو سڌو چيو هئائين هجت ڪرڻ کان پهرين پنهنجي پوزيشن چيڪ ڪندو ڪر. مون کي شهزاد جي رويي کان وڌيڪ دوستي جو ڏک ٿيو هو. پر خبر ناهي ڇو شهزاد اهڙي بي عزتي ڪرڻ باوجود راهب صاحب جي بدلي روڪرائي هئي ۽ مان سڀ سور دل ۾ سانڍي مُٺي به ماٺ ته مٺي به ماٺ چئي. اسٽاف طرفان مليل عزت تي خوش ٿي ويو هئس. هاڻ جڏهن ميڊم ماهه نور ڊائريڪٽر طور آئي آهي ته اسٽاف وارا هر ننڍي وڏي مسئلي ۾ مون کي اڳيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ۽ مان پنهنجي ڀرم ۽ دوستي واري پردي ۽ ملندڙ عزت کي سنڀاليندي اڃا وڌيڪ پريشان ٿي ويو آهيان. ميڊم ماهه نور گهڻو ڪري ڪنهن تي گهٽ چڙندي آهي، پر جنهن تي ناراض ٿي ته ان جا ڇڪا ڇڏائي ڇڏي ٿي. پورو اسٽاف ميڊم جي اهڙي رويي کان بچڻ لاءِ مون کي اڳيان ڪرڻ لاءِ آتو هوندو آهي ۽ مان وري پنهنجي دوستي ۽ حيثيت کان واقف آهيان. ان ڪري اڄ ڪلهه اڃان وڌيڪ محتياط ٿي ويو آهيان. عام روٽين ۾ ميڊم منهنجي ڪم کان مطمئن هجڻ ڪري گهڻو ڪري پنهنجا سڀ ڪم مون کان ڪرائيندي رهي ٿي. جنهن ڪري مون سان ڪجهه بهتر هلندي آهي. بلڪه ننڍا وڏا ڪم به منهنجي چوڻ تي ڪري وٺندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ننڍي وڏي معاملي مون کان صلاح به وٺندي آهي. جنهن جو تاثر پوري اسٽاف تي اهو آهي ته ميڊم ماهه نور منهنجي ۽ شهزاد جي دوستي جي ڪري منهنجو خيال رکي ٿي. مان اسٽاف طرفان مليل عزت ۽ ميڊم جي اعتماد کي گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هئس ته هڪ ڏينهن استاد رحيم بخش اچي چيو ته 20 پگهارون ۽ 3 مهينن جي موڪل وٺي ڏي. استاد رحيم بخش جي ڳالهه ٻڌي منهنجي ذهن تي راهب صاحب وارو واقعو تري آيو، ائين لڳو ڄڻ منهنجي ذهن کان ٺڪاءُ نڪري ويا هجن. وائڙو ٿي ويس ته استاد رحيم بخش کي ڪهڙي طريقي سان سمجهايان ۽ ٽاريان ڇاڪاڻ ته سڌو انڪار تمام ڏکيو پي لڳو جو ڪنهن زماني ۾ هن به منهنجي مدد ڪئي هئي. بلڪه اڄ جيڪو ڪجهه آهيان ان ۾ ڪافي هٿ رحيم بخش جو به آهي، اگر آغا صاحب سان منهنجي انگريزي ۾ ٽائپنگ اسپيڊ جي ڳالهه نه ڪري ها ته شايد اڄ مان ڪپ ڌوئيندو ۽ آفيس وارن جي خدمت ڪندي نظر اچان ها. ڪم ڀلي شهزاد جي چوڻ سان ٿيو هجي، پر استاد رحيم بخش جو احسان وڃائڻ جهڙو ڪونه هو.
الائي ڇو مون کي ائين لڳي رهيو هو ته ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، اهو خيال ايندي ئي اصل ماٺ ۾ پئجي ويس. ائين پئي لڳو ڄڻ وڏو ڪو طوفان اچڻ وارو هجي. نه چاهيندي به استاد جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويس ته دل ٻڌي استاد رحيم بخش خاطر هر سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي ويس، هر ننڍي وڏي سٺي ۽ خراب نتيجي لاءِ پاڻ کي تيار ڪري ورتم. ميڊم ماهه نور جي آفيس ۾ ڏٺم ته ڪنهن سان فون تي ڳالهائي رهي هئي. ڪال ختم ڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. ميڊم جيئن ئي فون تي ڳالهائي بس ڪيو ته دل ٻڌي ڪري استاد رحيم جو فائيل کڻي اندر داخل ٿيس، ميڊم جي چهري تي ڪاوڙ ۽ اوپرائپ جا تاثر نظر آيا. پر ٿوري دير کانپوءِ هن نه چاهيندي به پاڻ سنڀاليندي چيو ها فضلو ڏي خبر ڪم آهي. فائيل ڏيکاريندي چيم جي سائڻ هي استاد رحيم بخش جي قرض ۽ موڪل جو فائيل آهي. رحيم بخش کي ڇا ٿيو آهي. ميڊم ماهه نور جيڪا گهڻي ڀاڱي مون سان هجت ۾ ڳالهائيندي هئي. تنهنجي لهجي ۾ هلڪي چڙ ڏسي، بوکڙاهٽجي ويو هئس، ميڊيم جي سوال تي وضاحت ڪندي چيم ميڊم استاد عمري تي وڃڻ پيو چاهي. ميڊم جي لهجي ۾ ڪوڙاڻ اچي وئي هئي. سخت لهجي ۾ چيائين جاهل مون اهو ڪونه پڇيو آهي. رحيم بخش هن وقت ڪٿي آهي؟ ميڊم جي ان لهجي تي منهنجا ته ڇڪا ئي ڇڏائجي ويا هئا، وائڙائپ مان چيم هوءَ ميڊم هوءَ آفيس ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ميڊيم وڌيڪ تلخ ٿي چيو. هوءَ پاڻ ڇو نه آيو آهي. پاڻ کي وڏو نواب ٿو سمجهي. تڏهن نه آيو ۽ توکي موڪليو اٿس ائين نه پريشاني مان ڪنڌ هيٺ ڪري چيم جي ميڊم ، هوءَ پاڻ کي وڏو آفيسر ٿو سمجهي ۽ سڀ ان جا ماتحت آهيون. ائين نه. انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي چيم نه ميڊم ائين نه آهي هوءَ ڪم ڪري رهيو آهي. ميڊم ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿيندي چيو پر تنهنجي عمل مان ته ائين ٿو لڳي. ميڊم هوءَ ڪم..... ڪاوڙ مان ميڊم ماهه نور اٿي بيهي رهي پوءِ تون هن جي درخواست ڪهڙي حيثيت ۾ کڻي آيو آهين. مون چور نظر سان ٻاهر ڏٺو ته آفيس جي ڪافي ماڻهن جو ڌيان اسان طرف هو. پر مون کي ائين لڳو ته پورو اسٽاف ميڊم جي آفيس ۾ موجود آهي. ۽ منهنجي بي عزتي جو منظر ڏسي رهيو آهي. مان توسان پئي ڳالهايان. مان لاجواب بڻجي هيٺ نظرون ڪري بيهي رهيس ۽ پوءِ ميڊم ماهه نور جيڪا تاريخ ڇڏائي ساهيل تائين ڪنهن آفيسر به نه ڪئي هئي. اصل ٽڪو مهل ڪري آفيس مان ڪڍي ڇڏيائين. آفيس مان نڪرڻ وقت مٿو ڇڪرائجڻ لڳو. ارڙهن ڀيرا چڪرائجي ڪرندي ڪرندي پاڻ سنڀاليم. ٽي ڀيرا فائيل هٿ مان ڪريو، جنهن تي ميڊم اڃا ناراض ٿي ۽ هارش انداز ۾ وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ لڳي. مان آفيس مان نڪري پنهنجي آفيس ۾ آيس جتي ڏٺم ته سواءِ استاد رحيم بخش جي باقي سڄو اسٽاف چپن ۾ مسڪرائي منهنجي بي عزتي تي خوشي جو اظهار ڪري رهيو هو. . مان زندگي ۾ پهرين ڀيري ناقابل قبول حد تائين ڏکارو ٿيو هئس. مون کي خبر ناهي ڪهڙو مان هو ميڊم ماهه نور تي ايترو ڏک مون کي پنهنجي جگري يار شهزاد جي ڪاوڙجڻ ۽ بي عزتي ڪرڻ تي به ڪونه ٿيو هو. بي شمار ڀيرا آفيسرن منهنجا ڪلاس ورتا آهن. ليٽر لي گارگند به ملي هوندي، پر ڪڏهن به ايترو ڏک ڪونه ٿيو جيترو ميڊم ماهه نور جي بي عزتي ڪرڻ تي ٿيو هو، سدائين ٿيندو هو ته اگر ڪو آفيسر پنهنجي صاحبي جهاڙي منهنجي بي عزتي ڪندو ته مان ان سڄي ڪيفيت کان نڪرڻ لاءِ رڳو ٻه ٻيڙيون (سگريٽ) پي ڪري تياري ٿي ويندو هئس ۽ پوءِ اهو مان ۽ ساڳيو روٽين پر اڄ ائين نه هو. اڄ منهنجي ڪيفيت ٻه سگريٽن سان تبديل ڪونه ٿي هئي، ايڏو ڏک ٿيو هو جو هوش به ڪو نه هئس وڏي عرصي کانپوءِ نوڪري ڇڏڻ تي دل اسرار ڪيو هو ڏاڍو اداس ۽ بيچين ٿي ويو هئس. زندگي ۾ پهريون ڀيرو هو جو دٻ ملڻ کانپوءِ آفيس ڇڏي سمنڊ تي آيو هوندس. سمنڊ تي هونئن ته اڪثر ڪري ايندو رهندو آهيان، سمنڊ ئي آهي جنهن سان اڪيلائي شيئر ڪندو آهيان. پنهنجو من ونڊيندو آهيان.ا مڙ جون يادگيريون ۽ مٺي جي وڇڙڻ جي اذيت ،ڪراچي جي دوستن جا رنگ ۽ ٻيو گهڻو جيڪو ٻي ڪنهن سان شيئر نه ڪري سگهندو آهيان. اهو سڀ ڪجهه سمنڊ سان سليندو آهيان ۽ سمنڊ جون لهرون وڏي آواز سان همدردي ڪندي ساٿ نڀائڻ جو وچن ڪنديون آهن. پر اڄوڪو ماحول ڪجهه ٻيو هو. اڄوڪي منهنجي ڪيفيت پرشور ۽ زندگي سان ڀريل سمنڊ کي به ڏکارو ڪري ڇڏيو هو. سمنڊ به مون وانگر خاموشي جي ور چڙهي ويو هو. مان ڪنهن وقت سمنڊ.تي پهتو هئس ۽ منهنجي آس پاس ۾ ڇا ٿيو هو. مون کي ڪا به خبر ڪونه پئي هئي. بلڪل بي نياز ٿي ويو هئس. اڄ امڙ جي تمام گهڻي ياد آئي هئي. دل چيو هو ته ڳوٺ وڃي امڙ جي مزار جو مجاور بڻجان گهٽ ۾ گهٽ هن اذيت مان ته آجو ٿيندس. اڄوڪي ڏينهن ۾ هڪ نه هزار ڀيرا امڙ ياد آئي هئي ۽ دل جي هڪڙي ڪنڊ ۾ مٺي جو تصور ايندي ئي امڙ جي غير موجودگي جو ڪنڊو بار بار هانو ۾ چڀي رهيو هو. مٺي جي نالي تي ڪيترائي ڀيرا دل پنهنجي محور جا ڌڪ گسايا هئا، پوءِ به مان سڄي دنيا کان بي خبرهئس. اوچتو منهنجي فون تي رنگ وڳي هئي. جنهن ڪري هڪ لمحي لاءِ مان سمنڊ جي گهرائي جيڏي خاموش ۽ خيالن جي دنيا مان ٻاهر آيو هئس. فون تي اوپرو نمبر ڏٺم هيڪر دل چيو ته اٽينڊ نه ڪريان پر پوءِ دل ۾ خيال آيو چلو اگر ڪو رانگ نمبر هوندو ته روئي دل جي ڀڙاس ڪڍندس. مون فون اٽينڊ ڪئي ته پريان کان پنهنجائپ ڀري لهجي ۾ آواز آيو، ڪٿي آهيو؟ آواز ٻڌل ٻڌل هو. ايتري پنهنجائپ تي حيرانگي ٿي سوچڻ لڳس ته ڪير ٿي ٿي سگهي جيڪو ايترو مهربان هجي، اهو به مون جهڙي ماڻهو تي جنهن جي قسمت به دشمن رهي آهي. ايتري ۾ ٻيهر آواز آيو. فضلو خاموش ڇو آهين؟ مان پي ڳالهايان ماهه نور، ميڊم ماهه نور جو نالو ٻڌي هڪ لمحي لاءِ دنگ رهجي ويو هئس. ڇا پيو سوچين مان پنهنجي صبح واري لهجي تي پشيمان آهيان، سوري ڪرڻ لاءِ توکي ڪال ڪئي اٿم. خبر نه آهي ڇو بي ساخته دل پڪي محسوس ڪيم ۽ بنا سوچڻ جي وراڻيم نه ميڊم ان جي ضرورت نه آهي. توهان لاءِ کوڙ سارو احترام آهي. ها- پر تون آهين ڪٿي؟ ميڊم ماهه نور منهنجي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪندي چيو. سي ويو تي ميڊم منهنجي جواب تي ميڊم چيو اڇا تڏهن ايترو شور آهي. خير تون هيئن ڪر وليج هوٽل واري سائيڊ تي اچ، مان توکي پڪ ڪري ٿي وٺان. مون رڳو جواب ۾ ”جي“ ميڊم چيو ته ميڊم چيو اڇا ٻڌو دير نه ڪجان مان ويجهو ئي آهيان. ميڊم ماهه نور اهو چئي فون بند ڪري ڇڏيو ۽ مان ڪي لمحا ميڊم جي ان لهجي تي حيران رهجي ويس ٿوري دير بعد وليج هوٽل واري پاسي هلڻ شروع ڪيم، مان جيئن ئي وليج هوٽل جي ڀرسان پهتس ته ميڊم کي انتظار واري ڪيفيت ۾ ڏٺم. مان ميڊم ماهه نور طرف ويس ته هن بنا ڪنهن سلام دعا ڪرڻ جي گاڏي جو در کوليو ۽ مان ويهي رهيس ۽ پوءِ گاڏي سمنڊ وارو رستو ڇڏي ڊفينس جي شاندار بنگلن جي سيريز ۾ داخل ٿي وئي چند لمحن بعد هڪ شاندار گهر جو مين گيٽ گاڏي جي هارون تي بنا دير کلي ويو.
هڪ لمحي لاءِ ائين لڳو ڄڻ واچ مين گاڏي جي هارون سان ڪنيڪٽ هجي. گاڏي ڪار پورچ ۾ اچي بيٺي ته ميڊم لهڻ جو اشارو ڪندي چيو پليز، پهرين ڀيري ميڊم جي لهجي ۾ حد کان وڌيڪ احترام نظر آيو. ان کان پهرين پنجن ڇهن منٽن جي ڊرائيو واري رستي تي ميڊم مسلسل خاموش هئي، البته رکي رکي چور نظر سان مون ڏانهن هڪ اڌ ڀيرو ڏٺو هئائين. جيڪو انداز مون کي ڪنهن به پاسي ڏانهن اشارو نه پئي ڏنو. اسان ٻئي ڊرائينگ روم ۾ آياسين ته هٿ جي اشاري سان ويهڻ جو اشارو ڪندي پاڻ به ويهندي چيائين شهزاد اڄ ڪلهه پنهنجي لاڏلي زال سان گڏ فيز فور ۾ رهي ٿو. هتي مان ۽ منهنجي ننڍڙي زويه رهون پيا. اهو سڀ ڪجهه ٻڌي مون کان بي ساخته رڙ نڪري وئي. پر هو ته توهان سان بي پناهه محبت ڪندو هو. درد جي ڳنڍ جو روپ اختيار ڪندي ميڊم ماهه نور چيو ها اسان ٻئي هڪٻئي لاءِ دنيا جون سڀ آسائشون ڇڏڻ جون دعوائون به ڪندا هئاسين. توکان ڇا ڳجهو آهي. ميڊم ٿڌو ساهه کڻي چيو، شهزاد اهو ساڳيو نه رهيو آهي. مڪمل طور تبديل ٿي ويو آهي. هو ته پنهنجي هڪ به ڳالهه تي قائم ۽ ثابت قدم نه رهيو آهي. پنهنجي سڀني دوستن توڙي عزيزن کان به ڪٽجي ويو آهي.
مان هڪ لمحي لاءِ وساري ويٺو هئس ته ڪٿي ۽ ڪنهن سان ڳالهائي رهيو هئس. بلڪ ان لمحي مان چوڏهن پندرنهن سال اڳ واري انداز ۽ هجت سان ميڊم سان مخاطب ٿيندي چيو هئم، ها تون ٺيڪ ٿي چوين، شهزاد جي اکين مان سڃاڻپ ختم ٿي وئي آهي. هاڻ هو اڳ وارو نه رهيو آهي. منهنجي ان ڳالهه تي ميڊم هڪ لمحي لاءِ بي اختيار بڻجي ڏسڻ لڳي ٿي. شايد شادي کان اڳ وارو دور ياد اچي ويو هجيس، ڇاڪاڻ ته جڏهن ميڊم ماهه نور ۽ شهزاد جي شادي نه ٿي هئي تڏهن اسان ٽئي هڪٻئي سامهون بي حجاب ۽ انتهائي حد جا هجتي هئاسين. توڙي جو شهزاد ۽ ماهه نور هڪٻئي کي بي پناهه چاهيندا هئا. پر مون اڳيان کليل ڪتاب هئا ۽ پوءِ آهسته آهسته وقت ايڏيون ته ديواريون کڙيون ڪري ڇڏيون هيون جنهن کي اورانگهڻ جي ست گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙي ماڻهو جي وس ۾ ڪونه هئي. ميڊم چند لمحه ائين ڏسڻ کانپوءِ بي اختيار بڻجي پنهنجي جاءِ ڇڏي اچي منهنجي انتهائي ويجهو ويهندي سڏ ڪندي چوي ٿي هوءَ مون کي مارڻ واري حد تائين لهي آيو آهي. ائين ڪيئن ٿو ڪري سگهي. اسان اڃان ايڏا ڪمزور ڪو نه ٿيا آهيون تون ڪنهن قسم جو فڪر نه ڪر مان توسان گڏ آهيان. تون پاڻ کي اڪيلو نه سمجهندو ڪر. مان توسان گڏ آهيان، تون ڪوبه فڪر نه ڪر. مون پنهنجائپ منجهان هن جو هٿ ڇا جهليو، هوءَ ڄڻ ته وڻ ويڙهي وانگر مون ۾ ويڙهجي وئي هئي ۽ پوءِ وقت جي بي لغام گهوڙي تي سوار ٿيندي هن پنهنجو سڀ ڪجهه مون کي ارپي ڇڏيو ان لهجي ۽ اهو سڀ ڪجهه مون کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته هوءَصدين کان اڃاري ۽ پياسي هجي. هن جي وجود تي هڪڙي زماني جا ٿڪ هجن، جيڪي منهنجي وجود ۾ اوتڻ چاهيندي هجي.
***