ڪونج ڪاڏي وئي؟
ابو پنهنجي زماني ۾ پن جي ٻيڙين ٻڌڻ جو شاهه ڪاريگر استاد سمجهيو ويندو هو. اهو ئي سبب هو جو هر سيٺ ابي کي پنهنجي ڀانڊي تي ڪم ڪرڻ لاءِ چوندو هو. پر ابو هر ڪنهن کي هٿ جوڙي هڪڙو ئي جواب ڏيندو هو. سيٺ ٻچڙن جي روزي ٿئي پئي. ڪا لوڙهه ٿئي ته اول اوهان کي عرض ڪبو ٻيو ڪير آهي منهنجو.
اسانجي ٻيڙين جي مانڊڻي بلاول پارڪ چوڪ واري ڪنڊ تي هئي. جنهن ۾ مشڪل سان ڪجهه سڀني برانڊن جا 20-15 سگريٽن جا پيڪيٽ، هڪ اڌ برني کٽمٺڙن (ٽافين) جي ۽ هڪ برني ڪيڪن جي هئي باقي مانڊڙي ۾ پن جي ٻيڙين جا پڙا رکيل هئا. ٻيڙين جا پڙا هر ٻي ڏينهن مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ فتو گڏجي سيٺ چاچي بالو جي مانڊي تي ڏئي ايندا هئاسين جتان وري ڪجهه ٻيڙين ٻڌڻ لاءِ پن ۽ ڪجهه رقم ملندي هئي جنهن مان گهر جو سيڌو سامان وٺندا هئاسين. هونئن ته ابي جي مانڊڻي تي ڪافي سارا ماڻهو ايندا هئا جنهن وقت ڏس هڪ اڌ ماڻهو ويٺل هوندو هو. جن سان ابو يڪو ويهي ڳالهائيندو هو. پر چاچا سيٺ بالو ۽ چاچا حبن جنهن کي ابو ماستر حبن چوندو هو. اهي ٻئي ماڻهو اهڙا هئا جن کي ابو چينڪ ۾ چانهه ۽ هڪ ننڍي پن جي ٻيڙي هر حالت ۾ پياريندو هو. اسان پوري ڄمار ۾ چاچا بالو کي ڪڏهن به چڱو ڪپڙو پائيندي نه ڏٺوسين. جڏهن ته چاچا حبن هميشه ويل ڊريسڊ رهندو هو ۽ روزانه شيو به ڪندو هو. چاچا حبن ڏاڍو سهڻو مڙس هو جيڪي به ڪپڙا پائيندو هو مٿس ڏاڍا ٺهندا هئا. ابو سڄو ڏينهن مانڊڻي تي ٻيڙيون ٻڌندو هو. ابي جي گيراهڪن جي اڪثريت سندس دوستن جي هئي جنهن سان سياست سميت، مختلف سياستدان ۽ انهن جي ڪمن تي بحث ڪندو رهندو هو. جيڪي ٻاراڻي زماني ۾ اسان کي ڳالهيون سمجهه ڪون اينديون هيون. مان ۽ فتو اڪثر ڪري سوچيندا هئاسين ته اڪثر آخر مسئلو ڪهڙو آهي جو ابي وارا ايڏو زور سان ۽ جهيڙي ڪرڻ واري انداز سان ڳالهائن ٿا. شروع شروع ۾ ته اسان کي وڙهڻ جو گمان ٿيندو هو پر پوءِ اسان به ان سُر کي سمجهي ويا هئاسين چاچا حبن سان سدائين پنهنجي ننڍي ڌيءُ ڪونج گڏ هوندي هئي ڪونج هر وقت سينگاريل رهندي هئي اسان ڪڏهن به ڪونج کي ميري حالت ۾ ڪو نه ڏٺو، بلڪل ڳاڙهي ربن واري گڏي لڳندي هئي. شروع شروع ۾ ابي ۽ چاچا ماستر حبن جي هر ڳالهه ۾ سنڌ جو ذڪر گهڻو ٿيندو هو جنهنڪري مان ۽ فتو اهو سمجهندا هئاسين ته سنڌ شايد ڪونج جي ننڍي ڀيڻ آهي ان ڪري ابي وارا رڳو ان جون ڳالهيون ٿا ڪن. ڪونج مانڊڻي تي هوندي هئي ته هر ايندڙ ماڻهو ڪونج کي پيار ڪندو هو. سنڌ به اسان کي ڪونج جهڙي سهڻي ۽ سٺڙي ڇوڪري لڳندي هئي. مان ۽ فتو اڪثر پر پٺ ڪونج تي ڳالهائيندا هئاسين. نه ڄاڻ ڇو مون کي خوف لڳندو هو ته ڪونج ايتري صاف سٿري آهي مٽي سان راند ڪندي ميري نه ٿي وڃي. ڪونج به اهڙيون اهڙيون ڳالهيون ڪندي هئي. جو اسان حيران هوندا هئاسين ته ايتري ننڍڙي ڇوڪري اهڙيون ڳالهيون ڪيئن ٿي ڪري سگهي.
ماستر حبن ۽ سيٺ بالو واحد ماڻهو هئا جن کي ابو زبردستي ويهڻ لاءِ چوندو هو. پوءِ به نه ويهندا ته سدائين هڪڙو جملو چئي ويهاري ڇڏيندو هو. يار ويهه ته وات به وڙهايون ۽ وات ڪوڙو به ڪريون ۽ پوءِ مون کي چوندو هو. ابا جلدي سان چينڪ ۾ چانهه چئي اچ ۽ پوءِ مان ڊوڙندو سائين صالح شاهه جي هوٽل تي چانهه جو آرڊر ڏئي ايندو هئس. چانهه پيئڻ کانپوءِ جلدي سان پن جي ٻيڙي دکائي ٻه ٽي لاڳيتا وڏا ڪش هڻڻ کانپوءِ ٻيڙي سامهون واري کي ڏيندو هو. ابو اهڙي شاهه خرچي رڳو چاچي بالو ۽ چاچي حبن لاءِ ڪندو هو.
ابو سيٺ بالو ۽ ماستر حبن سان رانديون ڪندي جوان ٿيو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڳالهين ئي ڳالهين ۾ جواني جي سمنڊ جي لهرن ۾ لڙهي الاءِ ته ڪهڙي وڃي پار پڄندو هئا. تڏهن انهن جي ڳالهين ۾ سوين رولاڪيون ۽ تڪليفن جا ذڪر انهن بي چهرن تي تڙڳندي نظر ايندا هئا.
ان زماني ۾ منهنجي دل چوندي هئي ته سڄي ڄمار ڪونج سان گڏ راندي ڪندي گذاري ڇڏيان. منهنجي دل ته اها به چوندي هئي ته ڪونج جي گهر وڃي ان جي ننڍي ڀيڻ سنڌ کي ڏسان. پر اهو سڀ ڪجهه ان ڪري به نه ڪري سگهندا هئاسين ته ابي کي مانڊي تان هڪ لمحو به فرصت ڪو نه ملندي هئي جڏهن ته مان ۽ فتو اڪيلا انهن جي گهر ڪو نه وڃي سگهندا هئاسين. ڇاڪاڻ ته اسان ٻنهي پنهنجي گهر جي رستي کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڏٺو هو ته اهو هو چاچي بالو جي ٻيڙين ٻڌڻ وارو ڀانڊو. جتي اڪثر ڪري چاچا بالو پٺي اگهاڙي ڪري ويٺل ملندو هو. چاچا ماستر حبن ۽ بابو جڏهن به اڪيلا ٿيندا هئا تڏهن ماستر حبن ابي کي چوندو هو. ٻار پڙهائين ڇو نه ٿو. عمر چڙهي ويندن پوءِ ويٺو هٿ هڻندين. اجايون سال ضايع نه ڪرين. . تڏهن مون کي ايترو ته محسوس ٿيندو هو ته چاچا حبن اسان بابت ڪجهه چئي رهيو آهي. مگر ڇا ٿو چوي سا ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه ايندي هئي. هڪ ڀيري چاچي حبن جي وڃڻ کانپوءِ مون ابي کان پڇيو هو ته چاچا ڇا پئي چيو ته ابي رڳو مسڪرائيندي ايترو چيو هو ته هو. ماستر آهي واندو ان کي اسانجي حالت جي ڪهڙي خبر. منهنجي ٻاراڻي ضد تي ابي پن جي ٻيڙي دکائي هڪ وڏو ڪش هڻڻ کانپوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو هئائين ته توهان کي اسڪول موڪلڻ لاءِ چوي ٿو. ان لمحي مون کي گڏي سان وقت وڌيڪ گذارڻ جو موقعو سمجهه آيو هو سو بنا ڪجهه سوچڻ جي چيو هيم. ابا موڪل نه اسڪول اسان کي. تڏهن ابي جو آواز ڳرو ٿي ويو هو.
وڏو ٿڌو شوڪارو ڀري چيو هئائين ها ابا ڏسون ٿا، خاموش ٿي ڪري ٻيڙي جا لاڳيتا ڪش هڻڻ لڳو هو ۽ پوءِ خاموش ٿي ٻيڙيون ٻڌڻ شروع ٿي ويو هو. ان گهڙي ابي جي چهري تي عجيب ريکائون چٽجي ويون هيون. جنهن جا عڪس ۽ معنائون مون کي سمجهه ۾ ڪو نه آيون هيون پر چهري تي اڀريل درد چڱي طرح پڙهي سگهجي پيو ۽ پوءِ اها خاموشي اوستائين ڇانيل رهي هئي جيستائين ڪو ماڻهو نه آيو هو. مون کي خبر ناهي ڇو چاچا ماستر حبن سٺو لڳندو هو. مان اڪثر فتو کي چوندو هئس ته ماستر حبن اسان جو ابو ڇو نه ٿيو. ان زماني ۾ ماستر مون لاءِ ديو مالائي ڪردارن جهڙو هو. هڪ ڏينهن ابي ۽ چاچي ماستر حبن وچ ۾ ڳالهين ۽ ڳالهين ۾ ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو ٿي پيو هو. مون پهرين ڀيري ابي ۽ ماستر حبن کي تلخ لهجي ۾گار گند ڪندي ڏٺو هو. ابي وارن جي وچ ۾ اهڙو تلخ لهجي ڏسي مان ۽ فتو پريشان ٿي ڪري روئڻ شروع ٿي ويا هئاسين. تڏهن ابي بدران اسان کي ماستر حبن پرچايو هو. ٻي ڏينهن مان ۽ فتو صبح جو سوير مانڊڻي تي آيا هئاسين جتان ماستر حبن ۽ ڪونج سان گڏجي اسان به اسڪول ويا هئاسين ان کانپوءِ اسان روزانو اسڪول وڃڻ شروع ڪيو هو. مون کي چٽي طرح ياد آهي ته اسان کي ڪتاب ۽ سليٽون چاچا ماستر حبن وٺي ڏنيون هيون. ڪونج سان گڏ بينچ تي ويهڻ ۾ مون کي ڏاڍو سٺو لڳندو هو.
۽ پوءِ هڪ ڏينهن چاچا ماستر کي اسڪول جي ميدان ۾ ڪنهن سان جهيڙو ڪندي ڏٺو هو. جهيڙي وقت ماستر حبن جي هٿ ۾ رول هو جيڪو ان کان اڳ اسان هن جي هٿن ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. چاچا حبن اڪيلو ۽ سامهون ٻه ٽي ڄڻا هئا چاچا حبن کي اسان زندگي ۾ پهريون ڪنهن سان وڙهندي ڏٺو هو. ماستر حبن جي مٿي مان رت وهڻ باوجود وڙهي رهيو هو. هڪڙي مڙسالي کي رول هڻي ڪيرائي وڌو هئائين.
۽ پوءِ کوڙ سارا ماڻهو اچي ويا هئا. اهڙي نموني وڙهندي ڏسي مان حيران هئس ڇاڪاڻ ته چاچا ماستر حبن سدائين هر ڪنهن سان کلي ڀاڪر پائي ملندو هو. شل نه ڪنهن کي تڪليف اچي ڏک ونڊڻ ۾ سڀ کان اڳيان ته آئي وئي کي پيو پارت ڪندو هو ته فلاڻي سان هٿ همراهي ڪريو. جهٽ گهڙي ويهي اچوس مطلب ته هر معاملي ۾ سڀ جي اڳيان جهيڙي ڦڏن ۾ ٺاهڻ لاءِ وتندو هو منٿون ڪندو ائين لڳندو هو ته ڪنهن جي جهيڙي سان چاچا ماستر جو نقصان ٿيندو هجي. ماستر حبن جي اهڙي رويي جي ڪري هر ڪو سندس عزت ۽ احترام ڪندو هو. جنهن مسئلي ۾ هٿ وجهي اهو حل. سڄو شهر ڄاڻيندو هو ته ماستر حبن هر ڪنهن جو سڄڻ آهي ماڻهو به کيس اهڙي ئي موٽ ڏيندا هئا. اگر ڪنهن بي ڏوهي کي ڏوهي چئي سامهون واري کان معافي وٺڻ لاءِ چوندو هو ته اڳيون ماڻهو پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ بدران ماستر حبن جي ڳالهه رکندي معافي وٺي ڇڏيندو. اهڙو کرو جو پنهنجي سڳي پيءُ کي به سڌو چئي ڏيندو هو. ڌرين کي ٺاهڻ وقت مجال آهي جو ڪنهن سان ريائو ڪري. اصل ڏوهه ورهائي هڪ پاسي ڪندو هو. اصل سڌو سڌو چئي ڏيندو هو ته ڏوهارين آهين وٺينس ٿو معافي يا نه. وٺ معافي يا پوءِ شهر سڄي سان جهيڙو ٻول ۽ پوءِ سامهون واري کي انڪار جي همت ئي ڪو نه ٿيندي هئي.
جهيڙي جو ڪارڻ اسان کي سمجهه ۾ ڪو نه آيو هو پر هر ماڻهو جي واتان اهو ٻي ٻڌوسين ته ماستر حبن ايم پي اي شرجيل صاحب جي خاص ماڻهو نواز ۽ ٻين سان اسڪول جي پلاٽ تي جهيڙو ڪيو آهي.
چون ٿا نواز پهرين ماستر کي ڌمڪائڻ ۽ سمجهائڻ آيو هو ته پلاٽ جي معاملي تي تون خاموش رهه تون ماستر آهين پگهار سان ڪم رک شهر جي وڏي ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪر. تنهنجو ڇا وڃي جو وتين ٿو رکواليون ڪندو. پر ماستر حبن سڌو جواب ڏنس پورو شهر کائي وڃو پر اسڪول جي پلاٽ جي انچ تي بيهڻ ڪون ڏيندس. جيڪو وڻيو وڃي ڪريو پر اسڪول جي پاسي نه لڙجو. اسڪول معنيٰ روشني ۽ مان پنهنجي شهر کي اوندهه ۾ ڪرڻ ڪو نه ڏيندس منهنجي شهر جو مستقبل سان جيڪو به کيڏندو ان کي مان بخش ڪو نه ڪندس.
ٻي ڏينهن ماستر حبن کي ايم پي اي شرجيل پنهنجي بنگلي تي گهرايو هو.
ماستر حبن ۽ ابو جيئن ئي بنگلي تي پهتا ته ايم پي ايم شرجيل ٻنهي تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو. توهانجي پيءُ جو اسڪول آهي اڙي ٽڪي جا ماستر تنهنجي ايڏي مجال جو منهنجي ماڻهن تي ٿو هٿ کڻين مرچون وجهندس ٻنهي کي اگر ٻيهر اهڙي حرڪت ڪئي اٿو.
مڙس آهن معتبر هليا آهن اسڪول ۽ شهر جو مستقبل بچائڻ.
شرجيل پنهنجي وانٺي نواز کي حڪم ڪندي چوي ٿو. جلدي سان ايس ڊي او کي فون لڳاءِ ڪرايونس ٿا ڇني شهر بدلي جيئن اتي ويهي پٿر ميڙي ته خبر پويس نواز ادب مان چوي ٿو. حاضر سائين شرجيل ماستر کي نڪري وڃڻ لاءِ چوندي چوي ٿو. وري ڀلجي اسڪول ۽ منهنجي ماڻهن جو نالو ورتو اٿئي ته ڪير ڇڏائڻ وارو ڪو نه هوندئي. نڪري وڃ هتان گڏهه، ٽڪي جو ماستر هليو آهي شهر جي وارثي ڪرڻ.
ماستر حبن ۽ ابو نڪتا هئا. پر نڪرندي نڪرندي ماستر حبن مڙي شرجيل صاحب کي چيو هو. ڀلي مون کي ڪهرائي ڇڏيو. باقي اسڪول جي پلاٽ تي منهنجي حياتي ۾ ڪو اچي قبضو نه ٿو ڪري سگهي. توهان هن شهر جا وڏا آهيو. چونڊيل عوامي نمائندا ۽ منهنجي شهر جا حاڪم آهيو. منهنجي بدلي دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ ڪرائي ڇڏ مون کي ان جي پرواهه ناهي. پر اسان جي ايندڙ مستقبل سان نه کيڏو. ها صاحب هي آواز مون اڪيلي جو نه بلڪه پوري شهر جو آهي. شرجيل ڪاوڙ مان حبن طرف ڏسڻ کانسواءِ چيو هو ماستر مان نه ٿو چاهيان ته تو جهڙي ٽڪي جي ماڻهو سان الجهان. تو خصيص ماستر جي ڪري مان پنهنجو اميج نه ٿو وڃائڻ چاهيان . باقي هڪڙن ڳالهه ياد ڪري ڇڏ. ته هڪ ماڻهو به ڪو نه بيهندي. متان ڪنهن قسم جي ڪا تڪڙ ڪجان. مان وري به چوان ٿو صبح ماڻهو ايندا اگر ڪنهن قسم جي فشري ڪئي اٿئي پوي توکي خبر پئجي ويندي. هٿ جوڙي ماستر چوي ٿو سائين حيات موت خدا جي وس ۾ آهي. باقي اسڪول جي پلاٽ بابت سوچڻ ڇڏي ڏي. شرجيل ڀر ۾ کنيل پستل کڻي ٿو پر کيس نواز روڪي وٺي ٿو. بابا هن ماسترڙي تي ٿا گولي خرچ ڇو ٿا، ڪريو ڇڏيوس.
ٻي ڏينهن نواز وارا اسڪول پهچن ٿا. اتي ماستر حبن ۽ باقي شهر واسين جو رخ ڏسي نواز وارا بنا ڪجهه چوڻ جي واپس هليا وڃن ٿا. شام ستين وڳي ماستر حبن چرين وانگر دانهون ڪندو اسان جي مانڊڻي تي اچي ٿو.
اهڙي حالت ۾ ماستر حبن کي ڏسي ابو پريشان ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجائپ مان هڪل ڪري چوي ٿو ماستر گهر ڏي ته خير آهي نه ڇا ٿيو آهي جو ائين دانهون ڪندو اچين ٿو. تڏهن ماستر رڳو ايترو چئي سگهيو هو ته لاهوتي ڪونج الاءِ ڪاڏي وئي.
ابي کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو. بي ساخته چوي ٿو ڪٿي شرجيل جو منهن ڪارو ته ڪون ٿيو آهي نه ماستر حبن.
مون کي به اهڙو ئي شڪ آهي. حبن وراڻيو
هل ته ٿاڻي تي هلون. ابو ٽپ ڏئي مانڊڻي مان لهي چوي ٿو. ڏسندي ئي ڏسندي پارڪ چوڪ وٽ اڌ شهر گڏ ٿي وڃي ٿو سڀ ٿاڻي تي پهچن ٿا.
پوليس ايف آءَ آر داخل ڪرڻ بدران انڪار ڪندي چوي ٿي پهرين آڙو پاڙو جانچي اچو ائين نه ٿئي ٻارڙي ڪنهن جي گهر هجي ۽ اسان ويٺا شهر جي معززن تي ايف آءِ آرون داخل ڪرايون.
ايف آءِ آر ڀڳي ڪو نه ٿي وڃي اها ڪهڙي وقت به ڪاٽي سگهجي ٿي. بلڪه پوليس استاد حبن سان گڏ آهي. اسان کي پڻ ايڏو ئي ڏک ٿيو آهي. الله خير ڪندو پهرين توهان چڱي نموني جانچ ڪري اچو.
ان رات ابو سڄي رات گهر ڪو نه آيو هو. صبح جو سڄي شهر ۾ اها خبر هلي وئي هئي ته ڪونج گم ٿي وڃڻ جي ڪري ماستر حبن جي گهر واري گذاري وئي آهي. تڏهن پورا ٽي ڏينهن اسانجي مانڊڻي بند رهي هئي.
ڪونج جي گم ٿيڻ جو مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. مان رڳو اهو سوچيندو هئس ته ڪونج ميري نه ٿي وڃي. منهنجي ٻاراڻي ذهن ۾ ڪونج جي گم ٿيڻ کان وڌيڪ ان جي ميري ٿيڻ جو وڌيڪ خطرو هو.
۽ پوءِ اسان جي هٿن ۾ ڪونج واپس ڪرايو جا پلي ڪارڊ هئا پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو هو احتجاج ۾ اسان جي اسڪول جي شاگردن سميت پوري شهر جا ماڻهو شامل هئا. ڪجهه ڏهاڙن کانپوءِ خبر پئي ته ماستر حبن گم ٿي ويو آهي. تڏهن سيٺ بالو ۽ ابي جي واتان ماستر حبن جي هوش هليو وڃڻ جون ڳالهيون ٻڌيون هيونسين.
تنهن کانپوءِ ابو اسان کي روزانه پريس ڪلب تي وٺي وڃي احتجاج ڪرائيندو هو. ۽ اهو احتجاج اوستائين جاري رهيو جيستائين ابو حيات رهيو.
ابي جي گذاري وڃڻ کانپوءِ تڏهن مان ۽ فتو ميٽرڪ ۾ اچي پهتا هئاسين. ابي جي چالاڻي وقت اسان کان ڪونج ۽ ماستر حبن وسري ويا هئا. اسان ابي جي لاڏاڻي واري ڏک ۾ ورتل هئاسين اچانڪ خبر پئي ته تڏي تي شرجيل صاحب اچي ٿو. شرجيل صاحب جي اچڻ جو ٻڌي اڪثر تڏي تي ويٺل ماڻهو حيران رهجي ويا هئا سڀني جي زبان تي هڪ ئي سوال هو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي لاهو تي جيستائين جيئرو هو شرجيل خلاف احتجاج ڪيو هو پوءِ هي سڀ ڪجهه ڪيئن اسان اڃان سڀ ان حيرت ۾ ئي هئاسين ته شرجيل وارا پهچي ويا.
شرجيل مون سان اهڙو ڀاڪر پائي مليو ڄڻ پنهنجي ڪنهن سڳي سان ملندو هجي بلڪه اهڙي طرح مون سان ڪڏهن ابو به مليو ئي ڪو نه هو.
شرجيل صاحب اٿڻ کانپوءِ معمول کان ڪجهه وڌيڪ ڏاڍيان ڳالهائيندي چيو ته پٽ گهڻو پڙهيل آهين.
مون هٻڪندي وراڻيو سائين ميٽرڪ ڪئي اٿم پنهنجي خاص ماڻهو نواز کي مخاطب ٿيندي چيائين شام هن کي ڪلرڪي جو آرڊر گهر وييٺي پهچائي وڃ. نواز ڪوزش واري انداز ۾ حاضر بابا چيو ۽ پوءِ سڀ هليا ويا هئا شرجيل صاحب وڃڻ وقت اسان اڃان وڌيڪ حيران هئاسين شام نواز مون کي ڪلرڪي جو آرڊر ڏيڻ آيو هو. آرڊر منهنجي حوالي ڪندي چيو هئائين ڪراچي وڃڻو پوندي جيترو ٿي سگهي جلدي وڃي جوائن ڪر ۽ پوءِ ٽئين ڏينهن تي مان ڪراچي جوائن ڪرڻ لاءِ پهتس.
ڪراچي ۾ ابيءَ جي دوست چاچو خير محمد جي آسري ڪپڙا ٻڌي نڪري پوان ٿو. خير محمد پهرين ته اسان وٽ جام ايندو هو هڪ ننڍڙو ڳاڙهي ڪلر جو رسالو به کڻي ايندو هو. پر هاڻي جهونو ٿيڻ ڪري تمام گهٽ ايندو آهي. جڏهن چاچي خيرل وٽ پهتس ته اصل جي ۾ جايون ڏنائين ۽ پنهنجي پٽ عاليان کي حڪم واري انداز ۾ چيائين ته هن کي ڪڏهن به ڪنهن به شئيءَ جي تڪليف نه ٿيڻ گهرجي. ائين سمجهه ته هي تنهنجي ڀاءٌ ۽ منهنجي پٽ آهي.
عاليان مون کي ڪراچي جا سڀ تفريحي هنڌ گهمائڻ شروع ڪيا. هڪ ڏينهن اسان سمنڊ تي بيٺا هئاسين ته هڪ شخص جيڪو انتهائي خراب حالت ۾ مليو. جسماني طور تي صفا ضعيف هو.
اهو شخص ڪونج ڪونج چئي هڪ طرف ڊوڙي رهيو هو ڪونج جو نالو ٻڌي هڪ لمحي لاءِ مان بي ساخته متوجهه ٿيس دل سٽ کاڌي ته ڏسانس ڪٿي متان ماستر حبن هجي. اهو پاڳل شخص ڊوڙي ڊوڙي وڃي ڪنهن هنڌ ويهي رهي ٿو. اسان جڏهن پهتاسين تڏهن مان دنگ رهجي ويس. ڇاڪاڻ ته اهو بي حال ۽ ضعيف شخص ماستر حبن ئي هو. مان بي اختيار بڻجي وڃي مست ملنگ بڻيل ماستر حبن کي ڀاڪر پايان ٿو ۽ عاليان کي چوان ٿو پليز منهنجي مدد ڪر ته هن کي اسپتال تائين وٺي هلون. ۽ پوءِ وڏي ڪوشش سان ماستر حبن کي اسپتال وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيون ٿا.
***