اجاڙ واڙ واڙ ۾
نوڪريءَ جي پهرين ڏينهن کان اڄ تائين سڀني کان پهرين آفيس پهچڻ ۽ آخر ۾ گهر نڪرڻ واري معمول ۾ هڪ پل جي ساهي ڪونه ڪئي اٿس. آفيس پهچڻ سان ڪم ۾ لڳي ويندو آهي. بنان ساهي پٽڻ جي سڄو ڏينهن ڪم ۾ رڌل رهندو آهي. حرام جو ڪنڌ کڻي ڪاڏي ڏٺو هجيس، نبن جي اهڙي انداز سان ڪم ڪرڻ تي آفيس جا ساٿي هر وقت ڪونه ڪو چرچو ڪو، ريمارڪس پاس ڪندا رهن ٿا. ڪن جي خيال ۾ آفيس هن جي سڱن تي بيٺل آهي. ڪجهه اڃان به اڳتي وڌي گهڻو ڪجهه چئي ويا هوندس. پر نبن اهو سڀ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندي ڪم ۾ رڌل رهيو آهي. اهو سوچڻ بنان ته ڪنهن ڪهڙو ريمارڪس پاس ڪيو. ڪڏهن ٽاري نه سگهڻ جي صورتحال ۾ ڏانهنس مسڪرائي ڏٺو هوندو ۽ بس... اهو ئي نه ڪجهه ڪم چور ماڻهن جو ڪم به هن جي حصي ۾ رهيو هو.
”نبن صاحب! هن فائيل کي هڪ نظر مان ڪڍجو...“ ۽ نبن بنان ڪنهن سوال جواب ڪرڻ جي ان ڪم کي پنهنجي ڪم جو حصو سمجهي اُڪلائي ڇڏيو. اها ئي هن جي آفيس ۾ سڃاڻپ آهي، باقي نه ڪو دوست نه ڪو مٽ، سدائين تنها نه وري ڪنهن کيس ٽهڪ ڏيندي ٻڌو ۽ خوش ٿيندي ڏٺو هو.
شروع شروع ۾ ڪجهه آفيس جي ساٿين سندس جوانيءَ تي ترس کائي کيس زندگيءَ طرف وٺي اچڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر نبن جي حياتيءَ ۾ رنگ ڀرڻ ۾ ناڪامي نصيب ٿين. نبن جي زندگيءَ ۾ تبديلي نه آڻي سگهيا. مايوس ٿي پنهنجي پنهنجي ڪمن ڪارن ۾ گم ٿي ويا ته وري ڪنهن نبن طرف مڙي ڪونه ڏٺو. سڄي سنسار ۾ اڪيلو رهجي ويل خزان ۾ ڇڻيل پيلي پن وانگر هوائن جي آڌار تي وقت جي پيرن هيٺ لتاڙبو رهيو آهي. بنان ڪنهن احساس ڏيارڻ جي چاڪيءَ جي ڏاند وانگر هڪڙِي ئي چاري، گهاڻي جي پڙ تي وهندي زندگيءَ کي انت طرف وٺي وڃڻ واري خاموش معاهدي تحت هلي رهيو آهي.
آفيس جي ساٿين لاءِ وندر جو وکر بڻجي ويو آهي. ڪليک ايندي ويندي ڪا نه ڪا هٿ جي حرڪت يا ڀوڳا ڪندا رهن ٿا ۽ هي بنان ڪنهن احتجاج ۽ ردعمل ظاهر ڪرڻ جي پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ساٿي مٿس رحم کائيندي هڪڙو هلڪي براند جو سگريٽ پياري کانئس ضرورت پڇندا آهن. ۽ موٽ ۾ نبن چپن تي ڦڪي مسڪراهٽ آڻي احسان قبول ڪرڻ جو سگنل ڏيندو آهي. ڇٺي ڇهه ماهي جنرل مينيجر احسان ”آزاد“ کيس پنهنجي آفيس ۾ گهرائي ڪلاڪ کن ويهاري کيس وڏو مگ ڪافيءَ جو پياريندو آهي. نبن جيئن ئي احسان ”آزاد“ جي آفيس مان ٻاهر هو نڪرندو آهي ته شاپر ۾ هڪ ٺري جو آڌيو ۽ سٺي برانڊ جي سگريٽن جا ٻه ٽي پاڪيٽ هٿ ۾ کڻي ايندو آهي. تڏهن سڄُو اسٽاف حيرتن جي جهان ۾ پئجي ويندو آهي بلڪه ٿرٿلو مچي ويندو آهي سڄي آفيس ۾. اهو سڄو ڏينهن پورو اسٽاف احسان ”آزاد“ کي مهربان شخص ثابت ڪرڻ لاءِ هڪٻئي سان ٿيل احسان ”آزاد“ جون چڱايون ياد ڏياريندي گذاري ڇڏيندو آهي. هر ڪو احسان ”آزاد“ جي وڏ ماڻهپي جا ڳڻ ڳائيندي نظر ايندو آهي. جڏهن ته ڪجهه ساٿي نبن جي اهڙي ڀاڳ تي سڙندا به آهن. ڪي ڪم چور قسم جا ساٿي وري نبن کي احسان ”آزاد“ جو ايجنٽ هجڻ واري فتويٰ جاري ڪندي چوندا آهن ته،. اهڙا ماڻهو ئي ورڪر دشمن ٿيندا آهن. ورڪرن جون غلط رپورٽون بالا آفيسرن کي ڏئي پنهنجي لاءِ مراعتون حاصل ڪندا آهن.
اهو ڏينهن آفيس ۾ ڪم گهٽ ۽ احسان ”آزاد“ جون تعريفون وڌيڪ ٿينديون آهن. جڏهن ته باقي بچيل وقت ۾ نبن کي دٻيل لفظن ۾ گارين جا دس چاڙهيا ويندا آهن. جڏهن ته ڪجهه بي ضرر قسم جا ڪليگس خاموش تماشائي بڻجي اهو سڄو تماشو ڏسندا آهن.
ٻين لفظن ۾ اهو ته سڄي اسٽاف کي ان ڏينهن نبن جي آفيس ۾ هجڻ وارو احساس ٿيندو آهي.
باقي نه ته گذريل 16 سالن واري سڄي عرصي ۾ گهڻي ڀاڱي دنيا جو هر ڀوڳ ۽ ٽوڪ نبن جي حصي ۾ رهندو آيو آهي. اهو ئي نه پر نبن نظرانداز ٿيل رهيو آهي.
نوڪريءَ کان اڳ نبن خانه بدوشن وانگر آزاد زندگي گذاري آهي. پنهنجي ڌرتيءَ جو اهڙو ڪهڙو ڳوٺ ۽ شهر ناهي جنهن تي نبن جي سفر جا پيرا نه مليا هوندا .ڪڏهن ڪهڙِي ڳوٺ ته ڪڏهن ڪهڙي شهر مان پوڙهي امڙ کي سندس سلامتيءَ جا سنيها پيا ملندا هئا. هفتن جا هفتا مهينن جا مهينا گم. پوڙهي امڙ کيس پنهنجي پيرسني ياد ڏياريندي اهڙين رولاڪين کان ڏاڍو روڪيو هو. پر نبن امڙ کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي به ڪونه پئي سگهيو ته هي ڪهڙي رستي جو مسافر بڻيو هو! ۽ ٻڌائي به ڀلا ڪيئن؟ زمانو ئي اهڙو هو، ٰ آزاديءَ جو نالو وٺڻ جي معنيٰ ڪاريهر تي پير پوڻ تصور ڪبو هو. نبن ماءُ جي مريدپنهنجي پوڙهي امڙ جون سموريون منٿون نظرانداز ڪري ڌرتيءَ جي آجپي جي راهه کي اوليت ڏني هئي. جڏهن سندس ماءُ اندر پڙهي ورتو ته نبن پنهنجي پوڙهي امڙ کي ڌرتيءَ جي آجپي جي اهميت جا دليل ڏئي لاجواب ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ جهڙوڪر ٻنهي ماءُ پٽن جي وچ ۾ هڪ خاموش معاهدو ٿي ويو هو. ملڻ لاءِ آتا ته ٽٽڻ لاءِ تيار. جڏهن نبن ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي وڃڻ لاءِ موڪلائيندو هو تڏهن وقت جي هٿان شڪست کاڌل پوڙهن نيڻن مان هڪڙو لڙڪ لڙي ڌرتيءَ جي سلامتي لاءِ دعا بڻجي ويندو هو. ۽ پوءِ بنان ڪجهه ڳالهائڻ جي ٻئي پنهنجي پنهنجي ڪم سان لڳي ويندا هئا. پوڙهي امڙ اوسيئڙي ۾ ۽ جوانيءَ ۾ قدم رکندڙ ڳڀرو پٽ ڌرتيءَ جي آجپي جي جنگ واري محاذ تي وڃي رسندو هو. پوڙهي امڙ پٽ جي نسرندڙ جوانيءَ واري ويلي اهڙي واٽ وٺڻ تي سراپجي وئي هئي. امڙ جي اکين ۾ پٽ جي اهڙي جدائيءَ جو درد حياتيءَ جي آخري لمحن تائين انتظار جي تصوير بڻجي رهجي ويو هو. ٻي پاسي جوان پٽ ۽ پوڙِهي امڙ جي ملڻ وارو وقت جيئن پوءِ تيئن گهٽ ٿيندو ويو. هفتن وارو گيپ مهينن جي وٿيءَ ۾ بدلجي ويو. جوان پٽن جي پيرن ۾ تحريڪ جي مسافري ۽ پوڙهي امڙ جي جهور نيڻن ۾ انتظار ۽ ڪجهه ٿي پوڻ وان سوين الڪن ۽ انديشن آکيرا جوڙي ورتا هئا. حالتون ئي اهڙيون هيون جو رياست جي داداگير بندوق آزاديءَ جي ويڙهه وڙهندڙ جوانن جي تاڙ ۾ رهندي هئي. آئي ڏينهن ڪٿان نه ڪٿان ڪنهن امڙ جي جهولي خالي ٿِيڻ وارا اطلاع ملڻ معمول بڻجي ويو هو. سوين ڳڀرو جوان ڌرتي ماءُ کي حياتيءَ جي ڀيٽا ڏئي چڪا هئا. ۽ اَڻڳڻيا جوڌا لانگ بوٽن جي لتاڙ هيٺ هئا. خاڪي وردي ڌرتي ڄاون لاءِ موت جي علامت بڻجي چڪي هئي. پوءِ به آجپي جا خواب ڏسندڙ جوان رت اڳڀرو هو انهن جي دلين مان لانگ بوٽ جي وحشت ۽ موت جو خوف لتاڙ جي چڪو هو. ملندڙ سزا کي ڪو به جوڌو لکائيندو ئي ڪونه هو. نبن به اهڙي راهه جو اهم سپوت بڻجي ويو هو. نبن پنهنجي امڙ جي مڙني اوجاڳن کان بي نياز بڻجي ويو هو. در در وڃي آزاديءَ جا خواب ورهائي رهيو هو. آخرڪار هو به آزاديءَ جي اهم اڳواڻن منجهان هو. جيترو ذهين هو ان کان به وڌيڪ مقرر هو. جتي پهچندو هو آزادي جا پتنگ فدا ٿيڻ لاءِ بي قرار هوندا هئا. کيس اکين ۾ ويهارڻ لڳا هئا. نبن جي خطابن نوجوانن جي دلين کي ڀڙڪائي وڌو هو. ڄڻ ته جلندي تي پيٽرول پوي هڪ طرف نبن جي سرگرمين سامراجي قوتن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون ته ٻي طرف ڪارڪنن سان سٺي ورتاءَ ۽ محبتون ونڊڻ ڪري پنهنجي سينيئر قيادت کي گهڻو پوئتي ڇڏيندو اڳتي وڌي رهيو هو. کيس آزاديءَ جي ڪارڪنن دلين ۾ ويهاري ڇڏيو هو. هر ننڍي وڏي کي پاٻوهه مان مرڪي ڳل لائڻ واري ادا کيس هزارين جوانن ۽ جوانڙين جي دلين ۾ جاءِ ڏني هئي. ڌرتيءَ جي عشق ۽ ڪارڪنن جي چاهه سندس پوڙهي امڙ ۽ مٺڻ جا عڪس لڙاٽي ڇڏيا هئا.
نبن کي ڀاءُ ڀيڻ هئا ئي ڪونه پيءُ جي ٻاجهه کان ننڍي هوندي ئي محروم ٿي چڪو هو. پيءُ بابت امڙ واتان ئي ٻڌو هئائين ته اريگيشن ۾ داروغو هو. ڪاري ٻوڏ واري سال بچاءُ بند تي ڊيوٽِي ڪندي سورنهن بيلدران سان گڏ بند ٽٽڻ ڪري لڙهي ويو هو. وڏي ڳولا باوجود ڪنهن جو به لاش هٿ ڪونه آيو هو. ابي جي چالاڻي کان پوءِ امڙ ئي کيس هٿ جا پورهيا ڪري پالي تاتي جوان ڪيو هو، جوان ٿيندي ئي پنهنجي مامي جي ڌيءُ مٺڻ جي زلفن جي زنجيرن ۾ ونگجي ويو هو. تڏهن کيس زندگي مٺڻ جي آس پاس ئي محسوس ٿيندي هئي. ائين ڀانئين به ڇو نه! مٺڻ ڳوٺ جو نڪ هئي. ڳوٺ جا جوان کيس ڏسندي ئي حواس وڃائي ويهندا هئا. مٺڻ جي ايتري ملندڙ پيار تي ڳوٺ جي ڳڀرن کي ريسون ٿينديون هيون. مٺڻ جي مسڪرائڻ سان ڪائنات جا مظهر نظر ايندا هئا. ۽ ادا سان آرس ڀڃڻ سان موسمون بدلجڻ لڳنديون هيون. سڄي ترجا جوان مٺڻ تي فدا هوندا هئا. ۽ مٺڻ نبن لاءِ ماندي هوندي هئي جيسين نبن کي نه ڏسي حرام جو سک جو ساهه کڻي.
نبن ڪاليج پهتو ته رنگ ئي ٻيا ڏٺائين. هر طرف جواني ۽ حسن جو درياءُ ڇلندي نظر پي آيو. ڪجهه شاگردن کي ڳجهين سرگرمين ۾ ڏٺائين ته اَجهل جواني ۽ دل ۾ تجسس پيدا ٿي پيس. بنان ڪنهن هٻڪ جي انهن شاگردن سان وڃي مليو. ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڳجهين گڏجاڻين جو حصو بڻجي ويو، هن کي پهرين پيري معلوم ٿيو هو ته ڌرتي غلام به ٿيندي آهي. تڏهن اها به خبر پيس ته ڌرتي ڌڻين کي غلاميءَ هيٺ رکندي سامراجي قوتن انهن جا سڀ حق ڦٻائي رکيا آهن. سامراج کان آزاديءَ لاءِ تحريڪ هلائي پئي وڃي. غلاميءَ جي احساس نبن کي نهوڙي وڌو هو. سڄو ڏينهن ڌرتيءَ جي آزادي ۽ پنهنجا ڦٻايل حق وٺڻ متعلق سوچڻ لڳو هو. رهيل ڪم آزاديءَ جي تحريڪ جي سرواڻ ”آزاد“ سان ملاقات ڪيو. پروفيسر آزاد ڌرتي جي آزادي خاطر وڏيون اذيتون برداشت ڪيون آهن ۽ زندگي جو وڏو حصو جيلن ۾ گذاريو اٿس. آزاد سان جيڪو به مليو هڪ نظر ۾ ئي ان جو اسير ٿي ويندو هو. نبن تي به آزاد جي سحر اهڙو ئي اثر ڪيو هو.
نبن ڏسندي ئي ڏسندي ڌرتيءَ جي آجپي واري تحريڪ جو اهم اڳواڻ ٿي سامهون آيو.
آزاديءَ جي خواب نبن کان پوڙهي امڙ جي ٻاجهه ۽ مٺڻ جي زندگيءَ جهڙِي پيار کان گهڻو پري ڪري ڇڏيو هو. اهو ئي نبن هو جيڪو رات جو سمهڻ کان پهرين امڙ جي جا پير چمڻ ۽ مٺڻ سان ملڻ پنهنجا اولين فرض سمجهندو هو. سندس اهڙي زندگي جي معمول ۾ فرق اچي ويو.
نبن جيئن پوءِ تيئن سامراج لاءِ ٽف گاءِ جو درجو ماڻي ورتو هو. لانگ بوٽ ٿرٿلي ۾ اچي ويا هئا. لانگ بوٽن جي هر حرڪت نبن کي هٿ ڪرڻ واري جستجو بڻجي وئي هئي. هڪ نه ٻي ڏينهن لانگ بوٽ نبن جي اڱڻ چيڀاٽڻ ۽ پوڙهي امڙ کي ڊيڄارڻ لڳا هئا. نبن گهر هجي ته هٿ به اچي نه. پوري رياستي مشنري استعمال ڪئي وئي پر نبن هٿ ڪونه آيو. ڌرتيءَ جي قابض قوتون جون ننڊون حرام ٿي ويون هيون.
نبن آخري ڀيرو گهران پوڙهي امڙ جا پير ته ڇهي نڪتو هو پر، هن ڀيري موڪلائڻ مهل مٺڻ جي مرڪ ۽ پيار جي احساسن واري هڙ کڻي ڪو نه نڪتو هو. نبن کي مٺڻ جي نه موڪلائڻ ۽ ان جي ٻئي هنڌ شادي ٿي وڃڻ واري درد ڏاڍي چوٽ رسائي هئي. مٺڻ کي نه ماڻڻ وارو گهاءُ وڏي عرصي تائين ڪُرندو رهيو هئس. اندر رهڙجي پيو هئس. پر درد جي اذيت پي ويو هو ته ڌرتي جو درد مٺڻ جي وڇوڙي تي غالب ٿي ويو هو. وطن جي غلاميءَ جي درد جي تڙپ رولاڪ بڻايو هئس پر مٺڻ جي وڇوڙي جو درد اندر ۾ لهي ويو هئس. مٺڻ سان نه ملڻ جو درد ڪڏهن ڪڏهن ننڊ کسي ويندو هئس. تڏهن بي اختيار لطيف جو ورد شروع ڪندو هو پر سڪ سڄڻ جي ماٺي ڪونه ٿيندي هئي. مٺڻ جي مائٽن رولاڪ چئي مٺڻ جو سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هئس. نبن، مٺڻ کي چاهڻ باوجود مٺڻ جي مائٽن جا شرط نه مڃيا. مامي سڌي سڌي ڳالهه چئي هئس ته اگر مٺي سان شادي ڪرڻ چاهين ٿو ته اهي فضول ڪم ڇڏي روزگار جي ڪر. نبن مٺڻ کي ساهه جو درجو ڏيڻ باوجود ڌرتيءَ کي اوليت ڏني هئي. ڌرتيءَ جي آجپي کي ترجيح ڏيندي گهران نڪتو ته هو پر مٺڻ جو وڇوڙو هر لمحي سندس ساهه سان سلهاڙيل رهيو. مٺڻ جي سار کان هڪ لمحو به غافل نه رهيو ڪڏهن ڪڏهن ته يارن دوستن کان لڪي ٻارن جيان بي اختيار سڏڪڻ لڳندو هو. ٽن مهينن کانپوءِ نبن کي، رني ڪوٽ ۾ تحريڪ جي اهم گڏجاڻيءَ دوران امڙ جي چالاڻي جو اطلاع مليو هو. تڏهن نبن جي اکين ۾ ڄمي ويل مٺڻ جي وڇوڙي واري گليئشر مان پهريون ڀيرو ڳوڙهو اکين جون سرحدون ڇڏي ڳلن جي صحرا ۾ گم ٿي ويو هو. ان ويل نبن اهو فيصلو نه ڪري سگهيو هو ته ڳڙي نڪتل ڳوڙهو پوڙهي امڙ جي حصي جو آهي يا مٺڻ جي جدائيءَ جو. ٻنهي جي کسجڻ تي سڏڪي پيو هو جنهن تي آزادي جي امام وڏي چاهه منجهان کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو. ان ويل تحريڪ جي سرواڻ ”آزاد“ جون کليل ٻانهون ڪاري ٻوڏ ۾ لڙهي ويل داروغي جو ڀاڪر محسوس ٿيو هئس. ان پل ”آزاد“ کي داروغو ڄاڻي چنبڙي پيو هو. ۽ پوءِ جڏهن هوش آيو هئس ته پاڻ کي ڪئمپ آفيس ۾ ڏٺو هئائين جتي آزاد خاڪي وردي وارن سان هر ننڍي ڳالهه تي وڏا ٽهڪ ڏئي ڳالهائي رهيو هو. هڪ لمحي لاءِ اهو محسوس ٿيو هئس ڄڻ ته آزاد جي خاڪي وردي وارن سان ڪاپراڻي نيازمندي هجي. ڪاري ٻوڏ ۾ لڙهي ويل داروغي جي حيثيت رکندڙ آزاد پنهنجي ڪجهه وڌيڪ قيمت مقرر ڪئي هئي. نبن کان بنان پڇڻ جي سودو ڪيو ويو. نبن کي اڄ به اُهو قيامت خيز لمحو ياد آهي جڏهن پروفيسر آزاد خاڪي ورديءَ واري جي هٿان پنهنجي پٽ احسان لاءِ آفيسريءَ ۽ نبن لاءِ ڪلرڪي جي نوڪريءَ وارا آرڊر مرڪي وصول ڪندي ڏٺو هئائين.
***