مهاڳ : ڪاڇي جي ميدانن جيڏي دِل وارو ماڻهو
آگسٽ 2004ع ۾ مونکي، ڪي ٽي اين تي ماڻڪ ڪنگراڻي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. فبروري 2011ع ۾ اِهو سلسلو تڏهن ختم ٿيو، جڏهن مون ڪي ٽي اين تان ڊگهي موڪل ورتي ۽ سوشل ڊولپمينٽ سيڪٽر (جنهن کي سولي سنڌيءَ ۾ اين جي اوز چوندا آهن) ڏانهن واپسي ڪئي. انهيءَ سموري عرصي ۾ ماڻڪ مون کي ۽ مون ماڻڪ کي نه رڳو برداشت ڪيو، پر انجواءِ به ڪيو. هڪ ٻئي سان ڪي زيادتيون به ڪيون ۽ هڪ ٻئي جو لحاظ ڪيو. ماڻڪ پنهنجي پاران لکيل پيش لفظ ۾ پاڻ لاءِ لکيو آهي ته دوستن جي چواڻي پنهنجي ذات کي لوڙهو ڏئي رهندو آهي، پر مان سمجهان ٿو ته ماڻڪ ڪنگراڻي ته کُليل آڳنڌ آهي جتي حُجت ۽ حق جتائڻ جي هوا هر وقت هلندي آهي، نه ته ماڻهن کي مون به ڏٺو آهي، انهن جي شخصيت جي ٻاهران نه رڳو Fencing ٿيل هوندي (لوڙها ڏنل هوندا آهن) پر ڏاڙهيندڙ ڪُتا به بيٺا هوندا آهن.
ماڻڪ سِڌو آهي، چريو آهي، بلڪه چرٻٽ آهي، هُو سمجهندو آهي ته جيئن هُو ٻين جا (خاص طور دوستن جا) پاڻ تي حق ۽ حُجتون واجب سمجهي ٿو، تيئن ٻيا به (خاص طور تي دوست ۽ پنهنجائپ وارا ماڻهو) به هن جي حقن کي ۽ حجتن کي Intact رکن ٿا.
شعبو کڻي ڪهڙو به هجي، هنڌ ڀلي ڪهڙو به هجي، پر ڀوتارڪو انداز، ساڳيو ئي هوندو آهي، جٿي ڪٿي ماڻهو پنهنجي ئي مفادن جو نگران هوندو آهي. ماڻڪ جي غلطي چئجي يا معصوميت، هُو پنهنجي فائدن جو نگران، سنگت کي سمجهندو هئو، نتيجي ۾ پاڻ ئي پريشان ٿيندو هئو. ۽ پوءِ مون هن کي مايوس ٿيندي ڏٺو ته ۽ اڪيلو اڪيلو به محسوس ڪيم. پر ياد رهي ته ماڻڪ اڪيلو ناهي. پر وڏو ڪهول اٿس، جنهن ۾ امڙ، ڀائر، ڀيڻيون، ڀاڻيجا ڀئيٽيا، ۽ گهڻا ماڻهو آهن، جيڪي هن سان پيار ڪن ٿا ۽ جن تي هُو نڇاور ٿئي ٿو موجود آهن. ماڻڪ پنهنجي ذات ۾ ان لاءِ اڪيلو آهي جو پنهنجون خوشيون ته شرڪت ۾ رکندو آهي ۽ تڪليفون خلوت ۾.
بس ماڻڪ جي تعريف ڪجي ته مختصر طور ائين چئبو ته ماڻڪ ڪاڇيءَ جي ڪنڌيءَ جو ۽ ڪاڇي جهڙو ئي آهي، (ڪاڇي جي ميدانن جيڏي دِل وارو ماڻهو) پوئتي پيل ۽ نظر انداز ڪيل پرڳڻي وانگر اڪيلو، خاموش ۽ موسمن جي مهربانيءَ تي انحصار ڪندڙ پنهنجي (Instinct) جبلت جي زور تي باقي رهندڙ هي جدوجهد جي علامت!ٻين جي لاءِ آسيس جھڙو
هاڻي ماڻڪ ڪنگراڻي جي ڪهاڻين جو جائزو وٺنداسين جيڪڏهن هي ڪهاڻيون جنهن جي ڳٽڪي جو نالو ”ستين آسمان جا فرشتا“ آهي فقط ڪهاڻيون سمجهي پڙهبيون ته به مزو ايندو ۽ وندر حاصل ٿيندي جيڪو Fiction جو بنيادي مقصد (Objective) هوندو آهي. پر نه هي ڪهاڻيون ته ماڻڪ جي اندر جي اوک ڊوک آهن. ۽ ان ريت اُپٽار ٿئي ٿي ۽ سماج جي مختلف طبقن ۽ دؤرن جي هنن ڪهاڻين ۾ هڪ تاريخ آهي. سماج توازن ۾ خرابيءَ جو هڪ داستان آهي ۽ جذبا آهن، ڪيفيتون آهن ۽ وڏي ڳالهه ته ماڻڪ ڪهاڻين ۾ ڪنهن به فارميٽ (گهاڙيٽي) جو محتاج به نه رهيو آهي.
ماڻڪ جي ڪهاڻي ”هڪڙو ماڻهو لک ٿئي ٿو“ (موجوده) دؤر جي هڪ Case Study آهي ۽ سچي ڪهاڻي آهي. جدوجهد جو هڪ بي مثال ثبوت آهي. 2010ع جي مهاٻوڏ ڪنهن کان وسري هوندي؟ جوهيءَ وارن پنهنجي ڳوٺ کي ٻوڏ کان بچائي ورتو ۽ سنڌ ۾ ٻڌي ۽ ايڪتا، عزم ۽ حوصلي جو هڪ لافاني داستان درج ڪري ورتو.
ماڻڪ ڪنگراڻي جيئن ته هڪ گهڻ رخي شخصيت آهي، مثال طورسياسي ڪارڪن به رهيو آهي، صحافت به ڪئي اٿائين، ڪجهه ترجمو ۽ تحقيق جو ڪم به سرانجام ڏنو اٿائين ۽ گڏوگڏ شوبز جو ماڻهو به آهي. هن بي شمار آرٽ پليز، لانگ پليز ۽ سنڌي توڙي اردو ۾ سيرئلز پڻ تحرير ڪيا آهن، تنهنڪري هن جي ڪهاڻين ۾ يا ائين چئجي ته هن جي تحريرن ۾ هن جي تجربي جا اولڙا محسوس ٿين ٿا. مثال طور هن جي ڪهاڻي پي ايس 57 هڪ خوبصورت سيرئيل جي ون لائين محسوس ٿئي ٿي. سياست جي نالي ۾ ٿيندڙ استحصال جي ڪهاڻي آهي ۽ ڏيکاريو ويو آهي ته هيءُ واحد شعبو آهي، جنهن ۾ماڻهو ڏاڍو بي حس ۽ خود غرض ٿي ويندو آهي جتي نفيس رشتا به ماڻهو لاءِ اهميت وڃائي ويهن ٿا فقط انهن کي ذات جي ترجيح هجي ٿي ۽ ماڻڪ هن ڪهاڻي ۾ سياستبازيءَ جي ستم ظريفين کي وائکو ڪيو آهي. نه رڳو اهو پرسياست جي قلابازين ۽ چالاڪين کي پر دغا ۽ دولاب کي هن ٻين ڪهاڻين ۾ پڻ ظاهر ڪيوآهي . انهن ڪهاڻين ۾ ”اُجاڙ واڙ واڙ ۾“ هڪ اهم ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي اقتدار جي ايوانن ڏانهن ڊوڙندڙ ماڻهن جي ناهي، بلڪه ”اُجاڙ واڙ واڙ ۾“ انقلاب جي نقيبن کي ٻن گروهن ۾ ورهائجندي ڏيکاريو آهي، هڪڙا اُهي جيڪي جوانيون، ڳاري پاڻ لوڻ ٿي ويا، ٻيا اهي، جن اُنهيءَ لوڻ کي پنهنجي دسترخوان جي ذائقي وڌائڻ ۾ ڪتب آندو. باقي پچيا رلندڙ ۽ تڙپندڙ خواب، جيڪي اڄ به قومي تحريڪ جي شهيدن جي مزارن جي آس پاس مجسم ۽ غير مجسم حالت ۾ مجاوري ڪندي نظر ايندا.
”ڪونج ڪيڏانهن وئي“ ڪهاڻيءَ ۾ به طاقتور ايم پي اي جي ڏاڍ ۽ جَبر کي ڏيکاريو ويو آهي جيڪو علم جي ڏيئي کي اُجهائي ٿو ۽ گڏوگڏ ماستر حبن کي نور پکيڙڻ جي ڏوهه ۾ ڏاڍي ڳري سزا ڏئي ٿو ، هن ڪهاڻيءَ ۾ ماڻڪ جا هي خوبصورت جملا ڄڻ ته سنڌ جي سمورين تڪليفن جي مختصر تاريخ آهي ۽ هڪ حوصلي جو Symbol آهن. ماستر حبن چوي ٿو: ”پُورو شهر کائي وڃو پر اسڪول جي پلاٽ جي هڪ انچ تي بيهڻ ڪونه ڏيندس. جيڪو وڻيو وڃي ڪريو پر اسڪول جي پاسي نه لڙجو، اسڪول معنيٰ روشني ۽ مان پنهنجي شهر کي اونداهه ۾ ڪرڻ ڪونه ڏيندس. منهنجي شهر جي مستقبل سان جيڪو به کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو ان کي مان بخش ڪونه ڪندس.
ڪهاڻي ”ڪاري ڍڳي جو چور“ طوالت جي ڪري پنهنجو اثر قائم ته ڪو نه ڪري سگهي آهي، پر بلاشڪ ڪهاڻيءَ جي ٻولي، مختصر جملا، تشبيهون ۽ منظر نگاريءَ مان عبدالقادر جوڻيجو جي لکڻين واري Frankness ۽ نسيم گرل جي تحريرن جو انداز به جهلڪي ٿو. اهو ان ڪري جو هڪ ته ماڻڪ، سٺو پڙهندر به رهيو آهي ۽ پڪ سان ڪهاڻيءَ جي انهن Icon ليکڪن کي پڙهيو به هوندائين ۽ اثر به قبول ڪيو هوندائين، پر منهنجو اندازو آهي ته هن جو ”ڳوٺ“ سان جيڪو تعلق آهي، اُهو ساز جو تند سان تعلق جهڙو آهي ۽ وڏي ڳالهه اها آهي ته ”ڳوٺاڻي سماج“ جي روايتن، داستانن، خوبين ۽ خرابين کي حڪيم وانگر سڃاڻيندڙ ليکڪ عزيز ڪنگراڻيءَ جيNon Formal تربيت جو نتيجو به آهي.
ماڻڪ جي ڪهاڻين ۾ ڪجهه ڪهاڻيون هن مجموعي جون شاهه ڪهاڻيون آهن (جيئن غزل ۾ ڪو بند شاهه بند هوندو آهي)، مثال طور ”390 ڏهاڙين جو حساب“ هن ڪهاڻيءَ جي باري ۾ گهڻي اُپٽار نه ٿا ڪيون جو، پڙهندڙ جو، تجسس کي برقرار رکڻ به ضروري آهي البته اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته ”رڻ ۾ رات ٺري“ ۽ ”پي ايس 57“ وانگر هيءَ ڪهاڻي به اهو ثابت ڪري ٿي ته ماڻڪ شهري زندگيءَ جي اڀياس کي به تمام گهڻو اهم سمجهيو آهي ۽ ان تي وقت به خرچ ڪيو آهي. شهري زندگي جي الڳ Dynamics ٿئي ٿي، ڇو ته ماڻهو روزگار جي پٺيان ۽ شهر ماڻهوءَ جي زندگاني جي پٺيان هوندو آهي. انهي Cat & Mouse واري گيم ۾ ماڻڪ پاڻ به شامل رهيو آهي. (۽ اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ڪونهي ته هر شريف ۽ ايماندار ماڻهو وانگر ماڻڪ هڪ Mouse ئي رهيو آهي. پر( Cat ڪو نه ٿي سگهيو آهي). منهنجو خيال آهي ته لکڻ جهڙو ڪم، دنيا جي ڏکين ۽( Challenging ) وارن ڪمن مان هڪڙو آهي. لکڻ وڏي وِٿ آهي. ماڻڪ ڪهاڻيون لکي وڏو پورهيو ڪيو آهي. پر اها به حقيقت آهي ته هن دؤر ۾ ڪتاب ڇپرائڻ ان کان به وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي تنهنڪري منهنجي نظر ۾ مبارڪ آهن اُهي هٿ جيڪي ڪتاب ڇپرائين ٿا.
ويندي ويندي مان ماڻڪ جي ڊرامن تي به ڪجهه ڳالهائيندس. ڪيڙن ماڪوڙن جهڙي هينڊ رائيٽنگ واري ماڻڪ کي ڊرامي لکڻ جي خداداد صلاحيت حاصل آهي. ڊراما نگار سان وڏي ويڌن اها هوندي آهي ته هُو پروڊيوسر جي فرمائش/ مرضيءَ/ پاليسي مطابق لکندو آهي، هڪ ڀيري پروڊيوسر فرمائش ڪئي ته 14 آگسٽ جي حوالي سان هڪڙو سولو پلي لکڻو آهي. ماڻڪ مون کي چيو ته: ”مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي آهي، اِهو Play مان لکندس.“ پروڊيوسر کان اجازت ورتم ماڻڪ اِهو پلي لکيو ۽ پوءِ توهان کي ڇا ٻڌايان ته اِهو ڊرامو مون لاءِ ڪيڏو وڏو ”بُحران“ بڻيو هوندو، ڇو ته اسڪرپٽ ايڊيٽر طور ان ڊرامي جي سڄي ذميواري مون تي ئي اچڻي هئي. بس ايترو ٻڌايان ته ماڻڪ بندوق کڻي، مٿان بيٺو هئو ته هڪڙو لفظ به هيٺ مٿي ناهي ڪرڻو ۽ مونکي 14 آگسٽ جي ڊرامي کي ڳاڙهي مان سائو ۽ ڪجهه سُفيد ڪرڻ لاءِ هر لفظ ۽ هر جُملي کي بدلائڻو هئو... بهرحال..... اهو هڪ وڏو امتحان هئو.
ماڻڪ جي ڊرامن تي جيڪڏهن مان فقط هڪڙو جملو چوان ته اهو هيءُ آهي ته جيڪڏهن قسمت ساٿ ڏئيس ته هُو اردو ميڊيا ۾ ملڪي سطح تي ناماچاري حاصل ڪري سگهي ٿو.
ماڻڪ جي بيشمار سولو پليز ۽ سيرئلز ۾، ڪڏهن به يڪسانيت نظر نه آئي، ڇو ته ماڻڪ وٽ Subject جي گوناگونيت آهي ۽ ڪردارن ۾ به ڏاڍي Variety آهي، ماڻڪ جا ڊراما سرڪاري ٽي وي چينل تان به نشر ٿيا آهن ۽ انعامن ۽ اعزازن سان به نوازيا ويا آهن، تنهنڪري اِهو چئي سگهجي ٿو هُن پاڻ کي شوبز رائيٽر طور مڃرايو آهي. (باقي ڪو مڃي يا نه مڃي، ان جي مرضي!) مرضيءَ تي، ماڻڪ جي ڏڦير هجڻ جي ڳالهه ياد اچي وئي آهي ڇو ته ماڻڪ هلندو ئي پنهنجي مرضيءَ سان آهي. سو ڳالهه اُها ڪري ئي ڇڏيان ته چڱو آهي. ماڻڪ جو هڪڙو جملو يا تڪيه ڪلام مون کان ڪڏهن به نه وسرندو آهي: پنهنجي مزي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهجي ٿو.“
(اصل حقيقت اِها آهي ته صوفي صفت ماڻڪ، هميشه ٻين جي مزي ۾ ئي مزو وٺندو رهي ٿو). ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ٻين جي خوشيءَ کي پنهنجي خوشي ۽ مزو سمجهندڙ ماڻڪ اجاين ۽ اڻانگهن معاملن ۾ هٿ وجهندو آهي. ته ڇو؟
بس ايترو ئي سمجهه ۾ ايندو آهي ته اها ئي ته Abnormality آهي ۽ اها ئي Super.......Normal هجڻ جي نشاني آهي. ليکڪ، شاعر ۽ فنڪار جيڪڏهن جِينئس آهن ته ان لاءِ جو هُو چريا، کريا ۽ خر دماغ هوندا آهن. ماڻڪ انهيءَ قبيلي جو ماڻهو آهي.
طارق قريشي