هڪڙو ماڻهو لک ٿئي ٿو...!
ٻوڏ هاڻي خانڻ وارن جي ڳوٺ ڏانهن وڌي رهي هئي. پاڻي فٽن جي حساب سان مٿي چڙهي رهيو هو. ڄڻ ته سڪيءَ تي سمنڊ جڙي پيو هجي. بزرگ ٻڌائن پيا ته اهڙي ٻوڏ انهن منجهان ڪنهن ڪون ڏٺي هئي...
ايڏي خوف ۽ دهشت ڀري ماحول ۾ به، خانڻ جي ذهن ۾ هڪ ئي سوال کر کنيو بيٺو هو ته ڪيئن پنهنجي ڳوٺ کي پٽ پوڻ ۽ ٻوڏ ۾ ٻڏڻ کان بچائي.
پاڻي ڳوٺ کان اڃان ته چاليهه کن ڪو هه پرتي هو خانڻ ان جو فائدو وٺندي ڳوٺ جي ماڻهن کي بچاءِ بند کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اتساهي رهيو هو. ڳوٺ جي هڪ هڪ ماڻهوءَ سان مليو موٽ ۾ ڳوٺاڻن جو ورتاءُ توڙي جو چڱو ڪو نه هو، پر پوءِ به خانڻ ان جو ڪو به اثرڪو نه ورتو.
ماڻهن کي موت کان سواءِ ڪجهه به نه نظر نه ٿئي آيو، ڄڻ ته زندگيءَ کي موت جي راڪاس حوالي ڪيو ويو هجي.
پاڻي جو چاڙهه رخ ۽ ڇوهه پسي ڳوٺ جي مجيرين چيو ته، ”پاڻي آ جهاڳ ۽ آجهل آهي، ڳوٺ کي ڏنل بچاءَ بند ته، پهرين سٽ ۾ ئي هليو ويندو، تنهنڪري ڀلو ان ۾ آهي ته ڳوٺ خالي ڪري ڪنهن محفوظ جاءِ ته هلون ۽ جيئن ئي پاڻي لهي ته موٽي ماڳن تي اچبو.“
مجيري جي فيصلي کي پوري ڳوٺ اکين تي رکيو. اوطاق ۾ ويٺلن مان ڪنهن به ڳوٺاڻي مجيريءَ جي فيصلي کي پٺ نه ڏني. پر خانڻ مجيريءَ جي ان فيصلي تي نابري واريندي سڌو سنئون انڪار ڪري ڇڏيو. خانڻ جي انڪار مجيريءَ کي ته نه وڻيو پر ڪمدار ڪارائن کي به نه آئڙيو. سڄو ڳوٺ خانڻ جي ان هوڏ تي وائڙو ٿي ويو. مجيريءَ خانڻ کي رد ڪندي ڳوٺاڻن کي صلاح ڏني ته، ”هوضروري سامان ٻڌي تياري ٿي سوير ئي نيڪر جو ڪن ان ۾ ئي سندن ڀلو آهي.“ ڇو ته هنن لاءِ ڳوٺ نه پر ڳوٺاڻا اهم آهن.
حياتي سڀ کي پياري هوندي آهي ڳوٺ جي اڪثر ماڻهن کي مجيري محمد صديق جي صلاح سٺي لڳي رهي هئي، مجيري محمد صديق ڳوٺاڻن کي محفوظ هنڌ ڏانهن پهچائڻ لاءِ پنهنجي ٽيڪٽر ٽرالي مفت ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.، جڏهن ته مجيريءَ جي موڀي پٽ آچر خان پاڻ پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي ٻاهر محفوظ هنڌ پهچائڻ جو اعلان ڪيو هو.
ڳوٺ ۾ مجيري محمد صديق جي اصل واهه واهه ٿي وئي. هر ڪنهن جي وات تي هڪ ئي وائي هئي ته مجيري محمد صديق هن ڏکي گهڙي ۾ ڳوٺاڻن کي نه ڇڏيو.
خانڻ وري به ڳوٺ جي ماڻهن سان مليو ۽ هٿ جوڙي منٿ ميڙ ڪئي ته، ”مجيري جي ڳوٺ سان سچا آهن ته ٽيڪٽر سان ڳوٺ جي بچاءَ بند کي محفوظ ڇو نه ٿا ڪن.“
۽ مجيرين خانڻ جي ان خيال تي ٺهه پهه ان ڪار ڪندي چيو ته، وات ڳاڙهو رولو ڇورو ٿو ڳوٺ جا فيصلا ڪري.
خانڻ پوءِ به ڳوٺاڻن کي منٿون ڪيون ته، ڳوٺ ڇڏڻ کان بهتر آهي ته بچاءَ بند محفوظ ڪيون پنهنجو ڳوٺ قدرتي طرح اڳ ئي مٿي آهي ان ڀلائيءَ ڇو نه مان فائدو وٺون، اسان کي ته بلڪل ٿوري محنت ڪرڻي پوندي.
هڻندي ماريندي نيٺ خانڻ جي اها ڳالهه ڳوٺاڻن کي دل سان لڳي.
خانڻ، جي اسان مڙسي ڪيون ته اسان پنهنجي ٻچڙن ۽ عورتن کي در بدريءَ کان بچائي سگهون ٿا. ۽ توهان ئي ٻڌايو ڀلا نياڻين ۽ معصوم ٻچڙن کي ڪٿي گهليندا وتنداسين.
پر مجيري صديق جي وري به ساڳي ڳالهه، ”پاڻي آجهاڳ آهي ان سان مهاڏو اٽڪائڻ سوکو ناهي.“ تنهن ڪري اسان جي بهتري ان ۾ آهي ته ڀڄي جان ڇڏائجي.
ڳالهه مجيري صديق جي به غلط نه هئي پاڻي واقعي به اهڙو هو.
ڳوٺاڻن جي هر کر تي مجيري صديق ڪاوڙ مان ڳوٺاڻن کي چيو ته، ”ان خانوءَ جي چوڻ ۾ اچي پنهنجو بڻ بڻياد گم ڪرائيندائو. پاڻي اڃان پري ۽ گهٽ آهي. نيڪر جي مهل اڃان نه وئي آهي پاڻي جهڙي انداز سان وڌندو ٿو اچي سو ڪنهن کي به نه ڪو نه بخشيندو.
پوڙهن پڪن جا ساهه مٺ ۾ هئا. هڪ پاسي مجيري صديق جي ڳالهه به صفا سون سان تورڻ جهڙي ٻي طرف وري خراب ڳالهه خانڻ جي به نه هئي. هن به مڙسي جي ڳالهه پئي ڳڻائي.
پنهنجو تر ڇڏي کانپوءِ خبر ناهي ڪهڙي حالت مان گذرڻو پوي، ماڻهو پيئڻ جي پاڻي چڪي لاءِ مجبور، نياڻيون سياڻيون الڳ بي بردي ٿين. ڪو عزت ڀريو اجهو ملي الاءِ نه !
انهن ڳالهين هڻي ڳوٺاڻن کي منجهائي وڌو هو. اڻڳڻيا سوال ڳوٺاڻن جي ذهن ۾ ڪوڪن وانگر کپي ويا هئا، ڪو به ڪنهن هڪ فيصلي تي ڪو نه پئي بيهي سگهيو.
پاڻي ڏسي ڪو به ان کي منهن ڏيڻ واري همت ڪو نه پي ساري سگهيو پاڻي کي منهن ڏيڻ واري خانڻ جي ڳالهه ان ڪري به ڪمزور لڳي رهي هين جو، پاڻي جيئن پوءِ تيئن چڙهندو پئي آيو، تنهن مان ڳوٺاڻن کي لڳو پئي ته، ان کي منهن ڏيڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ناهي. پاڻي هڪ ئي ڌڪ سان ڳوٺ کي اصل ڪک پن ڪري ڇڏيندو. ٻئي پاسي وري پنهنجي ڪکن کي ڇڏڻ به ڏکيو هو. اباڻن ڪکن ۾ عزت ڀريو ساهه کڻڻ وارو اتساهه به اهم هو.
ڏسندي ئي ڏسندي پاڻي ڳوٺ کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو هو. جيئن جيئن پاڻي ڳوٺ کي سڙهو ڪندو پئي ويو تيئن تيئن ڄڻ ڳوٺاڻن جو ساهه سوڙهو ٿيندو ويو. اصل ماڻهن جو ساهه سڪي ويو هو.
ڪجهه ماڻهن ڊپ مان مجيرين وٽ وڃي هٿ جوڙي مدد وٺي ڳوٺ مان نڪر ڪيو.
ڳوٺاڻن کي ٻاهر پهچائڻ لاءِ مجيرين جون ٽراليون تيار بيٺل هيون ڳوٺاڻن ۾ خوف وڌي ويو هو. اهي آهستي آهستي ڳوٺ ڇڏڻ لڳا هئا مگر خانڻ جي ذهن تي هڪ ئي سوال سوار هو هن نه صرف ڳوٺ پر ماءُ جي بٺي بچائڻ پي چاهي. خانڻ جو هونئن ته هن ڳوٺ ۾ پنهنجو ڪير به ڪو نه آهي بلڪ امڙ حاجران جي چالاڻي کان پوءِ ته هن ڀري ڪائنات ۾ اڪيلو رهيو آهي. جڏهن کان حاجران لاڏاڻو ڪري وئي آهي تڏهن کان خانڻ گهر ۾ رات جا چار پهر سمهڻ لاءِ ايندو آهي. پر سمهي به ڪو نه سگهندو آهي جو گهر ۾ ايندي ئي امڙ جي يادگيرين ۾ گهيرجي ويندو آهي. تڏهن بي اختيار بڻجي پنهنجي امڙ جون سنڀالي رکيل عام استعمال وارين شين کي چمي ماءُ کي ڀري جهان ۾ اڪيلو ڪري وڃڻ واريون شڪايتون ڪندي سج اڀاري ڇڏيندو آهي. گهر جي اڱڻ تي بيٺل پوڙهي نم جي ڇانو خان کي امان حاجران جي جهولي جيترو سڪون ڏيندي هڪ ٻانهين ڀڳل کٽ ڪوٺي جي وچين مناري سان ٺاهيل ڪچي مٽي جي مسيت ۽ ٻيون اهڙيون بي شمار شيون آهن.جن سان خان جي ماءُ جون يادگيريون جڙيل آهن جن کي سهيڙي ٻوڏ کان بچائڻ به ڏکيو ته ٻوڏ ۾ ميسارجڻ جي صورت ۾ کيس ائين لڳي رهيو هو. ڄڻ سندس ماءُ هڪ ڀيرو ٻيهر وڇڙي رهي هجي. خان اهو درد ٻيهر برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن لاءِ سڀ کان اهم پنهنجي امڙ جون يادگيريون بچائڻ آهن. هو هڪ ڀيرو وري جذباتي ٿي ڳوٺاڻن وٽ آيو ۽ انهن کي ويڻ ڏيڻ لڳو ته، ”اڙي! اسان اڳ ته ڪڏهن پنهنجيون نياڻيون ٻاهر ڪو نه ڪڍيون هيون ڏکي سکي ۾ گهر عزت سان ويٺا آهيون ۽ هاڻي ساهه جي ڊپ کان هٿيار ڦٽا ڪيا آهن اها ڪهڙي غيرت آهي، جو ساهه جي ڊپ کان ننگ رلائڻ نڪتا آهيون.؟“
هڪ طرف حياتيءَ جي تانگو ته ٻئي پاسي خانڻ جا ويڻ ڳوٺ وارن لاءِ وڏو ذهني منجهارو کڙ ٿي ويو، ڳوٺاڻن جو ساهه ٻه ٽنگو ڦاسي پيو.
هڪ پاسي خانڻ جون ڳوٺ نه ڇڏڻ جون منٿون ۽ صلاحون ته ٻي پاسي مجيري صديق ماڻهو ڍوئڻ شروع ڪيا. تڏهن خانڻ جو هانو ڇڄي پيو. جڏهن ڪاڪي ڪوڙي پنهنجي خاندان کي نڪرڻ لاءِ چيو. خانڻ توڙي جو هارائڻ لڳو هو. پر پوءِ به همت نه هاريائين هڪ دفعو وري پڪن پوڙهن وٽ ڀڳو ته، ”او چاچا! ماما! ڀائو!!! سر بچائڻ به سنت آهي پر جوان جوءَ نه ڇڏيندا آهن. هونءَ ته سڄي سنڌ پنهنجي آهي جتي چاهون هلي رهي سگهون ٿا. پر اها ڪائنرتا آهي، جو اسان پنهنجو ڳوٺ بچائڻ بدران ٻين جي درن تي وڃي ڌڪا کائون. مجيري محمد صديق جي جهڙا ماڻهو سرڪار جي ونگار وهندي اسان ڪي دربدر پيا ڪن.“
خانڻ جو اهو چوڻ مجيري جي اکين ٽيڏي ڪري پنهنجي ڇاڙتن ڏانهن نهارڻ ۽ خانڻ تي موچڙن جو ٽهڪو شروع اصل ڪوٽي مڙس کي ناڙ ڪري وڌائون.
خانڻ کي مار ملندي ڏسي ماسي جنت جيڪا پڻ پنهنجي پٽ سوڍي ۽ ڌيئرن ملوڪان ۽ مٺي سان گڏ ٽراليءَ ۾ ويٺي هئي. هڪل ڪري ٽرالي مان لهي پئي، ”ڇوڪر کي متان اڪيلو سمجهو اٿو.“
ماسي جنت جي اهڙي هڪل کانپوءِ ماءُ جو مريد پٽ سوڍو به ڪهاڙي اڀي ڪري ٽراليءَ مان ٽپ ڏئي لٿو ته ملوڪان ۽ مٺان به ڀاءُ سان گڏ ٽراليءَ تان لهي پيون. سوڍي جي ڪهاڙي جو وراڪو ۽ ماسي جنت جي هڪل مان مجيري محمد صديق صورتحال سمجهي ويو. معاملو هٿان نڪري ويندو سو پنهنجي همراهن کي هڪل ڪري پاسي ڪيو ڊرامي بازي ڪندي پنهنجي همراهن کي گارگند ڪندي ڊرائيور کي ٽِيالي ڪڍڻ جو چيو.
ماسي جنت جي اهڙي دلداريءَ تي خانڻ جا لڙڪ لڙي پيا. سوڍي وڌي خانڻ جا لڙڪ اگهندي چيو، ”مڙس ٿي خانڻ، تو جهڙا جوان روندي ڪون ٿا سونهن همت ڪر ڳوٺ بچائبو.“ اسان توسان گڏ آهيون.
ماءُ جي مريد سوڍي جي ڳالهه ٻڌي سندس ڪجهه دل گهريا يار به هڪل ۾ هڪل ۾ ڏيندي بند تي پهچي ويا.
پوءِ ته هڪ پاسي پاڻيءَ ته ٻئي پاسي سوڍي ۽ ان جي يارن جهڙن ڇيڙاتن ۽ ماهر ڪوڏارين جي ڪوڏرن جي وهڪ.
پاڻي چوي ٻوڙيان ٻوڙيان، همراهن جي لپي جي زيپٽ اصل مشين وانگر پئي وهيا. اصل هڪ کن جي ساهيءَ بنا بند جي بچاءَ ۾ لڳي ويا.
ٻي پاسي ملوڪان ۽ مٺان ماني ۽ پاڻيءَ جي ڪم ۾ لڳي ويون.
ڳوٺ ۾ سرٻاٽ پئجي ويا. هڪڙي پاسي پاڻي ته ٻئي پاسي ماسي جنت گهر گهر ۾ ڳوٺ جي جوانن لاءِ واکاڻ ڪندي، ڪنهن کي ميار ته ڪنهن کي گار. ڪنهن جا شرم مان ڪنڌ جهڪيل ته ڪي وري ڪوڏر کڻي بند تي پهتا. صديق مجيريءَ ماسي جنت کي گار ڏياري موڪلي ته، ”رن! ڳوٺ جي جوانن جو سر کڻائيندي.“
هڪ طرف پاڻي هٿن جا هٿ چڙهي رهيو آهي ته ٻي طرف خانڻ ۽ سوڍي جي سنگت جا جذبا جوان ٿيندا پيا وڃن.
ڪنهن اچي بند تي محمد صديق مجيري طرفان پوليس موڪلڻ واري سازش ٻڌائي ته سڀ کن پل لاءِ وسامي ويا.
خانڻ کي ذهن ۾ مجيري محمد صديق جي ڌمڪي تري آئي، ”تون پنهنجن حرڪتن کان نه ٿو مڙين، جيڪو به نقصان ٿيو. ان جو ذميواريون تون هوندي مان تنهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرائيندس.“
کن پل لاءِ خانڻ جي دل وسامي وئي پر، مٿان سوڍي هڪل ڪندي چيس، ”متان همت هاري اٿئي دوست.“
جنت مٿي تان مٽي جي ڀريل تغاري بند تي هاريندي چيو، ”ڇوڪر پاڻ کي اڪيلو نه سمجهه جيڪو ٿيو منهن ڏبو، پوليس ۽ مجيري صديق کي محاذ تي شڪست ڏبي.“ تون رڳو همت سان ڪوڏر هلاءِ پوءِ ويهي قدرت جا رنگ ڏس.
خانڻ امالڪ چئي ويٺو. ”ماسي پاڻي“.
جنت پر اعتماد لهجي ۾ چيو، ”همت نه هار ڪچي پنڊي (ٻار ٻچن) کي هوتو مست جي ٽٻي تي هلي ويهاربو. ننڍا ٻار ۽ عورتون محفوظ ته سڀ همت سان ڪم ڪندا.“
خانڻ چيو، ”پوءِ ماسي وارو ڪر ٻارن ٻچن کي ڳوٺ جي پٺيان ڪسي (واٽر ڪورس) واري ڪڙ سان وٺي وڃي هوتو مست جي ٽٻي تي ويهار.“
”توهان بي فڪر ٿي ڪم ڪريو. اهو ڪم منهنجو.“
پاڻي بچاءَ بند کي پائڻ تي پهتو هو.
ڪجهه جاين تان ننڍيون ننڍيون هلڪيون ڦلڪيون روڻيون به پئجي ويون هيون. پر خانڻ وارن مڙسي نه ڇڏي. جيئن جو تيئن حوصلي سان ڪم ۾ رڌل رهيا.
مجيري محمد صديق جي انا مجروح ٿيڻ لڳي هئي هن نه رڳو خانڻ هٿان هارائڻ جي احساس هيٺ دٻجي خانڻ کي جهڪائڻ لاءِ آخري هربو استعمال ڪندي پوليس کان مدد وٺندي خانڻ کي گرفتار ڪرڻ جو سوچيو، اصل ۾ وڏيرو خانڻ جي دشمني سبب ڳوٺ سان دشمني تي لهي آيو هو. مجيري صديق ان حوالي سان ڪاري جمعدار جي کيسي ۾ ڏهه کان وڌيڪ نيرا نوٽ وڌا ته، جمعدار ڪارو گڦ ڳاڙيندوبچاءَ بند ڏانهن نڪري ٿو پوي، پر گس تي کيس ياد آيو ته هن پنهنجي پٽن کي ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ سامان گڏ ڪرڻ لاءِ چيو هئي ڪون هو.
اوچتو ڄڻ ته زندگي موٽڻ لڳي هئي،. ماڻهن جي چهرن تان ڊپ جا ليپا لهڻ لڳا هئا ۽ هر هڪ جي هٿ ۾ ڪوڏر اچي وئي هئي. بند کي پوندڙ روڻيون بند ٿي ويون. پاڻي هٿن جا هٿ چڙهي رهيو هو. ته بند به فٽن جا فٽ مٿي ٿيندو پئي ويو. سڄو ڳوٺ بچاءَ بند تي پهتل هو. ڪارو جمعدار بند تي پهتو ته ان جي گف ئي بند ٿي وئي هئي مجيريءَ جي نوٽن پنهنجو اثر وڃائي ڇڏيو هو. ڪارو جمعدار خاموش جهڙو ڀت بند تي لڳندڙ ڪوڏرون کي ڏسندو ئي رهجي ويو...
۽ پوءِ اوچتو ڳوٺ لاءِ سڻائو واءَ گلي پيو هو. نيٺ هڪ وقت اهڙو به اچي ٿو جو مجيري صديق به پنهنجو ٽيڪٽر ڪاهرائي ڳوٺ جي بچاءَ بند تي پهچي ٿو بند کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ٽيڪٽر به ڪم شروع ڪري ٿو.
جنت ٻاجهاري نظرن سان سوڍي ۽ خانڻ کي شفقت سان مٿي تي هٿ رکندي چوي ٿي: ”پاڻي کي پائڻ نه ڏجو. ڪوڏر نه بيهي مان بس وڃي موٽيس.“
جنت گهر پهتي پنهنجي جوان نياڻين مٺان ۽ ملوڪان کي هڪل ڪندي چيو، ”وارو ڪريو ڪوڏرون کڻون ڀائرن کي توهان جي مدد جي ضرورت آهي.“
مٺان ۽ ملوڪان جنت جي پٺيان ڪوڏرون کڻي نڪري پون ٿيون. جنت ڳوٺ جي ٻين عورتن کي هڪلون ڪري ٿي ته توهان ڇو ويهي موت جو انتظار ڪيون ٿيون. اٿو ڪوڏرون کڻون مٺان وارن کي ڪوڏرن سان بند طرف ويندي ڏسي ڳوٺ جون سوين عورتون انهن جي پٺيان نڪري پون ٿيون.
مال جي واڙي جي ڇانو ۾ ويٺل هادي جا ڪن کڙا ٿي وڃن ٿا 5 اڙٻنگ جوان پٽن جو پيءُ هادي جيڪو ٻوڏ جي خطرن کان بي پرواهه مال جي ڀاڻي وٽ ريڊيو تي جلال جو ڪلام ٻڌي رهيو هو جيئن ئي ڳوٺ جي گهٽي مان جنت جي ڌيئرن ملڪان ۽ مٺان جي هٿن ۾ ڪوڏرون ڏسي ٿو ته شرم مان ڪنڌ جهڪي پويس ٿو . ويتر جنت پنهنجي پوتي لاهي هادي کي ڏيندي چيو ته ادا هادي هي تون سنڀال پنهنجي ڪوڏر ۽ ٽوپي مون کي ڏي ڇو ته اهي توکان سنڀاليون ڪون ٿينديون هادي جيڪو هڪ ٽنگ کان منڊو آهي سو سٽ ڏئي هڪ طرف کان رکيل بي ساکي کڻي هڪل ڪري ٿو راهب - ڍولڻ وارو ڪريو ادي جنت نڪ لاهي ڇڏيو. هاڻي ويڻ سهڻ جي همت نه رهي آهي. هادي جي هڪل تي سڀني ڪوڏرون کنيون ۽ نڪري پون ٿا بند طرف جنت جي ڌيئرن کي ڪوڏرن سان ويندي ڏسي ڊپ ۾ ورتل ڳوٺاڻن جو لڄ منجهان سر جهڪي وڃي ٿو. ۽ پنهنجي گهرن طرف ڊوڙڻ لڳا. جيئن ڪوڏرون کڻي ڳوٺ جي بچاءَ بند تي پهچن.
ملوڪان ۽ مٺان پنهنجي امڙ سان گڏ وڏي ويساهه سان وکون کڻندي بند ڏانهن وڌن ٿيون.
***