ستين آسمان جا فرشتا
امڙ جي حوالي سان جڏهن بابا سان اهڙو ذڪر ڪندو هئس ته هڪ ٿڌو شوڪارو ڀري پنهنجي اندر جي درد ۽ ڪاوڙ کي خارچ ڪرڻ کانپوءِ مسڪرائي چوندو هو ”ديش ڀڳت“ مرشد لطيف ساڃاهه ڏيندس پاڻ مسڪين ڪٿي ٿا پڄي سگهون سامراجي قوتن کي. بابا ۽ ان جو انتهائي ويجهو دوست چاچا عابد مون کي پنهنجي اصل نالي بلاول بدران ديش ڀڳت سڏيندا هئا. هڪ ڀيري منهنجي نالي خارڻ (خراب) جي معاملي تان امان جو بابا سان پاڻي پٽ وارو ميدان به لڳي چڪو هو. ان طوفاني جهيڙي ۾ مون پنهنجي ڄمار ۾ پهريون ڀيرو بابا کي امان تي هٿ کڻندي ڏٺو هئو. خبر ناهي ڇو امان کي ڪٽ ڪڍڻ وقت بابا مون کي خراب لڳڻ بدران ڏاڍو سٺو لڳو هو.
ان ڏينهن بابا جي اکين مان ڪاوڙ جا الا پئي نڪتا. بابا جي اهڙي ڪيفيت ڏسي هيڪاري مان ئي خوفزده ٿي ويو هئس. جنهن تي چاچا احمد امان جي پاران بابا کي ڪچيون گاريون ڏنيون هيون. پر بابا ڪڇي ڇا جهڙو ڀت. بس اکيون هيٺ ڪري کٽ تي جيئن جو ويهي رهيو ته اصل هڪڙو اکر به ورندي يا صفائي ۾ ڪو نه ڳالهايائين. چاچا احمد ڪاوڙ مان بار بار هڪڙي ڳالهه دهرائي رهيو هو. تون آڻِيندين انقلاب. تون پاڻ کي روشن خيال ٿو سڏائين. اڙي جن جا ننگ دربدري جي دنيا ۾ ڀٽڪن اهي ڪجهه به ڪون ڪري سگهندا آهن. چاچا احمد جون گاريون ۽ امان جو روئڻ ماحول ۾ عجيب ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي، مان بي حواسن جيئن ٻاهر ڊوڙڻ لڳس ته چاچي ڪونج مون کي سنڀالي ورتو هو. چاچا احمد بابا جو وڏو ڀاءُ هو ۽ ڪونج ان جي زال. چاچي ڪونج کي پٽراڻو اولاد ڪو نه هو. ان ڪري هو مون کي تمام گهڻو پيار ڏيندي هئي. ان گهڙي خبر ناهي بابا ڇا سوچي رهيو هو پر ان جي اکين مان بيوسي جهلڪي رهي هئي هو بلڪل سڄي صورتحال کان لاتعلق بڻيو ويٺو هو.
البته شام جو اوطاق تي چاچا عابد سان دل جو درد ونڊيندي سڏڪي پيو هو. ان ڏينهن مون بابا کي سڏڪندي ڏسي حيرت کاڌي هئي ته وڏا به روئندا آهن ڇا!؟
اهڙي خبر ملڻ تي چاچا احمد ٻي ڏينهن چاچا عابد سان اوطاق ۾ انتها ئي خراب سلوڪ اختيار ڪيو هو. تڏهن اتي موجود بابا بي ضبط ٿي چاچا سان مخاطب ٿيو هو. زندگي ۾ پهريون ڀيرو هوندو جو چاچا احمد سان بابا اهڙي ڪاوڙ ڀري لهجي ۾ ڳالهائيندي ڏٺو هئم. بابا انتهائي جذباتي ٿي ويو هو. بابا ڪاوڙ مان بار بار هڪ ئي ڳالهه ڪري رهيو هو عابد جي منهنجي دوست طور ڀلي عزت نه ڪريو پر اوطاق تي هلي ايندڙ مهمان جي حيثيت ۾ ته مان ڏيوس. اسان جي خانداني توڙي قومي ورثو ۾ عزتون ڏيڻ آهي. در تي هلي ايندڙ ۽ نياڻي ميڙ تي ست خون معاف ڪري ڇڏڻ ته اسانجي ئي ورثي ۾ شامل آهي. پاڻ وڏي سان جهڪي ملڻ ۽ ننڍي سان پيار ڪرڻ به سنڌ جي روايت آهي. ماءُ جو مريد ٿيڻ ۽ ڀينرن جو ڏڍهه ٿيڻ کان ويندي سام تي سر قربان ڪرڻ به اسان وٽان ئي ٻين قومن ٻڌو هوندو ۽ توهان مهمان جي عزت نه ٿا ڪريون. مان توهان کي پيءُ جو درجو ڏنو آهي. پر جيڪي پيئر روايتن کان بي خبر هجن انهن لاءِ نفرت جي اظهار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي. بابا جا اهي لفظ منهنجي ذهن ۾ نقش ٿي ويا هئا ۽ مان اڄ به مهمانن ۽ دوستن جو دل سان قدر ڪندو آهيان.
هڪڙو دور اهڙو به آيو جو گهر ۾ سڀ ڪجهه موجود هجڻ باوجود امان ايندي ويندي گهر ۾ ڪجهه به نه هجڻ جو ٻڌائڻ لڳي هئي. هڪ ڏينهن بابا کيس ڏاڍي پيار ڀري انداز سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ته مون کي خبر ناهي مون کي منهنجي ڪهڙي گناهه جي سزا ملي رهي آهي. پر مٺي اهو سوچ ته زالون مردن جي عزتن جو ڍڪ ٿينديون آهن پردو ۽ پناهه بڻبيون آهن. تون ائين ڇو ٿي ڪرين. ادا احمد گهر جو وڏو آهي ۽ گهر هلائي پيو ۽ منهنجو خيال ۾ توکي ڪا تڪليف نه پهتي آهي پر وري به مان ڪوشش ڪندس في الحال هٿ تنگ آهي. ڪا راهه نڪرڻ ڏي تڏهن امان زور زور سان دانهون ڪري چوڻ لڳي هئي ته اگر سنڀالي نه ٿو سگهين ته هٿ ڪڍ ته اسين وڃي پنهنجو بندوبست ڪريون. باقي ماني گرهه لاءِ ڪنهن سان ياراڻي ڪو نه ڪنداسين. امان جي اهڙي انداز تي بابا جي انگ انگ مان باهه ڀڙڪندي ڏٺي هئم پر پوءِ به بابا کي ضبط جو مظاهرو ڪندي امان کي ٿڌي دل سان سمجهائي رهيو هو. ان لمحي بابا جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان هئي. هڪ عجيب درد ۽ بي وسي جا عڪس سندس اکين مان ليئا پائي رهيا هئا. ان ئي ڏينهن چاچا احمد اسان جو خرچ بند ڪيو هو.
۽ بابا سڄو ڏينهن ٻاهر رهڻ کانپوءِ شام جو هٿين خالي آيو هو. بابا جي اچڻ وقت مون کان امان جو سمجهايل ڊرامو وسري ويو هو. امان جي پلان مطابق بابا جي اچڻ شرط مون کي بک لڳڻ جون دانهون ڪريون هيون. ۽ ماني لاءِ روئڻو هو. پر مون ائين ڪو نه ڪيو ڇو ته مون کان بابا جي حالت ڏٺي ڪو نه پئي ٿي. مون چاچا ۽ امان کان بابا کي نوڪري ملڻ جو به ٻڌو هو. مان ڊرامي جو حصو نه ٿيس ته امان چاچي ڪونج کي سڏ ڪري چيو ته ادي ماني گرهه هجي ته ڏي“ منهنجو ننڍڙو بي حال ٿي ويو آهي.
امان وارن کان وٺي اچي توکي واپس ڪنديس. چاچي ڪونج انڪار ڪندي چيو هو ته جيڪو اٽو هئو پچائي کائي ويا آهيون هن وقت ڪجهه به گهر ۾ ڪو نه آهي.
ان کانپوءِ بابا گهران نڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. پورا ٽي ڏينهن بابا وٽ سگريٽ ڪو نه هئا. مان مامي جمعي کان پن جي ٻيڙي وٺي آيو هئس. ان ويل بابا حيرت مان پڇو هو.
ڪٿان کڻي آيو آهين ۽ ڪنهن چيو اٿئي، تڏهن مون کيس ٻڌايو هو ته سندس لاءِ مامي وٽان کڻي آيو آهيان تڏهن مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ڏکاري لهجي ۾ چيو هئائين، ”ديش ڀڳت“ تنهنجي ماءُ نه ائين سوچي ته مان پهاڙن سان به وڙهي سگهان ٿو. قوم دشمن عناصرن جي حربن مون کي ايترو پريشان نه ڪيو آهي جيترو تنهنجي ماءُ. مان ٽٽي پوندس منهنجا حوصلا جواب ڏئي ويندا لڳي ٿو مان ڌرتي جي آزادي جي رستي تي گهڻو وقت سفر نه ڪري سگهندس ۽ پوءِ خاموش ٿي ويو هو مون کي پنهنجي ٻانهن جي گهيري مان آزاد ڪري ڇڏيو هئائين. سندس اکين ۾ آلاڻ هئي. مون سواليه نظرن سان ڏٺو ته هن بنا ڪجهه چوڻ جي منهن ٻي طرف ڦيرائي ڇڏيو هو.
شام جو دير سان پڦي حُسن بانو سگريٽ جو پيڪيٽ کڻي آئي هئي. ابي هڪ ساهي ۾ ٽي سگريٽ لاڳيا پيتا هئا ۽ پوءِ ڪيتري ئي دير تائين بابا ۽ پڦي اڪيلائي ۾ ڳالهيون ڪندا رهيا هئا. پهريون ڀيرو هو جو مون کي بابا ٻاهر وڃن لاءِ چيو هو. مان ڪافي سوچيندو رهيو هئس ته بابا ۽ پڦي ڇا پيا ڳالهائين.
۽ ٻي ڏينهن چاچا عابد پورن پندرهن ڏينهن کانپوءِ آيو هو. اسانجي اوطاق بدران چاچا عابد نار واري ٻير هيٺان ويٺو هو. ۽ مان بابا وارن لاءِ پاڻي جو ڪرشو ڀري ويو هئس. چاچا عابد مون کي ڀاڪر ۾ ڀري پيار ڪندي چيو هو ”ديش ڀڳت“ خوش ته آهين نه. مون ڪنڌ هاڪار ۾ لوڏي ها چيو ها. تڏهن بابا منهنجي پٺي ٺپيندي چيو ته ابا شل مرشد لطيف ڪندو پنهنجي بلاول وانگر ڌرتي لاءِ قربان ٿيندين. ان زماني ۾ مون کي هڪڙو خيال بار بار ايندو هو ته مرشد لطيف اسان وٽ ڇو نه ٿو اچي. ڏن لاءِ نه وري اسان انهن جي درگاهه تي ويا آهيون. هڪڙي ڀيري بابا کي مرشد لطيف جي درگاهه تي هلڻ جو چيو هو ته بابا پيسا هٿ اچڻ لاءِ چئي چپ ڪرائي ڇڏيو هو.
۽ پوءِ ٻي ڏينهن بابا ۽ چاچا عابد ڪراچي ويا هئا. بابا جي ڪراچي وڃڻ کانپوءِ مان ڏاڍو اداس ٿي ويو هئس. پورا ٽي ڏينهن ته بخار ٿي پيو هئم. گهڻي پريشان ۽ اداس رهڻ ڪري امان مونکي تمام گهڻو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر مون کي هڪ پل به مزو ڪو نه پئي آيو. هر هڪ لمحي ۾ هزار ڀيرا بابا کي ياد ڪندي ان جو ذڪر ڪندو رهندو هئس. ايتري تائين جو امان وارن کي پريشان ڪري ڇڏيو هئم. ڳالهه وڃي ڊاڪٽرن تائين پهتي هئي. نيٺ آهستي آهستي بابا کانسواءِ رهڻ جو هنر سکي ورتم ۽ پوءِ جڏهن بابا سامهون ايندو هو ته ڊوڙي وڃي چنبڙي پوندو هئس. نه ته بس ڄڻ ياد ئي نه هجي.
شروع وارا ٽي مهينا بابا هر مهيني هڪ هزار جو مني آرڊر موڪليندو هو. بابا جي موڪليل هزار سان اسانجي گهر ۾ ڪو انقلاب ڪو نه آيو هو. البته ايترو ضرور ٿيو هو ته امان تمام گهڻو خوش رهڻ لڳي هئي.
بابا جي موڪليل پئسن جو ور ور ڪري پئي ذڪر ڪندي هئي.جن ماين سان بابا جون شڪايتون ڪندي هئي انهن سان بابي جون تعريفون ڪندي ڍاپجندي ڪو نه هئي. بابي جي اچڻ جو اطلاع مليو ته امان حد کان وڌيڪ خوش ٿي هئي. جيستائين بابا گهر ڪو نه پهتو هو تيستائين امان سک سان ويٺي ڪو نه هئي مون کي ڪيترائي ڀيرا چيو هئائين ڏس ته صحيح تنهنجي ابا دير ڇو ڪئي آهي ۽ مان ڊوڙي وڃي چاچا احمد کي چيو هو. جيستائين بابا پهتو هو اوستائين امان ويٺي انتظار ڪيو. اصل ويهڻ ڪو نه پئي آيس ڪنهن پل جهونگاريائين پي ته ڪنهن گهڙي در تائين اچ وڃ پئي ڪيائين بابا جڏهن گهر پهتو ته امان گهور ٿيڻ جي ادائن سان آجيان ڪئي هئي. مون کي ياد آهي ان رات امان ۽ بابا ڪافي دير تائين ڳالهائيندا رهيا هئا. تڏهن مون کي ائين لڳو هو ڄڻ ته بابا کي ڪا به امان سان شڪايت نه هجي. ڳالهين ڳالهين ۾ بابا مون کان پڇيو هو ته ”ديش ڀڳت“ اسڪول ويندو آهين. تڏهن مون کان پهرين امڙ جواب ڏنو هو. جي ها مان پاڻ زوانو تيار ڪري موڪليندي آهيانس. جنهن تي بابا ورندي ۾ چيو هو مٺي پنهنجي لاءِ سڀ کان اهم ديش ڀڳت آهي. سو نه پڙهي پيو ته اسان جي زندگي جو مقصد پورو ٿي ويندو.
ٺهه پهه امان وراڻيو هو. نواب گهرجون سڀ ذميداريون منهنجون آهن تون انهن لاءِ پريشان نه ٿيندو ڪر. مان ويٺي آهيان بابا ٻيهر ڪراچي ويو مان ۽ امان ڏاڍا اداس ٿي ويا هئاسين.
۽ پوءِ هڪ ڏينهن صبح سوير جو چاچا عابد اسانجي اوطاق تي آيو هو. ان ٽائيم مان اسڪول پئي ويس چاچا عابد مون کي ڏسڻ سان ئي سڏ ڪري ٿو. مان چاچي وٽ پهتس ته هن معمول کان وڌيڪ گرم جوشي ۽ پاٻوهه مان مون کي ڀاڪر پائيندي چيو ”ديش ڀڳت“ جلدي سان ادا احمد کي سڏ ڪر. مان حيرت مان چاچا کي ڏسڻ لڳس ته هن ٻيهر چيو بابا دير نه ڪر. مان حيران هئس ته چاچا عابد اڳ ته چاچا احمد جو نالو ٻڌڻ پسند نه ڪندو هو ان سان ملڻ لاءِ ڪيئن تيار ٿيو اهو به ايڏو جلدي منهنجي بي خبري ۽ معصوميت ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ لاءِ جواب ڏئي وئي هئي. بابا جلدي ڪر نه بيٺو ڇو آهين. چاچا عابد جو جملو ٻيهر منهنجي ڪنن تي ٻريو ته مان بنا ورندي ڏيڻ جي پوئتي ڊوڙ وڌي. گهر پهتس ته امان ڪاوڙ مان پڇيو وري ڇو آيو آهين. اڄ اسڪول نه ويندين ڇا تڏهن وراڻيو هئم ته چاچا احمد سان ملڻ لاءِ چاچا عابد آيو آهي. ادا عابد اهو به ايترو سوير!؟ خدا پيو خير ڪري. اڃان امان چاچي کي ڪجهه چيو ئي ڪو نه هو ته سامهون کٽ تي ويٺل چاچا احمد اٿي بيهندي چيو هو. ڀاڄائي تون پريشان نه ٿي مان ڏسي ٿو وٺانس ته ڇو آيو آهي مان به چاچي احمد پٺيان اوطاق تي آيو هئس. خبر ناهي ڇو مون کي چاچا عابد بابا وانگر لڳندو هو. مون ڪڏهن به چاچا کي سيريس ڪو نه ڏٺو هو. سدائين کلندو ڀوڳ مسخريون ڪندو رهندو هو. ان ڏينهن خبر ناهي ڇو چاچا حد کان وڌيڪ سيريس لڳي رهيو هو ۽ پريشان به.
چاچا عابد اسان کي ڏسندي ئي بي ساخته چاچا احمد طرف وڌندي ڏک مان چيو هو. ادا احمد يار اسان سان وڇوڙو ڪري ويو.
ڇا!؟ ڇا پيو چئين ڀائو. خير ته آهي نه هي ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين!؟ چاچا احمد پريشاني مان لاڳيتا سوال ڪيا هئا. خير ئي ته ناهي نه ادا چاچا عابد وڌي اچي چاچا احمد کي ڀاڪر ڀري سڏڪڻ لڳو هو. جنهن تي چاچا احمد حيران ٿيندي پڇيو پر ٿيو ڇاهي ڀاءُ ڪجهه ته ٻڌاءِ ادا يار نواب اسان کي ڇڏي هن پار هليو ويو. عابد جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ چاچا احمد جهڙوڪر وسامي ويو هو. چاچا عابد جي ڀاڪر مان ڍرڪندي هيٺ ويهي رهيو هو. وڏي دانهن ڪندي چيو هئائين ادا تنهنجي ئي صلاح تي هتان ڪڍيومانس پوءِ به ساڳيا ڏينهن ڏيکارئي. هي ڇا ٿي ويو. ان کان ته بهتر هو هتي ئي هجي ها. بس ڪر ڀاءُ يار جي ايتري ئي حياتي هئي. مون سوچيو هو ته ڪراچي ويندو ته انهن ڏائڻن جي نظرن مان ٽري ويندو. پر ائين نه ٿيو. مان حيران هئس ته ٿي ڇا رهيو آهي. چاچا وارا ڇو پيا روئن. پر چاچا احمد واتان ڪراچي ۽ هڪ هزار جو ذڪر ٻڌم ته منهنجو خيال بابا ڏانهن ويو هو. ادا هو ظالم وڏي عرصي کان هن جي پٺيان هئا. ڪراچي ۾ جوڳي نه ڪنهن جو مٽ سو فرشتا فائدو وٺي ويا. چاچا عابد سڏ ڪندي ٻڌائي رهيو هو.
بابا جي قتل جي خبر علائقي ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي هئي. هزارين ماڻهو آيا هئا. هر ڪنهن جي وات تي بابا جي تعريف هئي. کيس ايماندار ۽ بهادر اڳواڻ چئي رهيا هئا. تڏهن مون فيصلو ڪري ورتو هو ته مان به ايماندار ۽ بهادر اڳواڻ ٿيندس. پر اهو هوندو ڇا آهي ان وقت مون کي ڪا به خبر نه هئي. مون کي بابا جي قتل کانپوءِ خبر پئي هئي ته بابا قومي ڪارڪن هو ۽ ان ڪري ئي مون کي ديش ڀڳت سڏيندو هو. تڏي تي ايندڙ هر ماڻهو بابا جي تعريف ڪندي نظر آيو هو. چوٿين ڏينهن سڀ ڪو پنهنجي ڪمن ڪارين سان لڳي ويو هو. اسانجو پورو خاندان خاص ڪري امان وڏي صدمي هيٺ هئي. تڏو ختم ٿيڻ کانپوءِ به روئندي رهندي هئي. پورو سال امان روئندي رهي هئي. بلڪه بي حال ڪيفيت ۾ هوندي هئي. امان جي مٿان تڏهن ڏکن جا جبل ڪريا هئا. جڏهن امان ۽ چاچي ڪونج ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو ڪيو هو. ان جهيڙي اسان لاءِ پنهنجي گهر جا در سدائين لاءِ بند ڪري ڇڏيا هئا. چاچا احمد بنا ڪنهن لائو لحاظ ڪرڻ جي اسان ماءُ پٽن کي گهران ڪڍي ڇڏيو هو. جنهن کانپوءِ اسان ماما جمعا خان جي گهر اچي رهيا هئاسين. ماما جمعو ٽرڪ تان ڪرڻ سبب هڪ ٽنگ کان معذور هو. ۽ گهر ڀاتين جو اڪيلو ڪمائڻ وارو هو. اسان جي گهر پهچڻ تي ماما ارهو ٿيڻ بدران خوش ٿيو هو ماما کي اڃان وڌيڪ محنت ڪرڻي پئي هئي. پاڻ جو ڏکيو سکيو وقت ڪڍيو پر اسان کي تڪليف محسوس ٿيڻ ڪو نه ڏنائين . بابا جي تڏي کانپوءِ مون کي چاچا عابد وري ڪو نه مليو هو. اسان ان سان ملڻ جي ڏاڍي ڪوشش به ڪئي پر هو نه مليو نه نه مليو. خاص ڪري اسان تڏهن اڃان وڌيڪ ڪوشش ڪئي هئي جڏهن معلوم ٿيو ته چاچا ايس ڊي ايم بڻجي ويوآهي. ڪو حل نه ڏسي امان مون کي چڻن جو ٿالهه ٺاهي ڏنو ۽ مان شهر ۾ کپائي شام جو پهرين ڀيري هڪ سو تيرنهن روپيا ڪمائي آيس ۽ پوءِ اهو منهنجو معمول ٿي ويو هو. مان روزانه صبح جو سوير ڇولن جو ٿالهه کڻي نڪرندو هئس ۽ شام جو 5 بجي موٽندو هئس. منهنجي ڪمائڻ کانپوءِ ماما جمعا خان جو وزن ڪجهه گهٽ ٿيو هو. مٿان وري امان جي به عزت وڌي هئي. مامي وارن جو احسان وارو ٺپو ڪجهه گهٽيو هو. منهنجي پڙهائي ختم ٿي وئي هئي. دراصل امان ته چاهيو پئي ته مان پڙهان پر منهنجي دل صفا ختم ٿي وئي هئي. امان وڏي ڪوشش ڪئي پر مان اسڪول ڪو نه ويس جنهن کانپوءِ امان مون کي ڇولن جو ٿالهه تيار ڪري ڏنو هو. هڪ ڏينهن مان ڇولا کپائيندي وڃي پريس ڪلب تي پهتس جتي سائين سرمد مليو هو. سائين سان ملڻ به عجيب لمحو هو. مان ڇولا وڪڻي رهيو هئس ته ٻاهران سائين سرمد ايندي ئي مون کان ڏهه رپين جا ڇولا ورتا ان دوران مون کان سائين سرمد پڇي ورتو هو ته اسڪول ويندو آهين بابا، نه ويندو آهيان ٺهه پهه وراڻيو هئم.
تنهنجو بابا ڇا ڪندو آهي. ابا کي ڪراچي ۾ شهيد ڪيو ويو هو. اڇا تنهنجو والد صاحب ڇا ڪندا هئا منهنجو مطلب نالو ڇا هئس. مون بابا جو نالو ورتو ته سائين سرمد جي هٿان مان ڇولن واري پليٽ ڪري پئي. تون ڪامريڊ نواب جو پٽ آهين!؟ جي سائين مون وراڻيو هو. گهر ۾ ڪير ڪير اٿئي. مان ۽ امان ماما جمعي خان وٽ رهندا آهيون، مامو هڪ ٽنگ کان معذور آهي سو گذارو ڪو نه پئي ٿيس. تڏهن امان مون کي ڇولا ٺاهي وڪڻڻ لاءِ چيو آهي. تڏهن سائين سرمد فيصلا ڪن لهجي ۾ چيو هو. ٺيڪ آهي پر اڄ کانپوءِ تون ڇولا نه وڪڻنديون سڀاڻي صبح کان ئي تون هتي پهچي وڃ.
۽ ها پگهار ٽي هزار ڏيندس ان کان علاوه کوٽ ٽوٽ ۾ به گڏ هونداسين. مون بنا سوچڻ جي سائين سرمد جي ڳالهه مڃي ورتي هئي. گهر جڏهن امان سان اها ڳالهه ڪيم، امان اصل نڇاور ٿيندي چيو ابا ٻيو ڇا کپي. اصل هن وقتي ئي وڃي نوڪري شروع ڪر. ۽ پوءِ روزانه صبح 12 کان شام پنج تائين آفيس ۾ هوندو هئس. هاڪري ڪرڻ کان ويندي هر ڪم ڪندو هئم. سائين مون کي ڪمپيوٽر سيکارڻ سان گڏ خبر ٺاهڻ ۽ اداري ڏي موڪلڻ سميت سڀ شيون سيکاريون هيون. هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو خبر ٺاهڻ کان ويندي اداري کي پاس ڪرڻ تائين سڀ ڪم مان ڪرڻو لڳو هئس. ان کان علاوه سائين جا ذاتي ڪم ڪاريون به منهنجي ذمي اچي ويون هيون. جيئن پوءِ تيئن سائين سرمد جو مون تي ڀروسو وڌڻ لڳو هو. اهي ڪم جيڪي منهنجي موجودگي ۾ نه ڪري سگهندو هو سي به هاڻي ڪرڻ لڳو هو. قومي تحريڪ جا ڪارڪن ايندا هئا ته سائين خوش ٿيندو هو ۽ انهن جي خبر پاس ڪرڻ کان ويندي چانهه وغيره به پياريندو هو. ڪچهرين ۾ ڪڏهن ڪڏهن بابا جو ذڪر نڪري ايندو هو ته سڀ کان وڌيڪ تعريفون سائين سرمد ڪندو هو. نواب جهڙو بهادر ۽ اڻموٽ اڳواڻ صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن. اسين ڄامڙا آهيون فرشتن جو دٻاءَ کڻي نه سگهياسين. اسان جيءُ مٺو ڪرڻ وارن مان هئا سين ۽ هو تن سان اهي ملندا آهن جيڪي نواب وانگر جي مٺُو ناهن ڪندا. بابا جي تعريفن تي مون کي فخر ٿيڻ لڳو هو ۽ منهنجي آڏو بابا جي شهادت جا پيرا نڪرڻ لڳا هئا. پر جڏهن به مان سائين کان اڪيلائي ۾ پڇندو هئس ته ڳالهه گول ڪري ڇڏيندو هو.
سائين طرفان روزانو ٻه سو ملڻ ڪري اسانجي گهر جو گاڏو بهتر نموني هلڻ لڳو هو. ماما جمعي خان کي هاڻي محنت ڪرڻ جي ضرورت نه رهي هئي. گهر جا سمورا خرچ مان ڪرڻ لڳو هئس. ماما جمعا خان ته هر حال ۾ به امان تي گهور ويندو هو. پر منهنجي ڪمائي اچڻ کانپوءِ ۽ امان جي عزت اڃان وڌيڪ وڌي وئي هئي مامي توڙي گهر جا ٻار ٻچا اسان کي زمين تي پير رکڻ ڪو نه ڏيندا هئا. بابا جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ امان مڪمل طور تبديل ٿي چڪي هئي. کيس ڪڏهن به خوش ٿي کلندي ڪو نه ڏٺو هئم سدائين اداس رهندي هئي. پر جڏهن کان مان ڪمائڻ لڳو هئس ته تڏهن کان امان ڪافي مطمئن نظر اچڻ لڳي هئي.
۽ پوءِ مان ٻاراڻي عمر مان نڪري جوان ٿي ويو هئس. مون کان ٻاراڻي زماني جا سڀ ڏک ڏاکڙا وسري ويا هئا. مان گهڻو وقت سرمد سائين سان گڏ گذارڻ لڳو هئس. سائين جو مون تي ڀروسو وڌي ويو هو هاڻي مون کي پاڻ سان گڏ پيارڻ به لڳو هو. ڪڏهن ڪڏهن سائين ڊارون جو ڍؤ (گهڻو پي ويڻ) ڪري ويندو هو تڏهن بابا شهيد کان ويندي چاچا عابد جي آفيسر ٿيڻ تائين جو ذڪر ڳجهي انداز ۾ ڪري وٺندو هو. سائين سرمد بابا کي چرياڻ پٽ ۽ عابد کي شاطر سڏيندو هو هڪ ڀيري اهو به واتان نڪري ويو هئس ته شهيد جي موجودگي جو اطلاع عابد ڏنو هو.....
۽ پوءِ اهڙو ماٺ جهڙو ڀت. هڪ دفعي سائين جي گهر ويٺا هئاسين سائين سرمد شراب جي جولان ۾ اچي اهو به ٻڌائي ڇڏيو هو ته نواب سياسي اڳواڻ طور فرشتن کي قبول ڪو نه هو. انهن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته نواب اگر قومي تحريڪ مان هٿ نه ڪڍيو ته ان کي ٻي دنيا ۾ رسايو وڃي. پوءِ بابا کي گرفتار ڇو نه پيا ڪن هيل تائين جي تجربي جي بنيادن تي مان سائين کان ڪافي عرصي کانپوءِ ان ڳجهه بابت سوال ڪيو هو، نواب کي گرفتار ڪرڻ جو مطلب هو سياسي ممڻ مچائڻ ڇاڪاڻ ته نواب جي پنهنجي تحريڪ ۽ عوامي سطح تي وڌي پذيرائي هئي ان جي گرفتاري ڏکي پڙ پوين ها ٻيو ته نواب جي گرفتاري سان پارٽي وڌيڪ منظم ٿئي ها قومي تحريڪ حرڪت ۾ اچي وڃي ها. ڪنهن وڏي عوامي رد عمل جو خطرو هو. تڏهن ته ٽارگيٽ ڪلنگ جي نالي گولي جو استعمال ڪيو ويو آهي. پوءِ به ڪيترو شديد ري ايڪشن سامهون آيو هو. ۽ اڃان تائين قاتلن جي گرفتاري جي گهر ٿيندي رهي ٿي. هي ته پارٽي جي لاوارثي سبب ڪا به تحريڪ ڪو نه هلي.ٻيو ته انهن پلاننگ ئي اهڙي ڪرائي هئي ۽ انهن اهو سڀ ڪجهه ڪيو هو. پويان 6 مهينا ته نواب بلڪل خاموش ۽ نه ڄاڻ ڪهڙي ڪنڊ ۾ غائب ٿي ويو هو. تڏهن مون کي چاچا عابد جا واڳو وارا ڳوڙها نظر آيا هئا. ۽ مان امان جي اختيار ڪيل رويي تي سوچڻ لڳو هئس.
رات جو جڏهن گهر پهتس. امان کان پهريون سوال اهو ئي ڪيو هئم ته امان ڪي پل صدمي ۾ وٺجي وئي هئي ۽ پوءِ سڏڪندي چيو هئائين ادا احمد کي ڪنهن ٻڌايو هو ته تنهنجي ڀاءُ کي قتل جو پروگرام ٺهي رهيو آهي بهتر ٿيندو ته هتان ڪڍي وڃونس. مون بي ساخته چيو هو. جيئن اڪيلو ڪري بي دردي سان شهيد ڪري وجهنس. ابا اسان ته پنهنجي طور تي بچائڻ گهريو هو. پر اسان کي ڪهڙي خبر ته ائين ٿيندو.
سائين سرمد جي پنهنجي اداري ۾ وڏي ساک هئي ته علائقي ۾ به هن کي وڏي احترام سان ياد ڪيو ويندو آهي سائين ننڍي وڏي سان نياز ۽ نوڙت سان ملندو هو. جيڪا ڳالهه ڪندو سڀ سچ سمجهندا هئا. ماڻهو ڳالهه ڪندا آهن. ائين سائين کي جڏهن شاگرد سياست ڪندو هو تڏهن به ايترو سٺو هو. سائين سياست جي زماني کان وٺي اڄ تائين جهوڪ شريف کي جهوڪ پاڪ چوندو هو. ۽ جهوڪ جي ڪيل حاڪم وقت کي انڪار تي ڳالهائيندي ٿڪندو ئي ڪو نه هو. سائين چوندو هو ته دنيا جي جابر کي سڀ کان پهرين انڪار جهوڪ جي مٽي مان مليو هو. ڏاڍ آڏو آڻ مڃڻ کان انڪار جريت جي علامت آهي ۽ اهڙي جريت هر ڪو نه ٿو ڪري سگهي. سائين هر جمع تي جهوڪ جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ کي اولين فرض چوندو هو. جڏهن کان مان سمجهدار ٿيو هئس ته مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو، سائين چوندو هو. هتي اهو اچي جيڪو انڪار جي فلسفي کي ڄاڻي سگهي.
سائين مون کي سدائين پاڻ سان گڏ رکندو هو. مان هن جي سڀني دوست کي سڃاڻيان ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته هڪ اڌ ماڻهو اهڙا ايندا هئا سائين جن سان مون کي ڪڏهن به انهن سان نه ملايو. هونئن نه ته هر دوست سان منهنجو تعارف ڪرائي خوش ٿيندو هو. انهن اڻ ڄاڻ ماڻهن بابت نه ته ڪڏهن سائين ٻڌايو ۽ نه وري مون کي مناسب لڳو هو پڇانس ته اهي ڪير دوست آهن. سائين سرمد کي اڳواٽ ئي خبر پئجي ويندي هئي ته ملڪ ۾ ڇا ٿيڻ وڃي پيو ۽ هلندڙ صورتحال جو نتيجو ڇا نڪرندو. ان حوالي سان اخبار ۾ مضمون به لکندو هو.
ان بابت ڪو به سائين سرمد کان پڇندو ته سائين توهان کي خبر ڪيئن ٿي پوي. ته سائين سدائين هڪڙي ئي ورندي ڏيندو بابا ”فقيراڻا ڦند“ ۽ پوءِ مسڪرائي ان ڏس ۾ ڪو به سوال جواب ڪرڻ جي موڊ ۾ نه هوندو هو.
هڪ ڏينهن مان ۽ سائين دارون پي رهيا هئاسين ته قرارن ۾ ايندي سائين ٻڌايو هو ته سانول ڀيانڪ نموني سان مارجي ويندو. مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو. ڇاڪاڻ ته سانول منهنجو ڏاڍو سٺو دوست هو. مون کي خبر هئي ته سائين ان ڏس ۾ وڌيڪ نه ڳالهايندو پر ڏک ڀري لهجي ۾ چيومانس سائين ان کي بچائي نه ٿو سگهجي تڏهن بي اختياري جي ڪيفيت ۾ سائين سرمد رڳو ايترو چيو هو. مان ڄاڻان ٿو ته هڪڙو ٻيو بهادر قومي ڪارڪن موت جي واڳن حوالي ٿي ويندو. هڪڙي جريت انڪار جي همت رکندڙ زبان ڪٽجي ويندي. پر ڇا ڪجي اهو هن فقير جي وس ۾ به ڪو نه آهي. خير ڏسون ٿا قوم جا اهڙا دلير پٽ مرڻ ڪو نه ڏبا. هاڻي اسان وٽ ڊڄڻ لآءِ رهيو ئي ڇا آهي. اڃان به زندگي عزيز ڪئي سين ته جهوڪ شريف ڏي ڪهڙو منهن کڻي هلبو.
ان ڏينهن اسان معمول کان پهرين سڀ ڪم ڪار ختم ڪري گهر لاءِ اٿيا هئاسين. اسان اڃان گاڏي ۾ ويٺا مس هئاسين ته هڪ ڊبل ڊور گاڏي اسانجي گاڏي ڀرسان اچي بيٺي هئي. سائين گاڏي ڏسڻ کانپوءِ ڇرڪ ڀريندي چيو هو سنگت اچي وئي آهي. مان انهن کان ٿي ٿو اچان. پر تون اوسيتائين ٻاهر نه اچجان جيستائين مان سڏيان. سائين لهي ويو.
سڀ آفيس ۾ وڃي ويٺا هئا. ۽ مان گاڏي ۾ انتظار ڪرڻ لڳو هئس. ان ڏينهن منهنجي ذهن تي رڳو سانول سوار هو. سانول جيڪو خوبصورت نوجوان ۽ پڙهيو لکيو سياسي ڪارڪن هو. ان جي موت جي خبر ٻڌي مان مان ڏاڍو پريشان ٿي ويو هيس هر هر ان خيال جي گهيرٽ ۾ اچي پئي ويس. مون کي ائين پئي لڳو هڪ ٻيو ديش ڀڳت يتيم ۽ قوم وڏي اذيت مان گذرندي اڌ مني ڪلاڪ کانپوءِ ٻاهران آيل ٻئي همراهه پنهنجي گاڏي ۾ ويهي هليا ويا. گهڻي ئي انتظار کانپوءِ به سائين سرمد ٻاهر نه آيو ته مان دل ٻڌي آفيس ۾ هليو ويس ڇا ڏسان سائين سرمد کي شديد دل جو دورو پيو هو اهو لقاءَ ڏسي مان دنگ رهجي ويس. ڊوڙي وڃي سائين کي کڻڻ جي ڪوشش ڪيم ته سائين پنهنجي ساري تڪليف تي ڪنٽرول ڪندي وڏو ساهه کڻي فقط ايترو چيو هو. بلاول مون پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ڇڏيو آهي سانول بچي يا نه پر فقير هلن ٿا. مون سائين کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو سائين اهي بعد جون ڳالهيون آهن. توهان همت ڪريو سائين اسپتال گهڻو پري ناهي، مون کي پري ڪندي چيو. منهنجي ماروي ۽ دودي جي پارت هجئي. اگر وس ۾ هجئي ته انهن جو خيال رکجان. مون زبردستي استاد کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو ته سائين توهان پاڻ سنڀاليو. سڀ خير ٿيندو مان سائين کي کڻي اسپتال پهتس جتي ڊاڪٽر چيڪ اپ ڪرڻ کانپوءِ سائين جي اسان سان گڏ رهڻ جا سمورا آپشن ختم ٻڌايا هئا. ۽ نور مور جو سگنل ڏيندي ٻڌايو هو ته سائين دل بيهڻ ڪري وڇڙي ويو آهي. مون سائين جي وڇوڙي جي خبر پنهنجي اداري ڏي تفصيل سان موڪلي هئي جيڪا ٻي ڏينهن اخبار ۾ ايڊٽ ٿي ڇپي هئي. اخبار ۾ رڳو اها خبر آئي هئي ته روزمانه آواز جو رپورٽر ۽ ناليوارو صحافي سرمد آزاد دل بيهڻ ڪري 50 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ٻي ڏينهن مان اداري مان پڇا ٿو ڪريان ته مون خبر ۾ جيڪي تفصيل ڏنا هئا. اهي سڀ ايڊٽ ٿي ويا آهن. تڏهن نيوز ايڊيٽر اخبار جي ايڊيٽر صاحب جي نالي تي مون کي دٻ ڪڍي خاموش ڪرائي ڇڏيو هو.
۽ ٻي ڏينهن اخبار ۾ منهنجي رپورٽر مقرر ٿيڻ وارو اشتهار هلي ويو هو مان رپورٽنگ ڪندو رهيو هئس. ۽ مون ايمانداري سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو منهنجي ڀرپور ڪوشش هئي ته سائين سرمد جهڙي عزت ۽ محبت ماڻيان ۽ پوءِ وقت کي پر لڳي ويا هئا مان سينئر صحافين ۾ شمار ٿيڻ لڳو هئس. غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز بڻجي پيو هئس. شل نه ڪنهن سان ناانصافي ٿئي مان بي چين بڻجي ويندو هئس.
ان سڄي عرصي ۾ مون کي اگر ڪو ڏک هو ته اهو هو پنهنجي دوست سانول بابت ڪيل سائين سرمد جي اڳ ڪٿي ته سانول بي دردي سان ماريو ويندو مون وٽ هونئن ته سياسي ڪارڪن ايندا ئي رهندا هئا. مان سائين سرمد جي روايتن تي هلندي انهن جي خبر هلائڻ سان گڏ انهن کي چانهه ۽ بي خاطر توازه ڪندو هئس مون کي اڪثر ڪري نيوز ايڊيٽر ڪجهه ماڻهن سان ملڻ جي صلاح ۽ هدايت ڪندو هئس. مان انهن سان ملندو ته هئس پر ڪڏهن به اهڙي ڳالهه پلي ڪو نه پئي جنهن مان ڪجهه پرائجي هڪ ڀيري ته رات جو ٽي بجي ڪجهه ماڻهو منهنجي گهر تي آيا هئا مون کي ڌمڪائي ڌيان سان ڪم ڪرڻ ۽ خبرون سوچي سمجهي هلائڻ جو چئي ويا هئا. پر مان اها به خبر هلائي ڇڏي هئي. مان بلڪل سائين سرمد جي روايتن جو امين بڻجي ويو هئس. مون وٽ به قومپرست سياست ڪندڙ دوست جام ايندا هئا. سانول منهنجو جگري دوست هو ۽ قومي ڪارڪن منهنجي دل چوندي هئي ته ان کي ٻڌايان پر همت ڪو نه ساري سگهندو هئس. مان ۽ سانول هر جمع تي جهوڪ ويندا هئاسين سانول ڏاڍو ذهين ۽ ڪمال جو مقرر قسم جو نوجوان هو قوم ۽ قومي مفادن خاطر پاڻ ارپڻ تائين تيار هوندو هو. مان ۽ سانول روزانه ملندا هئاسين ۽ پوءِ سانول شاگرد ونگ جي مرڪز تي هليو ويو هو جنهن ڪري گهٽ ٽائيم ملندو هئس. آخري ڀيرو مان ۽ سانول امان جي تڏي تي مليا هئاسين ان ڏينهن سانول سڄو ڏينهن ۽ رات اسان جي اوطاق تي گذاريا هئا.
اسان دل کولي ڪچهريون ڪيون هيون. ان ڏينهن مون دل ٻڌي سانول کي احتياط سان هلڻ لاءِ چيو هو. تنهن تي مرڪي وراڻيو هئائين سائين قومي سفر ۾ مئس ته ڌرتي تي گهوريس. ان رات سانول مون کي انڪار جي فلسفي تي وڏو ليڪچر ڏنو هو. مان ان سان ملي ۽ ڪچهريون ڪري وڏو خوش ٿيو هئس.
۽ پوءِ پورا ستاويهه ڏينهن کانپوءِ سانول سترنهن ڪارڪنن سميت جهوڪ ويندي نامعلوم هٿياربندن هٿان بي دردي سان شهيد ڪيو ويو هو. ملڪ جي اليڪٽرانڪ ۽ پريس ميڊيا واقعي کي وڏي ڪوريج ڏني هئي ظاهر آهي هڪ سياسي پارٽي جي مکيه اڳواڻ ۽ سترنهن ڪارڪن سان گڏ قتل ٿيڻ ڪو عام ايونٽ نه هو. ان واقعي جي خبر علائقي ۾ باهه وانگر ڦهلجي وئي هئي.
پورو علائقو حراس ۾ وٺجي ويو هو. ان واقعي جو مون کي شديد صدمي ۾ رسيو هو. علائقي ۾ سٺي صحافي ۽ هڪ وڏي اخبار ۾ ڪم ڪرڻ سبب هڪ پرڏيهي خابرو اداري مون سان رابطو ڪيو هو ان واقعي جي رپورٽ مون هڪ پرڏيهي خبرن جي اداري کي ڏني هئي ته ملڪ جي ڳجهن ادارن ظلم ڪري هڪ خالص قومي اڳواڻ ۽ ان جي سترنهن ڪارڪنن کي بي دردي ۽ بي رحمي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي. اها خبر جڏهن پنهنجي اداري کي موڪليم ته ايڊيٽر صاحب پاڻ فون ڪري چيو ته فرشتن جو ذڪر خبر مان ڪڍي موڪل. مون اسرار ڪندي چيو ته سائين اهم معاملو ته اهو آهي تڏهن ايڊيٽر ڪاوڙ مان فون ڪٽي ڇڏي ٿو ۽ ٻي ڏينهن منهنجي نمائندي معطل ٿيڻ جو اشتهار هلائي ڇڏين ٿا تڏهن مون کي محسوس ٿو ٿئي ته ستين آسمان جا فرشتا ڪٿي ڪٿي رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا.
***