390 ڏهاڙين جو حساب
يارهين ماڙ جو فليٽ نمبر 21 هونئن ته هن لاءِ اوپرو ناهي رهيو بلڪه، اهو ته هن لاءِ ڪنهن سگهاري پناهه جيان رهيو آهي اتي پهچي وقت ۽ حالتن جو تلخيون ڀلي ختم نه ٿينديون هجنس پري ڪافي حد تائين هوءَ سامت ۾ اچي ويندي هئي. پر سڪون ٿي ويندي هئي. هوءَ جڏهن به فليٽ نبر 21 ۾ ايندي هئي ته اهو وساري ويهي رهندي هئي ته، ان در سان سندس ڪهڙو قانوني رشتو آهي چند گهڙيون ئي صحيح پر سڄي دنيا کان بي نياز بڻجي ويندي هئي. کيس ان خيال ۽ احساس جو ڪارڻ ته اڄ تائين معلوم نه ڪري سگهي هئي پر اهو ضروري هو ته، هن پاران ڀيٽيل سمورن درن منجهان اهو در ۽ گهر سندس پنهنجو محسوس ٿيندو هو. اهو ئي سبب هو جو اتان ملندڙ پئسا ڳڻڻ بنا پرس ۾ وجهي هلي ويندي هئي. ۽ هن ڪڏهن به فليٽ نمبر 21 جي ننڍڙي اڱڻ کي لالچ ۽ ڌنڌلي وري اک سان نه ڏٺو هو ۽ نه ئي ڀيٽيو هو. توڙي جو اهو در به هن لاءِ ٻين درن وانگر طلب ۽ لالچ جي بنيادن تي ئي کلندو هو. پر پوءِ به هن گهر منجهان کيس پنهنجائپ واري تاثير ملندي هئي.
هوءَ لڳاتار ڊوڙيندي هيٺ لهي رهي هئي، هٿ ۾ سوگهو جهليل پرس بي ترتيبي سان ڏاڪڻ جي ٻنهي ديوران سان ٽڪرائجي رهيو هو ڪنهن ڪنهن مهل سندس ڇاتين سان ٿي لڳو. وقت جي ڪيڏن ئي ڪلورن هوندي به هن ڪڏهن هنيانءُ ڪونه هاريو هو ۽ نه ڪڏهن مرڻ لاءِ سوچيو هو، پر هنن ڪجهه گهڙين وچ ۾ ڊوڙندي ڊوڙندي هن ڪيترائي ڀيرا مرڻ لاءِ پڻ سوچي ورتو هو ۽ رکي رکي اهو به خيال ذهن ۾ آيس پئي ته، جيڪر هوءَ اڏائي گرائونڊ فلور تي وڃي پڄي، مسلسل ڊوڙڻ ۽ ڏاڪا لهڻ سبب سهڪي پئي هئي. پر پوءِ به هيٺ لهڻ واري رفتار ۾ ڪا گهٽتائي ڪو نه ٿي آيس. ڏاڪڻ جي آخري ڏاڪي تان پير پٽ تي رکندي ڊپ وچان پوئتي مڙي ڏٺائين.
هڪ لمحي لاءِ سک جو وڏو ساهه کڻي ٿي. تڏهن چند ساعتن لاءِ ذلت کان بچڻ وارو احساس ٿيس ٿو. ڊوڙڻ سبب سڪي ويل نڙيءَ کي آلو ڪرڻ لاءِ کنگهڪار ڪري ٿي. کنگهڻ ڪري گڏ ٿيل ٿڪ اتي ئي ڦٽي ڪري ٿي. ٿڪ جو گهڻو حصو هيٺ ڪرڻ بدران سندس ڪپڙن تي لڳڻ سبب جهٽ گهڙي لاءِپنهنجي نيچپڻي ۽ ٻئي لمحي ڪاوڙ جو احساس ڏياريس ٿو.
کن پل ۾ حواس بحال ٿيڻ لڳنس ٿا ته، سڄو بت پگهر ۾ شل، محسوس ٿي ڪري. اشهد آڱر سان چهري تان پگهر اگهڻ لڳي ٿي. پگهر اگهڻ وقت لڳيس ٿو ڄڻ ڪي پل اڳ ٿيل تذليل روڙي ر هي هجي، هڪ لمحي لاءِ سامت ۾ اچي وڃي ٿي. ۽ پوءِ نظرون مٿي کڄي وڃنس ٿيون سامهون بلڊنگ جي چوڪيدار کي پاڻ ڏانهن طنزيه مرڪ مرڪندي ڏسي ٿي ته ڇرڪ نڪري ٿو وڃيس. ۽ پوءِ وڏيون وکون کڻندي اڳتي وڌڻ لڳي ٿي هڪ لمحي لاءِ خيال اچيس ٿو، ”هي ڇا! هٿ وٺي پاڻ کي ماڻهن آڏو تماشو ٿي بڻايان.“ پنهنجو پاڻ تي ضبط آڻي وٺي ٿي.
۽ دل ۾ خواهش ڪر موڙيس ٿي ته، زمين ڦاٽي پوي ته ان ۾ لهي وڃي، ائين ميڻ بتي جيان ڏهاڙي سڙي ڳري مرڻ کان ته جند ئي ڇٽي پوندي وڏي وک سان اڳتي وڌي ٿي تڏهن به چوڪيدار جون نظرون ڪنهن تکي خنجر جيان پٺ ۾ لهندي محسوس ڪندي رهي ٿي.
فليٽن کان ٻاهر نڪري اچي ٿي. گهٽي ۾ پهچندي پٺتي ڪنڌ ڦيري، هڪ ڀيرو ٻيهر پڪ ڪري ٿي ته پٺيان ته ڪو نه پيو اچي. ڪنهن کي به پٺيان ايندي نه ڏسي بچي وڃڻ جو احساس پيدا ٿيس ٿو. اهڙو احساس پيدا ٿيندي ئي هلڪي سرهائي چهري تي اڀري اچيس ٿي.
ان لمحي خيال اچيس ٿو، پاڙي وارن کي ڪنهن ٻڌايو؟ اڳ ته ڪڏهن ائين ڪو نه ٿيو هو! گڏ ٿيل ماڻهو چاهن ها ته، جهلي ٿي سگهيا. پوءِ انهن کيس پڪڙيو ڇو ڪو نه؟؟؟ اگهاڙي بت کي ڪپڙا پرائڻ ۾ به ته، ڪافي دير لڳي هئي پوءِ به کيس جهلي ڇو ڪونه سگهيا.
ذهن تي ڪيترن ئي سوالن جو ڳڙو ڪرڻ سبب بي حال ٿي پوي ٿي. اڃ جو شدت سان احساس ٿيس ٿو. پر هو اڃ جي پرواهه ڪرڻ بنا ڪجهه ٽائم اڳ وجود ڌوڏي ڇڏيندڙ زلزلي بابت سوچيندي اڳتي وڌي وڃي ٿي.
” ڪٿي ائين ته ناهي، متان اهو سڀ ڪجهه عامر مون کان جند ڇڏائڻ لاءِ ڪيو هجي؟“
”نه، نه، ائين ڪئين هوندو هو پاڻ به ته، مون کان وڌيڪ پريشان ٿي ويو هو. ٻيو ته جسم جو واپار ڪرڻ باوجود مون ڪڏهن به هن سان حساب ناهي ڪيو. کوڙ ڀيرا ته روڪ رقم وارا ماڻهو ڇڏي هن وٽ پهتي آهيان، ڪڏهن به ڏوڪڙن جي گهر نه ڪئي اٿم. جيڪو ڏنائين اکين تي رکي هلي آئي آهيان.“ ذهن جي ڪاپي تي سوالن جو وڏ ڦڙو شروع ٿي وڃيس ٿو. پاڻ تان سوالن جي تيرن جو رخ موڙڻ لاءِ دل تي پٿر رکندي پاڻ مطمئن ڪندي چوي ٿي ڪجهه به هجي عامر ائين نه ٿو ڪري سگهي. ها ائين ته آهي توڙي جو مان هي سڀ ڪجهه ڪٽنب جي پيٽ پالڻ لاءِ ڪري رهي آهيان. پر پوءِ به ڪيڏا ڀيرا ائين به ٿيو جو سڄو سڄو ڏينهن عامر سان ويهي هٿين خالي گهر آئي هوندم. جنهن تي ڪيترائي ڀيرا ائين ڪرڻ ڪري امان موچڙن مان به ڪڍيو هوندم. پر پوءِ به عامر لاءِ چاهه ۾ ڪمي ٿيڻ ڪو نه ڏني اٿم.
امان سان ڪو گيراهڪ نه ملڻ جو ڪوڙ ڳالهائي پاڻ بچايو ته هوندم پر ڪيتريون ئي راتيون گهر جي ٻين ڀاتين سان بک تي ڪاٽيون اٿم. وڏي ڳالهه ته عامر به ته چاهڻ جي دم ڀريندو آهي.
پوءِ ائين ڇو ٿيو. اهي سڀ ڪير هئا!؟ اڳ ته ڪڏهن ڪنهن ڪو نه ڏٺو هو. ٿي سگهي ٿو ته، مون کي فليٽ ۾ داخل ٿيندي ڪنهن ڏسي ورتو هجي... ها ! ائين ٿي سگهي ٿو... اسان غريب ماڻهو پيٽ پالڻ لاءِ ڪجهه ڪريون تڏهن به خراب ۽ اهي ماڻهو ڏوڪڙن خاطر سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار نفرت مان چوندي هُون پاڻ الاءِ ڇا ڇا ڪندا وتن ۽ ٻين جي معاملي ۾ شريف بڻجي ويندا آهن. ماڻهو به وڏا ماءُ جا........آهن.
پر... عامر جو الائي ڇا ٿيو. ائين نه ٿي ته پاڙي وارا کيس پوليس حوالي ڪن... نه... نه ائين ڇو ڪندا...
ڪال ڪري عامر کان حال احوال وٺڻ گهرجي اهڙو خيال ايندي ئي پرس کولي موبائيل ڪڍي عامر کي ڪال ڪري ٿي ته فون ۾ بيلنس نه هجڻ وارو ميسج ٻڌي پريشان ٿي وڃي ٿي، هي ڇا!!! مئي بيلنس کي به هاڻي کٽڻو هو. چڱو ڀلاءَ، ڪمپنيءَ کان اوڌر ٿي وٺان اهو سوچيندي فون ۾ ڪمپنيءَ کان اوڌر وٺڻ واري آپشن ۾ وڃي ٿي موبائيل فون تي ڪمپنيءَ کان پهرين ئي قرض وٺڻ وارو ميسج ملڻ تي مجبوريءَ واري مرڪ مرڪندي ڀڻڪي ٿي... ان کي چئبو آهي مُئي ڏٻري تي مڇر گهڻا هيڏي هوڏي ماڻهن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پرس کولي چيڪ ڪري ٿي، رڳو 50 روپيا ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿي بي ساخته واتان نڪري وڃييس ٿو ان کي چئبو آهي جڏهن نه کٽندي آهي ته هر ڪو ساٿ ڇڏي ويندو آهي. دڪان تي وڃي ويهن جو بيلنس وجهرائي ٿي جنهن کان پوءِ هڪ پاسي بيهي عامر جو نمبر ملائي ٿي. رنگ پاس ٿئي ٿي ۽ رسيو ٿيڻ تي هيلو ڪري ٿي اڳيان ڪو به آواز نه اچڻ تي هڪ لمحي لاءِ شڪجي سوچي ٿي ڪٿي فون پوليس وٽ ته ڪو نهي. ها ائين به ممڪن آهي. هڪ لمحو رکي وري هيلو ڪري ٿي پريان آواز نه ملڻ تي تڪڙو تڪڙ و هيلو هيلو ڪرڻ لڳي ٿي. فون اٽينڊ ڪرڻ کانپوءِ ڪو ڳالهائي ڇو ڪو نه ٿو_عامر_عامر ڳالهين ڇو ڪو نه ٿو؟
”هيلو_هيلو_مان عامر جي سوٽ ٿي ڳالهايان... پليز مون کي عامر سان ڳالهه ڪرايو اوهان ڪير آهيو ڳالهايو ڇو نه ٿا“ ڪال ڪٽجي وڃي ٿي... ڪير ٿو ٿي سگهي... ؟ٻيهر ڪال ڪري فون ڪن تي رکي ٿي ته بيلنس ختم ٿيڻ جو ميسج ٻڌي وائڙي ٿي وڃي ٿي ”هي ڇا!!! پئسا به چٽ ٿي ويا ۽ رابطو به ڪو نه ٿيو.“
سامهون ڪولڊ ڪارنر ڏسي اڃ وڌي وڃيس ٿي. دڪاندار کان پاڻيءَ جي بوتل وٺڻ لڳي ٿي. ٺيڪ ان وقت سندس ڄاتل سڃاتل آواز ڪنن تي پوي ٿو. ”يار توهان سمجهو ڪو نه ٿا، مزو به هفتو پندرنهن ڏينهن نه، آئي ڏينهن در تي بيٺي آهي. مون کان وڌيڪ مزا پاڻ ٿي ماڻي وري شام جو پنج سئو ڏي، گهر ۾ ڪجهه ڪو نهي. روز روز پئسا ڏبا آهن ڇا! وڃي ڪو ٻيو در تاڙ اسان توسان کوٽ واڌ ۾ ٻڌل آهيون. پر سمجهي ڇا هلي هئي عشق ڪرڻ باقي يار! توهان واهه جو ڊرامو ڪري ڏيکاريو ائين پئي لڳو ڄڻ واقعي پاڙي وارا هجو.“
آواز سڃاڻڻ کانپوءِ هوءِ جيئن ئي ڪاوڙ مان اوڏانهن ڪنڌ ڦيري ٿي ته سامهون عامر کي انهن ئي ماڻهن سان گڏ ايندي ڏسي ٿي جن ڪجهه ٽائم پهرين فليٽ نمبر 21 ۾ هيرو شيما جيڏي تباهي آندي هئي. ڪي پل ته کيس ويساهه نه پئي آيو ته، عامر ساڻس اهڙو به سلوڪ ڪري سگهي ٿو... ٻي کن ۾ اندر جي باهه ڀڙڪي پويس ٿي اکين ۾ رت لهي اچيس ٿو ۽ ڪاوڙ مان سڄو بت ٿڙڪڻ لڳيس ٿو، هيءَ اڃان ڪجهه چوي، عامر جي هن تي نظر پوندي ئي ان جي نظرن جا جهنڊا جهڪي ٿا وڃن. هوءَ بت جي سموري سگهه سهيڙي عامر ڏانهن وڌي ٿي. ڪجهه وقت پهرين هراسيل هرڻي، هاڻي مڇريل شينهڻ بڻجي پوي ٿي. عامر کيس اهڙي انداز سان پاڻ ڏانهن وڌندي ڏسي وائڙو ٿي وڃي ٿو. ان کان پهريان جو عامر ڊپ منجهان ڀڙڪو ڏئي اڏامي وڃي، شڪاري باز جيان جهڙپ سان هن جا ٻئي هٿ عامر جي ڳلي ۾ پئجي وڃن ٿا. عامر موت جي ڊپ کان پاڻ بچائڻ لاءِ دانهن ڪري ٿو پر عامر جي دانهن سندس ڪاوڙ جي گجگوڙ ۾ دٻجي وڃي ٿي.
جذبات جي باهه ۾ ٽهڪندي عامر تي ٿڦن، مُڪن جو وسڪارو لائي ٿي ڏئي. گڏوگڏ چرين وانگر دانهون ڪندي چوي ٿي، ”مان عام طور تي 5 هزار وٺندي آهيان ان حساب سان مون کي حساب ڏي، 30 ڏهاڙين جو، جيڪي مون تو جهڙي بي قدر ۽ ناشناس قسم جي ماڻهوءَ تي خرچ ڪيون آهن. هاڻي جو هاڻي، منهنجو حساب ڪر، ٻي صورت ۾ مان توکي زندهه نه ڇڏينديس.“ هن جي رڙين تي ماڻهن جو حجوم گڏ ٿي وڃي ٿو پر هاڻي هن جو پنهنجو پاڻ تي وس نٿو هلي هاڻي هن کي ڪنهن جو ڊپ رهيو ئي ناهي نه، ماڻهن جو نه پوليس جو ۽ نه ئي عزت جو... هوءُ عامر کي ڌڪ هڻڻ سان گڏ حساب ڏي جون دانهون ڪندي رهي ٿي. ۽ ايتري تائين جو بي حال بڻجي ڪري ٿي پوي.
***