پنهنجي پاران : سنڌ ، امان ۽ مٺي!
منهنجو ٻالڪ پڻ نج ڳوٺاڻي ماحول ۾ گذريو آهي ، ڳوٺ جتي لک مفادن جي جنگاڻ باوجود هر شيءُ نج ۽ خالص هوندي آهي بلڪل فطرت جي رنگن وانگر هر رشتي ۾ احساس محسوس ٿيندوآهي ، هر رشتو ساف سٿرو، ڳوٺاڻي ڪائنات ۾ ماڻهو جي محبت توڙي نفرت جو اظهار گھڻي ڀاڱي تيز ترار ۽ سڌو هوندو آهي جتي ڪنهن نفيس رشتي جي پناهه ۾ دوکو ڪرڻ شهر جي زندگي وانگر رنگن ۾ ڪٿي لڪل نه هوندو آهي. منهنجو خمير ڳوٺ جي مٽي جو ڳوهيل آهي . مان به هڪ ڳوٺاڻي ٻار وانگر مٽي جي کيڏوڻن سان کڏي جوان ٿيو آهيان
اسان جي ڳوٺ جي اولهه ۾ نائين شاخ وهندي هئي ( جيڪا سرڪاري جي لاپرواهي ۽ بااثر زميندارن جي بي رحمي جي ڪري هاڻ نالي جي شاخ وڃي بچي آهي سالن ۾ مٿان جي زميندارن بچت پاڻي ڇڏيو هجي ته واهه نه ته ٻارهو ئي سڪل رهندي آهي ) مان به ڳوٺ جي ٻين ٻارن وانگر ان شاخ جي ميري پاڻي ۾ تڙڳي جوان ٿيو آهيان
هڪڙو زمانو اهو به هو ته ادا عزيز ڪنگراڻي جي ڪتابن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين واري رجسٽرڊ تي سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهي پڙهي حيران ٿيندو هئس ڇو ته ان وقت نائين شاخ ۽ شاخ جوهي وارو مسئلو منهنجي سمجھه کان ڳورو هو جنهنجي تلاش مونکي ادا عزيز جي ڪتابن ڏانهن متوجه ڪيو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهو به آيو ته سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين جو حصو بڻيس . مون پنهنجي پهرين ڪتابن ۾ ڪٿي لکيو به آهي ته منهنجي پهرين ٻاراڻي ڪهاڻي منهنجي ڀاءُ ۽ دلبر دوست شاعر ۽ صحافي شهيد نصرالله ڪنگراڻي ڪراچي جي اخبار سنڌ سڄاڳ جي ٻاراڻي صفحي تي ڇاپي هئي جڏهن ته ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ وري پهرين ڪهاڻي ” پوسٽ کان رهجي ويل خط “ هئي جنهن جي سنگت جي سينيئر دوستن تعريف به ڪئي هئي ۽ ان واهه واهه مون کي لکڻ لاءِ وڌيڪ اتساهيو هيوپر ان ڪهاڻي جي ڪردارن وانگر منهنجي پيرن ۾ به نه ڄاڻ ڪهڙا سفر پئجي ويا هئا پنهنجي ڪهاڻي جي ڪردارن جو وڇوڙو ۽ بنا موڪلائڻ جي نڪري پوڻ ڄڻ ته منهنجي پيرن جي پنڌ ۽ مسافري جو بنياد بنجي ويا هئا . منهنجو من به اٻاڻڪو ٿي پيو هو من ۾ متل مانڌاڻ کي ماٺ ڪرڻ لاءِ ادبي توڙي سياسي سرگرمين جو حصو بڻيس. پر دل نه مڃو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن پنهنجي وڏي ڀيڻ (جنهن کي مون سدائين امڙ نازبيبي جي نظرن ڏٺوآهي ) کان اڌائي سو روپيا وٺي بنا ڪنهن پختي پناهه جي پنهنجي هڪ دوست حسين ڀٽي سان گڏجي حيدرآباد نڪري پيس
ائين ئي ڳوٺ جا سمورا رشتا ۽ محبتون ڳوٺ ۾ رهائي شهرجي واپاري رشتن ۾ پنهنجي لاءِ پناهه ڳولڻ وارن جتنن ۾ لڳي ويس. حيدرآباد انساني هجوم هجڻ باوجود مونکي ايئن لڳندو هو ته شايد اڪيلو رهجي ويو هجان وقت گذرڻ سان واقفڪارن جي هڪ ڊگھي لسٽ جڙي پئي پر دل کي شيئر ڪرڻ لاءِ شهر جي ميلي ۾ اڪيلورهيو آهيان. مون رشتن کي ڪاروبار جي ٻارڻ تور بيدردي سان سڙندي ڏٺو آهي محبتن جي ادائن ۽مسڪراهٽن جي ڪڇ ۾ ڇري به ڏٺي آهي.
16 سالن کان ميڊيا سان وابستگي رهي آهي پر ادارن اندر ٿيندڙ سياست سمجھي نه سگھڻ ڪري منهنجي نوڪري سدائين داوءُ تي رهي آهي . ڪڏهن ڪڏهن ايئن ڳلندو آٿم ته منهنجي مٽي ۾ جھوڪ جي انڪار جي چپٽي شامل آهي تڏهن ته سامهون ٿيندڙ ناانصافي تي سڀ کان پهرين احتجاج منهنجو اٿندو آهي. منهنجا دوست منهنجي سڀني ناڪامين جو ڪارڻ ٻڌائيندي چوندا آهن ته مان ماڻهن سان ميل ميلاپ بدران پاڻ کي لوڙهو ڏئي هلان ٿو جڏهن ته مان اهو سوچيندو آهيان ته اعتبار ٽٽڻ ۽ دل ڏکڻ کان بهتر آهي ته پنهنجو پاڻ کي سوڙهو ڪري ڇڏجي ڇاڪاڻ ته مون سدائين دل سان سوچيو آهي جيڪو به منهنجي دوستي دائري ۾ داخل ٿي ويو لک چاهڻ باوجود ان کي خارج نه ڪرڻ منهنجي اختيار ۾ نه هوندو آهي
چوندا آهن ته هر لکڻي ۾ ليکڪ ڪٿي نه ڪٿي موجود هوندو آهي ڪڏهن گھٽ ته ڪڏهن وڌ پر پنهنجي تحرير ۾ موجود هوندو آهي
منهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن وٽ ڳالهائڻ ۽ انڪار جي جريت رهي آهي اهي ڪڏهن ناحق ۽ ڏاڍ جي خلاف آواز بلندي ڪندي نظر ايندا ته ڪڏهن وري ڌرتي جي آجپي جي لاءِ محاذ تي مورچا بند هوندا آهن. محاذ جيڪو سماج جي براين کان شروع ٿئي ٿو ۽ ڌرتي جي آجپي تي وڃي دنگ ڪندو آهي . منهنجي ڪهاڻين جا هيرو هر هنڌ ڏاڍ جي سامهون بيٺل نظر اينداسماج جي هر اڻائي خلاف فرنٽ لائن تي بيٺل هوندا آهن شايد اهو سڀ ان ڪري به ٿئي ٿو ته جن براين خلاف ڳالهائڻ جي مان همت نه ڪري سگھيو آهن اتي منهنجي لکيڻين جا ڪردار حق ۽ سچ جو نعرو بلند ڪندي جھوڪ جي سنت تي هلندي انڪار جو ڪلمو ادا ڪري وٺندا آهن. منهنجي ڪهاڻين جو هيرو رڳو ويڙهاڪ به نه آهي اهو ته پيار جي سمورن نفيس رشتن جي ذميوارين جي نڀائڻ ۾ به اڳڀرو نظر ايندو پر وقت جي رهزن گھڙين هٿان شڪست کائي دل توڙي وطن جي آجپي جي خوابن جي ساڀيا کان محروم ٿي ويندو آهي . مون سدائين پاڻ کي ڌرتي سان جوڙي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان ڪري منهنجي لکڻين ۾ ڪٿان نه ڪٿان ڌرتي جي ذڪر نروار ٿي پوندو آهي ، جڏهن ڌرتي شامل ٿيندي آهي تڏهن منهنجي امڙ کي لکڻين ۾ اچڻ کان ڪو روڪي ڪون سگھندو آهي ۽ امڙ جي شفقت سبب ڪچي گھر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ مٺي به بيٺل نظر اچي ويندي آهي . مٺي ڀلي منهنجو فرضي ڪردار هجي پر منهنجون سموريون محبتون ايمان ۽ عشق جا عقيدا ان سان جڙيل رهيا آهن محاذن تي وڙهندڙ منهنجي هيرو لاءِ مٺي جي مرڪ ڏانوڻ ته هوندي آهي پر ان کي اڳتي وڙهڻ ۽ وڌڻ کان روڪي ڪون سگھندي آهي توڙي جو ان جي دل جي هڪ ڪنڌ هر وقت ڏکندي رهندي آهي، امڙ جيڪا منهنجي ڪردارن جي پناهه رهي ٿي سو جڏهن به اهي اٻاڻڪا ٿيندا آهن تڏهن پنهنجي امڙ جي گوڏي تي ڪنڌ ٽيڪي سمهڻ سان ان جا سمورا ٿڪ ڪافور ٿي ويندا آهن . منهنجي ڪردارن جي امڙ ٻاجھاري ۽ وڏي صابرين هوندي آهي اها ڪنهن به تڪليف ۾ پنهنجي پٽ جي راهه جي رڪاوٽ بڻجڻ بدران ان لاءِ آسانيون مهيا ڪندي آهي هيرو توڙي جو ماءُ جو مڄو آهي پر ڌرتي جي ۽ امڙ مان چونڊ ڪرڻ وقت هن جي ترجيح ڌرتي بڻجي ويندي آهي ماءَ جي اکين ۾ فقط التجائوڻ رهجي وينديون آهن ڄڻ ته انهن گھڙين لاءِ صدين کان تيار هجي هيرو وٽ مٽي ۽ امڙ جي عظمت برار هوندي آهي چونڊ جي وقت تي ڌرتي کي ترجيح ملندي آهي . امڙ جون نگاهون ۽ دل سدائين پٽ جي الڪي ۾ در تي ٽنگيل رهيون . پٽ آزادي جي جنگ وڙهڻ يا وري ڪنهن ڏوراهين شهر ۾ گھٽ پگھار تي نوڪري جنهن جي لاءِ سدائين اهو مسئلو رهندو آهي ته ماءُ ساڻ ملڻ ڳوٺ وڃي يا وري ان جي پيٽ گذر۽ دوائن جي خرچ پکي لاءِ پيسا موڪلي. سو هن جو بهتر فيصلو ماءُ کي پئسا موڪلڻ هوندو آهي نتيجي ۾ امڙ پيري جي سهاري پٽ سان ملڻ بنا بيمارين ۾ چڙي چڙي چالاڻو ڪري ويندي آهي ۽ مٺي پنهنجي محبوب کي ماڻڻ لاءِ بي قرار رهندي ان لاءِ هر سماجي بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار رهندي آهي نيٺ هڪ ڏينهن ڪنهن به ٻئي جو نصيب بڻجي ويندي آهي ۽ هيرو پاڻ ڌرتي جي ويڙهه وڙهندي ويري به واهرو به جهڙي ڪردار رکندڙ پنهنجي سڄڻن جي سازش جو شڪار بڻجي ماريو ويندو آهي. اهو رشتن سان نڀاهه به ڄاڻي ٿو اهو ئي ڪارڻ آهي جو امڙ جي مرتيي جي اطلاع تي ٽمي پيل ڳوڙهي بابت اهو فيصلو نه ڪري سگھندو آهي ته اهو امڙ جو لاڏاڻي جو ڏک آهي يامٺي جي وڇوڙي جو درد .
منهنجا دوست منهنجي لاءِ وڏي وٿ رهيا آهن مان پنهنجي دوستن سان پاڻ جيترو پيار ڪندو آهيان مان جيڪو ڪجھ آهيان اها دوستن جي مهرباني آهي ڇو جو مون دوستن وٽان سکيو آهي ايوب گل ، نواز ڀٽو طارق قريشي ، راز شاهاڻي مصطفي ملاح ،حميد هاليپوٽو ، منظور مگسي (مرحوم ) اعجاز شيخ ، مظهر علي رند ، محمد موسي رند، ساگر ڪوري ، خادم جسڪاڻي ،گھايل لغاري، فياض نائيچ شاهنواز ڪنگراڻي ۽ ٻيا ان ڳڻيا دوست آهن خاص ڪري همسفر گاڏهي، ارشاد کوکر ۽ ڀائو ذولف پيرزادو اهڙا دوست آهن جن مون کي نٽهڻ اس جهڙين حالتن ۾ سنڀاليو آهي مٿي ذڪري ڪيل دوستن ۾ انعام عباسي جو ذڪر نه ڪرڻ گناه جهڙو ڪم هوندو ڇاڪاڻ ته هن نه رڳو منهنجا ٻه ڪتاب ڇپرايا آهن پر مونکان زبردستي لکرايو به آهي، انعام عباسي جو فون ڪري حڪم ڪندو آهي ” سيٺ“ فلاڻي تاريخ تي ڪهاڻي کپي ۽ مون هر حال ۾ کيس ڏنل تاريخ تي ڪهاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڪهاڻي کڻي وڃڻ کانپوءِ سٺي لڳس ته دل سان تعريف ڪندو پر جيڪڏهن انعام عباسي جو فون نه آيو ته سمجھي ويندو آهن سيٺ کي ڪهاڻي نه وڻي ، تڏهن وري مان ڪال ڪري چوندو هئس ته ظالم سيٺ ڪجھ ته تعريف ڪر تڏهن کلي چوندو هو ته چوان ته پيو نه سٺي آهي منهنجي ۽ انعام عباسي جي هڪڙي هڪ جھڙائي اها به آهي ته اسان ٻئي سنڌ لاءِ اڃان به چرياڻن وانگر سوچون پيا . جيڪا اسان جي عشق جو مرڪز رهي آهي ۽ زندگي جي آخري لمحن تائين رهندي.
ماڻڪ ڪنگراڻي
ڪراچي
kingrani@yahoo.com Manik_