ڪاري ڍڳي جا چور
هڪ ڀيري رئيس پنهل خان ٻڪري چوري جي ڪيس ۾ ٿاڻي تي ويهي ڪٽرايس همراهه ڏندڙ جي ويو پر هڪ لفظ به ٻاهر نه ڪڍيائين. جيترو مار اوترو مضبوط همراهه ڄڻ ڀت هجي. هڪ لمحو اهڙو به آيو سنتري وارث وڌي صوبيدار اڳيان اڀو ٿي ويو. کتو جواب ڏئي ڇڏيائينس نوڪري وڃي ته ڏهه ڀيرا وڃي پر مڙس مارڻ نه ڏبو. وارث هو ته سپاهي پر تر جي چورن ۾ وڏي هاڪ هئس. وڙهڻ جو اصل ڪتو. وڏا وڏا ڊنگ ڏوهاري توڙي ڇڏيائين. چورن کي اهڙي ڳجهي مار ڏيندو هو جو چڱا ڀلا ٽٽي پوندا هئا. ايتري تائين جو وارث نالي ٻڌڻ سان للنگ مڙسن جي سٿن سائي ئي ويندي هئي. چور حد جي صوبيدار کان وڌيڪ سپاهي وارث سان ٺاهي رکندا هئا جئين ڏکي وقت ۾ ڪم اچي سگهي. وارث جي مار به اهڙي تهڙي ڪو نه هئي نه. سٽڪائي ٻه همراهه طوطي وانگر پيو. ٻوليندو هو.
وارث رکيل جي سريلائپ تي اصل فدا ٿي پيو تڏهن پنهنجي آفيسر کي رکو ۽ سڌو جواب ڏئي ڇڏيائين جيڪو وڻي وڃي ڪر. هاڻي رکيل کي هڪ سچو به نه لڳندو. رئيس پنهل خان وارث جي اهڙي انداز تي دنگ رهجي ويو. صوبيدار ۽ رئيس پنهل خان ٻنهي ڄڻن پنهنجي پنهنجي حصي جا اختيار استعمال ڪري وارث جي نوڪري پئي تيل ڪرائي پر وارث جي پنهنجي کاتي ۾ ڪجهه ڪيل خدمت ڪم آئي. سو ڪجهه ڏينهن لاءِ معطل ٿيو. ۽ پوءِ ٻيهر ساڳي ئي مستي سان نوڪري تي چڙهيو.
۽ پوءِ دور بدليو.
رکيل جيلون ڪمائي موٽي اچي پنهنجو ديرو قائم ڪيو ۽ سپاهي وارث پنهنجي کاتي ۾ ڪارنامه ڏيکاري سپاهي مان ترقي ڪري صوبيدار بڻجي ويو. ان سڄي عرصي ۾ رکيل ۽ وارث جي يار جون ڳنڍون جيئن پوءِ تيئن اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيون. هڪ ٻئي لاءِ لک لٽائڻ لاءِ تيار اصل ڀائرن جهڙا دوست. وارث جو وس هلي ۽ رکيل کي تڪليف اچي اهو ممڪن ئي ڪو نه آهي. رکيل به پنهنجي يار لاءِ ساهه صدقو. اصل پاڻ گهورڻ لاءِ بي قرار. سوين موقعا اهڙا آيا رکيل پنهنجي يار وارث جي خاطر نه ڪيل ڏوهه قبول ڪيو هوندو.
وارث جهڙو سنگتي حد جو صوبيدار ڇا ٿيو. ڄڻ ته رکيل کي ڦول لڳي ويا هجن. اصل رکيل جي رات لڳي پئي آهي. جنهن وقت ڏس رکيل جي لانڍي تي ترجون سريلون منڌيون ويٺل هيون. تر جا سريلا سنگتي ته شام صبح ايندي ويندي حاضري پيا ڀريندا هئا. پر ست ڪوهه پري جا ارڏا مڙس به رکيل جي ديري تي چانهه چڪي پيئڻ کي پاڻ لاءِ اعزاز پيا سمجهن. مجال آهي جو تر مان ڪک به رکيل جي مرضي کانسواءِ چري. ڪٿان ڪک کڄي ۽ رکيل کان ڳجهو رهي. اهو ممڪن ئي ڪو نه آهي. ترجي سڄي ٻڌي ڇوڙي رکيل جي هٿ ۽ صلاح سان پئي هلي چور چور جي ذات گڏ به ڪيئن نه ٿئي حاجي رکيل مڙس به اهڙو ئي آهي. رکيل لک وزن کڻي به سنگت کي ڏکيو ٿيڻ ڪو نه ڏي. ڀاڳيو ڪيڏو به چڇڙ هجي پر رکيل کيس سڌي ڳالهه چوري واپس گهرجي ته چور وساري ڇڏ. هيترو ڀنگ ٿيندي وڻئي ته ڳالهه ڪر نه ته ٻي صورت ۾ جُوَ ۾ ٻيا به جوان پيا آهن وڃي وئوڙ.
مانجهي ٺاهوڪو جوانڙو ۽ پنهنجي کل ۾ ارڏو ۽ سريلو جوان آهي. جنهن وقت ڏس ته حاجي رکيل جي اوطاق تي نظر پيو اچي. تر جي سريلن منڍين جا هٿ ڌورائڻ ۾ اڳرو ته فخر به محسوس ڪري. مانجهي جي اٿڻ ويهڻ ۽ ڪڪڙي اک حاجي رکيل جهڙي تجربيڪار مڙس کان گهڻو وقت ڳجهي نه رهي سگهي. مٿان وري صوبيدار وارث جي تصديق ته سوٽ جهڪ جهولي کان محفوظ رهيو ته ڇورو چوٽ جو سريلو نڪرندو. جتي لاهينس اصل چوٽ تي وڙهندو هلڪو هٿ رکينس چڱو نڪتو ته واهه نه ته ڌڪو ڏئي ڇڏبس.
صوبيدار وارث جي صلاح کانپوءِ حاجي رکيل ايندي ويندي پيو مانجهي مٿان مهر ظاهر ڪندو آهي. حاجي رکيل جي توجهه ملڻ ڪري هڪ طرف مانجهي به خوش ته ٻي پاسي سنگت ۾ چوٻول وڌي ويا ڪنهن ڪهڙي ڳالهه ڪئي ته ڪنهن وري ڪجهه چيس رکيل گرناري مڙس جو سڀ ٻڌي مسڪرائي ٽاري ڇڏيندو هو. ڪي ته اهو به چوڻ لڳا ته حاجي ڇوري ۾ آهي ڇا!؟ مانجهي پنهنجي اکر سان گهڻن کي چپ رهڻ تي مجبور ڪيو. حاجي رکيل جي هٿ رکڻ کانپوءِ مانجهي به گهڻي ڀاڱي اوطاق تي نظر اچڻ لڳو هو. مانجهي ائين ڪري به ڇو نه سندس ننڍو ڀاءُ شيرل ڪمائڻ جو ڪو ڏيو. ته ڀيڻ مٺي ۽ امڙ عظيمه به وصلڻ نه ڏيڻ واريون عورتون هيون. ٻه ٻارا زمين جا پنهنجا ته چار ڍور ۽ کير لسي به جام. ڏسندي ڏسندي مانجهي جي اوطاق تي به جوءِ جي شاشو خانن جي اچ وڃ شروع ٿي وڃي ٿي. اٿڻ ويهڻ وارن جي نظرن ۾ مانجهي لاءِ راءِ تبديل ٿيڻ لڳي ٿي. ائين ٿئي به ڇو نه . اوطاق تي ايندڙ ويندڙ مڙسن اهڙيون خدمتون پيون ٿين جو وڃي ٿيا ست خير. ڳالهين کي پر لڳي ويا چار پير چڱا کڻڻ سان گڏ تڏي منهه جي چڱي واري ڳالهه حاجي رکيل تائين رسي وئي. ۽ پوءِ ائين به ٿيو ته هڪ ڏينهن حاجي رکيل ۽ صوبيدار وارث وڃي مانجهي جي اوطاق تي پهتا.
اهو ڏينهن مانجهي جي لاءِ ڄڻ ته عيد هو. مانجهي بنا دير جي 8_7 ڪلو گوشت وارو گهٽو کڻي ليٽايو. ست اٺهه قسمن جي ماني تيار ٿي وئي، ماني به اها جو اصل کائڻ وارو آڱريون چٽيندو رهجي وڃي. مانجهي اهو سڀ ڪيئن نه ڪري ها، آخرڪار حاجي رکيل ۽ صوبيدار وارث پاڻ هلي ان جي اوطاق تي آيا هئا. اها ڳالهه گهٽ ته ڪو نه هئي نه. حاجي رکيل ته وري به پنهنجي ترجو ماڻهو هو، پر حد جو صوبيدار هلي اچي اهو به مانجهي جهڙي هڪ الڙچور وٽ اها ننڍي ڳالهه نه هئي. چڱن ڀلن ۽ آڙي ڪاپ چورن جو ننڊيون حرام ٿي ويون هيون، سڀني جي وات تي اها ڳالهه رقص ڪندي رهي ته هڪ وات ڳاڙهي ڇوري وٽ حاجي رکيل پاڻ هلي. اهو ئي نه بلڪه صوبيدار وارث کي به وٺي پهتو آهي. تر ۾ نه ڄاڻ ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون هلي ويون ڪنهن ڪجهه چيو ته ڪنهن وري ڪا ڳالهه ڪئي ڳالهه هڪ وٽان سفر شروع ڪيو ته سوين هزارين ڪنن تائين وڃي دنگ ڪيو. ۽ نيٺ اها ٻاڦور حاجي رکيل کي به وڃي پئي تڏهن هن پنهنجي حساب سان جاچا ڪرائي ته، ڳالهه جي ريل ڪهڙي اسٽيشن تان نڪتي آهي. هونئن ته حاجي رکيل اهڙين ڳالهين تي گهڻو ڌيان ڪو نه ڏيندو آهي. پر مانجهي سان جڙيل ڳالهه هن کي به سرور پئي ڏنو. ڇو ته اوطاق ڇڏڻ وقت ڀر ۾ گاهه ڪندي سندس نظر وڃي مٺي جي سونهن جي سرهاڻ ۾ واسجي وئي هئي، مٺي هئي به ته اهڙي سهڻي جو ڏسڻ وارن جا. اصل هانو هٿن ۾ پئجي وڃن. تڏهن ته حاجي رکيل جهڙي کڙپيل ماڻهو مڙني جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڪيترائي ڀيرا لئوڻو ڦيري سڌو مٺي کي ڏٺو هو. مٺي کي ڏسڻ کانپوءِ رکيل ڄڻ ته ڪا اهم شي مانجهي جي اوطاق تي وساري آيو هجي. هر لمحي ان طرف دل کي تات هئس. سهڻو ته مانجهي پاڻ به هو اصل سنڌڙين جي دلين ۾ ڪرٽ وهائڻ جهڙو پر سندس ڀيڻ مٺي ته قدرت جو هڪڙو شاهڪار هو. نيٺ حاجي رکيل رهي نه سگهيو ۽ صوبيدار وارث سان من جي ڳالهه اوري ويهي ٿو. وارث کيس مانجهي تي مهر ۽ واسطا وڌائڻ جي صلاح ڏئي ٿو. چوندا آهن ته لڳي کي لعنت حاجي رکيل جي دل جو پلاند مٺي سان اٽڪي پوي ٿو. حاجي رکيل پنهنجي جگري يار جي صلاح تي مانجهي تي مهر وڌائيندي ان کي پنهنجي احسانن هيٺ آڻڻ لاءِ لک وس ڪري ٿو پر مانجهي ڪڏهن اهڙو موقعو ئي ڪو نه ٿو ڏيئس. رکيل برابر تر جو ڪانڀو خانو هو پر مانجهي پاڻ به چوراٽو نوجوان هو. عمر جو برابر ڪچو هو. کيس سامائي واقعي چند سال ٿيا هئا پر هو اصل ڏهيسر پٽ اصل بندوق سامهون موڪل مجال آهي. جو پوئتي هٽي، تڏهن به گهڻا ماڻهو اهو ئي سمجهندا هئا ته مانجهي کي رکيل پنهنجي مزي ماڻڻ لاءِ گڏ کنيو هلي ٿو ڪن جو خيال هو ته مانجهي حاجي رکيل جي ڀڙوت ڪري ٿو تڏهن ته مانجهي لاءِ ايڏو سيڪ ٿو اچيس ته ڪجهه آڙي ڪاپ نظرون رکيل جي مانجهي تي مهر ان جي پئسن ۽ ڀيڻ جي واستن سان ڏسڻ لڳنديون هيون. رکيل هرحال ۾ مٺي کي ماڻڻ پئي چاهيو، جيئن پوءِ تيئن مٺي جو چاهه رکيل کي وڪڙندو پئي ويو. نيٺ ڪو ڌڳ نه ڏسي چوراڻو گُر استعمال ڪندي مانجهي جي چوري ڪرائڻ جو سوچيو ٿو ته جيئن چوري واپس ڪرائي مانجهي تي ٿورو ۽ مٺي جي دل ۾ جاءِ جوڙي سگهي، رکيل جو اهو داوءُ به مانجهي وڃائي ڇڏيو. ڇو ته مانجهي جو پيءُ وڏو جهان گستو ماڻهو هو. ان مرڻ وقت پنهنجي زال عظيمه کي هڪ ئي پارت ڪئي هئي ته ڏکي سکي ۾ مولا مدد ڪندو پر هڪ ڳالهه ياد رکجان لک ڏک ڏسي به منهنجي مانجهي ۽ شيرل جي تريبت اهڙي ڪجان جو ڪنڌ ڪپائي موٽن پر سر جهڪيل نه هجن ۽ سڀ آرام ڦٽائي رات اکين ۾ گذاري ڇڏجان باقي ڏينهن شينهن آهي. ڇو ته شي به پنهنجي ويندي آهي ۽ لک لعنت راڄ جي سو رات جو ننڊون ڦٽائي ڪنهن کي لوڙهو لتاڙڻ جو موقعو نه ڏجان باقي ڪير زوري ڪري ڪو نه سگهندو جو ايڏا ڪوراڄا اسين به ڪونه آهيون ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو عظيمه پنهنجي مڙس جي ڳالهه کي پاڻي ڏنو. جيستائين مانجهي جوان ٿيو تيستائين رات جو هڪ لمحي لاءِ به اک ڪونه هنيائين. سوين راتيون اجاڳن جي ور چاڙهي ڇڏيائين. ننڊون حرام ٿي ويس پر پنهنجي لوڙهي لتاڙڻ جي ڪنهن کي به وٿي ڪو نه ڏنائين. مانجهي ۽ شيرل جوان ٿيا تڏهن عظيمه جي نور کي ننڊ نصيب ٿي. ۽ پنهنجي مڙس جي ڏنل بندوق ۽ نصيحت مانجهي حوالي ڪندي پاڻ پرسڪون ننڍون ڪرڻ لڳي ٿي. جنهن جا پٽ ڏهيسر هجن اها ماءُ ڪيئن نه سڪون سان سمهندي.
مانجهي پاڻ چار وکون کنيل هو سو گهر ۾ هوندو هو ته پاڻ رات ويهي گذاري ڇڏيندو ۽ جنهن رات پاڻ گهر نه ايندو هو ته اهو ڪم شيرل حوالي هوندو هو. مانجهي جو ويهي رات گذارڻ جو ٻڌي حاجي رکيل هڪ رات مانجهي کي ڪچهري جي بهاني پنهنجي اوطاق تي ويهاري ڇڏيو. ۽ پٺيان مٺل ۽ فضل جهڙن گهاگهه چورن کي موڪليائين ته هر حال ۾ مانجهي جي گهران ڪجهه نه ڪجهه ڪڍي اچن. مگر کيس ڪل ئي ڪو نه هئي تربيت ۽ نسل گسندو ڪونه آهي سو مٺل جيئن ئي گهر ۾ گهڙيو ته شيرل سڌا فائر ڪري مٺل کي مرڻينگ ڪري وڌو. خلق ۾ هوڪ هلي وئي ڪن ماڻهن هڻي ماري مانجهي کي چيڙائي وڌو حاجي رکيل هوندي لوڙهو لتاڙجي پر حاجي رکيل به وڏو کيڏاري مانجهي چڙ ۾ باهه ٿي ويو حاجي رکيل جي چوڻ تي صوبيدار تر تپائي ڇڏيو. پر چور ظاهر ڪو نه ٿيا. مانجهي جا چوراڻا واسطا ايڏا نه هئا ان ڪري هن سڄو زور حاجي رکيل تي رکيو ۽ رکيل به گهاگهه ماڻهو سو ڪيئن ٿو پنهنجي گيم خراب ڪري. ان موقعي کانپوءِ رکيل کي ڄڻ ته موقعو ملي ويو هجي ايندي ويندي مانجهي جي اوطاق تي لڙندو هو. رکيل کي مٺي ماڻڻ جو دڳ نظر اچڻ لڳي ٿو. ڇو ته گهڻي اچ وڃ ڪري مٺي وارن رکيل کان حجاب گهٽائي ڇڏيو هو. هڪ ڏينهن ڳالهين ڳالهين ۾ چورن تائين رسڻ جي ڳالهه ڪري ويهي ٿو. ۽ فورن ڳالهه بند ڪري ٿو ڇڏي. اشارو ملندي ئي مانجهي مٺل تي وزن وجهي ٿو. حساب نه ملڻ جي صورت ۾ پلاند لاءِ تيار ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. مٺل سڀ ڪجهه حاجي رکيل کي ٻڌائي ٿو. حاجي رکيل ڳالهه هٿان نڪرندي ڏسي مٺل کي اهو چئي راضي ڪري ٿو ڏوهه ڏنڊ هوءُ پاڻ ڀري ڏيندو. مٺل تيار ٿئي ٿو ۽ پوءِ مانجهي ۽ مٺل جو فيصلو حاجي رکيل ڪري ٿو، لوڙهي لتاڙڻ جي چٽي طور مٺل تي ڏيڊ لک ڏنڊ وجهي ٿو. مٺل ۽ حاجي رکيل جي وچ ۾ طئي ٿيل راند تحت مٺل اهو چئي فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري اٿي ٿو. ڀلي ڪهرائي ڇڏيو پر اها چٽي ڪو نه ڀريندو. جنهن تي وارث ۽ حاجي رکيل ڪاوڙجي اهو چون ٿا ته اهو نه وسار ته جهيڙو رڳو مانجهي جو نه آهي. ائين سمجهه ته اسان سان به جهڙو وارين ٿو. جنهن کانپوءِ مٺل چٽي ڀري ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿئي ٿو.
مانجهي جي اچ وڃ وڌڻ ڪري حاجي رکيل جي وڏوهر ڌي ساران جي نگاهن جي تاڙ ۾ اچي ٿو. ساران جنهن ڪافي عرصي تائين مانجهي کي ساهن ۾ سانڊي رکيو هو سو موقعو ملندي ئي پنهنجي پيار جو اظهار ڪري ٿي. جيڪو مانجهي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري گذري وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته مانجهي ننگ پال مڙس هو. مانجهي جي انڪار ساران جي من ۾ وڍ وجهي ڇڏيا هئا. پر اهڙو موقعو ڪو نه ٿي وڃايائين جنهن سان مانجهي سان ملڻ ۽ ان کي پاڻئڻ جي ڪوشش نه ڪئي هجيس. مٺل ڏنڊ ته ڀري ڏنو پر مانجهي جي دل تان لوڙهي لتاڙڻ وارو بار ڪو نه لٿو هو. اهو ئي نه بلڪه کيس اهو به شڪ هو ته مٺل سان ٿيل فيصلي ۾ ڪا ڳالهه ضروري ٿي آهي.نه ته مٺل حاجي رکيل جو انتهائي پر اعتماد ماڻهو آهي. ان خلاف حاجي رکيل ايڏو سخت فيصلو ڪيئن ٿو ڪري سگهي. اهو ئي نه بلڪه مٺل جنهن جو ڪو به گهر گهاٽ ئي ڪو نه آهي اهو هڪ ڌڪ سان ايڏي وڏي رقم ڪئين ٿو ادا ڪري سگهي. چوندا آهن ته چور کي گهڻي ٽائيم تائين ڌڪي نه ٿو سگهجي سو ائين ئي ٿيو مانجهي کي اندران ئي اندران هلڪي ٻاڦور پئجي ٿي وڃي جنهن جو پيرو کڻي ٿو ته چور جا پير حاجي رکيل جي اوطاق تي دنگ ڪن ٿا. کيس يقين ڪو نه ٿو اچي ته رکيل جهڙو مڙس دوستي جي نالي تي ائين ڪري سگهي ٿو. ٻي پاسي اها به سوچڻ جي ڳالهه هئي مٺل جيڪو هڪ قدم به رکيل جي مرضي سان ناهي کڻندو سو ته ايڏو وڏو گناهه ڪيئن ٿو ڪري سگهي. گهڻي کر پير هڻڻ کانپوءِ تصديق ٿي وڃي ٿي ته اهو ڪارنامو حاجي رکيل جي صلاح سان مڪمل ٿيو آهي. مانجهي پير ساڌر ڪرڻ کانپوءِ اصل زهر قاتل بڻجي وڃي ٿو. ڪافي ٽائيم تائين سوچيندو رهي ٿو ته آخر حاجي رکيل کي چئي ٿو ڏئي ته اهو سڀ ڪجهه ڇو ڪرايو؟ هڪڙو موڙ اهڙو به اچي ٿو ته مانجهي پنهنجي يارن بلاول ۽ سانول سان صلاح ڪري حاجي رکيل جي ڀيڻ درناز جي گهران ڍڳي ڪڍي ٿو. درناز جي چوري ڇا ٿئي ٿي رکيل اصل مڇر جي پئي ٿو. حاجي رکيل پهرين ڌڪ سان پير سڃاڻي وٺي ٿو. مانجهي کي گهرائي حساب ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. مانجهي انڪار ڪندي چوي ٿو ته هوءَ چور ئي نه آهي ته ڪيئن ڀري ڏئي. حاجي رکيل ڪاوڙ ۽ ميار مان دوستي نڀائڻ جهڙا طعنا ڏيس ٿو پر مانجهي جو هڪ ئي جواب هجي ٿو، دوستي اوتري سچي آهي جيتري تو نڀائي آهي. چور هوءَ نه آهي باقي ڏاڌ ڪرڻ چاهين ٿو ته ٿاڻو کليو پيو اٿئي فرياد ڪر. جي سڌو وڙهڻ چاهين تڏهن به اجازت اٿئي. باقي مان تنهنجي سامهون نه ٿيندس.
راڄ سامهون اهو جواب ٻڌي حاجي رکيل اصل تپي باهه ٿي وڃي ٿو. وارث جيڪو پاڻ به ڏمريل هو سو رکيل جي اشاري سان مانجهي کي لاڪپ حوالي ڪري ٿو. وارث ڏوهه باسرائڻ لاءِ تشدد جا هڙئي طريقا استعمال ڪري ڇڏيا پر همراهه ٽٽڻ لاءِ تيار ئي ڪو نه ٿيو جيترو وڙهه پوءِ به اهوئي جواب ته چور ناهي ته ڪئين ڀري، سنگت ۾ چئو ته مينهون ڏيڻ لاءِ تيار آهي. باقي چوري الزام ۾ ٽڪر به ڪو نه ڏيندو. وارث چرس ۽ ٻين ڪيسن ۾ چالان جي ڏمڪي ڏنس تڏهن به ساڳيو جواب ته چور ناهي. باقي ڀلي ريل هيٺان ڏئي ڇڏ
مانجهي جي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ رکيل موقعي جو فائدو وٺندي مانجهي جي چوري ڪرائڻ تي لهي اچي ٿو اها رات خالي نه هئي جنهن رات مانجهي جي کڙهه تي چور نه آيا هجن. شيرل ۽ عظيمه مڙسي ڪري سڄي رات پهرو ڏيڻ لڳا. اصل ڪک جي کڙڪي تي شيرل پنج ڏهه فائر ڪري پئي ڇڏيا.
مانجهي اهڙي ڄاڻ ملندي ئي حاجي رکيل کي نياپو موڪليو ته ريل ۽ جيل مڙسن لاءِ آهي. تو به ڪاٽيو هوندو ۽ منهنجي لاءِ به اها ئي آهي. وڙهڻ چاهين ٿو ته مڙساڻا جهيڙا ڪر. کڙهه تي چور موڪلڻ ڇڏي ڏي. نه ته هڪ سج منهنجو به ٿيندو متان تو سنڀالي نه سگهين. وارث جڏهن سڀ طريقا استعمال ڪري ٿڪجي پيو ته رکيل کي چيائين مڙس چور ڪو نه ٿو لڳي پر جي آهي ته تڏهن به هن سان هٿ چراند چڱي ڪونه آهي. مڙس چيڙهو آهي. مرڻ کانسواءِ ائين سٿري آڻ ڪو نه مڃيندو نه وري مار موچڙي ۽ جيل سان کيس جهڪائي سگهبس. اهڙي سريلي منڌي کي سلامي بنائڻ لاءِ پيار ۽ ياري وارو طريقو ڪارگر رهندو. حاجي رکيل مختلف ڪيسن ۾ چالان ڪرڻ لاءِ چويس ٿو ته صوبيدار وارث سمجهائيندي چويس ٿو جيل جوانن کي ٽوڙيندي ڪو نه آهي. هي ڇورو جيل ويو ته پڄي راس ٿي موٽندو ۽ پوءِ پاڻ لاءِ گهڻا مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو منهنجي صلاح اٿئي ته ڪنهن بهاني سان ياري جو ڳٽ وجهينس . رکيل پنهنجي يار وارث جي ڳالهه مڃيندي ٺاهه جو دڳ ڪڍي ٿو. اتي ٿاڻي تي ڳجهه ڳوهه ۾ ٺاهه ڪري مانجهي مان هٿ ڪڍن ٿا، مانجهي دل جو سور دل سان سانڍي ٻاهر اچي ٿو بظاهر ته رکيل وارن سان گڏ هلي ٿو. پر وجهه جي ڳولا ۾ رهي ٿو. ساران جيڪا مانجهي تي پاڻ لٽائڻ لاءِ تيار هئي. مانجهي کي اهو ياد ايندي ئي پاڻ کي تيار ڪري ٿو. ساران جيڪا مانجهي لاءِ ماندي هئي سان ان تي نڇاور ٿيڻ لاءِ تيار تي وڃي ٿي. مانجهي ساران کي فرار ٿيڻ لاءِ تيار ڪري ٿو.ڇو ته مانجهي جيڪو ساران کي بي پناهه چاهيندو هو. پر رکيل جي دوستي جي ڪري پنهنجي دل ۽ جذبن کي قابو رکيو ويٺو هو.چوري جي آڙ ۾ ٻڌرائي ٿاڻي تي مارڪٺ ڪرائڻ کانپوءِ مانجهي جي حاجي رکيل کان دل ڀڄي پئي هئي. دوستي ۽ احترام وارو رشتو لوڪ لکا وارو بڻجي پيو هو.
مانجهي جي چوڻ تي ساران سڀ ڪجهه ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي وئي هئي. پروگرام موجب ساران کي پڪي روڊ تي اڪيلي ٻٻر واري هنڌ پهچڻو هو جتان شيرل ۽ ساران درياهه پارڪري مانجهي جي جگري يار قربان وٽ وڃي ترسندا ۽ پوري هڪ مهيني بعد هئو مئو ترڻ کانپوءِ مانجهي اتي ويندو ۽ پوءِ ٻئي شادي ڪندا.
ائين ئي ٿيو ساران ڏنل پوري وقت تي پهتي شيرل ۽ ساران وچ واري رستي سان نڪري وڃي موري پل وٽان گاڏي تي سوار ٿيا. سج اڀرندي ئي وڃي قربان وٽ پهتا. ٻي ڏينهن قربان جو مانجهي کي نياپو پهتو ته تون ڪو به الڪو نه ڪر تنهنجو امانتون منهنجي بلي آهن سال ٿي وڃن پر تنهنجي امانت ميري ڪو نه ٿيندي جڏهن دل ڪڍي هليو اچ. هاڻي لاش کڄي سگهن ٿا پر زندهه حاجي رکيل ڪجهه ڪون ڪري سگهندو قربان جو پيءُ ڪانڊيرو خان حاجي رکيل جو پراڻو يار هو. جنهن رکيل کي مانجهي جي هر ننڍي وڏي فيصلي کان آگاهه ڪيو هو. ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو جيئن وارث ۽ حاجي رکيل سوچيو هو، قربان پنهنجي پيءُ جي دوستي نڀائيندي چاچي رکيل سان پهر وهي ويو ۽ ٽيئن ڏينهن تي مانجهي کي پنهنجي ڀاءُ شيرل جو لاش ملي ٿو.
***