1
ڏينهن ڏي نظرون کڻان،
ڏينهن آيو حشَر ٿي _
يــا الاهـــي، الامـان!
جهل جي اونداهه کي،
ڏينهن ٿي ڏسڻو پيو،
ظـلم جـي آڙاهه کي،
مينـهن ٿي مـلڻو پيو.
روشـنيءَ جـي واسطـي،
راهه تـي ٻهڪي ٻـرو،
زندگـيءَ جـي واسـطي،
دار تي ٽهڪـي مـرو.
جي سـتمگـر آسـمـان،
عزم پنهنجو عرش آهه،
جي شفيـق ۽ مـهـربـان،
ديد پنهنـجـي فرش آهه.
جي ظلم ڪندڙ آهه، اهُو آ شيـطان،
جو ظلمَ سهي ڪين ڪڇي سو حيوان
جـو امـن ڏئي، امـن گهري، امَـن وٺي-
هن دور جـو انـسان اهـو آ نـسان.
آ عرش – نـشيـن، عرض اگهـائـي ڪـوئـي!
آ اهـل - زمـين، ظـلم مٽـائي ڪـوئـي!
ٻـي رب جـي مخـلوق کـي طـاقـت ناهـي،
انـسان کـي انـسان مڃـائي ڪـوئـي.
هـي هيڏا وڏا ڪـوٽ، ڊهـي ئـي پـونـدا،
مـحلـن جا مٿيان چــوٽ، ڊهـي ئـي پـوندا،
ڪنهن وقت به ڌرتي جو ڪو ڌوڏو کاڌو،
گهورن تي چڙهيل گهوٽ، ڊهي ئـي پـونـدا،
هـي جـهل جـو اندهه، لـهي ئـي وينـدو،
هـي ظـلم جـو آڙاهه، ٺـري ئـي وينـدو.
مـظلوم جـي آهـن جـو اثـر ٿيڻـو آهه،
جـو جـوش ۾ ا، اچـي ئـي وينـدو،
هـي ظـلم جـا زنـجير، ٽـٽي ئـي پـونـدا،
۽ بـاهه – ڀـريل تـيـر، گـسـي ئـي پـونـدا،
پـرچاءُ ڪـندا مـون سـان ۽ تـوسان آخر،
هـي بخـت هـي تـقدير، رُسـي ئـي پـونـدا،
جي تنهنجي سـتم جـي به هي تمهيد آهي،
مـون لاءِ بـه ڄـڻ ”دار“ وڏي عـيـد آهـي،
اونـداهه جـي غفلـت جـو پکيڙيندين تـون،
مون وٽ به عمل، عزم جو خورشيد آهي،
جي جهنـگ ڪندو تنـگ ته ساڙي اچـبو،
هـونـدو جـي بـيابـان تـه لـتاڙي اچـبـو،
او مـنـزل – مقـصُود، هـي وعدو آهي –
آيو جـي اڳـيان اڀ تـه بـه ڦـاڙي اچـبـو،
اچـبـو تـه جـگـر شيـر جـو ڌاري اچـبـو،
هـر ديـو ۽ راڪـاس کـي مـاري اچـبـو،
او مـنـزل – مقـصود، هـي واعدو آهي –
هـر حـال ۾ انجـام کـي پـاري، اچـبـو،
طـارق ٿـي اڳـيان بـحـر اڪـاري اچـبـو،
فـرهاد ٿـي ڪـهسار کـي ڏاري اچـبـو.
جي سـجَ لـٿو، چَنڊ لڪو، ٿي اونـدهه،
تـه بـه عـزم جـي آڙاهه کـي ٻـاري اچـبـو.
هـا، مـاڪ سان گڏ نير وهــائي ڪوئــي،
۽ واءُ سـان گڏ ڌوڙ وُسـائـي ڪـوئـي،
انسـانيـت آهي ڪٺي انسـانـن خـود،
مـاتم مـلي فـطرت سـان مـچائي ڪوئي،
هن دور ۾ ڪـهڙو رهيو حيوان جو ڊپ،
ڪنهن جن، ملڪ ديو ۽ شيطان جو ڊپ،
اللھ کـان انـسان نـه ٿـو پـيو لـرزي –
انـسان کـي کائـي ويو انـسان جـو ڊپ.
سڪرات ۾ ڪو ڪجهه ٿو گهري، آهي ڪو؟
انصـاف جـو بـوتـو ٿـو ڀُـري، آهـي ڪو؟
هـن هـيڏي جهـان، ٽـن اربـن ماڻـهن ۾ -
انـسان کي انـسان ٿـو ڦري، آهي ڪو؟
غيـرت جـو گـلو ڪو ٿو گهـُٽي، او پڄـجو!
همـت جـو اجهـو دم ٿـو ٽـٽي، او پڄـجو!
هي ”ڪوڪ“ ٻڌو ٿا ڪين ٻوڙا آهيو،
انـسان کي انـسان ٿو لٽـي، او پڄـجو!
جو ظـلـم ڪنـدڙ آهه، اهو آ شيـطان،
جو ظلم سهي، ڪين ڪڇي سو حيوان.
جو امـن ڏئـي، امـن گهـريُ، امـن وٺـي –
هـن دور جـو انـسان اهـو آ انـسان.
رنجـور کـي رنجـور بنـائـڻ ويـتر،
مـسرور کـي مـسرور بنائـڻ ويـتر،
هن دور جون رسمون ۽ رواج، الاهو!
مـجبور کـي مجبـور بـنائڻ ويـتر.
هـن دور جـي دلـين۾ محبـــت پوکيو!
ڪلفت جا ڪڍي لاهه ۽ الفت پوکيو.
نـفرت کي ڏئي باهه، صـفائـي ڪريو،
رغبــت جو ڪري ريج، اخوت پوکيو.
تـجديد جي ڀـاڪر ۾ شـرافت گهرجي!
تهذيب جي جهوليءَ ۾ فضيلت گهرجي.
نـئـين دور جو اهـڙو ته تـمدن ٺاهيـو،
موزون مشـقـت کان پو فرحت گهرجي.
لـيڊر جـي غـم – جنگ ۾ غلطان آهن،
سـي خـضـر جـي تصـوير ۾ شيطان آهن.
هـي جـسم – جـهان لاءِ شــفا ناهن پـر،
نـاسـور، ڪنو ڪوڙهه ۽ سرطان آهن.
سـامان – تـباهي تي ڪروڙين رقـمـون،
خـرچن ٿـيون خوشيءَ ساڻ ڌڙا ڌڙ قومون.
گـوليـن ۽ بـمـن لاءِ خـزانـا کـلـيل،
ڪو ڏوهه ڪيو آهه فقط ”تو ۽ مون“
عـيدن جـي پٺـيان تـاڪ ۾ ماتـم آهن،
جـنـت جو کنـيو پيـر جـهنم آهي.
ايـجاد جو چهرو ٿـو سـڄو چـمڪي پيو.
هڪ داغ سندس نـرڙ تـي ”ايٽم“ آهي.
قـارون ۽ شـداد اڃـا نـاهـن ڇـا؟
مـجنون ۽ فـرهـاد اڃـا نـاهـن ڇـا؟
هـي عـام خـيال آ ته بـشر سڌريـو آ،
بـيـداد ۽ بـغداد، اڃـا نـاهـن ڇـا؟
مضبـوط پـهان کـي لـڳـن ٿيـون پــيڙهون،
ڪمزور ڪرِن کوڙ ڪکايون ڪنڌيون.
ان دور جـون پـاڙون به اٿـوَ ٺـڪريءَ تـي،
جـو دور سـِکيو آهه اهـي تـعمـيرون.
تـقدير ڏيـڻ سـاٿ نه ٿـي پـئـي چـاهـي،
تـدبـير به ظـاهـر ته بـچي ئـي نـاهـي.
تـوڙي جـو اڳـيان بـاهه پـٺيان پـاڻـي آهه،
پـر، واهه جـو ”امـيد“ به ڪا شـيءَ آهي!
امـيـد جـي شـمعـن کـي جـلايون ويـٺا،
پـروانا خـيـالن جـا پچـايــون ويــٺا.
تـوڙي جو ڪـري تـيل ڏيـون ٿا رت کي،
مـحفل ته بـهر حال مـچـايـون ويـٺا،
گهمجن ٿيون گهٽيون کوڙ گناهن هاڻيون،
ڪـنڊن مـان ثـوابـن کـي لـڀـي ٿـا آڻـيون.
جـي سـچ ٿـا پـڇو سون جـي ذرڙيـن خـاطـر،
ٿـي ”ڌوڙ – ڌيـان“ ڌوڙ اسـين ٿـا ڇـاڻيون.
صد فخـر جـو آهيان مان اوهان جـو شـاعر،
ماضـي جـو نه، هن وقـت – روان جو شـاعر،
پـر ڪنڌ کـڻان، ٻـانهن هڻان ڪهڙي مان،
مـجبور ۽ مـجبور زبــان جـو شـاعر.
جـنهن دور ۾ انـصاف نه ٿيـندا آهـن،
حـقـدار کـي ڪـو حـق نه ڏيـندا آهـن،
ٻُـڌجـي ٿـو ته ان دور سـندا پـيءُ ۽ مـاءُ،
اولاد به بـاغـي ئـي ڄـڻيـنـدا آهـن.
بـي حـال کـي خـوشحـال ٻُـڌائـيـن ڇـو ٿـو؟
انـڌيـــر کـي انـصاف سڏائـيـن ڇــو ٿـو؟
تون زون جي رکندين ته ڪو چوندو به کڻي،
پـر رات، چِٽـو ڏيـنهن چـوائـيـن ڇـو ٿـو؟
افـسوس جـو ”هـم حـال“ اوهان سان ناهيان،
ڪـا ڳـالهه نـه آ، مـان به ته انـسان آهيـان،
انـسان جـون تـقـاضـائـون تهُ ساڳـيون آهـن.
چـاهـيو ٿـا اوهين جيڪي، اهي ٿـو چـاهيان،
ها، جنگ کـان هن دور کي نفـرت آهي
پـُر جـنگ تـه انـسان جـي فـطـرت آهـي.
دل ۾ نـه ڪجانءَ، امـن جـا عـاشق ”اسُتاد“،
ظـالـم سـان لـڙڻ جـي ته ضـرورت آهـي.
سچ پچ ته سر ۽ ساهه کـان آهي پيـارو –
هـي ”امـن و امـان، امـن و امـان“ جو نعرو.
ظـالـم نه ٿـيو، ۽ ٿـيو مـظـلوم مــتان!
جـو تـنگ ڪري، جـنگ ڪريــو او يـارو“
هڪ ڳل تي لڳي چوٽ ڏجي ٻيو ٺاهي
دسـتـور زمـانـا اهـو پـنهنـجو نـاهي.
چـاهي ڪو اسان کي انهيءَ کي چـاهيون،
ڊاهـيون ٿا انهيءَ کـي جـو اسـان کـي ڊاهي.
تـسلـيم ته مـاحول صـفا گـرم آهي
اسـتـاد جـي تحريـر ذرا نـــرم آهــي،
اللھ ڪـي انـسان کـي اهـي اکـيون ڏي!
انـسان ۽ انـسان سان وڙهـي، شــرم آهي.
ڪـيڏانـهن اچـين ٿـو پـيو ڍرڙو ڍرڙو –
هـو تنهنجـا ڏٻا ڏانـد، هو تنهنجو چڪڙو،
راڪيـٽ جـا هـسوار، خـلائـي انـسـان،
ڪـيڏانـهن وڃيـن پـيو تڪـڙو تـڪڙو؟
اريـا به لـُٽيـرا هـا، لُـُٽي، لـُٽجـي ويـا،
تـرخـان، مـدد خان ڦري، ڦرجي ويـا.
هـي سنـڌ بـهرحال جئي پئـي، پئي جـيئندي،
ڪئين بار ڪٽڪ آيا، ڪٽي ڪٽجي ويا
ا للھ بـنائـي آ عـجـب هـي ڌرتـي –
مسـڪين مسافـر جي لئه رب هي دنيـا،
ڳڻچور کي ڏيـندي آ ڳـچي تي لـت ۽ -
غـدار جـي لـئه آهه غضـب هـي ڌرتـي،
ســـون بـازار مـان ڳـِني وٺـبـو آ –
فـيـض رهـبر کـان پِـني وٺـبـو آ،
جـو به سـمجهو ته اوهان جو حـق آ،
حق مـڙسي سـان ڇـِنـي وٺـبـو آ،