شاعري

بخاريء جا قطعا

استاد بخاري جي شاعري خاص ڪري سندس قطعا هن ڪتاب ”بخاريء جا قطعا“ ۾ شامل آهن۔ مجازي عشق جي بهترين شاعريء سان گڏ قومي شاعريء ۾ به استاد جو هڪ پنهنجو نرالو انداز آهي۔
Title Cover of book بخاريء جا قطعا

7

خوف هوا ۾ اچن اڏاڻـا ڪڪـرن جان،
پنهنجا سينا تن جي سامهون ٽڪرن جان،
ڪهڙو پهـرو بيهي دهشتگردن تـي،
دل جا درد به آهـن دهشتگردن تـي،


سمنڊ نه سُڪندو پر مون سُڪندو آهي ڏٺو،
روهُه نه ڀرنـدو پـر مون ڀُـرندو آهـي ڏٺـو،
اکين سان استاد بخاري سج کي مون،
ڪاني جيڏي کڏ ۾ ٻُـڌندو آهي ڏٺـو،


لوڪ اسان جـو ٻالو ڀـولـو دورانـديشـي ڇا ڄاڻي؟
ڪلڪ هٿن ۾ تير، تبر مان سرڪش، منشي ڇا ڄاڻي؟
ورڪر، ليـڊر، ٽيچر، افيـسر سڀ دانـشور هـي مڃيندا،
قوم جو مستقبل ڇا ٿيندو، ڦرڻي ڪرسي ڇا ڄاڻي؟


درد بـه وڌنـدو آهي ساٿي، ڌيري ڌيري،
موت بـه ايندو آهي ساٿي ڌيري ڌيري،
ڌيري ڌيري جي سُڌ پوندي آهي ڏکي،
ڏيهه به ڏرندو آهي ساٿي، ڌيري ڌيري،

گـاڏي، گـاڏي ڏاڙهـي ٿـي پـئـي،
ڏيـڍي ڏيـڍي ڀونڪي ٿـي پئـي،
اونـداهيءَ کي بڪندو ڏسندي،
تِـيلي، تِـيلي ڀــڙڪي ٿـي پـئـي،


ڀــــونــچالن ۾ بــرج نــچن ٿـا،
موت لڙي ته به مات نه مڃبي،
چـاهي ڌرتـــي اٿـلي پـئي پـر،
روشـن، ڪاري رات نه مـڃبي،


پتَ جهڙ جـي رُت تو سان جهيڙا،
وڻ وڻ الا بــــاٺــا چــاتـــا،
پــوپــت پــڪڙڻ وارا نيـنـگر،
اڄ ڪلهه پستــلــن لئـه آتــا،


شاعر تنهنجي ذهن ۾ سوچون، هوڪـارا،
ڀُڻڪو، واڪو ڪجهه به مگر ڪڇجي ته چڱو،
هانءَ تــي الٽـي چــڙهندي ايــندا اوڪــارا،
هرڪو چونـدو زهر اهو نـڪري ته چـڱو،


ننگي بـت تـي سَٽ سَٽ ڦـٽڪو قـهر ڪشـيو،
پهريان ڦٿڪيو، پوءِ تڙپيو، هاڻي ڪو ڇرڪي به نـٿو،
ڳـاڙهي گـهوٽ جـو لاشـو ڏسـندي ٿيـندو هـو،
اڳ ۾ پِٽڪو ۽ پوءِ سڏڪا، هاڻي ته ڪو روئي به نٿو،

پـنهنجــي ڌرتيءَ کي بکُ مُاري،
زهـــري ڏي راڪــيـٽ اڏاري،
اڄ ابُتـو انــسان شــيطـان،
” پيٽ نه پاري ڪــتا ڌاري،“

مِـلِ ته ڇڏيو پـر کـُورو وٺـبو،
انَ سان گڏ بهُهُ تــورو وٺــبو،
ڪجهه به هجي پر ماري توکان،
پنـهنجو حـــق سمورو وٺــبو،

مان هان شــاعر، تـون آن هـاري،
تنـهنجي منـهنجي گهاٽــي يـاري،
منهنجي هٿ ۾ گيت گلابي،
تنهنـــجي هـٿ ۾ بـاغ، بهـاري،


منهنجي هٿ ۾ ڪلڪ ۽ ڪانگ،
تــنهنجــي هـٿ ڏاٽــو، ڏانگ،
مان ٿـو ڪاٽيان قهري سـوچون،
تون ٿو ماريــن زهـــري نانـــگ،

واءُ هُلايــو؛ سـورهــيه، ويـــڙهو،
ڀُونءَ ٻُــڌايو؛ ڳـاهيــلَ ڦــيڙهو،
جـلــسو؛ تـاڙيــون، اوي – آوي،
رسـتو؛ گـاريــون، هيڙهو – هيڙهو!


ڪا سِٽ گـونگـي، ڪا سِٽ ٻـوڙي،
ڪا سِٽ ڪنهن لئه ڏاڍي ڪوڙي،
جيڪو، سـنڌ لـئه گونگــو، ٻـــوڙو،
تــنهن کـي ڪوٺيـو گهـوڙي گهوڙي،

زنـدهه باد ۽ مـرده بـاد امـانـت آهــن،
محبت نفرت مون وٽ اڻڪٿ طاقت آهن،
پڳ ٻڌائن، ڪنڊيون پائن، ماڻهن جـا هٿ،
ماڻهن جـا هٿ الري پيـا پو آفت آهـن،


ڦوڪيم ناد، اٿي پيا مُردا، محشر ٿي ويو،
مــڇريل ماڻهو، ظـالـم لاءِ طـاقـت آهـن،
ديـس – دروهي تنهنجي سامي جهولي آ،
ايندا، ويندا جنهن ۾ وجهندا لعنت آهن،


هـٿ تـي رکـندئــو پـٿر، سـاڻـو سـاڻـو سَتُ،
لکـندو رهـندس قـومـي جذبـو زنـده بـاد،
ڄڀ ۾ هڻندوء ڪوڪا، گُرڙيون – گُرڙيون رت،
چـونـدو رهندس؛ هوشـو دودو زنــده باد،

اک تي رکندئو ٽانـڊا، ٽچڪي ڏيندس ٽپَ،
پـو به نه چـوندس، دَلبـو، دوکـو زنـده باد،
سَـٽ سَٽ لڳندا ڦٽڪا، ٽڳڙيون ٽڳڙيون بتُ،
پـو به نه چـوندس، ايــرو غيــرو زندهه باد،


لال لطيف جـو هنـج اڏرندو جيئي جيئي،
ظـالم ذليلي جـو بـاز بـُکارو مـرده باد،
امن – اڱڻُ تي چُوزو چُڳندو جيئي جيئي،
ڪاري اڀ تان سرڻ جو جهارو مرده باد،

منهنجا مـارُو مـرده باد تـون بـه وڏيـرا مرده باد،
حق جا نعرا مرده باد ته تنـهنجا عهدا مرده باد،
منهنجي قوم مري ٿـي پيـئي ڌيري ڌيري ڌرتيءَ تي،
مون کي لڳي ٿي تنهنجي خدايا، دنيا عقبيٰ مرده باد،


اسين بهُه نه آهيون، اسين ڀونءَ آهـيون،
لـتاڙي بـه ٿـا ڌوڙ پـايــو، لــتـاڙيــو!
چڻا ڪين آهيون، جي آهيون ته رُڪ جا،
چـٻاڙي سگهو ٿا تـه بـيشڪ چـٻاڙيـو!

اسين آهيون سادا، چـئو ٿـا، مڃـون ٿـا،
مگـر حـق ۽ ناحـق سُـڃاڻـي وڃون ٿـا،
حقيقت جي قدمن کي نوڙي چُمون ٿا،
ناحق جي پڳـڙي لـتاڙي وجـهون ٿـا،


محبـت جي رهـن ۾ رابيل آهيون،
عداوت جي دوڏن مٿاُن سيلهه آهيون،
ڀٽائيءَ جو در جا ته ٽڪريل آهيون،
خـبـردار اغـيار، ڌاڙيــل آهيــون،

وڍيو ٿـا وڍيـندڙ ته وڍجــي وڃـون ٿـا،
نه وڍجون اسان ڪـنهنجـو سايو ته ناهيون،
صفا ٽڪرا ٽڪرا ٿي جڙجي سگهون ٿا،
نه جـُڙجون سڄي قوم ڪايو ته ناهيون،

چيــائين ته ٻـيلا ڪـٽيـندا وتون ٿـا،
چيم چيچڪن کي ڇٽيندا وتون ٿا،
چـيائين ته خنجر ٺـپيندا وتون ٿـا،
چيائين، پو به شهپر وٽيـندا وتون ٿـا،

هٿيــن خالي آهيون زمانـا، مڃــون ٿـا،
مگر لوهه لفظن سان موڙي سگهون ٿا،
ستمگر جـوُ گهر گاسلـيٽ آ اڳيئــي،
چـپن ۾ اماڙيون لڪايون وتون ٿـا،


وجهو هار جـي يـار جهونجهار آهن،
کـڻو ڏانگ جـي نـانگ نـروار آهـن،
وڏو وات، ٻانهون ڊگهيون، ڀِڀِ، پاپي آهن،
اهــي چـار پـرمـار جـا پـــار آهــــن،


گُهرون ڇو گبر کان وٺون نه گهوگهي،
پنـڻ کان ڇنــڻ ۾ مــزو ٿــو اچــي،
ٻنين لئه، ونين لئه، وطن جي حدن لئه،
مڃـون ٿا وڙهڻ ۾، مــزو ٿـو اچـي،



اجُـالـو ادب ٿا، بـڪي روڪرايو،
ڪلا جي هٿن ۾ ڪلا ٺوڪرايو،
مڃوتيءَ جا شـيشا ڀَڃي، ڀوري زوري،
بغاوت جـا مٽڪا ڀـلـي ڏوڪرايو،

ڦـُـنڊائي ڦـُنڊائي پڏايـو نـه ڏاڏا،
متـان ڦاٽڻـا ڦوڪڻا ٿـي پـون،
دٻائـي دٻائـي سُـسايـو نه هيڻـا،
متان هو خطرناڪ – اڻَا ٿي پون،


اسيـن زور سـرڪش، دودسـتا، انـاڙي،
اسان کي ڏسي ڏاڍ کنهندو آ ڪياڙي،
پڙهون پـاڻ ٻيلن ۾ ٻــٻرن جي هـيٺان،
اسان جا قلــم آ گهڙينـدي ڪهاڙي،


ڪو ڪيلي چيڀاٽي ته پاپي چئون ٿا،
ڪو قومـون ئي ماري ته پو ڇـا چـئون؟
ڪو هڪ ٽار ڏاري ته ناحق سڏيون ٿا،
ڪو ٻــيلائي ٻــاري ته پــو ڇا چئون،


رُڳو هڪڙو ٻارو تڪي ڪو تـه تاڪو،
سڄو ملڪ جيڪي تـڪن ٿـا، اهُي ڇا؟
فقط هڪڙو گهر ڪوُ لٽي ٿو ته ڊاڪو،
سڄي سـنڌ جيـڪي لـٽن ٿا، اهُــي ڇــا؟

جـو تنـهنجو آواندن ٿـو لوڙهي سوُ رهزن،
جـو مهـراڻ جو منهن ٿـو مـوڙي، اهو ڇا؟
جـو ڦهنگون ۽ ڇـلپا هڻي سو تـه دشمن،
جـو ماڳهين ٿـو ٻـيڙو ئي ٻـوڙي، اهُو ڇا؟

جي ڪو گهر جي تختي ٿو لاهي ته غوندو،
ڪو تـاريـخ ميٽـي ۽ ڊاهـي تـه پـو ڇـا؟
رڳـو آڱريـون پـنج ناهـي تـه ڀُـونڊو،
سـچي تنـهنجي تهذيـب ڳاهي تـه پو ڇـا؟

سـچائي، گهـڻائي، ڳــرائي به آهـي،
خبـر ناهي ڇا کـان کڄي ٿا وڃون،
سمو سـازگـار آ، مگر پـو به پيارا،
وڄـــايو نه ٿـا پر وَڄـي ٿا وڃــون،

ڏيو امتحـان پـر پـڙهـڻ کـان سـوا،
ڏسون ڪاميابيون، ڪڙهڻ کـان سوا،
وڏا ويـر سڏجون، هڻــون تيــر ڇـو؟
وٺون حق پنهنجا وڙهــڻ کـان سـوا،


لنگهي لڪ سُوڙها، وڏي دڳ ڀرا ٿيو،
تکي ڊوڙ پائــي وڌي، جـڳ ڀــرا ٿيو،
جا منـزل ملي ٿـي اهُــا ئـي چــوي ٿي،
اڃـا اڳـڀرا ٿـيو، اڃـان اڳڀرا ٿـيو،


هـڻي ٻانهن لهرن سان ڪوئي لـڙي پيو،
ڪناري تي ڪو پيو ڏسي، هيئن تر – ئي،
حياتيءَ کـي ڀاڪـر وجهـي يارُ پنهنجو،
وڏي واڪ بيٺو چـوي، ويـرَ مَـرُ – نـي،


نه جيڪو مليو تيز تنهن لئه تڻُـان پيو،
ملي جو ويو موج تـنهن مان وٺـان پيو،
مانُ بـيچين ساگـــر ڪنارن ۾ سوگهو،
نه اٿـلي سگهان ٿو نه بيهـي سگهان ٿـو،


سمهڻ مون کي ساميءَ ۾ ايندو ئي ڪين،
اجهو ”قـم باذِني“ ٿـو اوٿـر اٿـي،
رڳــو تربـتون ڇو سـڄـــو تـر اٿــاري،
اٿـي ملڪ پئـي ڪو ته محــشر اٿــي،

تـه ڇو ٿـا درود ۽ دعائون بنايــون،
اٿـو درد مندوء، دوائُـــون بُـنايــون،
نه ٿس ڪنهن به بي نور کي نور آڇيو،
ڪروڙين اٿس ڪهڪشائون بنايون،


اسان سان ڪچهـريون ڪريو دوستو،
هــليــا ويـنداسيـن اوچـتـو، اوچــتــو،
اسان جــــي نصيـحـت، وصيـت اهــا،
وٺـي حُـسن جــو نانءُ پـــوءِ پــورچــو،


جو چاهيون ٿـا سو چاهه سچ پچ ڪـريون،
ٿڪـا آهيــون دل کــي ڌتـاري – ڌتـاري،
مـزو ڪجهه تـه ڇوليــن ڇتيـن جو وٺون،
ڪيو آهي ڪڪ هن ڪناري – ڪناري،


نـه ايـندي ملياسيـن، نـه ويـندي مليـاسيـن،
خبر ناهي ڪنهن خـواب لهـندي مليـاسيـن،
تون خوشبو جو جهونڪو مان جهلڪو هوا جو،
ڪٿـي ياد ڪر، واٽ وَهـندي مليـاسيـن،


لکڻ زندگـيءَ، زنــدگيءَ ڪيئن ڇڏجـي،
لکڻ بـندگي، بـندگي ڪيئن ڇڏجـي،
ڏکئـي کـان ڏکـيو عـشق اکرن جـو آ،
رکي دوستيءَ، دوسـتيءَ ڪيئن ڇڏجـي،


جي ٻوڙا نه سـمجهڻ ته پو ڇا ڪجي؟
جـي گونـگـا نه ٻُولن ته پو ڇا ڪـجي؟
وڌڻ وارا چـارا تـه چـوڦيــر آهــن،
جـي انـڌا نـه ڳولنِ ته پو ڇـا ڪـجي؟


وڃـي چئـنري – چئـنري رسـالـو ڏنم،
گهريـائون تـه ٻـاجهر ٻـوري به ڏي،
وڌي جنهن کي هٿ ۾ تـنبوري ڏنم،
سو ڀُڻڪو ته پستول، گولــي به ڏنم،

چيـائـون، او شـاعر، اوهان ڌرتـتـيءَ جو،
مٿي تي تغاريون رکي ڪو نه سگهندئو،
مـڃيـوسون او سـاٿـي، مگــر رات آڌي،
اوهان تڙپي تڙپي لکي ڪو نه سگهندئو،


ڇُٽيم چيچڪا پئي ته ڪيٽيءَ چيو،
اٿــو، تر مان پرمـار واڍا ڪـڍو،
چيم گيت پئي، تنهن تي بستيءَ چيو،
وڃو، قـوم ڪـن مان واڪا ڪڍو،

مُــڃون ٿـا ڪـاري انــڌاري وئـي،
اڙهي پئي ٿي انـڌي ڪـٽاري وئـي،
ڏسو ڏاڍي، هيڻي جون ٻانهون چتائي،
نـه زبــرو ويـو آ نـه زاري وئــي،


وڏا شهر گولـن جا گودام آهن،
جـتي گرگ، غنڊا پليـا جام آهن،
ٻـڌون ٿـا تـه تــان اوڳـا ڍڳــا،
اچـي ڦـاٿـا گهيري ۾ گـگدام آهن،


وڏا شـهر دهشت جي شُعلن ۾ آهن،
نـنڍا ڳـوٺ ڌاڙن جـي کـورن ۾ آهن،
هجي لانگبوٽن يـا ووٽـن جـي موسم،
هي گـگدام سنڌي ته سُورن ۾ آهن،


حڪومت جي هوندي به هيبت ۾ آهيون،
يـا ڪـم عـقل آهيون يـا ڪمزور آهيون،
يـا غيــرت ۽ جرئـت ڇڏائـي وئـي ٿـئون،
رڳـو ڇَڇڪـڻو سمنڊ جـو شـور آهيون،


ڏَڪي پٽ تي ڳيرو، تُنبـي اڀ تي باشو،
نچي ڇت تـي پستل، لڇي پٽ تي لاشـو،
بيانن جا باجـا، دلاسـن جون ڊفلـيون،
تـه ڇـا، قــتل غارت به اهــي تـماشـو،



مرڻ کان ڊڄـي، زنـدگي ٿـا گهرو،
ٻـرن کان ڀڄــي، روشنـي ٿـا گهرو،
بنُا ڪـاوش جي ڪرشمو ٿئي ڇو،
ڏوکن کان لڪي، پو خوشي ٿا گهرو،


ڪلهوڪن عذابن تي سڏڪڻ ڇڏيـو،
سُڀـاڻـي جي خوابن تي ٽهڪڻ ڇڏيـو،
اڄـوڪـــو ڏهـاڙو اٿُـُڻ جــو اٿـــو،
سـوالـن، جوابـن تـي الـجهـڻ ڇڏيـو،


اسان جُــي رفــيقن جو رُڪـجي وڃڻ،
نـئين اٿ لـئه آ، ٿـڪاوٽ نه هونـدي،
پهـاڙن جــي چوٽـيـن جـو آڏو اچــڻ،
جهُڪڻ لاءِ هوندو، رُڪاوٽ نه هوندي،

ٻُڙا عطر وارا ڪنـن منـجهه پـائي،
اسـان وارا آزار ٻـڌنـدا ڇـو آهيو؟
تتي ڏينهن ۾ جهڙ جا چشما لڳائـي،
پگهر ڏانهن پـرمار، ڏسـندا ڇو آهيو؟


نه ٿو ظلم ٿڪجي ته مان ڇو ٿڪان؟
چوان ٿو نـه لکجي، مگــر پـيـو لـکان،
اڳـيان جهــنگ گـجــهاهه انـڌيــر جــو،
ڪهاڙي ڪيو ڪلڪ پيو ٿو ڪٽيان،


نه روئــڻ، پِٽــڻ ۾ اسان جـو علاج،
نه سٿرون ڪٽڻ ۾ اسان جـو علاج،
ڌُيون، پٽ، سُڀئي – سنڌ ڌرتيءَ ڄڻيا،
اٿـي پئــو اٿــڻ ۾ اسان جـو علاج،


ڪٿـي آهــيو ڌرتيءَ جا جـوڌا جـيالا،
ڏسو جـسم پنـهنجن تـي غيرن جـا ڀـالا،
جهلن نوڪرون، ڳوٺ، شهرن ۾ ماتم،
اوهـان پـيا ٿـا جلسـن ۾ ڳايــو جمـالا،


پـڇيائون تـه هٿ ۾ قلم آ، يـا بـجلــي؟
بغـــل ۾ ڪتاب آ، يـا طــوفــان آهـي،
تڪي ڪامريڊن جي مُنهن ۾ چيم،
نـون انـقلابـن جــو سـامـان آهــي،

سـڄـو وقتُ آهيون اسـان انــقلابــي،
رُتن کي ڳوتن کان وُٺي ٿا گهمايون،
خـزائن کي لـوڌي، لڪن کي تـڙائي،
بهاريون گهرايو، کٿوريـون ورهـايون،


وڏا سڀ وڌي، هڪ وڏي ميڙ ٺاهيو،
جهُڪــي ڏاڍ، ايڏا ٿــي وڃـــــو،
ڪراچيءَ کان ريتـي يـڪو ميڙ ٺاهيون،
ڪروڙيـن ملو، ايڪتا ٿي وڃــو،


نـه ظـالم هـٽي ٿـو نـه مظلوم هٽندا،
الائي ڪڏهن سوڀ جـا سـاز وڄندا،
اسيـن ٿـورا ٿـيندا وڃـون ٿـا الاڙي،
وڃن ويـل وڻـواند هر سال وڌندا،


منهنجي قومي شاعري بنجي ويو آ معرڪو،
ڪلڪ جي صر صر به ظلم – ذهن ۾ خنجر ته آ،
نظم تـي پـيو نظم جوڙيان مـورچي تي مـــورچـو،
هر اکر هڪ سولجر مون وٽ وڏو لشڪر تـه آ،


ڪـربلا تــي ڪـربلا جـو سلسلـو،
ڪلهه شڪاگو، اڄ ڪراچيءَ زلزلو،
منزلون معشوق ساُمهون ٿـيون سڏن،
عاشـقو، جهـنڊا اڀـا ڊڪـندا هـلو،