شاعري

بخاريء جا قطعا

استاد بخاري جي شاعري خاص ڪري سندس قطعا هن ڪتاب ”بخاريء جا قطعا“ ۾ شامل آهن۔ مجازي عشق جي بهترين شاعريء سان گڏ قومي شاعريء ۾ به استاد جو هڪ پنهنجو نرالو انداز آهي۔
Title Cover of book بخاريء جا قطعا

10

ڇا ٿو پڇين زمانـا، جيون جـي جهنجـٽن جـو؟
ها، جنگ پئي ڪئيسون، ڏُونڪا به ڪڏياسين،
ڪيئن زندگي لڳيسين، ان حث کي ڇڏي ڏي،
هر روز زلـزلو هـو، جهُولا به پئـي لڏياسين،


هن ديس جي آهي، هي ضلعو دادو،
نـروار رنـي ڪوٽ جو قـلعو دادو،
شـهباز قلـندر کي پـيـارو آ ڏاڍو،
بـيبـاڪ بلاول جـو هي ڍولــو دادو،


شهر خاموش مگر شور آ محـشر وانگـر،
وقت بيهوش ۾ ڇو جوش آساگر وانگر،
ڏات ڏيئا نه بنايو ڪريو سورج شاخون،
ڏاڍ، ڏيــئا ٿـو اجُهائــي وجهـي اوٿـر،


هي گهِنڊ هي گهڙيال هي ڀيرون ڀڀڪا،
هـن تر جي سجاڳيءَ جا طبل آهن سـڀ،
پـرمـار ڪڪر واءِ تـي ٿـا ڪڙڪا،
حـــقدار لڳـا بيٺـا جبـل آهـن سـڀ،


جيـون لـذيـذ ڌاڍو، بعضـي عذاب آهي،
ڪيڏو نه ڪشمڪش جو وڻندڙ شباب آهي،
مغرور مشڪلاتون جهومي چون ٿيون نغما،
مشـتاق جـانـبـازن ڇيــڙيو ربـاب آهــي،


مان ساز، اچي مون کي وڄائي ڪوئي،
مان گيت، ڀلـي ڳوٺ ۾ ڳائي ڪوئي،
سمجهوم سڀـاڻي جـو سـدورو سپنـو،
تعبير کـڻي منهنجو ڪرائي ڪوئي،


ماحــول کان ته مــوقعـو ناهـي ڀـلو مليـو،
پر عشق توکان مون کي وڏو ڀـرجهلو مليـو،
مان دل جو هڪ جوان جوالو کڻي هليس،
هو حـسن بـي پناهه اڳـيان زلــزلو مليـو،


هڻي نگاهه پڇائيـن تـه ڪانُ هو يا نه؟
چيم ته جنهن به بچايو، جوان هو يا نه،
هزار شورشون چهرو، ڪئـي قصا آنسون،
زبـان بـند هئـي پـر بـيان هو يا نه،



اسان بـه عشق ڪيو هو، اهُو نٿو وسري،
مچن ۾ شوق نـچيـو هو، اهو نه ٿو وسري،
بلَا تي پير نه پيو هو جو ڇال ڏئي بچجـي،
کنوڻ کـي ٻانهن ٻکيو هو، اهو نٿو وسري،


شراب شوق ۾ جوڀن، ڪباب خود جوڀن،
ته جـو پچـي به بچيـو هو، اهو نه ٿو وسري،
سواد عشق جـو استاد زنـدگيءَ جـهـڙو،
عذاب ۾ به مـزو هـو، اهو نه ٿـو وسـري،


جو سِرُ نه جهُڪيو، ڀونءِ جو ڀونگر هوندو،
طـوفان ۾ هالار جـوَ ڏونگــر هونـدو،
جـنـگاهه ۾ آڙاهه، ڌڪـن ۾ دودو،
پنـجــوڙ ۾ گجگـوڙ بـبر نـر هونــدو،


مرندي به قوم آهي، جيئُندي به قوم آهي،
ڪرنـدي به قوم آهي اٿندي به قوم آهي،
هن ڀـونءِ جـا جيـالا جهـونجهار پـُٽ، ڌيون،
سنسار کـي مڃايـو، سـنڌي بـه قـوم آهي،


”اچي ٿو هو“ ته پِٽڪي ۾ ڇَم ڇَم آ،
نه پهتو هو ته عيـدن تـي بـه ماتم آ،
ڪشش ناهي ته عيش آهي عذابن جان،
سڄـڻ ۽ لطف جو ڪيڏو ته سنگم آ،


دوستيءِ مان دشمني، ڏاڍي ڏکي،
رهبـري مان رهزنـي، ڏاڍي ڏکـي،
اعـتـماد استــاد اطميـــنان آ،
تـــوبه تــوبه، بـدظـني، ڏاڍي ڏکي،


تنهنجي گُهنڊ جـو ليڪو شاهـد،
لـمحـو، اڳ جـو ٽـانـڊو ٿـي پـيو،
تنهنجي مُرڪ جو چلڪو شاهد،
لـمحـو، ماڪ جو قطرو ٿـي پــيو،


شاهــد نـو لـک تـارا منهنجـي محبــت جـا،
لڇنـدي، لڇندي سٺ سئو راتـيون ڪاٽيـونُ ٿم،
هڪ هڪ ساعت، سـال لڳـي ٿـو او اڌمان،
ڄڻ ته سڪڻ ۾ سهسين صديون ڪاٽيون ٿم،


کڻي جو کوليم ڪتاب دل جو، صفحي صفحي تي شباب تنهنجو،
اکـر اکـر سان هڻـي ڇڏيو تو، نظـر نظـر تـي نـشان جـانـي،
عظيـم آهيـن ڪمال وانگـي، حسيـن سهڻـي خيـال ونگـي،
تڏهن ته تـنهنجو جمال جلوو، جڏهن تڏهن آ جوان جـاني،


سڳنڌ منهنجي سٽن منجهان جي سچـي پچـي ڪجهه اچيو ٿو،
دماغ منهنجي گلاب جهڙو هڳاءُ تنهنجو سنگهيوُ هيو،
ڪرنٽ هوندو ضرور منهنجي اڃا به ڪنهن ڪنهن اچار ۾،
هِنن چپن سان مون بجلين کـي ڇِتي وهـيءِ ۾ ڇُهيو هيو،


آجيون پريون آڳنڌ آڻڻ، پـوپٽ ناهن جهٽڻا،
عرش تـان تـارا ڇنـڻا آهـن، پيـرون ڪينهن پٽڻا،
سپنن ۾ ئي سمهندي سهڻا ساجن ماڻڻ سولا،
سـچ پـچ ماڻا ماڻـڻ، سر سـان آرا آهن ڪٽڻا،


ڊُڪي ٿي صبح ۽ سانجهي کٽي ٿي زندگي منهنجي،
هلـي حيلو ته سورج کـي صفـا سوگهو ٻَڌي ڇڏيان،
گهڙيءِ کان پوءِ ڪاٿي پنڊ پاهڻ ٿـيو پـيو هوندس،
نچـڻ ناهـي ته ڇاهـي، موقعو آهي لڇي ڇڏيان،

ٻـٻرن کـي ڌوڻـيـندي ڇـو آن،
ڦلهـيار کـي ڦولهينـدي ڇو آن،
گـونگـن وانگـر مـوڳـي دلـڙي،
انـڌن ڏي گهوريندي ڇـو آن،


رات پوئيـن ٿـي جڪي، هاڻـي تـه ڇڏ،
پئي اچـان پهريـن ٻـڪي، ڇا ٿي چوين،
باک، مـاڪ آهي مُڪي، هاڻـي تـه ڇڏ،
سِڪ ڊڪي ناهي رُڪي، ڇا ٿي چوين،

بـادل اڏُري، ڏور وڃـي ٿـو،
سر کـي ڏيندو سور وڃـي ٿـو،
موٽي، جڏهن مينهن وسي ٿو،
ڍنـڍ سُڪي ۾ ساهه پوي ٿو،


حياتي، سا ته ماڻيم ميل، محبت ۾،
مماتي جو مُدو ڀوڳيو مون فرُقت ۾،
اڃا پيڇو نه ٿو تنهنجو ڇڏيان پيـاري،
الائي ڇا ٿو ڳوليان تنهنجي الفت ۾،


ملئين مُرڪي ته چانڊوڪي ٿڌي ٿي پئي،
تڪيه ڪرڪي اتيئـي ڌر تتَي ٿي پئي،
روئـي ٿـي رَتَ روزانـو آنـا منهنجــي،
رُڳـو تـنهنجي سهاري زنـدگي ٿـي پئـي،


ڌنڌن سان گڏ، دل به رکي ٿي،
آءُ اهـا ڪئمــيرا آهـيــان،
مـنظر جـي دل ٽڪرا ٽڪرا،
مان به ته ٻـيرا، ٻـيرا آهـيــان،


مون کـي تــڙپايئه، طبـعت مهـربانـي،
دردمنـدي در حــقيقـت مهـربانـي،
ويس بچي جو بي مَتيو پٿر نه ٿيس،
ماڻهپو بخشيـئه، محبـت، مهـربانـي،


سُهڻا ماڻهــو، ڪهڻا ماڻهــو،
دشـمن آهــن، دلــبر آهــن،
رت جا رشتـا واهه جـا رسـتـا،
ويــري آهــن، واهـر آهـــن،


خوشين جـون ۽ گهڻيـون هِيـرون گُهلن ٿيـون پيـون،
وڪــــوڙيـــو ٿـا وڃـن پِـيرن جـا واچــوڙا،
هُنن وٽ عيد جـي دعـويٰ هنن وٽ ماتـمي ميـڙا،
ڏسون ٿا چهچٽا، پِٽڪا، نه هو ڪوڙا نه هي ڪوڙا،


مهربـانـي مُنـد جـي مڃـبي مــٺا،
ڪي ڪڻيون پهتيون، نديون ناهن مليون،
جـنهن خـدا اڀُ کـي لکيـن تـارا ڏنـا،
تنهن کان انڌي کي اکيون ناهن مليـو،


ڏسي هن کي، خوشيءِ کان ميڪدي ۾ ويا لڳي نعرا،
ٿـي مسجد ۾ به وئـي سبـحان هُـو سبـحان هُـو پـيدا،
بخـاريءَ ڪـيتـرو گستـاخ چئبس بي ادب چئبس،
تصور هن جو ٿي پيو اوچتو اڄ بـي وضـو پـيدا،


ٿـڌن ساهـن جـون سُرهـاڻيون جـي غمگينـي گهِمُـن هاڻـيون،
سـي منـهنجـي روح جـي پـولار ۾ پکـڙي پـيـون آهـن،
ڳرُن ڳوڙهن ڪري تنهنجون ڊگهيون پلڪون جهُڪيون ڄڻ ڪي،
گلن جـــون نــرم ٽــاريون ماڪ تـي نــوڙي پـيون آهـن،


پــيار کـي بــازار جـو سـودو نه چئـو،
هانءَ جي هٻڪار کي هوڪو نه چئو،
صـبح هـڪڙو شـام ٻــيو ۽ رات ٽـيو،
هـي ته ٿـيو چـولــو، رئـو چهـرو نه چئـو،


مان مري قاصد ويـس پهتس نه ترُبـت ۾ اڃا،
ڏينس ڏوراپو وڃـي ڇا رهندين غفلـت ۾ اڃا،
ڇو نٿو منهنجي جنازي جي تون ويجهو اچين،
وئي نه تـوکان بدگماني منهنجي نسبت ۾ اڃا،


مون کـي پـتو آ پاپــي اوکا جا گـيسو،
فـرهاد پـاڻ آهيون، تـيشا هـزار آهـن،
اوندهه ڍُڪيا سرو، ٿر ڪاڇو ۽ لاڙ آهن،
شـعلا، الا، مشعـلون، تجـلا هــزار آهـن،


پـريشان، شام جـو محـبوب جـا گيسو،
عجب ۾ صبح جو ميڪپ جو آئينو،
سـمو بـي چيـن ڄـڻ طوفــان ۾ سـنڌو،
مگر بي حِسَ هو ڪهسار جـو سيــنو،


هاءَ گـرهڻ ۾ اچـي ويـو مـاهرو،
چهرو ڪوجهو ٿو ڪري پيـو خوبرو،
ڪيـر ٻيـو ايـندو بچائــيندو اچـي،
ڇـو ته ويـري ٿـي پـيـو آ واهـــرو،


ڀٽڪئي عوام ۾ آ، پويان لڳڻ جي عادت،
عيار رهبريءِ ۾ ماڻهن ٺڳـڻ جي عادت،
اغيـار تـيز آهن تـنظيم سـان وڌن پـيا،
يـارن ۾ پئجي وئـي آ نعرن هڻڻ جي عادت،


هڪ قوم پئي ٿي ڀٽڪي، ٽولا هزار آهن،
ٽولـي ٽولـي ۾ ٻـيا ڀـي ڀـولا ٻه چار آهن،
جيڪو به چاهـي لـيڊر بنجي بيـان ڇپجي،
جهنڊا، جلوس، نعــرا اڳ ۾ تـيار آهن،


جيڪو نه جهُڪيو، جهوڪ جو جوڌو هوندو،
تـنهن کِيــر امـڙ سـنڌ جـو پيـتو هوندو،
مرندو ته مري ويـندو مگـر سڀ ڏسندئو،
ڊُڀ مور نه چـرندو ڇو ته چيتـــو هوندو،


جلين ٿي شمع تون شعلا ڏسان ٿو پيو،
پتـنگ آهيان امُنگ ۾ پــچان ٿـو پيـو،
ڳـرين ٿـي پئـي مگـر جيئري اڃا آهيـن،
اها منهنجـي به نِرجائـي، جيـان ٿـو پيو،

جي ماکـي آ جـفا تنهنجي ۽ مصري آ سـزا تنهنجي،
تـصور ئي نه ٿو سوچي ته ڇا هوندي وفـا تنهنجي،
پتو محشر ۾ پوندو منهنجي مستي تنهنجي هستيءَ جو،
جڏهن ميزان ۾ ترُندي خطـا منهنجي عطا تنهنجي،


هن چميون ڏيندي پڇيو؟ ڍءُ ٿيئه چيم،
مينهن ۾ مهـراڻ جـو ماپـو نه ڪر،
عاشقيءَ جو عيش ڪجهه اڳـتي بـه آ،
لطف ۾ شـامـــل رڳـو بـوسـو نه ڪر،


نه بيداري نه بيهوشيءَ جي حالـت آ،
نه وک اڳتي نه وک پٺـتي جي طاقت آ،
پڇين ٿو ڪيفيت منهنجي حياتيءَ جي،
پٺـيان آ مـوت ۽ سامهـون قيــامت آ،


حسن تريناڪ اڳيان، عشق کي چالاڪ ڪبو،
بـزم بڇـي جنگ ته پـو عـقل کي بيباڪ ڪبو،
ڪنڌ فلـڪ بــوس منـارن جـو مـروڙي وجهبـو،
عزم ذرا ڀون جـي گهڙيءَ لاءِ غضبناڪ ڪبو،


جواني سون جهڙي سيني مان اڀُري اٿئي جاني،
خزاني جي ضروري آ پڪـي پـختي نگهباني،
محافظ عشق کي رکجان متان پو هٿ هڻين سهڻي،
چــرا عـاقـل ڪند ڪاريه بـاز آيـد پشيمانـي،


ٽئليـنـٽ اڀُارڻُ لـئه مضبــوط ٽلـون گهرجن،
ڪنهن کي به اڏرن لئه مخصوص ڪلون گهرجن،
ريءِ ٿنڀ سوا ٿوڻـي ڪـو عرش نـٿو بيهي،
ان لاءِ عقيدي جون ٿوڻـيون ۽ ٿـلهيون گهرجن،


مون کي چيو زماني ڪجهه حوصلو ته ڪر،
پنهنجـي ڀلـــوڙ ٻوليءَ تـي ڀروسو ته ڪر،
مون دل ڪري ٻُڌيا ڀــرپــور شــعـر پـــر،
هُو دور غيـر هو سو چـيئين تـرجمو ته ڪر،


اوهان سوچيو ٿا جو، هائـو، مان سمجهان ٿو،
جو مون تي رحم ٿا کـائـو، مان سمجهان ٿو،
ڀُـرن ۾ شـور آ لهـجــو رکــو کهـــرو،
هي ڪمدار، هو ڪارائو، مان سمجهان ٿو،


نه جنگين جا ڀونچالَ، ڀونءَ کـي بڇيو،
نه ٽئنڪن جي ملبي ۾ دٻجـي وڃو،
مشينن جــي دونهين کان اڳتـي وڌو،
نڪورين فضائن ۾ نـڪري وڃــون،

هـن بـي درد ســـروٽــا آنـدا،
ڌڪ ڌڪ کـاڌم بيـٺـي بـُل،
مون به هنيا هن کي هيڪاندا،
هاءِ هيـم ئـي هـٿ ۾ گــل،


ڪيئن چـاهه جو ميـڙ متو، آڙاهه تتو وسري،
ڇو ته ڪنهن به حياتيءَ کي ڄم – موت نٿو وسري،
ممڪن ئي نه آ، حورون محـبوب جو مٽ بنجن،
محشر ۾ به مشڪل آ، هِن جڳ جو مزو وسري،


جمهوريت ٻڌي پئي شڪايت عوام جي،
هي وقت ٿو ڪري پيو وڪالت عوام جي،
محـفوظ فيـصلو ٿـي رکـي پـاڻ وٽ اهو،
ڏسجـي ته ڇـا ڪري ٿـي عدالـت عوام جي،


ڳالهه سرديءَ جي سرڪي وڃڻ جي ڪجي،
يـا بهاريءَ جـي مُرڪـي اچـڻ جي ڪـجي،
موسمون مند تي اينديون وينديون اي دوست،
سوچ عـزت سـان زنـدهه رهـڻ جـي ڪـجي،

ڪمزور آ ڏوهه ۽ ڏوهـيءَ لاءِ سـزا،
طاقـت آهـي زور ۽ زبـري لاءِ مـزا،
هار به پنهنجي هٿ ۾ آهي جيت به هٿ ۾،
پنهنجـي هٿ ۾ آهـي يـارو درد دوا،

سنـسار جو اسـرار جو در کـولـي ڏيـو،
سَڀ فلسفـي هـي راز رڳـو ڦـولهي ڏيـو،
ڌڪ دنـيا گهـڻا کـاڌا نڌڻڪائيءَ کـان،
ڌڻ چئي ٿو ته ڌڻوال مون کـي ڳولي ڏيو،


ڇاڪاڻ ڇني يـار تون ڇورو ٿو ڪرين،
ديدار گهران مان ته تون پردو ٿو ڪرين،
هڪوار رڳو دل کـي دلاسو به نـٿو ڏيـن،
بي پـير، بـيـپـرواهه، اهـو ڇـو ٿـو ڪرين،

هـي زنـدگـيُ گـلزار آ، يـا هــائـي آ،
چهري تـي اٺـي ماڪ آ يـا ڇائـي آ،
هڪ عمر سِڪي مُرڪ مِٺي جي ڪارڻ،
هـي پـيار نـه ٿـيو يـار، هـيءَ ڏاڍائـي آ،

هڪــڙو گـندو – گـارو پـاڇــو،
۽ ٻـيـو ِکـک جــو کـارو پـاڇــو،
انــڌاري کـي داد ڏئــي پـيون،
پڳ پڳ تـي منهن ڪارو پاڇو،

اوندهه ۽ انـڌاري جـي شادي ٿئي پئي،
گهگهه انڌارو پنهنجو گهر آباد ڪري پيو،
نـيري هٿ ۾ ناسي جهنڊو جهولا ئيندي،
ڪارو پـاڇو هر هر زنـده باد ڪري پـيو،


اوندهه جي برسات جي وسنـدي،
انـــــڌارا دريـاهه تـه وهـنـدا،
ٻيـٽ ٻيـٽ تي ٻـاٽ جـو ڇٽبي،
ڪارنهن جا ڪنداهه ته ڦٽندا،


بعـضي لـڌي سُکـن جـي صندوق زندگي،
بعـضي لڳـي ڏکـن جـي بــندوق زندگـي،
توڙي قـدم قـدم تـي روڪي، ڌڪي رقيبن،
منهنجي ته هئي تڏهن بي معشوق زندگي،

نـه ڪـر وقـت تـي اعتبـار ايـترو،
نه وجهه ڪنهن به پڇڻي تي تـون بار ايترو،
جـو تـوسان ملـي سـو اٿُي مـعتـبر ٿـي،
ونڊي قــرب جـو ڏي وقـار ايـترو،

ٻڏو يـا تـريو پـيو ڪبو تبـصرو،
مُهاڻو هو مانجهي يا ڪو مسخرو،
اهو مامـرو سوچ سـاڃاهه جو آ،
بــيـپرواهه دريـا جـو وهڪرو،

انـسان اٽـر ٿيءُ، ٻـٻر – ٻُـور نـه ٿـي،
آدرش – ارادن کـي چٿي چور نه ٿي،
ابليس جـي تبليغ تون آزاد نه آن،
پر رب جي مرضي آ، ته مجبور نه ٿي،

جنهن ڏات ڏني ڏات، انهـيءَ لاءِ ٿو تڙپان،
جنهن جوت ڪئي ”جهَات“ انهيءَ لاءِ ٿو تڙپان،
او صبح ازل صبح ابـد تـون هج شاهد،
پرڀات کـان پرڀات، انهـيءَ لاءَ ٿـو تــڙپان،


جي هڪ قوم، ڪوڙيون انائون ڳهي ويون،
ائــين سمجهو ڌرتـي، هوائـون ڳـهي ويون،
پهـاڙن جـا ڳـاٽـا جهڪـي چـوٽ سان پـيا،
ارادا اجهـل الـتـجائـون ڳهـي ويــون،


نگهبان ڪوڙيون انـائون ڪيون سون،
سوا سگهه ساڻيون صدائون ڪيون سون،
خـــدا وٽ ۽ خـلـقِ خــدا وٽ وڃــون،
خطا ڇـا خطا تـي خطائـون ڪيون سون،

تـارا چـنـڊ گـگـن جـا،
عـضـوا انـگ بـدن جـا،
اهـــڙي ريـت اسان جـا،
هـڙئـي هـيـج وطن جـا،

عـضـوا انگ بــدن جـا،
سعـيـا سهــج سخـن جـا،
اهــڙي ريـت اسان جـا،
هــڙئـي هـيـج وطـن جـا،


ڪوڙ ڪارونـڀار ۾، چمڪي ٿو سچ،
انـڌ انــڌوڪـار ۾، چمڪـي ٿو سچ،
مال ڌن چـاهن ٿـا گڻ کي گم ڪجي،
سورن جي چمڪار ۾ چمڪي ٿو سچ،

بيــنڪ ناهـياُن نه بـند ٽجــوڙي،
دور – دفـتر ڦـريـو پـيـو آهيان،
عمر عيش ۾ هئي نه عيدن ۾،
جــرجلن ۾ مگـر جـيو آهيـان،