شاعري

بخاريء جا قطعا

استاد بخاري جي شاعري خاص ڪري سندس قطعا هن ڪتاب ”بخاريء جا قطعا“ ۾ شامل آهن۔ مجازي عشق جي بهترين شاعريء سان گڏ قومي شاعريء ۾ به استاد جو هڪ پنهنجو نرالو انداز آهي۔
Title Cover of book بخاريء جا قطعا

8

مون ڪڇيو ڪجهه ناهه، چي دانهو نه ڪر،
مان کـڻان پيو ساهه، چي آهون نه ڪر،
ڏاڍ ڏئـي ٿـو ڏنـڀ چـوکـنڀو ٻَـڌي،
جي چُري ٿـو ماس، چـي ڪاهـون نه ڪر،


پنهنجي اونداهه آن منهنجي سوجهري جي سامهون،
تنهنجو منهنجو مامـرو آ فيـصلي جـي سامهــون،
پير پنهنجا کوڙ جي کوڙي سگهين او ڪـوڙ، ٻُڌ،
ڌوڙ ٿـي ويـندين جو آهيــن زلــزلي جي سامهون،


غـــير ٿـا پــاتـار ۾ پـاڙون هـڻن،
يـار ٿـا ديـوار تـي نــعرا هـڻن،
ساڌ ٿـا اوطاقـن ۾ سوچـن پـيا،
ڌوڌ ٿـا گهرگهاٽ تي ڌاڙا هڻن،


سوچ ساڪن، جوش تـي شد مد هجي،
دل اڌواڌ، گــفتگـو گــد گــد هجي،
دوست دوکـيــباز، هڪڙي ڳالهه ٻُـڌ،
تنهنجي دوکي جي به ڪائي حد هجي،


دوبــدو نـيڪـي، بـديءَ جـي جنگ آ،
گهر ۾ ويـٺـي دَونبها گونـجيا ته ڇـا؟
جاڳ وارا فــيصلا، حــــيلا نه ٿــيـا،
نـنڊ ۾ ڪـي بـودلا وِڦـليـا ته ڇـــا،


مــوت کـي جيـتي سگهي ٿو مــرد سو،
عــزم جـنهن جـي ۾ امـر طاقـت به آ،
جو ڪپيو تر تي سو ڇاتيءَ تي ڇپيو،
جـانـبـازو، مــوت ۾ جــيـوت بـه آ،


ٻاٽ ڪٽجي، روشني جو ڳاٽ اوچـو ٿـي پـوي،
جان جا ڪپڙا اڇا، منهنجا بڪ، ڪٻـٽ سـاڙي،
سيج آجائيءَ جي منهنجي قوم سنڌيءَ کـي مـلي،
مون کي ڇا، منهنجو قبيلو سولي تي چاڙهي ڇڏيو،


جهنگ جهر ۾ روشنيونُ اڀُري پون،
بـرپــٽن ۾ زنـدگيـون اسـري پون،
ماڻـجن جيئري ئي جڳ ۾ جـَنتون،
سـنڌ تنـهنجا ڳوٺ جي سُڌري پون،


مُنهن ڪڍن ٿـا موت جهڙا مسئلا،
مُنهن ڏين ٿـا زنــدگيءَ جـا حوصلا،
فيصلو قسمت اسانجا ڇو ڪندي،
پـاڻ ئي پنهنجا ڪنداسيـن فيصلا،


جي وڌڻ چاهيو، ڏهن مان ڏهه ڏهاڪا ٿي وڃو،
جي ڪڇڻ چاهيو ٿڌن ساهن مان واڪا ٿي وڃو،
وقـت جـي رفـتار آهـي، تيـز، يـارو تيـز ٿـيو،
منهنجو مطلب آهي بلڪل جل ڦٽاڪا ٿي وڃو،


پنهنجي رستا پاڻ ٺاهيو دوستو،
قافـلي کـي تيز ڪاهيو دوستو
ڄـاڻ پهتو دور ناهيو دوستو،
دل نه لاهيو، دل نه لاهيو دوستو،


ايــترو او دور! چـئبو سچ ضـرور،
هڪڙيئين ڳالهين تون به آهين بي قصور،
هيترين تعدين، تباهين کان به پوءِ،
ڪين پيدا ٿي سگهيو قومي شعور،


سـنڌ تـي ٽلٽـيءَ کان ٽـوڙي سوچ تي،
ڪيههَ نيڪتي، ذهن ۾ مضمون کان،
خون جا ڳـوڙها پني تي پـيا ڳــڙي،
لکندي لکندي پي کان يي کان نون کان،

مان مڃان ٿو ”ڪم ۽ غم“ جي هڪ وڏي،
چهچـٽي ۾ چُور آهي هيءِ گهـڙي،
مهل جيڪا ٿئي ملي سا ماڻ ڙي،
هن جهان جي حُور آهي هيءِ گهڙي.

هيجـڙن وارا ڪـڙا هــيرا نه ڏي!
باهه ۾ ٻوڙي ڪپهه، ٽيرا نه ڏي،
وڄ کي، ڪنهن وڄ جو پاڻي ڏنو،
ڏات کـي ايڏا ڇِــتا ڇـيرا نه ڏي.


دام کـي تحـفـا ڪري ڳيـرا نه ڏي،
کنوڻ جي هٿ ۾ هي آکيرا نه ڏي،
واءُ مڇـريو ٿــو وتي گهر گهر مٿان،
شـهر کـي آڙاهه جـا گهـيرا نه ڏي،


رهبري آ رهبري ان کي اداڪاري نه چئه،
شاعري آ شاعري سکڻي صداڪاري نه چئه،
بدگماني، دظني اهڙي به ڪهڙي ڪم جي آ،
پرهه جهُڙ جي ڦنـدَ ۾ آهـي ته انڌاري نه چئه،

رَت جـو ٽيپو، رنگ، بوُ جـو بحــر هو،
رت جـو ڪيڏو ريــلو هو بـازار ۾،
گهر جـو ڪـمرو آرزو جـو شهر هو،
صحـن ۾ ڇـا، بـاهه هـئي سنسار ۾،


ڏاڍ جـي ڏونگر کــي ڌرڻو ٿو پوي،
اڳ جي ساگـر کـي ڌرڻو ٿـو پوي،
هر گـهڙي مرڻو پوي ٿـو زنـدگــي،
تنهنجي سر لئه ڇا نه ڪرڻو ٿو پوي،

او جگــر جا سُورُ تنهنجو شڪريو،
رات ڀـر آهيان لڇيو، نـاهيان سُـتو،
خيرُ آني؟ مون پئي جُهوئنڪن کان پڇيو،
رات پـئي چـٻرو اڏيو، ڀونڪيو ڪتو،


پـيار پـُرزا ٿـيو، ڏهـاڙي تـرپُـندو،
ڀـروسو جـو يـار تـان آهـي ٽــٽــو،
لوڪ هلندو پيو جڳت پيو جرڪنُدو،
دل ٽـٽي آ، آسمان ناهي ٽــٽو،


او هوا، مينهن جي ڪڻ ڪڻ عوام،
ٿي ڪٺا ڪنهن ڏينهن ساگر ٿيا ته پوءِ؟
اوَ وڏا ٻـڪريـن، رڍن جـا ڌَڻ عـوام،
ڌڪ چنبا کائـي بـبر نـر ٿـيا ته پـوءِ،


تنهنجي هڪ جلوي ۾ ٿــر جــو جمال،
تنهنجي هڪ جملي ۾ عملن جو ڪمال،
مـت ڏنـئي انـسان کــي يـزدان جـي،
اصل ” ايجهـا ڪم ڪريجي“ لازول،


ڪـيترو سنـسار پـُـر اسـرار آ،
درد سـان ٽـمٽـار پـر غـمٽـارُ آ،
چـنڊ ساڳـي جـاءِ تـي ڌرتـي اتـي،
توڙي جو گردش غضب – رفـتار آ،


خوامخواهه لڙڪن فلڪ ڏي آ فضول،
ڀـونءَ سـان نـاتــو نــپڻ ۾ آ مـزو،
چــنڊ، تـارن ڏي رڳو، سگهـبو ڏسي،
گل سنگهڻ، مـيوي چکــڻ ۾ آمـزو،


حڪمتـون ۽ همتون آڏو ڪـري،
پــوءِ پـٺيري بـخت کـي پـرچـائجــي،
قدر لمحي لمحـي جو پهرين ڪجـي،
پوءِ ضــديـري وقــت کـي مڃــرائجـي،


جو ڏئي تنهن کي ڏجي، ڪهڙو مـزو،
جو منگي تنهن کـي مـــلـڻ ۾ آ مـزو،
ڪو به ڪڪرن کي قسم ڏيئي پڇـي،
بحر کـان بـر تـي وســڻ ۾ آ مــزو،

ڇـا چَـيُوَ، دنـيا م غــم نـاهي رهـيو،
دَکَ ويــا دردن ۾ دم ناهـي رهـيو،
چيـن، هن سنـسار کـي ايـندو تڏهن،
بحر، بـر باسـي تـه بـم نـاهـي رهـيو،


هاءِ مـاڻهوءَ مـاڻهپو ٻاري ڇڏـو،
هانءُ پنهنجي هوڏ جو ٺاري ڇڏـو،
هيءِ خبر وحشت اثر ڪڏي نه آ،
ڀاءُ، پنهنجـي ڀـاءُ کـي مـاري ڇڏـو،


وڏي ننڍي جـو سَنڌ ڪو نه هوندو،
سڀئي سُرت وارا، جڏو ڪو نه ايندو،
اهو ڏينهن هڪ ڏينهن ايندو ضرور،
ڦريندڙ، ڦرئي جو ڦڏو ڪو نه هوندو،



ظـلم زبري جو اچي ٿيو اختـتام،
اقتصادي عـدل جو ٿـيو انـتظام،
مردهه باد اي آمريڪي سامراج،
زنــدهه باد اي انـقلابـي ويــٽنام،


سوڀ تائين جي وڙهيا تن کي سلام،
غـازيــن کـان وڌ شهــيدن کي سلام،
ٻــارڙن، پـوڙهـن، جـوانـن کـي سـلام،
ويـٽـنامي ڪامــريـڊن کـي سـلام،

حسن کـائر جـو کلُيُـو عنبر هيو، پکــڙي ويو،
عشق مـارن جـو اٿـيو اوٿـر هيو، پکــڙي ويو،
خاص سوچيو، خلق جو آجو گلو گهوگهي ڇڏي،
عـام جـو آواز پـر اڻـٽـر هـيو، پکـــڙي ويو،


مان نه ٿو چاهيان ته تون مون کان رُسينَ،
تون تـه منـهنجــي جـان جـانـان جـنـد ان،
منهنجي جان ۽ جند آهـي چـند ڏيـنهن،
تـون سـدائيـن سـچ آهــين سَـنڌ آن،

کـير آهـي قـوم، لــيدر آ مـکڻ،
کير ڪمزور آ، مکڻ کي ڇا چنون؟
راڄ لنگهڻو، ڏُوت راجنَ جو ڌڻــي،
ڌاڙا، ڌاڻـوال آ ته ڌڻ کي ڇـا چئون،


ڀت به ناهيان، گند ٿڦجي چُپ رهان،
وَڻ به ناهيان ڀينڊ، جنبون، ڌڪ سهان،
او زمـانـا، مـان احـساس انـسان هان،
ڪو کِلي، ٽهڪان، وڙهي، چاقون ڪڍان،


کـَر جو ٿر سان وير آهي، ٻيو مڙيئي خير آ،
نانگ تي پـيو پير آهـي، ٻـيو مڙيئي خير آ،
مُند مٽبي ئي مزاج آهن گهڻا مٽجـي ويـا،
ٿي گـدڙ پـيو شير آهي، ٻيو مڙيئي خير آ،


سـاري سـنڌ قـوم جو ڪر ڪو بـِلو،
هن ۽ هُن جي جند جو الڪو نه ڪر،
فڪـر ڪر ٻـولـي، معاُشـي عدل جو،
سنڌ رهـندي، سنڌ جو الڪو نه ڪر،


ديس – ڊوهـي جو آ چهرو چئـو رنگو،
ڪوئلا آڻيـو، ڪلر ڪارو هڻونس،
آڱريون ڀربيون گِهي ڀونڊو نه ڏيــوس،
ڏور کان کنگهو ۽ کانگـهارو هڻـوس،

هي اٿَـوَ بـوتـو، ڀـري چهبـڪ هڻـونس،
دوستـو، مُنهن تي مِٽيءِ جا ٻُڪ هڻونس،
قــوم جـي غـدار کـي بـخشُيـــو متان،
گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو بجُو هڪ ٿڪ هڻونس،

ايـترا غـم ها سڄـي ڌرتـيءَ مـٿان،
جي ڪڪر بنجن، نه ڏسجي آسمان،
ايـــترا دوکــا زمــــانـا تــو ڏنـا،
جي سچي نڪرن ته جرڪي پئي جهان،

جـوکـمن مان فائـدو وٺـندا هلـو،
غلطيــن کـان تجــربا وٺـندا هلـو،
ڪڪ نٿي پئون ڪشمڪش کان تنهڪري،
مشڪلاتـن مان مـزا وٺـندا هلـو،


عزم عاليـشان کـي اٿـندو ڏســو،
هـر جوان ۾ ولـولو وڌنـدو ڏِســو،
پـيار، پـورهـيو پـاڻ ۾ پـرچـڻ لڳـا،
مُرڪندي ڌرتي فلڪ ٽڙندو ڏِسو،


درد ڇو سـنجري، ڪجي اڳ ۾ اپُـاءُ،
جي وڃـي وچـڙي، ته پـوءِ وٺـجي دوا،
جي دوا دک ڏئـي ته پـو دارالـشـفا،
لـَيس لـِلانـسان الا مــا سـعـيٰ،

هـي ته آهي ڪـين کـُٽڻو سلسلو،
فــاصـلو گهٽـبو ته وڌنـدو فـاصلو،
مـنزلــن آڏو سڏيـنديون، مـنزلـون،
قــافـلي پويان پـيو ايـندو قــافلو،


حـال هڪ ٻئي ساڻ اوريـندي هلـو،
چنگ سـان چنجوريَ چـوريندا هلـو،
رات ڪارونجهـر اٿـو ۽ ڏينهن ٿـر،
ڏيهه پنـهنجو آهـي ڏوريـندا هلـو،

دوســت ٿيـو درهــم پــوي،
ڀــاءُ ٿيــو بــرهــم پــوي،
هر ڪو مُنهن موڙيـو ڇڏي،
شل نه ڪنهن ۾ ڪم پوي،


دل جو دهڪو دُک بيان پيو ٿو ڪري،
ڪـن به پنهنجا پـر ٻُـڌڻ کـان آ جواب،
تـو جگــر ۾ سُـور جـو کــورو ٻــري،
پنهنجون اکيـون پــر ڏسڻ کـان آ جـواب،


تيل، منهن تـي فــريبي هوائـن مکيس،
رنگ ڪارو، دغاباز ڪڪرن مَليس،
ڪا ته موسم خطرناڪ ڪئي آ خطا،
صبـح ڀونـڊو ڏنس، شام ڦٽڪو هنيس،


گهـنڊ گهنٽيـون قـافلو گُڙندو هـلي،
قـافلـي سـالار هــونگـرندو هــلـي،
منزلون ملنديون ته ٻيون اينديون اڳـيان،
گـونجندو، قــومـي گـلو وڌنـدو هـلي،

قـلعن، بـرجـن ۾ جـو پئـجي ويـو سو،
وڌل آ ٿــرٿـلـو منـهنجو زمـــانـا،
تـعارف، سـمنڊ جـو طوفـان سمجهو،
تخـلص، زلــزلو منــهنجو زمــــانــا،

پـيو ٿـم پـاپ سان پـالـو زمـانـا،
ڪيـو ٿـم بـيـت کـي ڀـالـو،
ٻُڌو ٿـم ڏاڍ جـو ڏونگر تون آهين،
جـُوالـو منهنجو آ نـالـو زمــــانـــا،


ورو ڳٽڪر تي، باٺي سـان ڊُڪو، ڊوڙو،
رڍن، ٻڪرين جا ڌڻ ناهيو ته ٻيو ڇاهيو،
اٿَـي جيڪو به واڍي سو وڍي بــيـٺو،
لـيُـن لاڻـن جا وڻ ناهيـو تـه ٻـيو ڇاهـيو،

هو ايندا، ٻيڪندا پويان ڌنارن جي،
کڻي ڪي ڪن ٽهڪي، رُسندا ته ڇا ٿيندو،
وڏن شـهرن جـي چـونڪن، مارڪيٽن تـي،
رڍن، ٻڪرين جـا ڌڻ ڪسندا ته ڇـا ٿيندو،



وطــن جا ولولا، ڪنَ ۾ لڪائين ٿو،
صدين جـا قـافلا، جهٽ م رُلائيـــن ٿو،
ڏنو مختيار نامو ڪنهن لکـي تـو کـي،
اسان جـو آئـيندا، اڄ تـي کپـائين ٿـو،


ڊُڪين ڊوڙيـــن قيامت کـان به اڳتـي،
هجين ٿـو حــور، جنت کـان به اڳتـي،
ڇه – فـوٽي لحـد لــلڪار چـوي ٿـي،
وڌين ڇو ٿو تون وسعت کان به اڳتـي،


ڀُري ڀـانڊو کڻـي پـر ڀـروســو هـونـدو،
هجي ڪاٿي به سورج سوجهرو هوندو،
جهُري ويندو بخـاري جهُد پيو جيئنـدو،
ادب کــي آئينـدي ۾ آســرو هـــوندو،


مڃان ٿو سنڌ، تنهنجي سينڌ کي رت جي ضرورت آ،
مگـر رت کـي وري ڀـاڄـي، ڳڀي، ڀَـت جي ضرورت آ،
پڇُن ٿـا سنڌ ۽ سنڌين جـي ڇـو تسبيح پيـو سوريـن،
چيم، هاڻـي پـڇاڙي آ، عبـادت جـي ضــرورت آ،


نه سمجهو خودڪشي پر خار کـائي جي،
ڀريـان ساگـر مٿان ڊُڪ تـه جڳُ کِلندو،
وران ساگــر کـان ويـتر خار کـائــي جي
هـڻان هالار کي چهبڪ ته جڳ کلندو،

جـوانــن کـي لڳـي ٿـي جوُءَ جنگـي،
ملنگـن لاءِ هــي محـــفل جنگـي،
اسان وينجهار، جهونجهار ٻه – ڪاريا،
اسان جــي لاءِ هـيءِ دنيـا دُرنگـي،

نه هــو آواز مـنهنجو زلــزلـو، يـا –
نه هـو محـفل ۾ پورو حـوصلو، يـا –
ويــو دل مان هليو هو ولــولـو، يـا –
مـرڻ جو ٿي چڪو هو فيصلو، يـا؟


لڇــن ٿا لـفظ، ڪاغــذ تي نچن ٿا،
ٻُـرن ٿا ٻــول، محــفل ۾ ٺــرن ٿـا،
سڃاڻان ٿو بخاري شاعرن کـي مان،
چـوڻ ڇـا ٿـا گهرن ۽ ڇـا چـون ٿـا،


اسان کـي هاڙهه جو اوٿـر ڀلـي سـمجهو،
مـخالف ڀـاڻ جـي ڀوڀـر ڀلـي سـمجهو،
سـچن جو ساٿ ڪارونجهر ڀلي سمجهو،
ٺڳن جـي ٺاٺ کـي ٺـانگر ڀلـي سـمجهو،


مِٺو غيرن ڏنوُ، روڪــي ڇڏيـو مون،
جو پيتم سو اتـي اوڪي ڇڏيـو مون،
الائـــي ڇــا ڏنـــو يـــارن بـخــــاري،
لڳو ٿي زهر پر ڏوڪي ڇڏيـو مون،