ڪتاب بابت شيخ اياز جي هن ڪتاب ”پن ڇڻ پڄاڻان“ ۾، ٽه- سٽن تي ٻڌل ”هائيڪا“ ڏنل آهن. سنڌي شاعريءَ جي صنف ۾، هي هڪ نئون ۽ قابلِ حسين واڌارو آهي. اهي ٽه- سٽا، ڪٿي مڪمل نظر ته ڪٿي وائيءَ جو تاثر ڏين ٿا. هر ٽه- سٽي ۾، بيت جي ڏيڍ سٽ جيتريون ماترائون ڪم آندل آهن. ڪتاب 1985ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي نئين سر ڪمپوزنگ عبداللطيف انصاري صاحب ڪئي آهي.